سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: مقدمہ لطيفي

 

صفحو :7

عبدالقيوم صائب

سر مارئي جو مرڪزي خيال

 

زيب النساءِ مخفي چيو آهي:-

در سخن پنهان شدم مانند بو در برگ گل

هر که ديدن ميل دارد در سخن  بينند مرا

ساڳيءَ طرح پال ايلوئرڊ (Paul Eluard) پڻ لکيو آهي:

“My books will represent me there and they will tell you what I want to say.”

رومي جو به ساڳيو خيال هو ته متان ماڻهو سندس ڪلام جي اصلي روح کي ڇڏي، عروضي نڪتن ڳولهڻ ۾ محو ٿي وڃن ۽ هن جي تمام ڪاوش ۽ محنت جنهن پيغام پهچائڻ لاءِ ٿي هئي، سا ضايع نه ٿي وڃي، تنهن ڪري ان جي وضاحت ڪندي چئي ويو:

من نه دانم فاعلاتن فاعلاتن فاعلات.

حالانڪه اها شاعرانه تعلي آهي، ورنه سندس ڪلام عروضي پابندين کان پري ڪين آهي.

ان مان ڏسجي ٿو ته دنيا جي اعليٰ شخصيتن ۽ فوق البشر هستين پنهنجي ڪلام ۽ پيغام کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪي نه ڪي پيش بنديون ڪيون آهن. ڀٽائي گهوٽ به اهڙين اعليٰ شخصيتن مان هو، جا سنڌ جي خطي کي نصيب ٿي، جنهن پڻ اهڙي پيش بندي ڪندي پنهنجي ڪلام لاءِ چيو:

بيت نه ڀانئجو ماڻهئا هي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
 

جيڪڏهن اسين شاهه جي ڪلام جو فني اڀياس ڪنداسين ته ڏسبو ته سندس سڄو ڪلام موسيقي جي فني لوازمات ۽ شاعري جي اختراعات جو سهڻو مرقع نظر ايندو. ان مان ظاهر آهي ته شاهه جيڪو ڪلام چيو آهي تنهن ۾ شاعري، موسيقي ۽ موضوع جي لحاظ سان ڪونه ڪو مقصد ضرور سمايو هوندائين.

هاڻي اسانکي ڏسڻو آهي ته شاهه صاحب مارئي ڇو ڳائي ۽ ان ۾ ڪهڙي رمز رکيائين يا انجو مرڪزي خيال ڇا هو؟

هن سلسلي ۾ ”ياد لطيف“، ۾ آيل حڪايت دهرايان ٿو، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته ”شاهه صاحب وري شاهه هدايت کان مارئي نسبت پڇيو ۽ مارئي کي وڌيڪ ڳايو. ڀانئجي ائين ٿو ته هنن بزرگن شايد هن موقعي تي هڪ ٻئي کي ڄڻ انهن سرن ۾ مهارت ڏيئي ڇڏي، ڇو ته سندن ڪلام مان ڏسجي ٿو ته شاهه عنايت جي سڄي ڪلام ۾ سندس سر سسئي اُتم آهي. ايترو جو خود ڀٽائي صاحب به انهن مان ڪن بيتن جي ڀران پنهنجا بيت چيا آهن. ٻئي طرف وري ڀٽائي صاحب پنهنجي رسالي ۾، سر مارئي ۾ ئي سنڌي زندگي ۽ سنڌ جي جذبات ۽ احساسات جو روح پيش ڪيو آهي.

هن مان ڏسبو ته شاهه صاحب هن کان اڳي به مارئي ڳائيندو هو پر ايتري نه؛ ليڪن عنايت شاهه جي ترغيب کانپوءِ انکي پنهنجو ڪري ڳايائين، ڇاڪاڻ جو آکاڻي جي سمجهاڻي ملڻ کان پوءِ پاڻ به انجي تهه تائين رسڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ ان مان جيڪي ڪي حاصل ٿيس سو پنهنجي ڪلام وسيلي پيش ڪيائين ۽ سندن ڪلام جي اڀياس مان مارئي هڪ غريب، غيرتمند، صورت ۽ سيرت جي ملڪه نظر ٿي اچي جنهن کي شاهاڻي سازو سامان، ڏيک ويک ۽ چهچٽي جي بدران پنهنجي سادي سودي ملڪڙي جي سادين سودين شين، سيل ست ۽ ملڪ وارن سان محبت ۽ عشق هو. وطن جي حب، مائٽن جي سڪ، حال تي راضي رهڻ، ڏاڍن جي ور ۾ هوندي به هنيو نه هارڻ ۽ آزادي لاءِ جدوجهد ڪرڻ، اهڙيون وصفون آهن جن شاعر جي دل ۾ جاءِ ڪري وڌي ۽ شاهه انکي ويو وڌيڪ ڳائيندو تانجو انجي اوائلي واکائيندڙ شاهه عنايت کان به هن ڏس ۾ سرسي کڻي ويو.

