سيڪشن؛ لسانيات 

ڪتاب:سنڌيءَ جو عروض

 

صفحو :1

سنڌيءَ جو عروض

مرزا سڪندر علي بيگ

ناشر طرفان

سنڌي زبان جي واڌ ۽ ويجهه لاءِ جتي اهو ضروري آهي ته سنڌي زبان ۾ مختلف موضوعن تي گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا وڃن اُتي اهو به تمام ضروري آهي ته سنڌي پڙهندڙ کي سنڌي زبان جي بنيادي جوڙجڪ کان واقف ڪيو وڃي.

سنڌي شاعري جن مختلف مرحلن مان گذري موجوده دور جي شاعريءَ تائين پهتي آهي، انهن ۾ هڪ وڏو مرحلو عروضي شاعريءَ جو به رهيو آهي. انهيءَ شاعريءَ جي بنيادي جوڙجڪ سمجهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ماڻهوءَ کي علم عروض جي ڄاڻ هجي.

اسان مٿيون ٻئي ڳالهيون ذهن ۾ رکي هي ڪتاب ”سنڌيءَ جو عروض“ اوهان جي هٿن ۾ ڏنو آهي ۽ اسان کي اُميد آهي ته جيئن سنڌي زبان جي ترقيءَ جي ڏس ۾ سنڌي زبان ۽ ادب جي ٽيڪنيڪي مسئلن تي اسان اڳ ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي‘، ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘، ’سنڌي ٽائيپ رائٽنگ جي سکيا‘، ’سنڌي شارٽ هينڊ‘ ۽ ’سنڌي انگريزي لغت‘ جهڙا ڪتاب ڇپائي چڪا آهيون، تيئن هيءُ ڪتاب به پڙهندڙن لاءِ ڪارائتو رهندو.

 

مهتاب اڪبر راشدي
 

   فهرست

مضمون

ناشر طرفان

مقدمو

صفحو

 

الف

        باب پهريون

علم عروض جي بيان ۾

شعر جي لغوي معنيٰ

شعر جي تعريف

ڪلام جي تعريف

وزن

قافيه

موزون ۽ ناموزون

بيت

بيت جا جزا

مٿين لفظن جي لغوي معنيٰ ۽ مناسبت

مصراعن ۽ بيتن جي تقسيم

 

باب ٻيو

اصول ارڪان

اجزائي ثانيه (عروض جا رڪن)

ذڪر ڪيل رڪنن کي هيٺئين ريت سمجهڻ گهرجي

 

       باب ٽيون

بحر جي تعريف

مفرد بحرن جا نالا ۽ وزن

مرڪب بحرن جا نالا ۽ وزن

فڪر بحور

دائرهء مجتلبه

دائرهء موتلفه

دائرهء متفقه

دائرهء مختلفه

دائرهء مشتبه

 

           باب چوٿون

زحافن جو بيان

زحافن جا قسم

زحافن جي لفظي معنيٰ

زحافات مفاعيلن

مفاعيلن جا فروع

زحافات فاعلاتن (متصل)

فاعلاتن جا فروع

زحافات فاعلاتن (منفصل)

فاع لاتن جا فروع

زحافات مستفعلن (متصل)

مستفعلن جا فروع

زحافات مس تفع لن ( منفصل)

مس تفع لن جا فروع

زحافات مفعولات

مفعولات جا فروع

زحافات مفاعلتن

مفاعلتن جا فروع

زحافات متفاعلن

متفاعلن جا فروع

زحافات متفاعلن

متفاعلن جا فروع

زحافات فعولن

فعولن جا فروع

زحافات فاعلن

فاعلن جا فروع

معاقبه

تسڪين اوسط

مراقبه

تخنيق

 

باب پنجون

تقطيع جا قسم ۽ تعريف

تقطيع ۾ وڌائڻ وارن حرفن جو بيان

تقطيع ۾ ڪيرائڻ وارن حرفن جو بيان

ساڪن حرفن جي بيان ۾

ساڪن حرفن کي متحرڪ بنائڻ جو بيان

 

باب ڇهون

بحر هزج

بحر رمل

بحر رجز

بحر ڪامل

بحر وافر

بحر متقارب

بحر متدارڪ

بحر منسرخ

بحر بسيط

بحر مقتضب

بحر مضارع

بحر مجتث

بحر طويل

بحر مديد

بحر سريع

بحر خفيف

بحر جديد

بحر قريب

بحر مشاڪل

 

