سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل اپريل 1989ع

باب: --

صفحو :2

سچل جو ڪلام درد، سوز ۽ جوش سان ٽمٽار آهي. ائين به چوڻ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته سچل سرمست پنهنجي ڪلام ۾ دين ۽ بي ديني، ڪفر ۽ اسلام جي وچ وارا پردا ئي عشق حقيقي جي آتش سان جلائي ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن. اهڙو ڪلام پيش آهي.

اتي ڪفر نه اسلام آهي سڀن کي سلام-

ڪڏهن ڏسي ڪين ڪو اهو آرا نڀو آرام-

مذهب مورنه مڃيان آئون مشرف منجهه مدام-

ان کان سواءِ سچل سرمست وڌيڪ چيو ته-

ڀول نه ٻي ڪنهن ڀل، تون ته آدم نه آهين-

لڪيو ٿو لاتون ڪرين، جيئن باغ اندر بلبل-

سچل ٻيا به اُهي صوفيانه سڀ مسئلا پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيا آهن. جيڪي قديم يا جديد صوفي جدا جدا رنگ ۾ ظاهر ڪري ويا آهن.

سچل سائين جو اصل نالو ميان عبدالوهاب هو. پر ننڍي هوندي کان کيس مائٽ مٽ ۽ عزيز قريب سچيڏنو سڏيندا هُيا. پاڻ به پنهنجي ڪافين ۾ تخلص گهڻو ڪري سچو- سچل ۽ سچيڏنو ڪم آندو اٿائين. سچل سرمست پنهنجي فارسي ڪلام ”ديوانه آشڪار“ ۾ آشڪار تخلص ڪم آندو آهي ۽ خدائي تخلص پنهنجن ڪتابن ”رهبر نامه“ ۽ ”راز نامه“ ۾ ڪم آندل اٿس.

سچل سرمست جيتوڻيڪ مرڻو ناهي، پر پوءِ به هن فاني جهان مان زندگيءَ جون 95 بهارون ڏسي تاريخ 14 رمضان المبارڪ 1242هه مطابق 1829ع تي درازن ۾ پساهه پورا ڪيائون ۽ اتي ئي آرامي آهن. جتي اڄ به سونين نيلن سان سندس شاندار مقبرو موجود آهي.

اڄ به انهيءَ تاريخ (14 رمضان) تي سندس ميلو هر سال ڳوٺ درازا لڳ راڻيپور ۾ لڳندو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي آيل هزارين سنڌي سٻاجهڙا اچي سندس چائٺ چمندا آهن.

فقير شهمير خان چانڊيو

يونيفارم

اڄ مل ۾ هڙتال کي ٽيون ڏينهن هو. محسن اڄ به مايوس ٿي سکڻا هٿ لوڏي واپس گهر موٽيو هو. سندس ذهن ۾ طرح طرح جا خيال گردش ڪري رهيا هئا. مطالبو نه مڃڻ ۽ پئسن نه ملڻ ڪري، هو مايوس ٿي چڪو هو. کيس رکي رکي ننڍڙي شبانه جو خيال اچي رهيو هو، جيڪا روزانه چتين لڳل يونيفارم پائي، اسڪول ويندي هئي. پر هو ڪري به ڇا ٿي سگهيو. شايد بک، سندس نصيب ۾ لکجي چڪي هئي.

حسنا (گهر واري) اڃا نه موٽي هئي هوءَ پاڙي جي هڪ آفيسر جي گهر ۾ ٿانون ملڻ ۽ ماني پچائڻ جو ڪم سرانجام ڏيندي هئي. محسن گهر جي اڱڻ ۾ پيل ڇنل کٽ تي ليٽيو پيو هو ۽ سندس نظرون بار بار دروازي ڏانهن کڄنديون ٿي ويون، پر حسنا اڃا نه موٽي هئي. هو اٿيو، ايتري ۾ شبانه اندر داخل ٿي.

”شبانه پٽ، ماڻهين اڃا نه آئي آهي، خير ته آهي!؟“ محسن اتاولي مان شبانه کان پڇيو.

”بابا اڄ بيگم صاحبه جي گهر مهمان اچي ويا آهن، تنهنڪري امان دير ڪئي آهي.“ شبانه کيس ٻڌايو.

