مهاڳ
سنڌ جي ”لوڪ ادب“ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز، سنه 1955 ع ۾،
”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سامهون رکي ويئي، جا 1956ع جي
آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي نگراني ۽
تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.
ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو
ويو؛ انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا
ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙي مان مواد گڏ ڪري
موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”سنڌي لغت آفيس“ سان گڏ
”لوڪ ادب“ جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي ويئي، ۽ ڪارڪن
مقرر ڪيا ويا ته مقامي طور گڏ ڪيل توڙي ٻاهران آيل
مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري،
ڇپائڻ لائق بنائين.
پهريان ٻه سال 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا.
انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، ڳوٺن مان گهربل
ڳالهيون هٿ ڪيون: مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي
ذخيري مان ضروري مواد اتاريو؛ ۽ بنده ڪوشش ڪري سنڌ
جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگهڙن سان ڪچهريون
ڪيون ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلو کي سمجهڻ ۽ ان جي
خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهي سعيي ۽
همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو
جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت،
نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف
جو سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو..
هت ٻه ڳالهيون واضع ڪرڻ ضروري آهن:
پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻولي جي عام ادب جون اهي جملي
جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ عام
مقبول ۽ مروج آهن، تن کي
’لوڪ ادب‘
جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهي ذخيري ۾ سنڌي
ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن، مثلا : مداحون،
مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره؛ مگر جيئن ته
اهي هن وقت تائين ٻهراڙي ۾ عام مقبول ۽ مشهور آهن،
انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي دائري ۾ شمار
ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان، هن تجويز هيٺ گڏ
ڪيل ”لوڪ ادب“ کي بعينہٖ ”فوڪ لور“ (Folk
lore)
جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان
جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃان ايتري وسعت يا خاص نوعيت
اختيار نه ڪئي آهي، جو اها عام ملڪي ۽ تمدن جو يا
”معياري ادب“ جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگي جو مرڪزي
دائرو اڃان تائين ڳوٺ آهي، ۽ انهي ڪري سنڌي ادب جو
وڏو ذخيرو اهو ئي آهي جو عوام جي زندگي جو آئينو
آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻولي جي ”لوڪ
ادب“ ۽ ”معياري ادب“ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نٿي
سگهجي.
ٻيو ته هن تجويز ذريعي ”لوڪ ادب“ جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو
آهي؛ ان سهيڙڻ لاءِ وڏي ڪشالي ۽ ڪافي ذريعن جي
ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ
اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ
برابر ٿيندو، جو ٿوري وقت اندر ناممڪن آهي. البت
جو ڪجهه گڏ ٿي سگهيو آهي، سو لوڪ ادب جي هر جنس
بابت مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز
هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب اميد ته آئنده ڪوششن لاءِ
نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.
”لوڪ ادب تجويز“ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان پيش ٿي مگر ان جي عملي
سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون ڪوششون
شامل آهن. اول ته ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ميمبرن کي
جس جڳائي، جن هن تجويز کي سنه 1956ع ۾ منظور ڪيو.
ان بعد گهربل مواد گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ ۽ ترتيب ڏيڻ،
ابتدائي مسودا توڙي پريس ڪاپيون تيار ڪرڻ ۽ آخر ۾
ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا.
هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪنن،
مرڪزي آفيس جي با همت فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن،
توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي، جن بنده لاءِ
سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين ڪرڻ ۾ پنهنجي
هڙان وڙان مدد ڪئي.
هيءُ ڪتاب ”لوڪ ادب“ سلسلي جو اٺٽيهون ڪتاب آهي. ان جو بنيادي
مواد ڊسمبر 1958ع تائين گڏ ٿيو. سڄي مواد کي
چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي ترتيب ڏيئي، جون
1965ع ۾ ڪتاب جو ابتدائي مسودو تيار ڪيو ويو، ۽
فيبروري 1972ع ۾ مسودي جي آخرين تصحيح ڪري، پريس
ڪاپي تيار ڪئي وئي.
هيءُ ڪتاب هن کان گهڻو اڳ تيار ٿي ڇپجي وڃي ها، مگر بدقسمتي سان
لوڪ ادب جي تجويز کي بند ڪيو ويو ۽ هن ڪتاب جي
اشاعت پڻ روڪجي ويئي. 25 - اپريل 1968ع تي سنڌي
ادبي بورڊ جي صدر جناب مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب
الموليٰ“ جي سفارش تي، سنڌي ادبي بورڊ وري لوڪ ادب
جي تجويز کي پايہء تڪميل تي پهچائڻ جو فيصلو ڪيو ۽
اها ذميواري بنده کي سونپي. جون 1968ع کان ڪم شروع
ڪيو ويو، پر چئن مهنن بعد وري بورڊ طرفان ڪم بند
ڪرڻ جو اطلاع مليو. وري 18-جون 1969ع تي بورڊ، لوڪ
ادب جي تجويز عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جناب مخدوم
صاحب جن کان خط پهتو ته دوباره ڪم شروع ڪيو وڃي.
باوجود انهن تڪليفن جي جيڪي هڪ مخلص ڪارڪن کي پهچن
ٿيون، ۽ جيڪي راقم کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي خدمت ڪندي
سهڻيون پيون آهن، بنده هي ڳرو بار ٽيون ڀيرو
پنهنجي ڪلهن تي کنيو، انهيءَ لاءِ ته سنڌي لوڪ ادب
جي قيمتي سرمايي کي جيترو ٿي سگهي اوترو سهيڙي ان
کي ضايع ٿيڻ کان بچائجي، ۽ رٿيل پروگرام موجب ”لوڪ
ادب“ جي چاليهن جلدن کي مڪمل ڪيو وڃي.