باب ستون

شعر جا قسم

قصيده

غزل

مثنوي

رباعي

مستزاد

فرد

 قطعه

ترڪيب بند

ترجيح بند

مسمط

مثلث

مربع

مخمس

مسدس

متسبع

مثمن

مسبع

معشر

مناجات

نعت

منقبت

مرثيه

سلام

 نوحه

ندبه

واسوخت

شهر آشوب

مدح

هجو

هزل

سهرو

ربختي

معمه يا ڳجهارت

تضمين

اقتباس

عقد

تصرف

سه حرفي

تاريخ گوئي

 

باب اٺون

چند ضروري اصطلاحن جي تعريف

علم عروض جي لفظن ۽ اصطلاحن جي انگريزي ۽ فارسي ۾ فرهنگ

فطعهء تاريخ

ماخذ

ڀلنامو

مقدمو

”علم العروض“ قديم عربي اشعار جي علم اوزان جو اصطلاحي نالو آهي. ڪڏهن ڪڏهن، ائين به آهي ته ”علم العروض“ ۽ ”علم الشعر“ ٻئي ”علم نظم اشعار“ جي مفهوم ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ اُن وسيع تر مفهوم، علم العروض ۾ نه فقط علم اوزان جا اشعار شامل ٿين ٿا، بلڪه، علم قوافي (مفرد قافيه) به، ليڪن بالعموم القوافي (يعني قافيه متعلق قاعدا) کي جدا علم سمجهو وڃي ٿو ۽ علم العروض کي اُن کان زياده صحيح مفهوم يعني علم اوزارن تائين محدود رکيو وڃي ٿو.

اهڙي طرح عرب، ”ماهرينِ لغت“ مذڪور علم جي تعريف هيئن ڪن ٿا. ”العروض علم باصول يعرف بها صحيح اوزان الشعر وفا سدها“ (عروض اُنهن قاعدن جي علم جو نالو آهي جنهن جي ذريعي اشعار جي صحيح ۽ غلط اوزان ۾ تميز ڪري سگهجي).

ڪن عرب نحوين جو خيال آهي ته لفظ عروض جو مفعوم ”علم الاوزان“ آهي ۽ لفظ عروض جي لغوي معنيٰ (خيمي جي وچ واري ڪاٺي) جي قياس تي مبني آهي. صاحب ”لسان العرب“ ابن منظور کان پڻ منقول آهي ته مذڪور اصطلاح اُن ڪري استعمال ٿيو جو خليل هن علم کي مڪي ۾ وضع ڪيو ۽ مڪي جو پڻ هڪ نالو ”عروض“ آهي. جارج جيڪب اهو ٻڌائي ٿو ته، ”ديوان الهند“ ۾ هڪ اهڙي قطعه موجود آهي جنهن ۾ نظم کي سرڪش اُڏامڻ واري يا هلندي هلندي بيهي رهڻ واري ”ڏاچي“ (عروض) سان تشبيهه ڏني وئي آهي، جنهن کي پوءِ شاعر قابو ۾ آڻي ٿو.

سڀ کان معقول سبب اهو ئي آهي جيڪو لفظ عروض جي مادي معنيٰ (يعني خيمي جي ڪاٺي) تي مبني آهي ۽ پڻ ان مستعار معنيٰ تي مبني آهي، جيڪا ان علم اوزان ۾ حاصل ڪيل آهي.

بهرحال جهڙي طرح زر ۽ جواهر ساهمي ۾ توريا وڃن ٿا، تهڙي طرح شعر تورڻ جو ميزان پڻ عروض آهي. جيئن ته هر شعر چوڻ واري کي ٿوري گهڻي عروض سان مناسبت رکڻ ضروري آهي. جيتوڻيڪ ڪو شاعر چئي سگهي ٿو ته منهنجي طبع موزون خود ميزان آهي، جا قدرتي ميزان آهي، جنهن جي سببان هر ڪا تريل مصرع منهنجي زبان مان نڪري ٿي مگر جڏهن شاعر مختلف اصناف سخن ۾ طبع آزمائي ڪري ٿو، ته ڪڏهن انکي اهڙي به بحر سان واسطو پئي ٿو جيڪو کيس گردابِ حيرت ۾ وجهيو ڇڏي. اهڙي موقعي تي بجز ان جي ڪو ٻيو چارو نه آهي ته هو علم عروض سان واسطو رکي.

