سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  وساريان نه وسرن

باب-

صفحو :5

ڀٽائي گھوٽ

شاھه عبدالطيف

جي ورسي

مرڪزي صلاحڪار بورڊ جي 21 آڪٽوبر 1940ع واري ميڙ ۾ ھڪ سب ڪميٽي ھن ڪم لاءِ مقرر ٿي ته سب ڪاميٽي جا ميمبر پاڻ ۾ پھي ھڪ رٿ تيار ڪن جنھن پٽاندر سنڌ م وقت بوقت ھنڌ پٽ ناميارن شاعرن ۽ بزرگ مصنفن جا ٻارنھن ماھا جلسا ملھايا وڃن. انھي سب ڪاميٽي جي پيش ڪيل رپورٽ بورڊ پنھنجي 19 فيبروري 1941ع واري ميڙ ۾ بحال ڪئي.

انھي ميڙ ۾ اھو به فيصلو ٿيو ته شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي ورسي ملھائڻ جي مراد سان مارچ جي 12 ۽ 13 تاريخ ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي.

انھي ڪانفرنس جو پھريون ميڙ 12 مارچ تي خالقڏني ھال ۾ ساڍي ستين بجي شروع ٿيو.

آوائل ۾ آنربل سيد ميران محمد شاھه صاحب بورڊ جي چيئر مين جي حيثيت ۾ شيخ عبدالمجيد صاحب کي اٿي عرض ڪيو ته جلسي کولڻ جي رسم ھو صاحب بجا آڻي. شيخ صاحب جلسي کوليندي پنھنجي تقرير ۾ فرمايو ته ”سنڌين ۾ پنھنجي بزرگن لاءِ پريم پيدا ٿئي تنھن لاءِ ضروري آھي ته وقت بوقت ھھڙا جلسا ملھايا وڃن‛‛.

جلسي جي باقي ڪاروائي مسٽر آءِ آءِ قاضي جي زير صدارت ھلي ٿوري ڳائڻ وڄائڻ کان پوءِ مسٽر ڀيرو مل مھرچند اٿي ھيٺين ريت ”شاھه سيلاني‛‛ تي ڳالھايو.

شاھه : سيلاني

سير  ۾ تعليم آھي پر جو اکيون کولي نه ھليو تنھن جھڙو سير ڪيو تھڙو نه ڪيو. سچو سيلاني سدائين اکيون کولي ھلي ٿو ۽ ھي ساري قدرت، جا ھڪ کلي ڪتاب جي مثل آھي تنھن جو ھڪ ھڪ جزو چڱي ريت جاچي خسيس خسيس ڳالھين مان به وڏا وڏا سڀق سکي ٿو. اھڙو سچو سيلاني شاھه عبدالطيف ھو. عام خلق رواجي ڪتاب پڙھي ٿي. ھن اڪثر قدرت جو ڪتاب پڙھيو ھو ۽ قدرت جو نظارو سندس مڪتب ھو شاھه صاحب جو انڀو اڳي ئي کليل ھو، باقي قدرت جي مڪتب ۾ پڙھي ڪماليت حاصل ڪرڻي ھيس. قدرت جي مڪتب مان ڪماليت حاصل ڪرڻ لاءِ شاھه صاحب جي پڙھڻ جو نمونو ئي پنھنجو ھو. سندس اکيون ڪن ۽ ٻيا حواس سڀ ٻئي طرح جا ھئا  ۽ سندس خيال جي رفتاري به نرالي ھئي تنھنڪري نه رڳو سير سياحت ڪندي پر گھر ويٺي پرايائين گھر ۾ ڪنھن کي سئي سڳي سان ڪپڙا سبندي ڏسي چيو اٿس ته؛

پاڇاھي نه پاڙيان، سرتيون سئيءَ ساڻ
ڍڪي
اگھاڙن کي ڪين ڍڪيائين پاڻ
ٻيھر
ڄاپي ڄان، ابر جي اوصاف کي
                                           سر
مارئي

ھن بيت ۾ گويا مارئي چوي ٿي ته سرتين جي سئيءَ سان منا (رو زمين جي ) بادشاھي به برابر ڪري نٿي سگھان، ڇاڪاڻ ته سئي پاڻ کي نٿي ڍڪي پر اگھاڙن لاءِ ڪپڙا سبي انھن کي ڍڪي ٿي! ڏسو ته سوارٿ (خود مطلب) ڇڏي پر مارٿ ڪرڻ جو سبق سئي مان ڪيئن لوچي لڌو اٿس!