بهرحال توڪل جو ترهو ٻڌي ڪم شروع ڪيو ويو ته ”لوڪ ادب تجويز“
واري زير بحث آئي ۽ سنه 1973ع ۾ هن تحقيقي ڪم کي
بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. چوٿون ڀيرو وري نومبر
1974ع کان ڪم شروع ٿيو آهي. هن وقت تائين رٿيل
چاليهن جلدن مان جملي ايڪٽيهه جلد ڇپجي چڪا آهن ۽
هي ٻٽيهون جلد آهي جو شايع ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن
حياتي وفا ڪئي ته باقي رهيل ڪتابن بابت مواد گڏ
ڪري چاليهن جلدن جي هن تحقيقي ڪارنامي کي توڙ
تائين پهچايو ويندو.
مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم ممتاز مرزا ۽
محمد يوسف شيخ هن ڪتاب جي مواد کي اتاري يڪجاءِ
ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم
ڪيو؛ عابد بلوچ پروفن پڙهڻ ۾ مدد ڪئي ۽ محترم محمد
اسماعيل شيخ ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي. ڪتاب جي رٿا
۽ آخري سٽاء توڙي ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود
ذميوار آهي.
سنڌ يونيورسٽي
خادم العلم
حيدرآباد سنڌ
نبي بخش
15-2-1976ع
بسمہ تعالى
اَمِّ للّانسّانَ ما تَمَنىّ فَللّہُ الاَخِره وَالّاُولىّ ه
مقدمو
هن ڪتاب ۾ ٻه قصا شامل آهن، جيڪي سنڌ جي ٻن پاڙيسري خطن ۾
اُسريا، پر سنڌ ۾ عام مشهور ٿيا. ”سورٺ ۽ راءِ
ڏياچ“ جي قصي جو شروعاتي مرڪز ڪاٺياواڙ جو مشهور
شهر ”جهونا ڳڙه“ آهي، جيڪو اُن وقت
’چوڙن
سمن‘ جي حڪمراني هيٺ هو. اتر طرفان ان سان لاڳو علائقا
هالار، جهالار ۽ ڪڇ، پوءِ جاڙيجن سمن جي اثر هيٺ
رهيا. غالبا سمن راڄن جي انهيءَ سماجي سلسلي سان،
”سورٺ
–
راءِ ڏياچ“ جو قصو سنڌ ۾ رائج ٿيو، ۽ خاص طرح سمن
حاڪمن جي دور (1349-1520ع) ۾ هن قصي کي ڀٽن ۽
چارڻن، منگتن ۽ مڱڻهارن ڳائي مشهور ڪيو.
ٻئي قصي ”هير
–
رانجهي“ جو شروعاتي مرڪز ”جهنگ
–
سيال“ (سيالن جو شهر جهنگ) آهي، جيڪو هن وقت پنجاب
جي ضلعي جهنگ جو مکيه شهر آهي. سنڌ جي سرحد ويندي
اوڻيهين صدي تائين ديري غازي خان کان اتر طرف
تائين هئي، جتان جهنگ جو ملڪ ويجهو پاڙيسري هو.
سنڌوندي جي پاڻي واري شاهراه سان سنڌ ۽ جهنگ جي وچ
۾ اچ وڃ توڙي سرائڪي ٻولي جي مشترڪ سلسلي سببان
”هير
– رانجهي“ جو داستان سنڌ ۾ مقبول پيو ۽ 18
–
صدي کان وٺي وڌيڪ مشهور ٿيو.
سورٺ
–
راءِ ڏياچ
سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جو داستان سنڌ ۾ سخين ۽ سوالين جي سماجي ماحول
جو يادگار آهي. منگتن طرفان ساراه سان مشهوري ۽
سندن ڪُوار (هَجوَ) جي ڊڄ سببان، سوالين جي سوال
جي اهميت وڌي ۽ ڏاتارن طرفان ان جي قدرداني ٿي؛
منگتا ڳائي وڄائي ساراهيندا هئا، انهيءَ ڪري هڪ
طرف هيءُ منگتن مڱڻهارن جي موسيقي ۾ مهارت جو
داستان آهي؛ ته ٻئي طرف هڪ ڏاتار جي سخاوت سان گڏ
سندس راڳ جي ڄاڻ جو داستان آهي، بلڪ راڳ جي رس ۽
اثر کان متاثر ٿي، سر قربان ڪرڻ جو داستان آهي.
قصي جا مکيه ڪردار
راءِ کنگهار يا راءِ ڏياچ. قصي جي اڪثر روايتن ۾ کنگهار کي راءِ
ڏياچ پڻ سڏيو ويو آهي. سندس اصل نالو کنگهار هو پر
جڏهن سخا ڪيائين ۽ ڏان ڏنائين، تڏهن
’ڏيڻ‘ واري ڳڻ سببان کيس
’ڏياچ‘
سڏيو ويو. ڪاٺياواڙ
–
گجرات جي هڪ ٻئي قصي ۾ راجا کي
’راءِ
دياس‘ سڏيو ويو آهي([1])
۽ ٿي سگهي ٿو ته
’دياس‘
واري نالي پويان
’ڏياچ‘
نالو رائج ٿيو هجي.
اڪثر روايتن موجب راءِ کنگهار، سمن جي
’چوڙا
سما‘ نک مان هو. سمن جون ٻه وڏيون نکون ٿيون: هڪڙا اهي جيڪي
هميشہ لاءِ سنڌ ۾ ئي رهيا ۽ ٻيا اهي جيڪي آڳاٽي
زماني ۾ ڪڇ ٽپي وڃي ڪاٺياواڙ طرف ويٺا. سنڌ وارن
کي
’سنڌ
سما‘ ۽ ڪاٺياواڙ وارن کي
’چوڙا سما‘
ڪري سڏيو ويو.
