اديب
ڊاڪٽر هوتچند ولد مسٽر مولچند گربخشاڻي
(حيدرآباد: ڪراچي)
هي صاحب حيدرآباد جي گربخشاڻي عاملن جي خاندان مان هو
سندس ڏاڏو ديوان نئنسکداس زمينداري ڪندو هو سندس
والد ديوان مولچند پڙهي روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪئي.
ڪهڙي عهدي تان رٽائر ڪيائين جو ان جو پتو پئجي نٿو
سگهي. هي اصل واڌواڻي گهٽيءَ ۾ رهندا هئا جتان لڏي
پوءَ مارڪيٽ جي ڀر ۾ آغا خاني خوجن جي پاڙي ۾ وڃي
ويٺا.
هن ابتدائي تعليم ڪنهن مڪاني پرائمري اسڪول ۾ ورتي
هئي. سيڪنڊري تعليم اين ايڇ اڪيڊمي حيدرآباد ۾
وٺي، 1899ع ڌاري ميٽرڪ جو امتحان ڏنائين هو 1900ع
ڌاري ڏيارام ڄيمل آرٽس ڪاليج ۾ پڙهڻ داخل ٿيل جتان
1905ع ۾ هن بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کان پوءِ
وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هي بمبئي جي ولسن ڪاليج ۾ ويو جتان
1907ع ۾ هن ايم اي جي انگريزي ۽ فارسي ۾ ڊگري حاصل
ڪئي ان بعد ٿوري وقت لاءِ هي انهي ڪاليج ۾ اسسٽنٽ
پروفيسر ٿي رهيو. ٻئي سال 1908ع ۾ هي موٽي سنڌ ۾
آيو ۽ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ فارسيءَ جو پروفيسر ٿي
ملازمت ڪرڻ لڳو. ان
کان پوءِ سمورو وقت انهيءَ ڪاليج ۾ نوڪري ڪندو
رهيو. انهيءَ ڪاليج ۾ گهڻو وقت وائيس پرنسپال ٿي
رهيو ۽ 1937ع ۾ پرنسپال جي عهدي تي مقرر ٿيو. وچ ۾
1928ع ۾ هي وڌيڪ تعليم لاءِ ولايت ويو، جتان لنڊن
يونيورسٽيءَ مان انگريزي شاعري ۾ تصوف جي مضمون تي
ڊاڪٽريءَ جي سند ورتائين. سندس ڏاڏو ۽ والد صوفي
خيالن جا هئا جي چوڻ ۾ اچي ٿو ته اصل ۾ شاهه عنايت
صوفي جهوڪ جي درگاهه جا معتقد هئا. ڊاڪٽر صاحب کي
ان ڪري ننڍي هوندي کان صوفيانه تعليم ۽ تربيت مليل
هئي. مثنوي مولانا روم، ٻين پارسي شاعرن جي ڪلام
۽ شاهه عبداللطيف جي شعر ۾ خاص درڪ هوندو هوس. هو
گفتگوءَ ۾ اڪثري انهن جا شعر مثال طور پيش ڪندو
هو. ڊاڪٽر صاحب جي شاگردن ۽ دوستن جو دائرو نهايت
وسيع هو. منهنجي ٽهيءَ ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود
پوٽو، سيد ميران محمد شاهه، خان بهادر محمد ايوب
کهڙو ۽ ٻيا ڪيترا صاحب سندس شاگردن مان هئا. سندس
شاگردن ۾ هن لاءِ عزت ۽ احترام حد درجي تي پهتل
هو. منهنجي ڊاڪٽر صاحب سان واقفيت 1927ع کان
برادرم ميران محمد شاهه جي معرفت ٿي هئي. نومبر
1928ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جو پريزيڊنٽ چونڊيس،
ان وقت کان پوءِ سنڌ ڪاليج بورڊ تي ميمبر هئڻ ڪري
ساڻس اڪثري ملاقاتون پيئون ٿينديون هيون.
هن جي زندگيءَ جو مکيه ڪم، جنهن هن کي لاثاني شهرت بخشي
آهي، سو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي کي مقدمي،
معنيٰ ۽ شرح سان چئن جلدن ۾ لکڻ جو آهي، جن مان ٽي
جلد پاڻ پنهنجن هٿن سان ڇپائي پڌرا ڪري سگهيو آهي.
