قرآن مجيد جو ترجمو ڪيئن ڪجي؟
بسم الله الرحمٰن الرحيم
سڀ ڪا ساراهه الله پاڪ کي سونهي ٿي، جيڪو نعمتون عطا ڪندڙ،
حڪمتن ۽ ڳجهين ڳالهين کي دل ۾ وجهندڙ آهي. ڪامل
صلواتون ۽ سلام انسانن جي سردار تمام انسانيت جي
استاد، پنهنجي واضح خطاب سان ڪتاب الله کي بيان
ڪندڙ تي ۽ سندس آل تي ۽ مڙني صحابين تي هجن.
حمد ۽ صلواة کان پوءِ الله ڪريم جي رحمت جو محتاج ولي الله پٽ
عبدالرحيم جو چئي ٿو ته قرآن ڪريم جي ترجمي جي
اصولن ۽ قاعدن بابت هي هڪ رسالو آهي، جنهن جو نالو
”المقدمة في قوانين الترجمة“ آهي. هي ان وقت لکڻ ۾
آيو، جڏهن آئون قرآن مجيد جو ترجمو لکي رهيو هوس.
الله ئي حق جي رستي ڏانهن واٽ ڏيکاريندڙ آهي. ڪنهن
به زبان جي ترجمي ڪندڙ جون ترجمي ڪرڻ ۾ جدا جدا
واٽون هونديون آهن. ڪي ته هر هڪ لفظ جي هيٺيان ان
جو ترجمو لکندا ويندا آهن ۽ پڇاڙي تائين ائين ئي
ڪندا ويندا آهن، انهيءَ کي تحت اللفظ يا لفظي
ترجمو سڏبو آهي.
ڪي مترجم وري اڳ ۾ پوري عبارت کي سوچيندا آهن. مجاز، ڪنايي ۽ اڳ
پوءِ کي ڄاڻي ان عبارت جي پوري معنيٰ پنهنجي اندر
۾ ويهاريندا آهن، ان کان پوءِ جنهن به ٻوليءَ ۾
کين ترجمو ڪرڻو هوندو آهي، ان ٻوليءَ ۾ پنهنجي ذهن
اندر هنڍايل معنيٰ کي ادا ڪندا ويندا آهن، هن
ترجمي کي حاصل معنيٰ جو بيان (آزاد ترجمو يا معنوي
ترجمو) سڏيو ويندو آهي.
ترجمي جي پهرين صورت يعني لفظي ترجمو خلل کان خالي نه آهي. ان ۾
ٻي ڪا خرابي نه هوندي آهي رڪاڪت (عبارت جي ڪمزوري)
مستبعد (سمجهڻ ۾ ڏکيائي) ۽ ان جهڙيون ننڍيون
ننڍيون خرابيون ته ضرور هونديون.
هن جو ڪارڻ اهو آهي ته ٻولين جو پاڻ ۾ هيٺين ڳالهين اندر اختلاف
هوندو آهي. ڪلام جي ڪنهن ڀاڱي کي ڪنهن ٻئي ڀاڱي
کان اڳ ۾ آڻڻ، انهن لفظن جي جوڙجڪ، ڪناين جو
استعمال، حرف جر جو استعمال وغيره.
ٻيو ته ڪنهن ٻولي ۾ لازم کان ملزوم ڏانهن نقل ڪرڻ (يعني هڪ لفظ
ٻئي لفظ جي جاءِ تي استعاري يا اڌار طور بيهارڻ
صحيح هوندو آهي ۽ ٻي ٻولي ۾ اهو بلڪل درست نه
هوندو آهي. جيئن ته عربي ٻولي ۾ (ڪنهن ماڻهو کي
سخي ظاهر ڪرڻو هوندو آهي ته ان لاءِ ”فلان ڪثير
الرماد“ (يعني فلاڻي واٽ راک جو وڏو ڍير آهي)
ڳالهايو ويندو آهي ۽ ان مان ان ماڻهو جي سخاوت
سمجهي ويندي آهي. پر جي فارسي ٻولي ۾ ان جو ترجمو
”فلان بزرگ خاکستر است“ ڪجي ته فارسي ٻولي
ڳالهائيندڙ ان مان ڪڏهن به سخاوت جي معنيٰ نه
سمجهندا. (تڏهن اهو ترجمو به صحيح نه ٿيندو.)