’سنڌ
سمن‘
مان وري
’جاڙيجا‘ ٿيا، جن هميشہ لاءِ وڃي ڪڇ ملڪ کي وسايو. پوئين تاريخي
دور وارا ڪڇ جا راجا جاڙيجا هئا، جن مان
’کنگهارجي‘
(پهريون) 1537-1585ع واري عرصي ۾ ٿي گذريو. سندس
پٽ
’ڀارمل جي‘
هو، جنهن جو پٽ
’ميگهجي‘ هو، جنهن جو پٽ
’کنگهارجي‘
(ٻيو) ٿيو، جنهن جو زمانو 1645-1654ع وارو آهي.
راءِ کنگهارجي (ٻيو)، ڀٽائي صاحب جي ڄمڻ کان 45
سال کن اڳ ٿي گذريو، ۽ راءِ کنگهارجي (پهريون) هڪ
سئو سال اڳ ٿي گذريو؛ چئي سگهجي ٿو ته شايد ڀٽائي
صاحب انهن نالن جي ياد ۾
’راءِ کنگهار‘
جو نالو آندو هجي، پر ڀٽائي صاحب کان اڳ ميين شاهه
عنات، سر سورٺ جي هڪ وائيءَ ۾، ڪاٺياواڙ جي مکيه
ذاتين جا اهڃاڻ ڏيندي
’چوڙن
سمن‘ جو نالو آندو آهي:
مٿو ۾ کينڪار يار، اڃان ڏان ڏيندو سئن مڱڻا!
هالا، جهالا، چوڙا سما، ڪاٺي، ڪالي پهڻ
–
وار
انهيءَ ڪري غالباً هن قصي وارو راءِ کنگهار جيڪو چوڙن سمن مان
هو، سو اڃان به اڳ ٿي گذريو. اهڙو هڪ اهڃاڻ ڪن ٻين
لکيتن ۾ پڻ ملي ٿو. ڪئپٽن ولبر فورس ”ڪاٺياواڙ جي
تاريخ“ ۾ هڪ روايت آندي آهي ته سنه 1020ع ڌاري
’راءِ ڏياچ‘
جو پٽ نوگهن، گجرات مان سنڌ تي چڙهي آيو. انهيءَ
ٽاڻي موجب راءِ ڏياچ ڄڻ يارهين صدي جي شروع ۾ ٿي
گذريو، ۽ انهي لحاظ سان هن قصي جي آڳاٽي ۾ آڳاٽي
اوسر جو گمان يارهين صدي عيسوي تائين پهچي ٿو.
سورٺ جي نک ۽ نهو. سورٺ جي نُک ۽ نِهي بابت جدا جدا روايتون
آهن. سندس پيءَ کي
’ڀوڄ‘،
’ڀوڳ‘
توڙي
’راجا
نند‘
جي نالن سان سڏيو ويو آهي، جيڪو امبل
–
ديس، سنڪلديپ، سنگلديپ، يا سنڪل
–
ديس جو راجا هو، مثلاً:
سورٺ
’امبل
– ديس‘
جي راجا ڀوڳ جي ڌيءَ هئي، جيڪو ذات جو پرمار هو.
سورٺ کي رتن ڪنڀار پالي وڏو ڪيو؛ هوءَ راجا
انيراءِ راٺوڙ سان مڱي، پر سندس شادي راءِ کنگهار
سان ٿي:
سورٺ امبل
–
ديس ڪي، ذات وڏي پرمار
ٻيٽي راجا ڀوڳ ڪي، پالي رتن ڪنڀار
مڱ انيراء راٺوڙڪي، پرڻي راءِ کنگهار([2]).
ڪن سگهڙن وٽ هن ساڳئي بيت ۾
’راجا
ڀوڳ‘ جي بدران
’راجا
نند‘ جو نالو آهي. انهن روايتن ۾ ڀل آهي، ڇاڪاڻ ته مومل جي
پيءُ جو نالو
’راجا
نند‘ هو. ٻيو ته
’ڀوڳ‘
بدران اصل نالو
’ڀوڄ‘
آهي، جيئن هيٺين بيتن ۾ آهي.
سورٺ
’سنڪلديپ‘ جي راجا
’ڀوڄ’
جي ڌيءَ هئي، جيڪو ذات جو پرمار هو، ۽ کيس
’رتن‘
يا
’پل‘
نالي ڪنڀار پالي وڏو ڪيو:
سورٺ سنڪلديپ ڪي، ذات ڀلي پرمار
ٻيٽي راجا
’ڀوڄ‘
ڪي، راکي رتن ڪنڀار
اَڻکسي انيراوَ، ڀوڳي راوَ کنگهار.
____
سورٺ سنگلديپ ڪي، پالي پل ڪنڀار
منگيتي انيراو ري، ماڻي راوَ کنگهار.([3])
ٻين روايتن ۾ سورٺ جي ڄم ۽ نِهي بابت ڪي وڌيڪ اهڃاڻ ڏنل آهن، جن
موجب
’راجا
ڀوڄ‘
(يا راجا روڙ) کي اولاد ڪو نه
ٿيندو هو، سو وڃي چؤ واٽي تي بيٺو ۽ ايندن ويندن
درويشن کان پيو اولاد گهري. هڪ ڀيري هڪ ملنگهه
فقير اچي لنگهيو، جنهن کي چيائين ته اولاد ڏي نه
ته ماريانءِ ٿو. ملنگهه چيس ته تنهنجي پٺيئون
اولاد لکيل ڪونهي، پر ڪو حيلو ڪريان ٿو. هاڻي وڃي
ڪوري ڍڪڻي کڻي آءُ. ڍڪڻي آندائين ته ان ملنگهه
پنهنجي چيچ کي ٽڪو ڏيئي، ان ۾ رت جو هڪ ڦڙو هاريو،
۽ چيائين ته منهنجي پويان ٽياسي ٻيا ملنگهه اچن
ٿا، جيڪي پڻ توکي رت ڦڙو ڏيندا. پوءِ ائين ٿيو ۽
آخري ملنگهه چيس ته: اها ڍڪڻي ڪوري ٿانءُ اندر
رکي، منهن بند ڪري آوي ۾ پچائجو ۽ جڏهن پچي راس
ٿئي تڏهن کولجو ته ٻارڙو ملندو. ائين ڪيائون ۽ اهو
ٿانءُ
’پل‘
يا
’رتن‘
نالي ڪنڀار پنهنجي آوي ۾ پچايو. جڏهن آوي کوليائون
ته ڏسن ته ان ٿانءَ جي چوڌاري ٿانون جو سڄو گهيرو
ئي ڪچو پيو آهي ۽ وچ ۾ سهڻي ڇوڪري پئي لڇي، جنهن
کي کنيائون ۽ سندس نالو سورٺ رکيائون. راجا ڇوڪري
پاڻ وٽ ڪانه رکي، پر
’پل‘
يا
’رتن‘
ڪنڀار جي حوالي ڪيائين، جنهن جي گهرواري کيس نپائي
وڏو ڪيو.