گھر ۾ ايٽ ھلندو اٿس ته ان بابت سڄو سرڪاپائتي چيو اٿس. جنھن ۾ ايٽ سان لاڳاپو رکندڙ لفظ ۽ نھايت عمده اصطلاح ڪم ۾ آڻي سچي سڪ سان پنھنجي چت اندر چرخي چورڻ جو تاڪيد ڪيو اٿس.

چائت پائي چت ۾، سنھو ڪتيو جن
تن
جو صرافن، دڪو داخل نه ڪيو
 

محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن
تن
جو صرافن، اڻ توريو اگھائيو
 

دنيا م سڀ ڪو ماڻھو درويشن جھڙي دل ڌاري ڪين سگھندو تنھنڪري ھينئن به چيو اٿس ته؛

جا سنھو ڪتڻ نه سکي سامر رنڍائي روڙي
صراف
تنھنجي سٽ کي پڻ ننيدا توري
ٿلھي
۽ ٿوري ويچاريءَ سان وڙ ڪندا.

سر ڪاپائيتيءَ پنھنجي وقت جون ڪي حقيقتون به ڄاڻايون اٿس ته ڪيئن اڳي زالون ٻيڻي مٽڻ لاءِ صرافين وٽ وينديون ھيون يعني جيترو ڪتيل سٽ ڏينديون ھيون تنھن جي ٻيڻي ڪپھه ملندي ھين، پر سٽ مٽڻ کان اڳ صراف ھر ھڪ ٿورو ڦولھي ڏسندا ھئا ته سٽ سنھو ڪتيل آھي يا رڳو رنڍا روڙيل آھن. انھي سبب ڦورو ڦولڻ جي معنيٰ ٿي عيب کولي ظاھر ڪرڻ پر انسان ۾ سوين اوڻايون آھن تنھنڪري چيو اٿس.

ڦورو نه ڦولھي شل سنئين پوري صراف کي

يعني ته ڌڻي کي شل چڱي چت ۾ پوي جو اسان جا عيب نه ويچاري پر پنھنجي فضل جو ڦيرو ڪري!

عدل ڇٽان آءُ نه ڪو ڦيرو ڪج فصل جو.

ڪان جھڙو عام پکي جو روز اچيو اسان جن گھرن وٽ ڪان ڪان ڪري تنھن تي اسين ڪو به ويچار ڪونه ٿا ڪريون پر ھن اعليٰ درجي جي شاعر ان جون سڀ عادتون سر پورب ۾ کولي ظاھر ڪيون آھن.

ڪوا ڪان ڪان ڪندا وھاڻي وڻن
مون
ڏٺا مون وسھو، اڳي پيڇي انڌا
اچي
عدالت ۾، ويھي وٺ وجھندا
حلال
ڇڏيو ھتھين مٿي ڍونڍ ڍرندا
ڦٽل
ڦھيارن تي، اوريائين اڙندا
ھنڌ
ھدايت جي استخوان آڻيندا
ڪوڙا
ڪرفتي تي سٽون ڏيو سڙندا
حد
لنگھيائون حق جي ٻنھي پير ٻجھندا

مطلب ته ھي دنيا جا ڍنڍ مثل آھي تنھن تي انسان جو من ڪانءُ جي مثل آھي سو وڃيو آجھڙي ۽ اونڌي ھلت ھلي ٿو جتي ڪا حق جي ڳالھه پئي ھلندي ھوندي اتي به استخوان آڻي ٿو جنھنڪري ھڏي تي ھوڏ ھلي ٿي. جتي به وھي ٿو تتي وٺ لاھي ٿو ۽ پنھنجو ذاتي سڀاءُ ظاھر ڪري ٿو. حق جي حد اورانگھيو وڃي ٿو ۽ دنيوي سياڻپ ھلائي ٿو جنھنڪري اھڙو ڏاھو ڪانءُ ٻه ڄنگھيو ڦاسي ٿو.