اهڙي طرح عربي ٻوليءَ ۾ اهڙين خاصيتن جو خيال ڪيو ويندو آهي جو
فارسي ٻوليءَ ۾ انهن خاصيتن وارو لفظ نه هوندو
آهي، جيئن ته حيوانن جي آواز لاءِ عربي ٻوليءَ ۾
هن طرح الفاظ ملن ٿا: رعاءُ الابل (اٺ جو آواز)
خوار البقر (گابي يا گانءِ جي رنڀ) صهال الفرس
(گهوڙي جي هڻڪ) نواح السيس (ٻڪر جي ٻڙڪ) يعار
المعز (ٻڪري جي ٻي ٻي) نهق الحمار (گڏهه جي هينگ)
هدير الحمام (ڪبوتر جي ڳٽڪ) اهڙي طرح جرو الڪلب
(ڪتي جو ٻچو يا گلر) شل الاسد (شينهن جو ٻچو) فصيل
الابل (گورڙو) جدي المظر (گابو) عناق الشاة (ڇيلو)
فارسيءَ ۾ ڪوبه اهڙو لفظ (جيڪو بنا ڪنهن تڪليف جي
انهن خوبين ۽ خاصيتن وارو هجي) نه لڌو ويو آهي.
اهڙي اصل فعلن ۾ پڻ وڏو اختلاف موجود آهي. مطلب ته
ان کان سواءِ ٻولين جو پاڻ ۾ ٻين به ڪيترين ڳالهين
۾ اختلاف هوندو آهي. اها حقيقت هڪ ذهين ۽ عقلمند
ماڻهوءَ کي ڀلي ڀت معلوم آهي.
ترجمي جو ٻيو طريقو يا واٽ به خلل کان خالي نه آهي، ڇوته گهڻو
ڪري ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن ڪلام يا عبارت ۾ ٻن مطلبن
جي گنجائش هوندي آهي، پر ترجمي ڪندڙ جو ذهن رڳو ان
مقصد کي معلوم ڪندو آهي، جيڪو ڳالهائيندڙ جو مقصد
نه هوندو آهي. (هن جو لازمي نتيجو اهو نڪرندو جو
ترجمو ڪندڙ ڳالهائيندڙ جي مراد ۽ مطلب جي خلاف
ترجمو ڪري ويندو آهي.)
جيڪڏهن توکي ان بابت حقيقت حال معلوم ڪرڻي هجي ته اڳين ڪتابن کي
ڏس، ڇوته اڳين (الهامي) ڪتابن ۾ گهڻو ڪري انهيءَ
طريقي واري ترجمي ڪري ئي تحريف يا ڦيرڦار اچي وئي،
تنهن ڪري ڪلام الله جي ترجمي ڪرڻ وقت اهو نهايت
ضروري آهي ته ان جي اصلي عبارت جيئن هجي، تيئن
باقي رکجي (يعني ترجمي سان گڏ اصل عبارت به رکجي)
ڇوته ڪو مترجم ان جي ترجمي ۾ ترڪيو هوندو ته اڳتي
هلي ٻيو ڪو ان کي (اصل عبارت محفوظ هجڻ ڪري) سڌاري
ڇڏيندو، ڇوته ائين گهڻو ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن
ماڻهوءَ کي ڪا ڳالهه ٻڌائي ويندي آهي ته اهو
پهچائيندڙ يا خبر ڏيندڙ جي ڀيٽ ۾ ان جي وڌيڪ سنڀال
ڪندو آهي. (ڄاڻڻ گهرجي ته) مشڪل جاين ۾ مبهم
(منجهي) ۽ مجمل شين جي منشاءَ ۽ توجيہ اهڙين ٻين
ڳالهين ۾ عالمن جون مختلف واٽون رهيون آهن. جيڪڏهن
تون تحقيق جي نگاهه سان ڏسندين، ته اهي سڀ رستا ۽
مذاهب اصل شريعت ۾ داخل نه آهن، پر عقل جي اعانت
سان شريعت ۾ هڪ قسم جي موشگافي آهي. ان حالت ۾
جيڪڏهن هڪ عالم پنهنجي سمجهه ۽ سوچ سان ڪا توجيهه
يا تاويل بيان ڪندو آهي ته ڪلام الله جي اصلي
عبارت به باقي نه رهندي آهي (ائين ڪرڻ سان) اصل
شريعت ۾ خلل ۽ نقصان ايندو رهندو.