هاڻي صاف ٿيو ته شاهه مارئي ايتري ڇو ڳائي آهي. هو نه رڳو شاهه عنايت وارين سمجهايل خوبين کان متاثر ٿيل ٿو ڏسجي پر سندس مشاهده جي اک به جيڪي ڪي ان ۾ ڏٺو ۽ جو وري پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪيائين، تنهن کيس مجبور ڪيو ته هو مارئي ڳائي.

انهيءَ پس منظر کانپوءِ اسانکي ڏسڻو آهي ته شاهه جا مارئي ڳائي آهي تنهنجو مرڪزي خيال يا موضوع ڇا آهي. هن ڏس ۾ اسين پهريائين جدا جدا مضمون نگارن جا خيال پيش ڪري، پوءِ ان تي تبصرو ڪري، ڪنهن نتيجي تي پهچڻ مناسب سمجهون ٿا. هن بابت مرحوم قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ ۾ رقمطراز آهي:

شاهه عبداللطيف پنهنجي رسالي ۾ ان ڳالهه لاءِ هيٺيان اشارا ڏنا آهن:

”مارئي جي حب وطن لاءِ، سندس مڙس جي غيرت ۽ سندس ايمانداري ۽ ظلم عمر جو ڪرڻ. ٻاهراڙي جي ماڻهن جي غريباڻي هلت ۽ چلت ڪرڻ، غريباڻي حال تي رهڻ ۽ وطن جي سڪ.“

”مارئي مان حقيقت جي مراد آهي الله جو سچو عاشق، عمر مان مطلب آهي هن جهان ۾ ظالم ۽ زبردست ماڻهو. عمرڪوٽ آهي هي جهان، جو ايمان وارن جو بنديخانو آهي. ملير آهي اصلوڪو وطن يا هو جهان. ٻهراڙي جا تماشا جهڙوڪ گاد ۽ گلزاريون وغيره آهن. آخر جا مزا ۽ مک. زيور ۽ پوشاڪون چيون آهن هن جهان جي ڏيک ۽ سينگار کي جي ڪنهن به ڪم جا نه آهن.“

ڊاڪٽر گربخشاڻي چوي ٿو:

”هن سر ۾ شاهه انسانن جي اصلوڪي وطن جي اپٽار ڪئي آهي. ڪو وقت هو جو هي سارو عالم عدم جي اوڙاهه ۾ غرق هو پر جڏهن خدا خواهش ڪئي ته، پنهنجي ذات ۽ صفات جي لڪل خزاني کي کولي ظاهر ڪريان، تڏهين ”ڪن“ چئي ڪائنات کي وجود ۾ آندائين ۽ انسانن جا روح خلقي، انهن کان وفاداري جو وعدو وٺي کين عالم ارواح ۾ رکيائين. جيئن مارئي ملير ۾ جهل پل بنا سرتين ساڻ ريجهائي روح رچنديون پئي ڪيون ۽ پنهنجي محبوب کيت سين سان محبت ونڊي، سندس خدمت ۾ زندگي سڦلي پئي ڪئي، تيئن روحن به وحدت جي وادي ۾ هڪٻئي سان رهاڻيون ڪري، عرش جي ڪنگرن مٿان پکين جيان پرواز ڪري، پنهنجي رب جي الفت ۽ عبادت ۾ زندگي صرف پئي ڪئي.