عروض هڪ مثل درياه جي آهي، جنهن تان عبور حاصل ڪرڻ عروضين جو ئي ڪم آهي. انهيءَ درياهه ۾ ڪيتريون ئي موجون آهن. بحرن جو استخراج، انهن جا تغيرات، زحافن جا گوناگون تصرفات وغيره وغيره، پوءِ ان مان جيڪو ٽوٻو، گوهر مقصود هٿ ڪري ٿو، سو آهي شعر جو وزن، جنهنکي بحر چون ٿا.

هن مختصر ڪتاب ۾ چند خصوصيتون هي آهن، يعني اهي بحر ڏنل آهن، جي اهل سنڌ جي مذاق موافق ۽ سنڌي شاعري جي سر زمين تي جاري ۽ ساري آهن، جنهنڪري هن ڪتاب جو نالو پڻ ”سنڌيءَ جو عروض“ رکيو ويو آهي ۽ هر بحر کي نمبر ڏنو ويو آهي ته جيئن مختلف ٻين بحرن سان مخلوط نه ٿين. هڪڙي ئي وزن مان جيڪڏهن ڪيتريون ئي ٻيون صورتون پيدا ٿين ٿيون ته اُنهن بابت آسانيءَ سان سمجهايو ويو آهي ته اُهي هڪ ئي بحر آهن، يعني شعر جي ڪنهن مصرع ۾ ڪا هڪ صورت آهي ۽ وري ٻي مصرع ۾ ڪا ٻي صورت آهي ته اُهو جائز ۽ درست آهي. بحرن جا درجا پڻ قائم رکيا ويا آهن، ڇو جو لطفِ سخن ۾ بحر کي وڏو دخل آهي.

سڀ کان پهرين عربيءَ جو علم عروض جنهن استخراج ڪيو، تنهن جو نالو ”خليل“ ابن احمد بصري بن فراهيد بن مالڪ بن نهم بن عبدالله بن مالڪ بن مضر بن اُزدي آهي. بقول ابن عماد، خليل سن 100 هه(سن 718ع) ۾ آچر ڏينهن تولد ٿيو جنهن جي تاريخ ميلاد لفظ (يوم الاحد) مان نڪري ٿي.

مشهور آهي ته خليل ابن احمد اهڙو ته هوشيار ۽ ذهين هو جو هن سمورا، حروف تهجي، هڪ شعر ۾ منضبط ڪيا جيڪي بحر بسيط ۾ آهن.

الحريري ۽ ابن خلڪان کان منقول آهي ته ”الخليل“ مختلف اوزان کي تڏهن محسوس ڪيو، جڏهن بصري جي بازار ۾ ٺاٺارن جي دڪانن مان ٽامي جي ٿانون کي ٺاهڻ وقت هٿوڙي جي لڳڻ سان جيڪي آواز پئي نڪتا. جنهن بعد علم عروض جي وضع ڪرڻ جو کيس خيال پيدا ٿيو يا ٻين لفظن ۾، قديم نظمن جي ساخت ۾ وزن جو تعين ڪرڻ.

مذڪور روايت، سڀني کان پهرين ”الحاحظ“ بيان ڪئي آهي. هو چوي ٿو ته ”الخليل“ پهريون شخص هو جنهن مختلف بحرن ۾ سڃاڻپ ڪري ڏيکاري يعني اهو پهريون اهڙو شخص هو جنهن ٻُڌي ڪري، قديم اشعار جي مختلف، موزون ساختن کي پڌرو ڪيو، ۽ اهو به، ته هن سڀ کان پهرين انهي موزونيت جو تجزيو ڪري، انهن کي عروضي عنصرن ۾ تقسيم ڪيو. سندس نظريه جي جزئيات ۾، متاخرين اضافو ڪيو پر انهن اضافن کان بنيادي تصور ۾ ڪو فرق نه پيو.