سورٺ سنڪلديپ ڪي، ذات وڏي پرمار
ٻاپ اُسي ڪو
’چوراسي‘، ڌي ٺڪر گهر نار
ٻيٽي راجا
’ڀوڄ‘
ڪي، پالي
’رتن‘
ڪنڀار
مڱ انيراء راٺوڙ ڪي، پرڻي راءِ کنگهار[4]
____
سورٺ سنڪلديپ جي، ذات وڏي پرمار
پيءُ جنهين جو
’چوراسي
گهر‘، ٺڪر ڄائي نار
ٻيٽي راجا
’روڙ‘
جي، پالي پل ڪنڀار
مڱ هئي انيراء جي، پر پرڻي راءِ کنگهار[5].
هڪ روايت موجب اهي ملنگهه فقير جملي ايڪاسي (81) هئا.[6]
ٻيءَ روايت موجب اهي جملي سورهن (16) نانگا نيڪ
فقير هئا، جن آڱرين کي ٽڪا ڏيئي
’سورهن‘
(16) ٽيپا رت جا، هڪ ڪوري مٽ ۾ وڌا ۽ نون مهينن
کان پوءِ جڏهين اهو کوليائون ته ان مان سهڻي سدا
ملوڪ ڇوڪري پيدا ٿي، جنهن کي سڏيائون ”سورٺ“ يعني
”سورهن رت“. اڃان به هڪ ٻي روايت موجب سورٺ ٻين
ٻارن وانگر ”سنڪل
–
ديس“ جي راجا ڀوڄ جي گهر ۾ ڄائي پر نجومين اڳڪٿي
ڪئي هئي ته سورٺ جي سڱ تان وڏا فساد ٿيندا، ۽ جنهن
سان پرڻبي ان جو سر ويندو. انهيءَ ڪري راجا ڀوڄ
کيس صندوق ۾ وجهي سمنڊ ۾ لوڙهائي ڇڏيو. اها صندوق
پوءِ رتن ڪنڀار ڪڍي ۽ سورٺ کي پنهنجي گهر ۾ نپائي
وڏو ڪيائين.
سورٺ سنڪل
–
ديس ڪي، جات وڏي پرمار
ٻيٽي راجا ڀوڄ ڪي، سا تاري سمنڊين پار
انگ ازل کان لکيو، پالي رتن ڪنڀار
مڱ انيراءِ جي، پرڻيو راءِ کنگهار.[7]
ٻيجل ۽ سندس ساز ۽ سوال: ٻيجل کي چارڻ، ڀٽ، ٻارٽ، ڀان، منگتي ۽
مڱڻهار جي نالن سان پڻ سڏيو ويو آهي؛ ۽ ڳائڻ وڄائڻ
جي لحاظ سان کيس عطائي، راڳائي، جاجڪ، تنبير يا
تنبيري، پاٺ، گن-گويو ۽ قوال ڪوٺيو ويو آهي. اڪثر
روايتن مطابق ٻيجل چارڻ هو. سندس ساز بابت پڪو
اهڃاڻ اهو ئي آهي ته اهو هڪ تندن وارو ساز هو، ۽
جدا جدا بيانن ۾ ان کي ڪينرو، ڪماچ، رباب، چنگ،
سروز ۽ سرندو پڻ سڏيو ويو آهي؛
چارڻ
’چنگ‘
ڪلهي ڪري هليو هئائين
(شاه جو رسالو)
جاجڪ جهونا ڳڙهه ۾ آيو ساز کڻي
’سرندو‘
(شاهه جو رسالو)
تند
’تنبيريٗ
تن ۾، راجا کي رهي
(شاهه شريف بن شاهه عنات)
جئن ڪئوءِ راڳ
’رباب‘
سين، هنيين منجهه هرين
(شاهه عنات)
تنهن ڪامل ڪري
’ڪينرو‘
ويهي وڄايو
(شاهه جو رسالو)
ستي لوڪ
’سروز‘
کي تنهن ويهي وڄايو
(خليفو نبي بخش)
ڌوم مچائي ڌڄ، قاسم تند
’ڪماچ‘
جي
(خليفو نبي بخش)
ڪن روايتن ۾ ان کي ”تنبي وارو“ ساز ۽ ٻيجل کي انهيءَ لحاظ سان
’تنبير‘
ڪوٺيو ويو آهي. ڪينر يا ڪينرو ساز سنڌ ۾ قديم دور
کان وٺي رائج هو ۽ عبرانين وٽ پڻ اهو ساڳيو ساز
هو، جنهن کي
’ڪِنًور‘
يا
’ڪنورا‘ چوندا هئا. سومرن ۽ سمن واري دور ۾ سنڌ جي مقامي
ڳائيندڙ وڄائيندڙ منگتن ۽ مڱڻهارن، چارڻن ۽ ڀانن
جو مکيه ساز ڪينرو ئي هو، جيڪو ڪلهي ۾ پائي پيا
گهمندا ڦرندا هئا، ۽ سخين ۽ ڏاتارن کي ساراهي پيا
ڏان وٺندا هئا. ڪنهن مڱڻي کي موٽائڻ ۽ سندس ساراه
ڪيرت جو قدر نه ڪرڻ ڏاتارن لاءِ عيب هو. ٻيجل جو
ساز ۽ سوال، ۽ راءِ ڏياچ جو سر ڏيڻ، انهي آڳاٽي
سماجي ماحول جو هڪ مثالي يادگار آهي.