ٻيو ته قرآن جڏهن عربي ٻوليءَ ۾ لٿو ۽ آنحضرت صلي الله عليہ
وسلم به عربي ٻولي ڳالهائيندا هئا، ان ڪري امت جو
ديني معاملو عربي سکڻ کان سواءِ سئين طرح هلي نه
سگهندو، ان ڪري امت مرحومه تي عربي ٻوليءَ جو ڄاڻڻ
واجب ڪفايه آهي (مطلب ته انهن مان ڪن عربي جي ڄاڻ
حاصل ڪئي ته ٻين تان واجب لهي ويندو) ۽ هر هڪ
مسلمان کي عربي جو سکڻ سنت ۽ مستحب جو درجو رکي
ٿو. جيڪو ماڻهو عربي ٻوليءَ کان آشنا نه آهي، ان
کي دين محمديءَ جي سڃاڻ جي خيال سا نه جيئرن ۾، نه
مئلن ۾ شمار ڪري سگهبو (يعني کيس انسان نه چئبو)
پر اهو بي ساهه شين ۾ شمار ڪيو ويندو. ان پاڻ کي
اهڙو عاجز بڻايو، جو شريعت ان کي معاف نه ٿي ڪري ۽
پاڻ لاءِ اها نفساني سڌ يا خواهش تجويز ڪيائين جو
شريعت کيس سربلندي عطا نه ڪئي.
اهوئي سبب آهي جو عالمن فارسي ٻوليءَ ۾ قرآن جي تلاوت، الله پاڪ
جو ذڪر، عيد ۽ جمعي جو خطبو پڙهڻ جائز نه رکيو
آهي. جيتوڻيڪ ان (قرآن) مان مقصد غور، فڪر ڪرڻ ۽
نصيحت پرائڻ آهي. خاص الفاظ مقصد نه هئا. تڏهن
قرآن عظيم جي ترجمي جو اهو اهم ۽ مکيه مقصد وڃي
بيٺو، ته قرآن پڙهندڙ کي قرآن پاڪ جي نظم (عبارت)
جي سمجهڻ ۾ ندرت، لذت ۽ مهارت هٿ اچي ته جيئن هو
ان جي برڪت سان قرآن پاڪ جي بلند فائدن تائين پهچي
سگهي، اها ڳالهه ترجمي جي ٻي واٽ: حاصل معنيٰ،
بيان ۾ نٿي لڀي.
(هڪ جماعت وري انهن ٻنهي واٽن کان الڳ واٽ اختيار ڪئي) هنن جڏهن
ڏٺو ته ترجمي جون مٿيون ٻئي واٽون خلل ۽ نقصان کان
خالي نه آهن، تڏهن انهن مترجمن ترجمي جي مٿين ٻنهي
واٽن: تحت اللفظ ۽ حاصل معنيٰ کي ملائي ڇڏيو ته
جيڪڏهن تحت اللفظ ترجمي جي ڪري ڪا اوکائي يا
ڪمزوري آڏو اچي ته ٻي واٽ يعني مفهوم ۽ معنيٰ جي
وضاحت سان ان نقصان جي تلافي ٿي سگهي ۽ جيڪڏهن ڪٿي
ٻه مطلب ۽ معنائون رکندڙ لفظ جي معنيٰ بيان ڪندي
يا متشابهه جي تاويل ۾ ڪو خلل اچي وڃي ته ان جو
تدارڪ ۽ علاج تحت اللفظ ترجمي سان ڪيو وڃي.
هي ٽين واٽ به سالم ذوق رکندڙ ماڻهن جي آڏو خراب آهي، جنهن سان
مبتدي يا سيکڙاٽ کي پريشاني پيدا ٿئي ٿي ۽ منتهي
يا فارغ تحصيل کي به ڪم نه ٿي اچي ۽ ان ۾ اجائي
ڊيگهه به لازم ٿيو پئي ۽ طبعي ترتيب کان به ڪلام
ٻاهر نڪري ويندو آهي.