آخر جڏهين ”اهبطو“ يعني هيٺ لٿو، جو امر ٿيو ۽ روح جسماني جامو پهري عرش تان لهي اچي فرش تي پيا، تڏهين ساڻن اهڙي ڪار ٿي، جهڙي مارئي سان عمرڪوٽ ۾.“

”هاڻ روح نه فقط اچي، دنيا جي ڪوٽ ۾ قابو ٿيا، پر نفس جي ڦندي ۾ پڻ ڦاسي ويا. ڪيترا ته مجازي مزن جو شڪار بڻجي پنهنجو ساڻيهه وساري ويهي رهيا. حديث شريف ۾ فرمايل آهي، ”الدنيا سجن للمئومنين وجنت للڪافرين.“ يعني هي دنيا مومنن لاءِ قيد آهي ۽ ڪافرن لاءِ بهشت. اصيل انسان کي هن بنديخاني ۾ بنهه آرام نٿو اچي. جيئن مارئي جو قالب ڪوٽ ۾ هو، پر قلب ملير ۾، تيئن اهڙن انسانن جو به بت بنديخاني ۾ آهي، مگر سندن من هميشه لامڪان ۾ پيو وسي. رات ڏينهن حقيقي محبوب کي ساري، اکين مان ارتو آب پيا هارين. هوڏانهن نفس به عمر وانگر کنجون کنيو بيٺو آهي، ته کين ڌناري ڌڻيءَ کان ڌار ڪريان. گهڻيئي تاب ڌڙڪا ٿو ڪرين، گهڻيئي لب لالچون ٿو ڏئين، پر هو مارئي وانگر ثابت قدم رهي، نڪي ٿا سائين جي سار ڇڏين ۽ نڪي ٿا محبوب کان منهن موڙين. اٺ ئي پهر نفس سان جنگ جوٽيندا پيا اچن. نفس به آخر نااميد ٿي، سندن پچر ئي ڇڏيو ڏئي. جيئن پوءِ ملير مان مارئي جي مدد لاءِ هڪ قاصد ڪهي آيو هو، تيئن اهڙن مقبول ٻانهن جي لاءِ خدا جي طرفان ڪونه ڪو هادي اچيو پيدا ٿئي، جو کين نفس جي قيد مان آزاد ڪري، وڃيو ابد لاءِ محبوب جو مشاهدو ماڻائي ٿو.“

شاهواڻي مرحوم چويٿو:-

هن سر ۾ شاهه پڻ هڪ وڏي تميشل رٿي آهي؛

”مارئي کي روح سان، عمر کي نفس سان، ملير کي وحدانيت جي وادي سان، عمرڪوٽ کي هن دورنگي دنيا سان مشابهت ڏئي، شاهه سالڪن کي روحن جي اصليت ۽ انجام جو سارو قصو سڻايو آهي. جيئن مارئي ملير لاءِ بيقرار هئي، تيئن روح وري عالم ارواح ڏانهن تانگهي ۽ تاڻي ٿو. حقيقت ۾ هي سارو سر ”ڪل شيءٌ يرجع اليٰ اصله (سڀڪا شيءِ پنهنجي اصل ڏي موٽي ٿي) جو تفسير آهي.“

مولوي غلام مصطفيٰ قاسمي لکي ٿو:-

”ظاهري طرح هن سر ۾ حب الوطنيءَ ۽ قوميت جو اهو سبق ڏنل آهي، جنهن جهڙو اڄ تائين ڪنهن ٻئي شاعر جي ڪلام ۾ ملڻ مشڪل آهي. شاهه سنڌ جي سيل، ستيا واري دهقاني ڇوڪري مارئي جو هڪ امير سان ٽڪر ۽ مقابلي جو دلسوز نظارو ٺهڪندڙن ۽ عمدن لفظن ۾ پيش ڪيو آهي.“

”تصوف ۽ طريقت جي خيال کان هن قصي جا اشارا اسانجي راءِ موجب هن طرح آهن ته عمر کان مراد آهي انسان جي حيواني طاقت جنهن جي خواهش هوندي آهي عيش، عشرت ۽ شوق، شراب ۾ گهارڻ. مارئي مان مراد آهي ملڪي طاقت جيڪا نفس کي الست وارو عهد ياد ڏياري انتي قبضو ڄمائڻ گهري ٿي ۽ ملير مان مراد آهي ملڪي طاقت جي علم ۽ خيال جو وطن ۽ خزانو، حظيرت القدس، کيت مان مراد آهي نوع انساني جو امام جنهن کان اها طاقت ڇڄي ڌار ٿي هن دنيا جي قالب ۾ اچي بند ٿي آهي. ڦوڳ مان مراد آهي نفس جو همزاد شيطان جنهن جي ڪوشش هوندي آهي ته نفس جي بهيمي طاقت کي عيش، عشرت جا خيال ملڪي طاقت تي غلبو حاصل ڪجي.“