اھو ساڳيو من جو دنيا خاطر ين وڃائي ٿو ۽ اختيار ڪري ٿو سو ئي ساڳيو سنئين واٽ تي ھلائجي ٿو ته پرين جو پانڌيڙو ٿي سگھي ٿو. تنھنڪري ساڳئي ئي سر پورب جي ڪن بيتن ۾ ڪانگل کي قريبن جو قاصد بنايو اٿس ۽ کيس پرين وٽ پارانڀن ( نياپن) پھچائڻ جو تاڪيد ڪيو اٿس.

ڪانگل !ڪڍي تو ڏيان ھينئون ساڻ ھٿن
وڃي
کاءُ ولات ۾ اڳيان عجيبن
پرين
مان پڇن ته ھيئن قرباني ڪير ٿي؟

سج، چنڊ، تارا، ڪتيون ۽ سھسين سيار جي ڏھاڙي اکين سان ڏسون پيا تنم ان اسين ڪو به سبق ڪونه ٿا سکون. پر ھن الله جي عاشق انھن سان به عجيب اورون ويھي اوريون آھن

چنڊ تنھنجي ذات، سڀ مڙھايان سون سين،
پرين
آھن پنڌ ۾ کڙ سڄيائي رات،
اچن
جنھن سات پوءِ لھي وڃن لطيف چئي

مطلب ته منھنجو پرين مون وٽ اچڻ لاءِ ھينئر پنڌ ۾ آھي تنھنڪري اي چنڊ تون سڄي رات کڙي بيھه ته سڄڻ کي مون وٽ اچڻ ۾ ڪا مشڪلات نه ٿئي جنھن وقت سڄڻ اچي مون وٽ پھچي تنھن وقت تون ڀلي لھي وڃج ته مان اوندھه ۾ ( لوڪون لڪائي) پنھنجي پرين سان ريجھه رھاڻ ڪريان:

                    چنڊ        ۾      آءُ       چڙھي  سگھو       ڪرم    سوجھرو،

اسان پرين پاڻ ۾ گھارڻ ڏج گھڙي
تون
ھوندي سري پلڪ پانھيرو اڀرين

يعني اي چنڊ تون سگھو ئي اڀري سوجھرو نه ڪر مون کي اوندھه ۾ پنھنجي پرين سان گھڙي گھارڻ ڏي، جيڪڏھن ٿورو دير سان اڀرين ته تنھنجي سري ويندي ( پر سڄڻ سان محبت ونڊڻ ڌاران منھنجي ڪٿان سرندي؟

چنڊ کي چورائي، ڇپرا! نيئي نه ڍڪيئن
اونداھي
آھي اجھو عاشقن جو.

چنڊ نڪرندو آھي ڇپر يا ڏونگر جي پٺين پاسي کان تنھنڪري ڇپر کي چوي ٿو ته چنڊ کي پنھنجي پٺيان ڍڪي نه ڇڏيئي ( ته اڀري ئي نه) ڇاڪاڻ ته عاشقن جو اجھو آھي اوندھه! سج جو تجلو ۽ چنڊ جي چانڊاڻ ڏسي مالڪ جي جلوي جلال جو تصور ڪري چيو اٿس ته؛

سھسين سجن اڀري، چوراسي چنڊن،
با
 الله ري پرين سڀ اونداھي ڀايان

ڪنھن وقت مينھن وسيو آھي ته رعد جي رڙ ،وڄ جي کنوڻ، پلر جي پالوٽ پٽن جو پاھه جھلڻ، گسن تي گاھه ٿيڻ، سنگھارن جي سرھي ٿيڻ ۽ ان ارزان ٿيڻ جا بيان نھايت مختصر پر مائيدار لفظن ۾ ڪيا اٿس جي سرسارنگ ۾ ڏنل آھن. سندس ٻولي ۾ جھڙو آھي ٻل تھڙي نزاڪت ڏسو ته برسات جو بيان ڪيئن ٿو ڪري.