جهوناڳڙه ۾ ٻيجل، راءِ ڏياچ جي ڏهليءَ لڳ ويهي، ڳڙهه جي پاسي ۾
ڳچ وقت ڳايو ۽ وڄايو؛ پر اهو ڪهڙو آلاپ هو، ساز جو
اهو ڪهڙو ميٺاج هو، ۽ سوال جو اهو ڪهڙو نمونو هو،
جنهن راءِ ڏياچ جي دل کي جهوري ۽ سندس من کي موهي،
ماندو ۽ مجبور ڪري وڌو، جو سوالي کي سڏي بنا دير
جي سر ڏنائين!! انهيءَ بابت سنڌ جي سالڪن ڪي ويچار
ورجايا آهن، جي هن طرح آهن: شهر مٺي (ضلعي
ٿرپارڪر) ۾ رهندڙ ”گڻسار“ نک جي ڪماچ وڄائيندڙ
فقيرن جي روايت موجب، ٻيجل
’ڪماچ‘
وڄائي سر ورتو هو. ڀٽائي صاحب پڻ راءِ ڏياچ جي
زباني ٻيجل کي چوي ٿو ته:
رات منهنجو ريءُ، ڪاٽيو تو ڪماچ سان.
خليفي نبي بخش صاحب تصديق ڪئي آهي ته:
قلعو تند ڪماچ جي،
’قاسم‘
ڪنبايو
خليفي صاحب جي شاهدي موجب ٻيجل ٻيا راڳ ڪري جڏهن
’ڀيرون‘
۽
’ڀڀاس‘ آلاپيو ته بس راءِ ڏياچ کي موهي ڇڏيائين:
’آلاپيائين
اوچتو، ڀيرون راڳ ڀڀاس‘
وڏي ڳالهه ته ٻيجل اسم الله جو وجهي سر گهريو هو، جنهنڪري آڏو
ڪڇڻ جي جاءِ ڪا نه هئي. سورٺ به انهي ڪري ئي مجبور
ٿي هئي، جو مڱڻي کي چيو هئائين ته:
لبني ڇڏيانءِ ڀت ۾، وري نه ڪڍان ٻهار
پر توسان تکي ترار، آهي نالو رب جو.
سنڌ جي سالڪن جي ڳَڻ مطابق، راڳائي ۽ راءِ ٻنهي جي پاڻ ۾ اهڙي
ته ڪا ڳالهه ٿي جو انهيءَ راز کي هو ئي سمجهي ٿي
سگهيا. خليفي نبي بخش چيو آهي ته:
”هڪ ٻيجل ٿي ٻُجهي، ٻي خبر هئي کنگهار کي“
-----
نڪي تنبي تند، نڪي ريڌو راڳ تي
پيئي ڳالهه پسند، جا ڳجهي ڳائي مڱڻي.
قصي جون مختلف روايتون
سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جي ڳالهه. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ووڙي اهي مڙيئي
ڳالهيون گڏ ڪيون ويون آهن، جيڪي ’سورٺ ۽ راءِ
ڏياچ‘ جي قصي بابت آهن، يا ان سان ڪنهن طرح ملن
ٿيون. هن ڪتاب ۾ شامل پهريون چار روايتون خاص طرح
”سورٺ ۽ راءِ ڏياچ“ واري ڳالهه بابت آهن ۽ انهن جو
وچور هيٺيئنءَ طور آهي:
ٻيجل جو راءِ ڏياچ کي راڳ تي ريجهائي سر گهرڻ [روايت -1] جو
بنيادي باب آهي. [روايت-2] ۾ ڳالهه جو مرڪزي نقطو
ٻن طاقتور حڪمرانن، يعني جهونا ڳڙهه جي راءِ
کنگهار ۽ راجا انيراءِ، جي پاڻ ۾ زور آزمائي آهي؛
راجا انيراءِ پنهنجي حملي ۾ ناڪامياب ٿي ٻيجل
منگتي کي موڪلي ٿو ته وڃي راءِ کنگهار کان سر گهري
ته سندس خاتمو ٿئي. [روايت -3] موجب راءِ ۽ راجا
جي دشمني جو بنيادي سبب سورٺ جو سڱ آهي. [روايت
-4] موجب ٻيجل منگتو ڪونه هو پر راءِ ڏياچ جو
ڀاڻيجو هو، ۽ نجومي اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته هو
پنهنجي مامي جو سر وڍيندو؛ انيراءِ جي چوڻ ۽ چورڻ
تي پوءِ اهو ڪم ڪيائين.
سورٺ ۽ بينجهي جو داستان. هن ڪتاب ۾ ڏنل [روايت -5] مطابق، ٻيجل
سورٺ تي عاشق هو، ۽ جڏهين کيس ملڪ نيڪالي ڏني وئي
تڏهن انيراءِ سان ملي سازش ڪري اچي راءِ کنگهار جو
سر وڍيائين. ٻي هڪ روايت موجب، برابر بينجهي کي
ملڪ نيڪالي ڏني وئي پر هن سازش ڪانه ڪئي. ٻيجل
چارڻ جڏهن اچي سر گهريو ته ماڻهن ائين ڀانيو ته
اهو ساڳيو بينجهو آهي[8].