مولوي محمد نورنگ پنهنجي مضمون ”شاهه جي ڪلام ۾ حج جو فلسفو“ ۾ وري سر مارئي جا چند بيت چونڊي، حاجي کي سادو سودو احرام ٻڌي، ادب سان اڳتي وڌڻ، ظاهري زيب ۽ زينت کان پاسو ڪري، الحاج الشعت العفل (حاجي اهو آهي جنهن جو بدن احرام ٻڌڻ بعد ميرو ۽ وار منجهيل هجن)، واري حديث جو تفسير ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ڪلياڻ آڏواڻي ”شاهه“ ۾ مارئي تي روشني وجهندي لکي ٿو :-

”مارئي جي مثال مان شاهه ثابت ٿو ڪري، ته هڪ دلي استقامت واري ۽ حق پرست استري، چاهي هوءَ ڪهڙي به خسيس ڪل جي هجي، دنيا جي ڪهڙي به عيش ۽ آرام جي اسباب تي نه لالچجي، اخلاقي ميدان ۾ ثابت قدم ٿي رهي. شاهه، گمنام ماڻهن مان به، ڪهڙو نه بي بها مثال وڃي هٿ ڪيو آهي!“

”جهڙو آهي مارئي جو ست ۽ سيل، تهڙي ئي آهي عمر جي خودداري ۽ حليمائي.“

هاڻي اسين هتي مسٽر نارائڻ داس ڀمڀاڻيءَ جي راءِ، جا هن ”شاهه جون سورميون“ ۾ ڏني، سا ڏيئي تمام راين جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڳالهه صاف ڪري بهارڻ جي حتي الوسع ڪوشش ڪنداسين.

هو چوي ٿو:-

”هاڻي سوال ٿو اٿي ته روحن کي جسماني جامو پهرايو خدا، پر جيڪڏهن مارئي روح سان ۽ قيد جسم سان مشابهت رکي ٿي ته عمر، جو مارئي جي روح کي زوري ڀڄائي اچي بنديخاني ۾ قابو رکي ٿو، شيطان ڪيئن ٿيو؟ عمر ته نفس ٿي نٿو سگهي، جيڪڏهن عمرڪوٽ جو مطلب آهي جسم، ڇاڪاڻ ته روح کي جسم ۾ خدا وڌو نه شيطان. اهو مطلب ڪڍي سگهجي ٿو ته روح کي نفس سان ملاسبت هئڻ ڪري اهڙي تڪليف پهچي ٿي، جا مارئي کي عمرڪوٽ ۾ عمر سان ملاسبت ڪري پهتي. پر عمر جيڪڏهن شيطان آهي ته پوءِ شيطان کي ڪهڙي طاقت آهي جو عالم ارواح ۾ پير پائي سگهي؟ عمر ته ملير ۾ وڃي پهتو.“

”روحن کي عالم ارواح مان سڌو هن دنيا ۾ ڪونه موڪليو ويو. تنهنجو مطلب ته جيڪڏهن عالم ارواح آهي ملير، عمر جو ڪوٽ ٿيڻ گهرجي بهشت عدن. ليڪن ائين به ٿي نٿو سگهي. عمر جي ڪوٽ ۾ مارئي قيدي مثل هئي، پر بهشت عدن ۾ آدم کي هر ڪا آزادگي مليل هئي. چيو وڃي ٿو ته جڏهين آدم بهشت عدن ۾ آيو، تڏهين سندس سٿر مان حوا پيدا ٿي؛ ۽ اتي شيطان اچي کانئس خطا ڪرائي جنهن ڪري خدا مٿس غصي تي کين اهبطو (هيٺ لهو) جو حڪم ڪيو. پوءِ آدم ۽ حوا اچي فرش (يعني هن دنيا) ۾ ڪريا. هاڻي جي کڻي چئجي ته شاهه پنهنجي تمثيل ۾ بهشت عدن جو بيان نه ڪيو آهي (جيتوڻيڪ ”سر مارئي“ ۾ جيڪڏهن پوري تمثيل رکڻي هئس ته ان جو ذڪر ڪرڻ گهربو هوس)، ته سوال ٿو اُٿي ته آدم ۽ حوا ته شيطان جي ڄار ۾ ڦاٿا جنهن ڪري عرش تان هيٺ لهڻو پين؛ ليڪن مسڪين مارئي ڪهڙو گناهه ڪيو هو جو عمر کيس قيد ۾ وٺي ويو. مارئي ته هڪ معصوم ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي، جا پنهنجي ست تي قائم رهي.“