اڄ رسيلا رنگ بادل ڪڍيا برجن سين،
ساز
سارنگيون سرندا، وڄائي برجنگ،
صراحيون
سارنگ پلٽيون رات پڌام تي

جنھن وقت ھھڙيون سٽون پڙھجن ٿيون تنھن وقت پنھنجي دل ڪري ائين پيو ڀانئجي ڄڻ ته ھينئر اسان جي اڳيان وڄن وسڻ جا ويس ڪيا آھن ۽ مينھن ٽھه ٽھه ڪيو ائين پيا ٽمن، جو ڄڻ ته آسمان ۾ محفل مچي ويئي آھي ساز سارنگيون سرندا پيا وڄن ۽ سارنگ جون سراحيون پيون اوتجن اتي ئي پنھنجي سچي سائين کي سنڀاليندي چيو اٿس ته؛

مينھان ۽ نينھان، ٻئي اکر ھيڪڙي
جي
وسڻ جا ويس ڪري ته ڪڪر ڪن ڪيھان،
بادل
ٿي بيھان جي آگم اچڻ جا ڪرين

شاھ صاحب کي جبلن ماٿرين ۽ کليل ميدانن ۾ گھمڻ جو شوق گھڻو ھوندو ھو چوماسي ۾ جڏن وڻ ٽن ڌوپي چھچ ٿيندا ھئا ۽ چؤطرف چڱو لقاءُ لڳي ويندو ھو تڏھن قدرت جو جمال ۽ جلال کيس ڪشش ڪري گھر مان ٻار ڪڍندا ھئا، جو قدرت جي نرمل نظارن سندس قلب کي قوت ۽ روح کي راحت ڏني. ٿي سندس رسالي ۾ ڏسو ته جڏھن ڪا ڀيٽ ڪرڻي اٿس تڏھن پھرين ھٿ قدرت ڏي ڊوڙي ٿو مثلا مومل ۽ سندس سھيلين جي پوشاڪ جو بيان اجھو ھئين ڪيو اٿس.

جھڙا گل گلاب جا تھڙا مٿن ويس
چوٽا
تيل چنبيليا، ھا (ھا) ھو ھميش
پسيو
سونھن سيد چئي نينھن اچن نيش

جھڙا پانن پن تھڙيون سالون مٿس سايون

ڪربلا واري لڙائيءَ ۾ امام حسين کي سندس دشمن منھن ڌارا ڌڪ ھڻي رتو رت ڪري ڇڏيو ۽ سندس دستار شريف ڪري وڃي پٽ تي پيئي ته ھن اسان جي شاعر اھا حقيقت ھن ريت ظاھر ڪئي آھي.

ڏاڙھي رت رتياس ڏند ته ڏاڙھون گل جيئن،
چوڏھين
ماه چنڊ جيئن پڙ ۾ پاڳڙياس.

شاھه صاحب گھر مان نڪري بازار ھليو آھي. ھلندي ھلندي ڪنھن لوھار جي دڪان تي ڏسي ٿو ته لوھار اڱر دکائي ڌنوڻي سان ڌنئين کورو تپائي ان ۾ لوھه وجھي ٿو ته ڪٽ ڪڙھي ٿي ۽ لوھه ٻري ٿو. جڏن لوھه تپي ڳاڙھو ٿئي ٿو تڏھن مترڪا منھن ڪڍن ٿا، سانداڻيون ڪنبن ٿيون ۽ لوڪ ڌڪين تات پوي ٿو. اھي رواجي ڳالھيون جي سڀ ڪنھن ڏٺيون ھونديون تن مان ھن عاشق نھايت عجيب مطلب ويھي ڪڍيا آھن اھي بيت سر يمن ڪلياڻ ۾ ڏنل آھن اسان کي ته صلاح ڏني اٿس ته جيڪڏھن ڀانيو ته اوھان جي قلب تان ڪٽ لھي ۽ رڪ گھاءَ روشن ٿيو ته

ڪنھن        ڪامل            لوھار        جي         دامن          ٺو      

سر سانداڻ ڪري پڇج گھر لوھار جو
ڌڪن
ھيٺ ڌري مان گڏينئي رڪ سين

لوھار کي رواجي ڪڙو ڪنڍو ٺاھيندو ڏٺو اٿس ته اتي ھڪ نھايت عمدو خيال آيو اٿس. ڏسي ٿو ته لوھار ڪڙي ۾ ڪڙو نھايت پختي طرح اٽڪائي ٿو. ته ڏسو ته چوي ڇا ٿو:

ڪڙو منجھه ڪڙي جيئن لوھار لپيٽيو،
منھنجي
جيءُ جڙي، سپيريان سوگھو ڪيو،

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org