”سورٺ ۽ بينجهي“ جو داستان ”سورٺ ۽ راءِ ڏياچ“
واري ڳالهه کان بلڪل جدا آهي، مگر ”سورٺ“ جي ساڳئي
نالي سببان ٻئي ڳالهيون گڏجي پيون آهن. ”سورٺ ۽
بينجهي“ جي ڳالهه هڪ محبت جو داستان آهي، جنهن کي
پوءِ غلطي مان ”سورٺ ۽ ٻيجل“ جو داستان ڪري سمجهيو
ويو. ”سورٺ ۽ بينجهي جي ڳالهه“ اڃا تائين جيسلمير
طرف هلندڙ آهي. ان ڳالهه مطابق[9]
بينجهو پٽ نِڻڌلَ جو هو ۽ سورٺ ڌي سک-ديو جي هئي ۽
ذات جي جوياڻي هئي. بينجهو سورٺ تي عاشق هو ۽ سورٺ
جي پڻ ساڻس محبت هئي. بالاآخر سورٺ سان ڪيل وعدي
مطابق بينجهو نه آيو، جنهن ڪري سورٺ وڃي ’همِاجَل‘
(برف واري پاڻي) ۾ بيٺي ۽ اتي اڌ ڳري وئي جو
بينجهو آيو. انهي ڳالهه بابت ٽي سوء سٺ کن دوها
آهن، جن جي ٻولي جيسلمير طرف جي آهي. مثلاً
بينجهي آڏو بينجهڻي، سورٺ آڏي ڀينت
ڀينتان را ڀر جا نه رهان، مارا ٻالاپڻ ري ريت.
----
سورٺ تانان اوڙ کان، جاجهئي جهولر مانہ[10]
جاڻ چمڪي بيجڙي، گُجڙءِ بادل مانہ[11]
----
سورٺ ٻيئي سکديو ري، جوياڻي او جات
سوء راتين چاندنيين، ڏينهن نه پڄي رات.
---
اي بينجها پٽ نڻڌل ڪا، تم نت آوت نت جات
پڳ تمهارا پٿون ٿيا، تم ڪهو من ڪي بات.
---
ڪهتو ڪهتو ڪهي نه سگهان، ڪهان ته لاج مران
اڱڻ تمهاري ري بيلڙي، نوڙو توسين چران.
’سورٺ ۽ بينجهي‘ واري ڳالهه کان سواءِ جيسلمير طرف ’سورٺ ۽ راءِ
ڏياچ جو قصو‘ پڻ مشهور رهيو آهي. مثلاً شاعر سلام
فقير مهر (پاڙو جيندا مهر، ويٺل بانڌو، تعلقو
کوهيارو، ضلعو جيسلمير) جنهن سٺ سال کن اڳ وفات
ڪئي تنهن ’سورٺ ۽ راءِ ڏياچ‘ بابت هيٺيان بيت چيا:
پهلي رات راجا کي پڇايو پاتل
ويهي وڄايائين سرندو ڪا هئي قدرتي ڪل
ٿي اميرن اهل، ڪو جو سؤنچرو شهر ۾.
---
ٻي رات راوَ کي پڻ ٻولايو ٻيجل
سر ڏيئي سرهو ٿيءُ هاڻي هن مهل
متان پلينئي پل، ڪرين سانگو سر جو.
---
تان اتي ٽيءَ رات کي پڻ چارڻ ڪئي چانگار
ڳيڙس وئڙس ڪانڪا، ڪا جا تند توار
چئي: ميان مڱڻهار، توکي صبح ڪندس سنرو.
---
چئي: چوٿين رات جو سر جي دعوى سٽ
نو لک ناڻو تو ڏيان مور نه ڏيان گهٽ
چارڻ لهي وڃ هٺ، ڇڏ سانگو سر جو.
راڻڪ ديوي ۽ راءِ کنگهار واري ڳالهه. ڪتاب جي ضميمي-1 هيٺ هن
ڳالهه جون ٻه روايتون (الف) ۽ (ب) ڏنيون ويون آهن.
هيءَ به هڪ جدا گانه ڳالهه آهي، جنهن جو ’سورٺ ۽
راءِ ڏياچ‘ جي قصي سان ڪو تعلق ڪونهي، پر ٻنهي ۾
’راءِ کنگهار‘ جو ساڳيو نالو آيل آهي.
ڪاٺياواڙ – گجرات طرف جو ’سورٺ ۽ راءِ دياس‘ وارو قصو. هن قصي
کي ڪتاب جي ضميمي – 2 ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هيءَ به
هڪ جدا ڳالهه آهي جنهن جو ’سورٺ ۽ راءِ ڏياچ‘ واري
قصي سان ڪو تعلق ڪونهي، جيتوڻيڪ ”سورٺ ۽ راءِ
دياس“ جي نالن مان هڪ جهڙائي جو گمان نڪري ٿو.
مٿين مختلف ۽ مستقل جدا روايتن مان هي نتيجو نڪري ٿو ته هڪ کان
وڌيڪ قصا مختلف ماڳن ۽ دورن ۾ پئي هليا آهن، پر
انهن ۾ نالن جي هڪجهڙائي سببان گمان نڪتا ته ڄڻ ڪا
ساڳي هڪ ڳالهه آهي، حالانڪ ائين ناهي.
حقيقت ۾ ٻيجل جو راءِ ڏياچ کي راڳ تي ريجهائي سر گهرڻ، سورٺ جون
منٿون ۽ آزيون ڪرڻ، منگتي جو پنهنجي سوال تي قائم
رهڻ، راءِ ڏياچ جو پنهنجي سخاوت جي پت رکڻ ۽ راڳ
جي رس تي قربان ٿي سر گهورڻ وارا ٽاڻا ئي هن
داستان جا قيمتي سرمايو آهن، ۽ سنڌ جي اعلى شاعري
جي قدرن ۾ پڻ انهن ئي اهڃاڻن کي اهميت ڏنل آهي.