جيڪڏهن تون غور ڪندين ته توکي معلوم ٿيندو ته ترجمي جي هن واٽ
اختيار ڪرڻ جو اصلي ڪارڻ انهن ٻنهي ٻولين ۾
ڳالهائڻ جي رسم کي عاجزي ۽ اڻ ڄاڻائي آهي (جن
ٻولين مان هڪ تان ٻئي ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي.)
مطلب ته ترجمي ڪرڻ جا اهي ٽئي طريقا ڪنهن نه ڪنهن طرح خلل کان
خالي نه هئا.
هن فقير (شاهه ولي الله) جڏهن ترجمي جي انهن ٽنهي واٽن کي ڏٺو ۽
انهن ۾ جيڪا خرابي هئي، تنهن کي ملاحظو ڪيو، تڏهن
دل گهريو ته ترجمي ڪرڻ جي چوٿين واٽ اهڙي اختيار
ڪجي، جيڪا ترمي جي گذريل ٽنهي واٽن کي ته سموهي،
پر انهن ۾ جيڪي خرابيون ۽ خلل اچي ويا هئا، تن کان
خالي هجي. تنهن ڪري مان هڪ هٿ ۾ تحت اللفظ ترجمو
ڪيو ۽ ان ۾ جيڪي خرابيون ۽ خلل هئا، تن کي خيال ۾
رکيم ۽ حاصل معنيٰ جي بيان کي وري ٻي هٿ ۾ جهليم.
مطلب ۽ مراد جي سمجهڻ ۾ جيڪي مشڪل جايون هيون، تن
کي ۽ انهن مشڪلاتن کان آساني سان رهائي ڏيندڙ راهه
کي به خيال ۾ رکيم، ان کان پوءِ ترجمو هن طرح شروع
ڪيم، جو سڀ کان اڳ ۾ قرآن مجيد جو لفظي ترجمو هن
طرح ڪيم جو ان جي الفاظن سان بلڪل ملي اچي ۽ ان
سان گڏ اهو به خيال رکيم ته فعلن جي صلن ۾ جيڪو
پاڻ ۾ اختلاف آهي، ان کي پنهنجي سمجهه آهر درست
ڪجي ۽ جتي فارسي واري لفظي ترجمي ۾ ڪا ڏکيائي يا
ڪمزوري لازم اچي يا عربي ٻوليءَ جي اهڙي ترڪيب اچي
وڃي، جو ان جهڙي ترڪيب فارسيءَ ٻوليءَ ۾ ڏسڻ ۾ نه
اچي ته اتي عربي ٻولي مان ئي ان جي مساوي اهڙن
مترادف يا هم معنيٰ لفظن جي ذريعي ترجمو ڪيو وڃي،
جيڪي اصل لفظن جي جاءِ تي بيهي سگهن.
جيئن اسم فعال، مستقبل (ايعندڙ زماني لاءِ ايندو آهي) تڏهن فعل
مستقبل معلوم ان جي مساوي هوندو (۽ ان جي جاءِ تي
استعمال ٿي سگهندو) ۽ اسم مفعول مستقبل لاءِ آندو
ويندو آهي، تڏهن فعل مستقبل مجهول ان جي مساوي يا
برابر بيهندو، جيئن ”قل يايها المؤمنون“ يا
”هولاءِ المؤمنين“ معنيٰ جي خيال کان ٻئي هڪ جهڙا
آهن. اهڙيءَ طرح ”فما لهم من ناصرين“ ۽ ”فما لهم
من ناصر“ هڪ ئي نموني جا جملا آهن، ڇوته ”ناصرين“
جيتوڻيڪ جمع جو صيغو آهي، پر هتي ان کان جمع جو
عام هجڻ مطلب نه آهي، ليڪن ان جا افراد مراد آهن.
يعني ناصر ۽ ناصرين هڪ ئي معنيٰ رکن ٿا.
اهوئي سبب آهي جو شريعت ۾ اها اجازت ڏني وئي آهي، ته اسين قرآن
مجيد کي ستن حرفن (عرب جي لغتن) سان پڙهي سگهون
ٿا، انهيءَ ڪري صحابن لغت جي موافق لفظي تفسير کي
جائز رکيو آهي.