”غيب منسجم“ ۾ مذڪور آهي ته خليل هڪ بيت جي تقطيع ڪري رهيو هو ته سندس پٽ، پيءُ جا الفاظ ٻڌي، پيءُ جي دوست کي وڃي ٻڌايو ته هو چريو ٿي پيو آهي ۽ وتي ”افاعيل تفاعيل“ بڪندو. جنهن بعد اُهو دوست خليل جي عيادت لاءِ وٽس آيو ۽ کيس سندس پٽ واري ڳالهه کان آگاه ڪري چيائين ته مان توکي پڇڻ لاءِ آيو آهيان. خليل ٻڌڻ سان رنجيده ٿي پٽ ڏانهن مخاطب ٿي هڪ قطعه چيائين:

لوڪنت تعلم مااقول عذر تني

لڪن جهلت مقالتي فعذلتني

اوڪنت اجهل ماتقول عذلتڪا

و علمت انڪ جاهل فعذرتڪا

يعني:- جيڪڏهن تون ڄاڻي ها، ان ڳالهه کي جيڪي مان چئي رهيو هوس، جيڪڏهن مان اڻواقف هوس، جيڪي ڪجهه تو چيو آهي ته آءٌ توکي برو ڀلو چوان ها، (پر) تو منهنجي ڳالهه نه سمجهي (پاڻ) مون تي ملامت ڪيئي (هاڻي) مان سمجهي ويس ته تون جاهل آهين مون توکي معاف ڪيو.

منقول آهي ته خليل اهو پڻ پڪو ارادو ڪيو ته هڪ ترازو يا هڪ اهڙو حساب ايجاد ڪري جنهن کان خريد فروخت ۾ دڪاندارن کان ڪو ڌوڪو نه کائي سگهي، سو اهڙي خيال ۾ هڪ دفعي اهڙو ته محو ٿيو جو وڃي هڪ ٿنڀي سان ٽڪر کاڌائين، جنهن کان منهن ڀر ڌڪو کاڌائين جنهن جي سببان آچر رات سن 170 هه (سن 786ع) ۾ فوت ٿي ويو. سندس تاريخ وفات (ليل يوم الاحد) آهي.

جڏهن عربي شعر پنهنجي انتهائي عروج ۽ ڪمال تي پهتو تڏهن پارسي شعر جي ابتدا ٿي. ڪن جي قول مطابق عضدالدوله ديلمي جي عهد ۾ جيڪو سن 352 هجري (963ع) ۾ فارس تي مسلط ٿيو. قصر شيرين سلامت هو، ان قصر جي عبارت ۾ هي قديم فارسي شعر ملي ٿو.

هڙيرا به ڪيهان انوشه بزي

جهان را نگهبان و نوشه بزي

مٿين فارسي شعر جو وجود قبل از اسلام آهي. منقول آهي ته ان زماني کان پهرين بهرام گور پڻ شعر چيو آهي.

منم آن پيل دمان و منم آن شيريله

نام بهرام مرا و پدرم بو جبله

ڪن جي قول مطابق ثاني مصرع بهرام جي محبوبه دلارام جنگي جي چيل آهي.

بعده، بعهد اسلام، بقول صاحب ”خزانهء عامره“ سن 193 هه ۾ عباس مروي مامون رشيد جي مدح ۾ ڪجهه اشعار نظم ڪيا جنهن جو مطلع هي آهي:

اي رسانيده بدولت فرق خود تا فرقدين

گسترا نيده بجود و فضل در عالم يدين

وري سن 251 هه جي لڳ ڀڳ حڪيم ابو حفص سعدي سمر قندي بحر رمل ۾ هي شعر چيو.

آهو کوهي دردشت چڱو نه دودا

چون ندارد يار چڱو نه رودا

المختصر سن 400 هه جي شروعات ۾ رودڪي فارسي شعر کي ڪمال تي پهچايو ۽ فردوسي طوسي ميدان شعر کي سر ڪيو ۽ ان کانپوءِ فارسي شعر عروجِ ڪمال تي پهتو جنهن بابت ڪيترن ئي تذڪرن مان ثابتيون ملن ٿيون.

ترڪي ۽ فارسي ۾ فقط اهو تفاوت آهي ته جيڪي بحر استعمال ڪيا وڃن ٿا سي عربي جي مستعمل بحرن کان تعداد ۾ ڪي قدر گهٽ آهن ۽ عربي جا ڪي خاص بحر مثلاً طويل، بسيط، ڪامل، وافر ۽ مديد عام طرح ڪتب آڻين ٿا.

المختصر جهڙي طرح دنيا جي مشهور قديم ماهرن يعني يوناني عروضين، يورپ وارن (مثلاً جرمن مستشرق گويارڊ) ترڪن ۽ هندي وارن وغيره وغيره، پنهنجي پنهنجي موزون شاعري تخليق ڪئي تهڙي طرح قديم سنڌين به پنهنجي شاعريءَ جي طرز وضع ڪئي.