هير – رانجهو
هير ۽ رانجهي جو عشقيہ داستان، سنڌ جي سري کان اتر طرف موجوده
جهنگ ۽ مظفر ڳڙهه ضلعن واري ايراضي ۾ اندازاً
15-16 عيسوي واري دور (1452-1512ع) ۾ اُسريو. ڪن
جي خيال ۾ هي داستان اڃا به آڳاٽو آهي، ۽ ٻين جي
راءِ ۾ اهو اڪبر بادشاهه جي اوائلي دور جو آهي، هن
داستان جي مختلف روايتن ۾ جزوي اختلاف آهن، مگر
مجموعي طور سان هن ڳالهه جا ٽاڻا ۽ اهڃاڻ هن طرح
آهن:
هير، رنگپور (ضلعي مظفر ڳڙهه) جي سيال سردار چُوچَڪ (پٽ جوت،
پاڙو ڪوهلي) جي ڌيءَ هئي، جنهن کي پڻس ننڍڙي هوندي
رنگپور جي کيڙي سردار (آجُو) جي پٽ (سَيُدا) سان
مڱائي ڇڏيو هو. ڌِيڌَو نالي، ذات جو رانجهو، شهر
تخت هزاره (ضلعي گجرانواله) جي رئيس (ميان موءجُو)
جو ننڍو پٽ هو، جنهن کي پڻس جي وفات بعد ڀائرن
ملڪيت مان بي دخل ڪري ڪڍي ڇڏيو. رانجهو ڦرندو
ڦرندو اچي رنگپور لڳ چناب درياه جي پتڻ تي پهتو.
نهايت ٿڪل هو ۽ سندس منٿن تي هڪ ڪشتيبان کيس هڪ
خالي بيٺل ٻيڙيءَ ۾ سمهڻ جي اجازت ڏني. اها ٻيڙي
چوچڪ سردار جي هئي، جنهن ۾ هير اچي چڙهندي ۽ سير
ڪندي هئي. هاڻي جو آئي ته رانجهي کي ستل ڏٺائين ۽
سندس سهڻي صورت ڏسي مٿس ڇڪن ٿي پئي. رانجهي اکيون
کوليون ته وڃي هير جي اکين سان اٽڪيون. پوءِ هير
سفارش ڪري رانجهي کي پنهنجي پيءَ وٽ ڌرار ڪري
رکايو پر ٿوري وقت ۾ سندس محبت ۽ ملاقاتن جو راز
فاش ٿي ويو، جنهن تي چوچڪ رانجهي کي تڙي ڪڍيو، ۽
سَيدا کيڙي سان هير جي شادي ڪرائي ڇڏيائين. رانجهو
پوءِ ويس بدلائي، مرلي کڻي، جوڳي ٿي رنگپور ۾ آيو،
۽ هير جي نڻان ۽ سيدا جي ڀيڻ سَهتِي جي معرفت اچي
هير سان مليو. ٻئي ڄڻا پوءِ ڀڄي نڪتا پر جهلجي
پيا.
فيصلو قاضي وٽ آيو. رانجهي چيو ته اسان جو انگ ”الست“ واري روز
کان لوح محفوظ ۾ لکيل آهي. کيڙن چيو ته هير،
”سيدا“ جي نڪاح ٻڌي زال آهي؛ جنهن تي هير کيڙن جي
حوالي ٿي. پر ان کان پوءِ بد دعا سببان آخر حالات
اهڙا ٿيا، جو وقت جي حاڪم فيصلو ڏنو ته هير رانجهي
جي آهي. پوءِ ٻنهي جي شادي ٿي ۽ باقي حياتي جا
ڏينهن محبت سان گذارڻ لڳا.
هير ۽ رانجهي جي آخري حياتي ۽ وفات بابت بيانن ۾ ڪافي اختلاف
آهي. شاعر ”باقي“ جنهن هن قصي بابت ڪافي آڳاٽو،
اڪبر بادشاهه جي دور (923-1014هه/1556-1605ع) ۾،
فارسي مثنوي لکي، تنهن جي روايت موجب، هير رانجهي
پاڻ ۾ حياتي جا ڏينهن خوش گذاريا، تان جو پهريائين
رانجهي بيمار ٿي دم ڏنو ۽ پوءِ هير ڌڻي کان دعا
گهري، جنهن تي رانجهي واري قبر جاءِ ڏني ۽ هير
اندر پيهي وئي. شاعر ”باقي“ کان پوءِ ٻين شاعرن جي
روايتن مطابق پڻ هير ۽ رانجهي باقي حياتيءَ جا
ڏينهن محبت سان گذاريا، ۽ آخر ۾ ٻئي حج تي هليا
ويا ۽ وري ڪين موٽيا. شاعر ”مُقبل“ جنهن پنهنجي
مثنوي سال 1160هه/1747ع ۾ لکي، سو پهريون شاعر
آهي، جنهن ڄاڻايو آهي ته پنهنجي ننگ ناموس رکڻ
لاءِ، هير کي رانجهي سان شادي کان اڳ، سندس پيءُ –
ماءَ طرفان زهر ڏنو ويو.
زهر واري ڳالهه پوءِ وارث شاهه (1180هه/1776ع) پنهنجي پنجابي
ٻولي ۾ جوڙيل ”هير“ ۾ آندي، ۽ اها مشهور ٿي وئي.
وارث شاهه جي روايت موجب، جڏهن فيصلو ٿيو ته هير
رانجهي جي آهي، تڏهن ٻئي گڏجي هير جي مائٽن وٽ
آيا، جن رانجهي کي چيو ته: تون پنهنجي وطن وڃي ڄڃ
ڪري آءُ ته هير توکي پرڻائي ڏيون. رانجهي جي وڃڻ
بعد، هنن پنهنجي ننگ ناموس خاطر هير کي ختم ڪرڻ جي
سازش سٽي. هير کي جڙتو خبر ٻڌائي وئي ته رانجهو
قتل ٿي ويو، جنهن تي هوءَ غش ٿي وئي. پوءِ کيس زهر
وارو شربت پياريائون، ۽ هن ”رانجها“، ”رانجها“
ڪندي دم ڏنو. اها خبر پوءِ رانجهي ڏي ”تخت هزاري“
۾ موڪلي وئي، جنهن ٻڌنديئي اتي دم ڏنو.