شاهه صاحب تي گهڻن صاحبن لکيو آهي پر انهن مان
ڊاڪٽر گربخشاڻي جو ڪوبه مقابلو ڪري نٿو سگهي. هن
جي شرح کي پروفسر نڪلسن جي مثنويءَ جي شرح، مسٽر
برائون جي ايراني شعر جي تاريخ ۽ حڪيم ثنائي
جي"حديته الحقيقت" جي شرح(ميجر اسٽيفسن) سان
مشابهت ڏيئي سگهجي ٿي. انهيءَ شرح لکڻ وقت هن شاهه
صاحب جي رسالن ۾ آيلن ڌارين بيتن ۽ سرن، جي گهڻي
ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڪلام جي صحيح متن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ٻيو جو مکيه ڪم هن ڪيو آهي،
سو هيءُ ته شاهه صاحب جي ڪلام جي هر پهلوءَ تي
روشني وجهڻ لاءِ هڪ نهايت عمدو مقدمو لکيو اٿس،
جنهن ۾ شاهه صاحب جي سوانح عمري، صورت ۽ سيرت،
مذهب وحدانيت ۽ تصوف سان تعلق ۽ سندس شعر ۽
شاعريءَ تي تفصيلي نظر وڌي اٿس ان ۾ شاهه صاحب جي
شعر جي مضمون ۽ عبارت، نظم، ان جي ٻوليءَ، نحوي
بناوتن جو پوريءَ طرح ذڪر ڪيو اٿس. افسوس آهي ته
سندس شرح جو چوٿون جلد ڇپجي نه سگهيو ۽ عدم پيدا
آهي. هن وقت جڏهن شاهه صاحب تي سوين مضمون، ڪتاب ۽
شرح لکجي چڪا آهن ته به ڊاڪٽر صاحب جو شرح سڀ کان
مٿانهون، مفصل ۽ سٺو پيو نظر اچي. سچ ائين آهي ته
جهڙي طرح شاهه صاحب سنڌ جي تهذيب، ڪلچر روايات،
اخلاق کي گمناميءَ جي عالم مان ڪڍي، روز روشن
وانگر ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي طرح ڊاڪٽر گربخشاڻي
هڪ غواص يا ٽوٻير جو ڪم ڪيو آهي، جنهن ان بحر ذخار
مان ٽٻي ڏيئي، املهه ماڻڪ ڪڍي، صرافن جي سامهون
ڇڏيا آهن. انهيءَ شرح لکڻ ۾ هن جا محنت ڪئي آهي ان
جو پتو انهن کي پئجي سگهي ٿو جن پوري توجهه سان
اهو ڪتاب نظر مان ڪڍيو هوندو. سندس مقدمه شاهه جي
ڪلام ۽ مسئله تصوف جي معلومات جو ڪوزه ۾ درياءُ
بند ٿيل آهي. شاهه صاحب جي رسالي تي وڏي پيماني تي
کوجنا جي اه اپهرين ڪوشش هئي ۽ اڃان تائين ڪوبه
ماڻهو هن کان زياده ان جو سٺو شرح لکي نه سگهيو
آهي.
ڊاڪٽر مرحوم جا ٻيا هيٺيان ٻه ڪتاب به تصنيف ڪيل
آهن:(1) نور جهان(ناول) “(2) لنواري جا لعل.
ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ ڪيترن ئي عالمن پڙهايو جن ۾
پرنسپال صاحب سنگهه شهاڻي، صورت سنگهه بٽاڻي،
ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل، مهر چند، پروفيسر اجواڻي،
آڏواڻي، ملڪاڻي، پروفيسر شيخ ۽ ٻيا پنهنجو مٽ پاڻ
هئا. جي اڪثر صوفي خيالن جا هئا، پر پرنسيپال
بٽاڻي ۽ پرنسيپال گربخشاڻي ٻيئي انهيءَ رستي ۾
مکيه بزرگ شمار ڪيا وڃن ٿا ٻيئي شاهه عنايت عرف
شاهه شهيد جهوڪ جي سلسله همه اوست سان واسطو
رکندڙهئا. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو والد ۽ ڏاڏو سڌو
جهوڪ جي درگاهه سان واسطو رکندڙ هئا ۽ پرنسپال
بٽاڻي وري اڻ سڌي طرح ڪنڊڙيءَ جي نصير فقير معرفت
انهيءَ تعليم ۽ تربيت مان سبق پرايا هئا ۽ جي
چڱيءَ طرح کوجنا ڪبي ته خود شاهه صاحب به انهيءَ
شاهه شهيد جي ميخاني مان مستفيد ٿيل ڏسڻ ۾ ايندو.
ڊاڪٽر گربخشاڻي مرحوم پرنسيپال ٿيڻ بعد ڊي. جي. سنڌ
ڪاليج جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ان وقت هن لا
ڪاليج ۽ ڪامرس ڪاليج برپا ڪرايا.
سندس انتقال اوچتو دل جي ٽٽڻ ڪري 11 فيبروري 1947ع تي
ڪراچي جي شهر ۾ ٿيو. ان وقت سندس عمر چوهٺ سال
هئي.
کيس هڪ فرزند موهن نالي هو، جنهن مسٽر ڀيرومل مهرچند جي
نياڻيءَ، ستيءَ سان شادي ڪئي هئي، جو ورهاڱي کان
پوءِ هندستان لڏي ويو هن وقت اهي ٻيئ يزال مڙس گذر
ڪري ويل آهن. سندن پٽ منگهارام موهنداس، هوتچند
گربخشاڻي، هن وقت ويرا وال اسٽيٽ ۾ ويونگ
سپرنٽينڊنٽ آهي، ٽيهه سال کن عمر اٿس، انڊين ريان
ڪارپوريشن ۾ نوڪري ڪري ٿو. |