محسن وري کٽ تي ڍرڪي پيو، شام ٿي چڪي هئي، خدا خدا ڪري، حسنا گهر ۾ داخل ٿي هئي، سنس هٿن ۾ هڪ هڙ هئي، جيڪا هُن کولي محسن جي اڳيان رکي ۽ پوءِ شبانه کي سڏ ڪري، هڙ ۾ آندل ماني مڙني گڏجي کاڌي هئي، حسنا سواليه نظرن سان مڙس ڏي نهاريو هو، پر محسن جي لٿل چهري، کيس سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏي هو ۽ پوءِ ڏکن، سورن جون ڳالهيون ڪري، ننڊ جي آغوش ۾ هليا ويا هئا. زندگيءَ جي نئين سج سان نئون ورق اٿليو ۽ وري ساڳيو روڄ ٿيو.

”مان چوان ٿي، هي روز روز جا بهانا، آخر ڪڏهن ختم ٿيندا؟ هوڏانهن شبانه جي اسڪول جي يونيفارم جا ڪپڙا اچي ڦاٽا آهن. کيس روز مس جا دڙڪا جهلڻا ٿا پون. جي اڄ تو پئسا نه آندا، ته.......“ حسنا جيئن چڙ ۾ جملو پورو ڪرڻ ٿي چاهيو ته محسن سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ڇڏي.

ها ٻڌم- هاڻي ماني ٻڌي ڏي، ڪم تي دير پي ٿئي.“ محسن گهر واريءَ کي تسلي ڏيندي چيو.

محسن پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ ماني وجهي، جيئن در جي چائنٺ ٿي ٽپي ته سندس اکين اڳيان اوندهه ڇانئجي وئي ۽ ٻئي هٿ اک تي رکي، هڪ دردناڪ دانهن ڪري پٽ تي ڪري پيو، بال جو ڌڪ نهايت زور وارو لڳو هوس محسن جي دانهن تي، سندس گهر واري ڊوڙندي ڊوڙندي وٽس پهتي ۽ ٻاهر نظر ڪيائين ته کيس امجد ۽ ٻيا ٻار ڀڄندي نظر آيا، جيڪي گهٽيءَ ۾ ڪرڪيٽ راند کيڏي رهيا هئا. حسنا مڙس جي اهڙي حالت ڏسي، پريشان ٿي وئي ۽ پوءِ پاڙي وارن جي مدد سان محسن کي کڻائي، اکين جي اسپتال ۾ داخل ڪرايائين.

اڄ حسنا جي اکين مان لڙڪن جي لار وهي، ٿانون ڌوئڻ جي پاڻيءَ ۾ جذب ٿي رهي هئي. هوءَ سمجهي به ڪانه ٿي سگهي ته اهڙو واقعو به پيش اچي سگهي ٿو. سندس حسرتن جو خون ٿي چڪو هو. هن کي رکي رکي شبانه جي ڪپڙن جي يادگيري پي آئي، کيس پڪ هئي ته اڄ محسن پئسا ضرور آڻيندو ۽ پوءِ هوءَ شبانه جو يونيفارم سبارائي، کيس اسڪول موڪليندي. خيالن جي ان گهرائي ۾ حسنا اهڙي ته مگن ٿي وئي هئي، جو کيس اهو به خيال نه رهيو ته ٿانون ملڻ کان سواءِ کيس ماني به پچائڻي آهي.

آخر انهن خيالن جو سلسلو امجد جي ماءُ اچي ٽوڙيو. ”مان چوان ٿي اڄ رڳو ٿانون ڌوئڻ ۾ ئي ڏينهن پورو ڪندينءَ ڇا؟!- خدا خير ڪري اڄ امجد کي بخار به چڙهي ويو آهي، سويل ته چڱو ڀلو راند ڪرڻ ويو هو گهٽيءَ ۾.“

امجد جو نالو ٻڌڻ تي حسنا کي سڀڪجهه ياد اچي ويو، هن امجد کي گهٽيءَ ۾ ڊوڙندي ڏٺو هو. هوءَ امجد جي گهر ۾ ٿانون ڌوئڻ ۽ ماني پچائڻ جي نوڪري ڪندي هئي. هوءَ ڀڙڪو ڏئي اُٿي، ۽ سڌو امجد جي ڪمري ڏانهن رخ رکيائين. امجد جي ماءُ، سندس ان رويه تي سخت حيران ٿي وئي ۽ پوءِ هوءَ به سندس ڪڍ لڳي.