مون هن ڳالهه جو به خيال رکيو ته جنهن (لفظ) جو حق اڳي يا پوءِ
رکڻ جو آهي، ان کي ائين ئي رکجي. ٻيو ته مقدر يا
ڇپيل ۽ لڪيل لفظن کي پڌرو ڪجي ۽ تفخيم ۽ تبعين
جهڙن نحوي مسئلن کي به هٿن کان وڃڻ نه ڏجي ۽
جيڪڏهن ڪنهن مطلب سمجهڻ ۾ ڪا اوکائي آڏو آئي ته
اتي اهو قصد ڪيم ته ڪنهن لفظ کي اڳي يا پوءِ آڻجي
يا ڪنهن لفظ کي وڌائجي يا ڪنهن لفظ کي پڌرو ڪجي يا
ڪنهن معطوف تي عامل جي موٽي آڻڻ يا ظاهر کي ضمير
ڪري آڻڻ ۽ ضمير کي ظاهر ڪري آڻڻ سان ان اوکائي کي
دور ڪيو وڃي. پر جيڪڏهن ڪنهن هنڌ ڪلام جي ساخت ۽
مزاج اهڙي ڦيرڦار کي برداشت نه ٿي ڪيو ته اتي لفظي
ترجمي کان پوءِ حاصل معنيٰ کي ”يا مراد آنست“ جي
لفظن سان چٽو ۽ واضح ڪري آندو ويو آهي ۽ جيڪڏهن
ڪٿي ڪنهن قيد جي آڻڻ يا ڪنهن مجمل ڪلام جي تفصيل ۽
وضاحت ڪنهن ڪنايي جي حل، ڪنهن لفظ جي معرفي هجڻ جو
بيان يا ڪنهن مبهم جي ابهام وڃائڻ جي ضرورت محسوس
ٿي ته ان کي لفظ (يا مراد آنست) سان بيان ڪيو ويو
آهي. ان ڪري سعادتمند ۽ ڀاڳواري انسان کي کپي ته
جتي ”يعني“ لفظ کان پوءِ آيل عبارت ڏسي، اتي اڳ
واري لفظ کي موٽائي آڻڻ سان ڪلام يا عبارت ۾ ربط ۽
لاڳاپو پيدا ڪري.
مطلب ته عربي ۽ فارسي ٻنهي ٻولين جي وچ ۾ گهڻو ئي فرق آهي. جيئن
ته عربن جو دستور آهي ته اڳ ۾ ڪنهن معنيٰ ۽ مطلب
کي مجمل ۽ مختصر طور بيان ڪندا آهن، ان کان پوءِ
ان جي تفصيل ۽ وضاحت آڻيندا آهن. سندن خيال ۾
اجمال کان پوءِ اهڙي تفصيل آڻڻ هن کان لذت ۾ گهٽ
نه آهي، جو منڍ ۾ ئي ڪلام کي تفصيل سان بيان ڪجي،
جيئن ائين چوندا آهن: ”ضربت زيدا راسہ“ مون زيد کي
مٿي تي ماريو ”حسن زيد دارا زيد“ جو گهر چڱو آهي
”ان احد استجارڪ“ جيڪو تو کان پناهه گهري ”زيدا
ضربت“ مون زيد کي ماريو.
هاڻي ”ضربت زيدا راسہ“ يا ان جهڙي ٻي مثال ”سلبت زيدا ثوبہ“
(مون زيد کان ڪپڙو کسيو) ۾ جلدي ڪري اڳ ۾ ”زيد“
سان حڪم لاڳو ڪندا آهن، هوڏانهن حقيقت ۾ اهو حڪم
زيد سان لاڳاپو رکندڙ شيءِ بابت هوندو آهي ۽ زيد
جو نه هوندو آهي، تنهن ڪري وري موٽ کائيندا آهن ۽
انهيءَ چشم پوشيءَ جو تدارڪ ڪندا آهن.