ٻي هڪ راويت موجب هير کي دفنايائون پئي، جو رانجهو به اچي پهتو
۽ درد مان دانهن ڪري اتي دم ڏنائين.
سنڌ ۾ رائج روايتن مطابق هير ۽ رانجهي پنهنجي حياتي جا باقي
ڏينهن خير خوشي سان گذاريا. فقير مولا بخش جي
ٻڌايل ڳالهه توڙي سيد حيدر شاه جي بيتن ۾ زهر واري
واقعي جو ذڪر ڪونهي.
هير جي قبر، جهنگ شهر لڳ چناب ندي جي آڳاٽي پيٽ واري ڍوري جي
ڪنڌي تي هڪ چئوکنڊي اندر اڄ تائين موجود آهي. اها
چئوکنڊي غالباً 16- صدي جي عمارت آهي، ۽ اتي هر
سال ماگهه (فبروري) مهيني ۾ ميلو لڳي ٿو.
هير- رانجهي جي قصي کي سڀ کان اول جهنگ شهر جي شاعر دامودر کٽي
مشهور ڪيو. هن پنهنجي لکيت ۾ بڪرمي سنبت جو سال
1569 ڄاڻايو آهي، جيڪو 1512ع جي برابر آهي، ۽ چوي
ٿو ته هير- رانجهي جي داستان جا واقعا هن پاڻ خود
پنهنجي اکين سان ڏٺا. دامودر کان پوءِ پنجاب جي
ٻين شاعرن هن داستان کي منظوم ڪيو، پر وارث شاه جي
سنه 1180هه (1776ع) ۾ جوڙيل ”هير“ سڀ کان مشهور
ٿي.
فارسي ۾ سڀ کان پهريائين ’باقي‘ نالي شاعر، هيءُ داستان
988-1014هه (1580-1605ع) واري عرصي ۾، يعني اڪبر
بادشاهه جي دور ۾ منظوم ڪيو. سنه 1159هه/1746ع ۾
دهلي جي شاعر مير قمر الدين ”منت“ پنهنجي فارسي
مثنوي ”هير و رانجهن“ منظوم ڪئي، پر فارسي ۾ ٻين
سڀني صوبن کان وڌيڪ، پنجاب ۽ سنڌ جي شاعرن ”هير-
رانجهي“ جي داستان کي منظوم ڪيو. سنڌ جي شاعرن
فارسي نثر توڙي نظم ۾ هي قصو بيان ڪيو. مثلاً:
شيوڪ رام ”عطارد“ ٺٽوي، 1185-1190هه (1771-1776ع) واري عرصي ۾
”محبت نامي“ جي عنوان سان نثر مسجع ۾ هن قصي کي
ورجايو.
عظيم الدين ”عظيم“ ٺٽوي، سنه 1214هه (1799ع) ۾ ”مثنوي هير و
رانجها“ منظوم ڪئي.
مير ٺاري خان جي درباري شاعر ضياءُ الدين ”ضيا“ ٺٽوي، سنه
1215هه (1850ع) ۾ ”مثنوي هير و رانجها“ منظوم ڪئي.
منشي صاحب راءِ موهن داس ملڪاڻي ”آزاد“ 1216-1226هه
(1801-1811ع) وارن سالن ۾ ”مثنوي هير و رانجها“
لکي.
نواب ولي محمد خان لغاري ”ولي“، 1226-1237هه (1811-1820ع) واري
عرصي ۾ مثنوي ”هير و رانجها“ لکي.
فقير قادر بخش ”بيدل“ سنه 1293هه (1876ع) ۾ هن داستان کي هڪ
ڊگهي ”قطعہ“ ۾ منظوم ڪيو.
منشي شيوڪ رام جي ”محبت نامي“ کان سواءِ مٿيون ٽيئي مثنويون ۽
بيدل سائين جو ”قطعہ“، سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل
(1957ع) ” ڪتاب مثنويات هير و رانجها“ ۾ ڇپجي چڪا
آهن. انهي ڪتاب جي ايڊيٽر مرحوم حفيظ هوشيارپوري
پنهنجي عالمانه ”مقدمي“ ۾ ”هير رانجهي جي داستان“
۽ ان بابت فارسي، اردو، پنجابي ۽ ٻين ٻولين ۾ لکيل
ڪتابن تي تفصيل سان روشني وڌي آهي.
خود هير جي پنهنجي زبان ”جهنگ – والي سرائڪي“ هئي، جنهن ۾ هن
داستان بابت ٿورا گهڻا بيت گهڻن ئي شاعرن چيا آهن،
پر انهن سڀني ۾ سنڌ جي ٻن شاعرن، خليفي نبي بخش
صاحب ۽ حمل خان لغاري جون چيل سي – حرفيون شاهڪار
جي حيثيت رکن ٿيون. پر جيئن ته اهي هن کان اڳ
”ڪليات حمل“ ۽ ”خليفي نبي بخش صاحب جي رسالي“ ۾
ڇپجي چڪيون آهن، انهي ڪري هن ڪتاب ۾ شامل نه ڪيون
ويون آهن. سنڌي ۾ سيد حيدر شاهه سنه 1290هه
(1873ع) ۾ هن داستان کي بيتن ۾ ڳايو، جيڪي زبان ۽
بيان جي لحاظ سان معياري حيثيت رکن ٿا. وڏي ڳالهه
ته سنڌ ۾ ”قصہ – خواني“ جي فن ۾ ماهر منگتن فقيرن
هن داستان کي عام ڪچهرين ۾ بيان ڪيو ۽ ڳايو. هن
ڪتاب ۾ (ص 152) فقير مولا بخش ميراثي جي زباني
قلمبند ڪيل روايت، سنڌ جي انهي قصہ – خواني واري
فن تي شاهد آهي.
ن . ب
|