سنڌ ۾ عروضي شاعري جو وجود ۾ اچڻ، تنهن موزون شاعري جي شروعات، عرب حڪومت جي دؤر ۾ ئي ٿي چڪي هئي. جنهن ۾ سمورا اوزان عربي وارا استعمال ڪيا ويا. ان وقت جا ڪيترائي عربي ٻولي جا سنڌي شاعر ٿي گذريا آهن، جن مان، ”ابوالعطاالسندي“ جو نالو عربي ادب جي انجيل تذڪره ”الحماسه“ ۾ عربي جي عظيم ترين شعراءِ ۾ آيو آهي. عربي لغت جو راس رئيس ابن الاعرابي 231 هه (845ع) ابوالعطا جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته ”اصمعي ۽ ابو عبيده جون غلطيون پيو ڪڍندو هو.

سنڌ جو مشهور شاعر ابوالعطا نه رڳو سنڌ ۾ بلڪه سنڌ کان ٻاهر نڪري عرب ملڪن ۾ به پنهنجو ۽ پنهنجي وطن جو نالو روشن ڪيائين. هن اُمين جو آخري دؤر ۽ بني عباس جي عهد جي شروعات پڻ ڏٺي. ”نتف من شعر ابي عطاء السندي“ 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿي چڪو آهي.

چوٿين هجري/ ڏهين صدي جا ڪي مورخ سياح ۽ جاگرافيدان سنڌ ۾ فارسي زبان جي روز افرون مقبوليت جي طرف اشارا ڪن ٿا.

بلوچستان ۾ سنه 329 هه (940ع) جي لڳ ڀڳ فارسي جي هڪ مشهور شاعره هئي، جنهن جو نالو رابعه بنت ڪعب القصداري هو. اهو امر ثابت ٿو ڪري ته ان زماني ۾ سنڌ (بلوچستان) ۾ فارسي شاعري جو چڱو خاصو رواج ۽ اها پڻ تاريخي ۽ ادبي حقيقت خاص طور قابل ذڪر آهي ته پاڪستان ۾ فارسي ادب جو آغاز سنڌ (بلوچستان) مان ٿيو.

فارسي شاعري جي هزار ساله باقاعده ابتدا غزنوي دؤر کان ٿي. سلطان محمود غزنوي (88 هه/ 998ع/421 هه/ 1030ع) برصغير ۾ فاتحانه جنگيون وڙهيو. سلطان محمود ترڪ نزاد هئڻ جي باوجود پنهنجي وسيع سلطنت ۾ سياسي ثقافتي نظام قائم ڪيو. فارسي شعر و ادب ۽ علم حڪمت جو صحيح سرپرست هو. هن جي دؤر ۾ فارسي شاعري جي صحيح روايت غزنه کان سنڌ تائين پهتي. سلطان سن 401 هه (1010ع) ۾ ملتان کي ۽ سن 416 هه (1025ع) ۾ منصوره (سنڌ) کي فتح ڪيو. جنهن بعد سن 417 هه ۾ وزير عبدالرزاق سيوهڻ ۽ ٺٽي تي قبضو ڪري، عرب حڪومت جو خاتمو ڪيو.

حضرت عثمان مروندي قلندر شهباز، متوفي 650 هه (1252ع) جو فارسي ڪلام موجود آهي جيڪو تغلق دؤر ۾ سنڌ ۾ آيو.

شيخ عيسيٰ متوفي سن 832 هه (سن 1428ع)، ڄام نظام الدين سمو حاڪم متوفي سن 914 هه (سن 1508)، مخدوم بلال متوفي سن 940 هه (سن 1523ع) از انسواءِ شيخ محمد جمالي، هنن جو فارسي ڪلام ”مقالات الشعرا“ ۾ پڻ موجود آهي.

ارغون ۽ ترخان حڪمران، سمورا شاعر هئا ۽ صاحب دواوين ٿيا. هنن کان پوءِ مغل حڪمران ۽ سندن نواب پڻ اڌ کان مٿي شاعر هئا جن مان ڪيترن فارسي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيو. ڪلهوڙا ۽ ٽالپور به شاعر ۽ صاحبِ دواوين هئا.

بهرحال فارسي شاعري ۽ ادب جي تاريخ ۾، ظاهر آهي ته سرزمين سنڌ جي اها خدمت ڪا معمولي خدمت نه هئي بلڪ علمي دنيا ۾ هڪ ضرب الثمل جي حيثيت رکيٿي.