”مان هن رايي جو آهيان ته مارئي تي جا تمثيل مڙهيل آهي سا سراسر اجائي، اڻپوري ۽ دور دراز آهي. نه مارئي روح آهي، نه عمر نفس آهي، نه عمرڪوٽ دنيا آهي، نه آدمي جو جسم عمر جو قيد. منهنجي خيال ۾ ته ائين ٿو اچي ته مارئيءَ واري تمثيل تي زور ڏيڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ جو نه اها دل سان ٿي لڳي ۽ نه اها مارئيءَ جي سيرت کي وڌيڪ وڻندڙ بڻائي ٿي.“

”مارئي پنهنجن عملن ذريعي ثابت ڪيو ته غريبن جي دولت آهي سادگي ۽ دلي بهادري، اخلاق ۽ ايثار، خدا ۾ اعتقاد ۽ پاڻ ۾ ايمان. مارئي سچي سورمي آهي، جا ڪوڙن سنساري سکن کان ونئن ويندڙ آهي. هوءَ اوچن وسترن جي تمنا نه ٿي رکي ۽ نه هن کي نرم بستري جي ئي ضرورت رهي ٿي؛ هن کي گهڻي جي گهرج ڪانهي. هوءَ ٿوري تي راضي ٿي رهي؛ مسڪيني هن جو مڻيو آهي، مارئي جو اخلاق ڪهڙو نه سهڻو آهي!“

اسان جيڪي به رايا پيش ڪيا آهن تن مان ڏسبو ته هڪڙا مصنف ظاهري ۽ تمثيلي معنيٰ ۾ اعتبار ٿا ڪن ۽ ٻيا وري رڳو ظاهري معنيٰ ۾ اعتبار رکن ٿا ۽ چون ٿا ته هن سر ۾ ڪا خاص تمثيل يا تلميح ڏنل ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته انجي جزيات نلميحي يا تمثيلي طور ملي نه ٿي اچي.

ظاهري معنيٰ ۾ سڀيئي مصنف ان رايي جا آهن ته هن سر جو مرڪزي خيال آهي:

وطن جي حب، اعليٰ اخلاق، پاڻ ڏاڍي جي لالچائڻ ۽ دٻائڻ ۾ نه اچڻ، رضا تي راضي رهڻ. تڪليفن ۾ دل نه هارڻ بلڪ انهن کان آجو ٿيڻ لاءِ جدوجهد ڪندي دلي استقامت جو مظاهرو ڪرڻ، عزت نفس.

هتي صرف هڪڙي نقطي تي اختلاف راءِ آهي جو هڪڙا عمر کي انصاف پسند ۽ ٻيا ظالم ڪري ٿا ليکين. جيڪڏهن روچيرام گنگارام سڏاڻي واري عمر مارئي جي آکاڻي، جا هن عمدا دليل ڏيئي ڀٽن واري پاڻي جي بنياد تي بيهاري آهي، تنهن کي جيڪڏهن رقعت جي نگاهه سان ڏسبو ته پوءِ عمر انصاف پسند ۽ اعليٰ ڪردار جو مالڪ نظر ايندو پر جي عام آکاڻي جي حيثيت مسلم مڃبي ته پوءِ عمر ظالم ۽ بدڪردار نظر ايندو. اهو هر هڪ جي وصعت قلب و نظر تي ڇڏيل آهي. منهنجي نظر ۾ مسٽر روچيرام واري آکاڻي وڌيڪ معتبر آهي.

تمثيلي يا حقيقي معنيٰ جي قائلن * مان هر هڪ هي مراد وٺي ٿو:

 (الف) ڊاڪٽر گربخشاڻي:

مارئي مان روح، ملير مان وحدانيت جي وادي يا عالم ارواح، عمر مان نفس، عمرڪوٽ مان هيءَ دنيا، قاصد مان هادي يا رهبر.

(ب) شاهواڻي:

ڊاڪٽر گربخشاڻي واري راءِ جو قائل آهي ۽ چوي ٿو ته اهو سڄو، ”ڪل شيءُ يرجع اليٰ اصله“ جو تفسير آهي.

(ج) قليچ بيگ:

مارئي مان سچو عاشق، عمر مان ظالم ۽ زور ڀريو دنيوي ماڻهو، عمرڪوٽ مان بنديخانو، ملير مان هو جهان، ٻهراڙي جي تماشن مان آخرت جا مزا، زيورن ۽ پوشاڪن مان ڏيک ويک ۽ سينگهار.