”نه منهنجا پٽ نه، بهادر ٻار خوف کائيندا آهن ڇا! ڏس مون توکي هنج ۾ کڻي نپايو آهي، تو کان جيڪر ڪا غلطي ٿي آهي ته ان ۾ تنهنجو ڪو ڏوهه ڪونهي. اهي ڪم ته قضا الاهي جا هوندا آهن. توکي خبر هئي ڇا، تنهنجي بال سان ئي منهنجي مڙس جي اک نڪري پوندي.“ امجد حيران پريشان حسنا کي تڪي رهيو هو، جا کيس ڏڍ ڏئي رهي هئي، ان وچ ۾ امجد جي ماءُ به اندر گهڙي آئي هئي، هن سڀڪجهه ٻڌي ورتو هو. هن دل ئي دل ۾ حسنا جي جذبي کي ساراهيو ۽ محسن جي علاج جو سڄو خرچ پنهنجي بلي ڪيائين ۽ پڻ خوش ٿي 5 سو رپيا گهر جي خرچ پکي لاءِ ڏنائين.

الحاج رحيم بخش قمر

ڪوريئڙو

ڪوريئڙو ٿو ٺاهي گَهرُ!

تاڃيءَ سان ٿو جوڙي تَرُ!!

پورهئي سندس جو پَنڌُ عجيبُ،

تارَ، اُڻائي تَندُ عجيبُ!

جِيتَ انهيءَ جي هردم جيت،

پورهئي سان ٿس خُوبُ پريت!

جهنگَ ۽ جَرَ ۾ جايون جوڙي

غار ۽ کوهَه ۾ خيما کوڙي.

مَکّ، مڇر کي ڦاسائي ٿو،

خوبَ انهن کي کائي ٿو!

شوق منجهان ٿو ڪري شڪار،

هردم گهر ۾ رهي هوشيار.

گهر سندس هي اهڙو آهي،

جر ۾ ٻيڙو جهڙو آهي!

هوا لڳڻ سان خوب لُڏي ٿو،

ڪوريئڙو ڏِس ان ۾ ڪُڏي ٿو.

گهر، گهرن مان ان جو ضعيف،

نازڪ، نازڪ، نرم نحيف.

سندس ئي نالي سُهڻي سوت،

سورة رب جي ”عَنڪَبُوت“[1]

محنت سان نت پاڻ ٿو موکي،

سبق ڏئي ٿو مون کي، توکي.

ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ڌري ٿو،

پاڻ ئي پنهنجي مدد ڪري ٿو.

تيز سندس آ ٽيليفون،

تَندُ اُهاير، پرکي تو نه!

”قمر“! سدا هي ڪار ڪري ٿو،

سڀ ڪو ڏاهنسُ ڌيان ڌري ٿو.

بانو محبوب جوکيو محراب پور

سلطاني سهاڳ

اياز جا سڀاڻي امتحان هئا. پر کيس پڙهڻ نه پيو پڄي سو کٽ تي آرام ڪرڻ لاءِ ليٽي پيو ته سندس نظر چنڊ تي پئي. جيڪو نئين آب تاب سان چمڪي رهيو هو. اياز جي دل ۾ اها ريس جاڳي ته ڪاش! هو به چنڊ جيان چمڪي ۽ مرڻ کان پوءِ سندس نالو زنده هجي ۽ هو به چنڊ جيان هن ڌرتيءَ کي روشن ڪري ۽ هوبه چنڊ ٿي پوي. هن پنهنجي پيءُ واتان ٻڌو هو ته ڪابه ڳالهه ناممڪن ناهي هوندي. اهو ڄاڻي هن سوچيو ته مان به جيڪر ڪوشش ۽ محنت سان چنڊ جيان روشن ۽ سرخرو ٿي ٿو سگهان، پر آخر ڪيئن؟ هن جي ذهن ۾ اهو سوال گهر ڪري ويهي رهيو نيٺ ٻي ڪابه واهه نه ڏسي هن دل جي ڳالهه چنڊ چاچا سان، ڪئي ته چنڊ چاچا، مون کي ڏس ڏي ته مان تو جهڙي روشني ڪيئن حاصل ٿو ڪري سگهان؟ جو سڀ ماڻهو منهنجي تعريف ڪن، جيئن تنهنجي ٿا ڪن.

چنڊ چيو، ”هائو منهنجا ڀائٽيا اياز! تون مون جهڙي روشني ۽ مقام حاصل ڪري سگهين ٿو. پر ان لاءِ ڪجهه شرط آهن، جيڪي مشڪل ته آهن پر نا ممڪن ناهن.“ ”مون کي مهرباني ڪري منهنجا پيارا چاچا چنڊ ٻڌاءِ ته مان ڪيئن اهڙو مقام حاصل ڪري ٿو سگهان. مان هر شرط مڃڻ لاءِ تيار آهيان ۽ سڀ تڪليفون سهڻ لاءِ تيار آهيان ڇا لاءِ ته مون بابا کان ٻڌو آهي، سون جيڪو ڏاڍو چمڪدار هوندو آهي، اهو به باهه ۾ سڙندو آهي ۽ سڙڻ کان پوءِ ئي چمڪندو آهي. دلو اهوئي پڪو ۽ سٺو هوندو آهي جيڪو آويءَ ۾ پچندو آهي. ٻوٽو گرمي سردي سهڻ کان پوءِ وڌندو ۽ گل، ڦل ڏيندو آهي. سو مان به اهي شرط پورا ڪري، تڪليفون سهي، تو وارو مقام حاصل ڪندس.“ اياز چنڊ چاچا کي يڪساهيءَ سان چيو.