سنڌي عروضي شاعري جو مغلن جي آخري دؤر کان آغاز ٿيو. بقول صاحب ”سنڌي غزل جي اوسر“

نور محمد خسته، ٽکڙ جي پراڻي ڳوٺ وسين ۾ ٻارهين صدي هجري ۾ رهندو هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي شاگردن مان هو. سن 1130 هه (1717ع) ۾ حيات هو. سندس هڪ غزل جا هيٺيان شعر وقت جي واچوڙي کان بچي ويا آهن.

تابر افگندي از رخ تو نقاب

محب ماڻا نه ڪر مٺا مون سان

تابش حسن بي مثال تنهنجي

حشر ٿيو آفتاب لايو تاب

خوبرو خصلتون سکين ٿو خراب

بره ڏيئي وري ڪيو بيتاب

زير بحث دؤر کان اسان جي سنڌي عروضي شاعري جو آغاز ٿيو. جنهنکي اڳتي هلي، ڪلهوڙا ۽ ٽالپور دؤر جي ٻن حيات جاويد شاعرن يعني سيد ثابت علي شاهه ۽ سچل سرمست صحيح معنيٰ ۾ عروج ڪمال تي رسايو. اها آهي سنڌي عروضي شاعريءَ جي آغاز جي مختصر تاريخ.

فن عروض، جيڪو بلاغت جو نهايت مشڪل ۽ خشڪ مضمون آهي ۽ بيڪار طوالت سببان مشڪل سان سمجهه ۾ اچي ٿو ۽ ان جي بحرن ۽ علي الخصوص زحافن کان طبيعت بيزار ٿيندي آهي، تنهنکي مون نقشن جي ذريعي ۽ اختصار کان ڪم وٺي ايترو ته آسان ۽ دلچسپ ڪيو آهي، جو اُميد ته طلبه ۽ ديگر شائقين حضرات پڙهڻ بعد، نهايت لطف اندوز ٿيندا ۽ آساني سان ياد ڪري سگهندا.

اڪثر عروض جي ڪتابن ۾ جيڪي بحرن جا دائرا ڏنا ويا آهن سي مون عمداّ ترڪ ڪيا آهن. ڇو جو استخراج بحرن سان هاڻي ڪنهن کي به ڪا دلچسپي ناهي. تقطيع جا قاعدا هڪ خاص طريقي سان خانه دار سمجهايا ويا آهن ته جيئن تقطيع جا اصول آساني سان سمجهه ۾ اچي سگهن. اهو به ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته مشڪوڪ ۽ مختلف مسائل، جن ۾ خود متقدمين جو پاڻ ۾ سخت اختلاف آهي ۽ انهن متعلق ڪابه ڳالهه اڃا طئه نه ٿي آهي، تن کي به عمداّ ترڪ ڪيو ويو آهي.

ڪتاب ۾ سمجهاڻي سان گڏ سمورن بحرن جا سنڌي مثال ڏنا اٿم، جن جي پڙهڻ سان شائقين، طلبه ۽ شعراءِ ڪرام خاطر خواه حظ حاصل ڪندا. جيڪي حضرات نگاه غور سان پڙهندا ۽ سمجهي سگهندا ته عروض ۽ شاعري جي مابين ڪهڙا ڪهڙا طبعي اصول وغيره آهن، تنکي سمجهڻ کانپوءِ اهڙيون اوڻائيون يا غلطيون هرگز سر زد ٿي نه سگهنديون. جيڪي عام طرح ٿينديون رهن ٿيون.

الحمد لله سنڌي ٻولي جو دامن اصل کان ئي مالا مال ۽ وسيع آهي ۽ ترقي يافته زبانن جي مجلسن ۾ پڻ ڪرسي نشين آهي تنهنڪري ائين نه سمجهڻ گهرجي ته هي (علم عروض) سنڌيءَ ۾ ڪا نئين ڳالهه آهي، ائين هرگز نه آهي.

مٿي ڏنل احوال ۾ ثابت ٿي چڪو آهي ته علم عروض سنڌ ۾ عرب دؤر ۾ ئي رائج ٿي چڪو هو، جنهنکي غزنوي دؤر وسيع ڪيو ۽ پوءِ بتدريج ان جي ارتقا ٿيندي رهي. بسا اوقات عروض جا سمورا اهم مسائل ملخص طريق سان ناظرين جي پيش خدمت آهن اُميد ته سنڌي عروض جا شائقين حضرات اُن مان فائدو حاصل ڪندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org