(ه) مولوي غلام مصطفيٰ قاسمي:

هن صاحب وري ساڳي شئي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي، عمر مان حيواني طاقت، مارئي مان ملڪي طاقت، ملير مان انهي طاقتن جي ڪم ڪرڻ جو ميدان، کيت مان امام يا اڳواڻ، جنهن جي هٿ مان اقتدار جون واڳون نڪري چڪيون آهن ۽ قوت مان نفس جو همزاد.

عام طور تي ڏسبو ته شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ جتي جتي به ڪنهن حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو آهي ته ان لاءِ ڪا نه ڪا تلميح ضرور پيش ڪئي اٿس. هاڻي اسانکي ڏسڻ گهرجي ته آيا هن سر ۾ به ڪي تلميحون موجود آهن؟

(1) الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،
قالو بليٰ قلب سين تڏهن تت چيوم،
تهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.


(2) جڏهن ڪن فيڪون، من تڏاهڪون مارئين،

تون ڪنءَ وجهين تن کي، سومرا! شڪون،
هميرن هڪون، جاڙ جسي کي پاتيون.


(3) قسمت قيد ڪياس، نات ڪير اچي هن ڪوٽ ۾
ونحن اقرب اليه من حبل الوريد، وطن آن ويندياس،
مارن کي ملندياس، ڪوٺيون ڇڏي ڪڏهين؟
 

(4) ”قيدالماء“ ڪنهن جو، سو مون پاند پئو،
”جف القم بيا هو ڪائن“، وهي قلم ويو،
اي قضا ڪم ڪئو، جن ٿر مارو، آن ماڙئين.

 

(5) هي هنڌ ڀيڻيون هاڻ، ساڙيان سڀ ڏيهين ري
ڪل شيءٌ يرجع اليٰ اصله، ٿي جهڄان جهانگين ڪاڻ،
ڀري پنهنجي ڀاڻ، پسان ملڪ ملير جو.
(6) ڪونه قادر ڪو ٻيو، اُنين جو اڀاڳ،
قل لن يصيب نالاما کتب الله، اي معذرت ماڳ،
سڀوئي سڀاڳ، مارئي مساوي ٿيو.

(7) چرن، چڻڪن چت ۾، وساريان، ڪين ورن!
ڪنا عهد الست جي، ڪ تهائين پري،
لم يلد ولم يولد، مارئي ڪوهه ڪري،
اڄ ڪ ڪال مري، ساري سانبيڙن کي!

(8) چرن، چڻڪن جت ۾، وساريان ڪين ورن!
”لس ڪمثله شيء“ پسڻ ناهه پرين!
پکها پهنوارن، نيئي اڏيا ناهه ۾.

 


پيش ڪيل بيتن ۾ هيٺيون تلميحون نظر اچن ٿيون:

1.      الست بربڪم (قرآن) ڇا، مان اوهانجو رب نه آهيان؟

2.      قالو بلا (قرآن) سڀني چيو ته هائو.

3.      ڪن فيڪون (قرآن) ٿيءُ، پوءِ ٿئي ٿو.

4.      ونحن اقرب اليه من حبل الوريد (قرآن).

 اسين هن (انسان) کي ڪنڌ جي رڳ کان به ويجها آهيون.

5.      جف القلم بيا ڪائن

حديث) جيڪي ٿيڻو هو سو لکي، قلم سڪي ويو.

6.      ڪل شيءٌ يرجع اليٰ اصله

(حديث) سڀڪا شي پنهنجي اصل ڏي موٽي ٿي.

7.      قل لن يصيبنا الاماکتب الله

(قرآن) چئو ته ڪابه مصيبت اسان کي نه رسندي، سواءِ انهيءَ جي جا خدا اسان جي حق ۾ لکي آهي.

8. لم يلد ولم يولد (قرآن)

هو (خدا) نڪي ڄڻي ٿو نڪي ڄائو آهي.

9. ليس ڪمثله شيءٌ (قرآن)

 ڪابه شي ان (خدا) جهڙي نه آهي.

مٿي ڏنل تلميحون قرآن شريف ۽ حديث مان ورتل آهن ۽ جيڪڏهن هن سر جو ڀليءَ ڀت اڀياس ڪبو ته ڏسبو ته گهڻو ڪري سڄو ڪلام انهيءَ گهيري ۾ ڦرندو نظر ايندو. جنهن مان صاف پيو ڏسجي ته شاهه هن سر ۾ پڻ ٻين سرن وانگر اندروني معنيٰ به رکي آهي.