چنڊ چاچا چيو، ”واهه! واهه... تون ته ڏاڍيون سٺيون ڳاهيون ٿو ڪرين. سو ان سٺين ڳالهين ڪرڻ جي انعام ۾ تو کي مان اهي شرط ٿو ٻڌايان. تون ڏسندو آهين ته جڏهن سردي هوندي آهي ته سڀ ڪو سوڙ ۾ سمهي سڄي رات ڏاڍو مزو حاصل ڪندا آهن، ۽ جڏهن گرمي هوندي آهي ته سڀڪو پنکن ۽ هوائن تي سک سان سمهي مزي سان ننڊ ڪندا آهن. پر آئون... گرمي توڙي سردي ۾ ننڊ ناهيان ڪندو ۽ ڌرتي کي روشن ڪرڻ خاطر مان سيءَ توڙي گرميءَ ۾ ڏڪندو ۽ پگهرجندو آهيان، پر پوءِ به پنهنجو فرض پورو ڪندو آهيان يعني چمڪندو رهندو آهيان ۽ ڌرتي کي روشن ڪندو رهندو آهيان. اگر تو به اهو شرط پورو ڪيو ۽ هر ڏک توڙي سک کي درگذر ڪري پنهنجي ذميواري پوري ڪئي ته تون مون وانگر روشن ۽ بلند مقام تي پهچندين. چنڊ ائين چوندي ڪجهه دير ساهي پٽي ٻيهر اياز سان مخاطب ٿيندي چيو ته، ”اڄ تون اگر شاگرد آهين ته تنهنجي ذميواري آهي ته تون محنت ۽ دل سان پڙهين. اگر تون مون وانگر ننڊ ۽ سستي کي ڇڏي ڏينهن رات محنت ڪندين ته تون سچ مون وارو مقام حاصل ڪري وجهندي. ٻي شرط هيءَ به آهي ته تون همت ڪڏهن به نه هار، بلڪ ڪوشش ڪندوئي رهه. مون کي ڏس! مان جڏهن چمڪندو آهيان ۽ ڌرتي تي روشني ڦهلائيندو آهيان ته گهڻا ماڻهو مون کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن ته مان سندس ننڊ ٿو ڦٽايان. جيتوڻيڪ مان هنن کي سجاڳ رهڻ لاءِ چوندو آهيان جيئن سنڌ جي عظيم ڌرتي جي وڏي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه چيو آهي ته:

ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪج ايتري،

سلطاني سهاڳ، ننڊن ڪندي نه ملي.

ته به مون تي، هو ڌيان نه ڏئي ننڊ پئجي ويندا آهن، پر مان همت نه هاريندو آهيان ۽ پوءِ مان چمڪندو آهيان ۽ ڪيترا دفعا اهڙي ريت ٻين جي ڪم آيو آهيان. مان واٽهڙوئن کي واٽ ڏسيندو آهيان. جن غريبن جي گهر ۾ بلب ۽ ڏيئو به ناهي هوندو، مان ان غريب جي گهر ۾ به روشني ڪندي آهيان. تون به مون جهڙا ڪم ڪر. تون پڪ سان چنڊ ٿي پوندين ۽ هن ڌرتي تي سٺن ڪمن سان روشني ڪندين. ماڻهو تارن مثل پوءِ تنهنجا پير چمندا. تون آسمان جو چنڊ ته نه پر اونداهي ڌرتي جو روشن چنڊ ضرور ٿيندين.“ اهڙي ريت ڳالهين ڪندي، دير ٿي وئي. صبح به اچڻ جي اجازت وٺي رهيو هو. سو چنڊ چاچا اياز کان موڪلائڻ جي ڪئي ۽ ٻڌايائينس ته هن کي ٻئي هنڌ به روشني ڪرڻ لاءِ وڃڻو آهي ۽ شام جو هو وري پنهنجي ذميواري سنڀاليندو.


[1] . قرآن مجيد جي هڪ سورت جو نالو، عنڪبوت آهي، جنهن جي معنيٰ ڪوريئڙو آهي).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com