جيڪڏهن انهن تلميحن کي جاچبو ته انهن مان ڌڻي تعاليٰ جي وحدانيت، سندس ربوبيت جو اقرار، قادر مطلق ۽ قريب هئڻ، راضي برضا رهڻ ۽ اصل ڏي موٽي هلڻ جا ڪنايه ۽ اشارا ملندا. تنهنڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته جيڪا تمثيلي مراد هن سر مان ڪڍي ويئي آهي سا موزون، موافق ۽ قرين قياس معلوم ٿئي ٿي.

باقي رهي مسٽر ڀمڀاڻي جي تنقيد تنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هن صاحب واقعات جي جزيات تي ويهي جرح ڪئي آهي جا کيس، شاهه جي ڪلام جي اڀياس جي مدنظر، نه ڪرڻ کپندي هئي. شاهه صاحب حرف بحرف آکاڻي ڪانه ويهي پيش ڪئي آهي پر هن رڳو اشارن ۽ ڪناين کان ڪم وٺي پنهنجو مفهوم ۽ مافي الضمير ظاهر ڪري، هڪ سهڻو درس ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

هو صاحب چوي ٿو:

1. روح کي جسم ۾ بند ڪيو خدا ۽ مارئي کي عمر کڻي آڻي بند ڪيو، تنهن ڪري عمر شيطان ٿي نٿو سگهي.

2. شيطان کي ڪهڙي طاقت جو عالم ارواح ۾ وڃي سگهي؟ عمر ته ملير وڃي پهتو.

3. روحن کي عالم ارواح مان بهشت عدن ۾ ۽ اتان پوءِ هن دنيا ۾ آندو ويو ليڪن مارئي کي ملير مان آڻي سڌو عمرڪوٽ ۾ بند ڪيو ويو.

4. آدم ۽ حوا ته شيطان جي ڄار ۾ ڦاٿا جنهن ڪري هيٺ لهڻو پين پر مسڪين مارئي ڪهڙو گناهه ڪيو هو جو عمر کيس قيد ۾ وٺي ويو.

جيڪڏهن پهرئين اعتراض کي وزنائتو سمجهبو ته سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڦوڳ جو ڪردار ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ اهو رڳو انڪري جو هن جزيات سان بحث ڪونه ڪيو آهي. شاهه جو ڪلام ڪو شيڪسپيئر جون تمثيلون يا الف ليليٰ جون آکاڻيون يا موجوده دور جي نقد و نظر جي اصولن مطابق بهاريل ڊراما يا دماغي دم پختا نه آهن جن تي ان قسم جي تنقيد جائز سمجهي وڃي.

(2) ٻيو اعتراض عالم ارواح تي آهي جنهن کي تمثيل پيش ڪندڙ وحدت جي وادي يا عالم ارواح چون ٿا. ان موجب وحدت جي وادي اها ئي آهي جتي حضرت آدم ۽ بيبي حوا (هڪ روح ٻئي روح سان) گڏجي خوش ٿي پئي گهاريو. يعني بهشت عدن ۽ وحدت جي وادي ۾ ڪوبه فرق نه رهيو.

اهو ته ظاهر آهي ته شيطان بهشت عدن ۾ پهچي حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي ڪڻڪ جو داڻو کارائي خطا ڪرائي يعني شيطان عالم ارواح يا وحدت جي وادي يا بهشت عدن ۾ پهچي سگهي ٿو. جنهن ڪري هي اعتراض پنهنجو پاڻ ختم ٿي وڃي ٿو.

(3 ۽ 4) هنن اعتراضن ۾ عالم ارواح ۽ بهشت عدن به ڌار ڌار شيون ڪري مڃيون ويون آهن ۽ حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي خطاوار ۽ مارئي کي بيقصور ٺهرايو ويو آهي. حالانڪه ائين نه آهي. عالم ارواح ۽ بهشت عدن پيش ڪيل تمثيلن جي نقطه نظر کان ساڳي شيءِ آهن پر انهيءَ کي به ڇڏي معترض جي اعتراض کي بحث خاطر کڻي مڃبو. اهو ته سڀڪو ٿو مڃي ته مارئي کي عمر کوهه تان اچي کنڀيو ۽ نڪي ڪي سندس گهر مان. ڀلا مارئي کي ايتري دير ڇو ٿي؟ ٻيا سڀ ماڻهو پاڻي ڀري هليا ويا ۽ مارئي اتي ڇو رهجي ويئي؟ سو رڳو انهيءَ جي ڪري جو هوءَ غفلت جي ننڊ ۾ سمهي رهي ۽ اوير ٿي ويس جنهن ڪري وارو دير سان آيس ۽ جڏهين عمر پهتو ته کوهه تي اهڙي ڪا پهر ڪانه هئي جا کيس کڻي ترت بچائي وٺي.

مطلب ته حضرت آدم جي خطا ڪئي ته مارئي به غفلت ڪري عيش جي ننڍ ستي ۽ اهو ڏينهن ڏسڻو پيس.

مسٽر ڀمڀاڻي تنقيد جي جن جديد اصولن کي اڳيان رکي اعتراض ورتا آهن سي ساڳين ئي اصولن موجب پنهنجو پاڻ ختم ٿي ٿا وڃن.

ڪن ليکڪن انهيءَ سر کي سياسي رنگ، ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي نه ڪي حج جي فلسفي تي روشني وجهڻ گهري آهي. مطلب ته سڀڪنهن شخص پنهنجي پنهنجي فهم ۽ عقل آهر ويهي نڪتا ڪٺا ڪرڻ جي ڪوشش ورتي آهي. تنهن لاءِ آءٌ جناب محسن علي جا راءِ پنهنجي ڪتاب ”سر مارئي“ ۾ پيش ڪئي آهي، تنهن جي پٺ ڀرائي ڪندس. هو لکيٿو:

”شاهه صاحب جي هن سر مان هڪ محب وطن، وطنيت ۽ قوميت جو سبق ٿو پرائي؛ هڪ انقلابي ذهن، استعماريت ۽ آمريت جي ڪڙن، ڪوٽن ۽ قيدن ۾ رهندي به جهاد جو جهنڊو بلند ڪرڻ جو درس ٿو وٺي. هڪ صوفي، پنهنجي محبوب جي رهاڻ جو رس ٿو وٺي ۽ پنهنجي اصلوڪي ماڳ ڏانهن جلدي موٽي وڃڻ لاءِ تانگهي ۽ تاڻي ٿو؛ هڪ اڳواڻ صبر، استقلال ۽ همٿ سان هيبت ۽ حشمت کي منهن ڏيڻ، فريب، مڪر ۽ لالچ جي ڦندي ۽ ڪوڙڪي مان نڪرڻ جي لازوال ڪوشش ٿو ڪري. اهو سبب آهي جو جدا جدا مصنف پنهنجو رايو ڏيو اڳتي وڌيو وڃن.“

پڇاڙيءَ جو آءٌ پنهنجي راءِ ورجائيندي چوندس ته شاهه لطيف مارئي انهيءَ ڪري ڳائي جو هڪ ته شاهه عنايت جهڙي بزرگ، جنهنجو لال لطيف جي ڪلام تي گهاٽو اثر پيو آهي، تنهن کيس مارئي جون خوبيون ٻڌايون ۽ انکي واکاڻيو ۽ ٻئي طرف پاڻ به ان کي ڀليءَ ڀت پروڙيائين جنهنڪري ان ۾ ڪيترائي نڪتا نظر آيس، جن هن کي وڌيڪ همٿايو ته هو مارئي ڳائي.

شاهه جي پيش ڪيل ڪلام ۾ سر مارئي جو مرڪزي خيال ظاهري معنيٰ جي لحاظ کان وطن جي حب، دل جي همت ۽ اعليٰ اخلاق آهي ۽ تمثيلي معنيٰ جي لحاظ کان آهي، ”ڪل شيءٌ يرجع اليٰ اصله“ جو تفسير.

جهڙي آيس جي، تهڙي ملان تن کي،
ڦران، ڦر چاريان، هيون چئيم هي،
وڃان ڪنءَ وطن ڏي؟ ڪاڻ لهنديم ڪي؟
مدائتي ميه، سنهان سرتين وچ ۾.
       

**

سونهن وڃايم سومرا! وطن وڃان ڪينءَ،
حسن ڌاران هيننءَ، پسان ڪنءَ پنهوار کي.
(شاهه)


        *    هتي هي به ياد رکڻ گهرجي ته مولوي غلام محمد خانزئي ”منهاج العاشقين“، جنهنجو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر دائود پوٽه صاحب ڪيو آهي، ۾ به جيڪي روحاني رمزون ٻڌايون آهن سي به مٿي قائم ڪيل دئراي کان پري ڪو نه ٿيون وڃن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com