اهڙي طرح زيد سهڻو سڏيو ويندو آهي، حقيقت ۾ ان سونهن جو زيد جي
جاءِ سان لاڳاپو هوندو آهي، زيد سان نه هوندو آهي،
تنهن ڪري انهيءَ غلطي کي دور ڪرڻ لاءِ گرامر جي
اوٽ وٺندا آهن ۽ ”نحوي تمييز“ جي صورت ۾ ان غلطيءَ
جو تدارڪ ڪندا آهن. انهيءَ ڪري (عربي) لغت جي ڄاڻو
چوندا آهن ته جملي جي غير واضح نست کي واضح ڪرڻ
وارو اسم جنهن کي تمييز به سڏبو آهي، سو اصل ۾
”فاعل“ يا ”مفعول“ جي بدليل شڪل هوندو آهي.
”ان احد“ ۾ ”استجارڪ“ جهڙو فعل لڪل يا ڳجهو آهي ۽ ”زيدا ضربت“ ۾
زيد اسم کان اڳ ”ضربت“ جهڙو ٻيو فعل پوشيده ۽ لڪل
آهي.
فعل کي ڳجهو يا لڪل رکڻ ڪري (عبارت ۾) جيڪو خلل پيدا ٿيندو آهي،
ان جو هن طرح تدارڪ ڪندا آهن، جو ڪلام جي شروع ۾
ان لڪل لفظ کي لحاظ ۾ رکندا آهن، اهڙي ڦيرڦار عربي
ٻوليءَ کان سواءِ ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ مانوس نه آهي.
عربي ٻوليءَ جي ڦيرڦارن مان هي به هڪ ڦيرڦار آهي ته جڏهن اهي ڪو
جملو ڳالهائيندا آهن ته ان ۾ هڪ خاص قسم جي ڦيرڦار
ڪري جملي کي ان جي اصلي ساخت ۽ طبيعت کان بدلائي
استعمال ڪندا آهن (جيئن هي جملا پنهنجي اصلي شڪل ۾
هئا) ”وعدالله“ ”سبح الله“، ”سقاڪ الله“ يعني الله
وعدو ڪيو، الله پاڪ آهي، الله توکي سيراب ڪري، ان
کان پوءِ هنن جملن ۾ هن طرح ڦيرڦار ڪيائون جو فعل
جي جاءِ تي مصدر کي آندائون ۽ فعل جو معلوم پوءِ
اهو فاعل هجي يا مفعول هجي، ان ڏانهن مصدر کي ڪنهن
”حرف جر“ جي واسطي سان يا بنا واسطي جي اضافت ڪري
هن طرح چوڻ لڳا: ”وعدالله حقا“ ”سبحان الله“
”سقيالک“ ٻئي پاسي عجمي ٻولي ان کان بنهه بي خبر
آهي.
عربي ٻوليءَ ۾ ائين به ٿيندو آهي ته ڪنهن ”نڪره“ اڻ سڃاتل لفظ
کي ”معرفہ“ سڃاتل لفظ جي شڪل ۾ ڳالهائيندا آهن ۽
غير اضافي ترڪيب کي تخفيف خاطر اضافي ترڪيب جي شڪل
۾ استعمال ڪندا آهن ۽ مقصد اهائي اصلي ۽ اڳئين
معنيٰ هوندي آهي.
عربي ٻوليءَ جي ڦيرڦارن مان هڪ اها به ڦيرڦار هوندي آهي ته جڏهن
عربي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو هڪ مضمون کي آسانيءَ
سان ٻه ڀيرا پيش ڪرڻ گهرندا آهن، تڏهن هيئن ڪندا
آهن. ان جي وري دهرايل لفظ کي تابع طور ڪم آڻيندا
آهن ۽ هن طرح جملا ڳالهائيندا آهن: هو اعلمهم
علما، واحلمهم حلما، وزيد ابوک عطوفا، وتبسم
ضاحکا، وقام قائما، والذاريات ذروا، والصافات صفا،
اهي شيون غير عربي ٻولين ۾ استعمال نه ٿينديون
آهن.
انهن ڦيرڦارن مان هڪ ڦيرڦار اها به آهي، جو عربي ٻوليءَ وارا
پوري جملي ڳالهائڻ جو خيال ڪندا آهن، پر ان جي هن
طرح شڪل بدلائي ڇڏيندا آهن، جو جملي جي جزن تي
ڪنهن فعل يا حرف کي ويهاري هن طرح ڳالهائيندا آهن:
مان کان زيد ليفعل هذا، وانما ضرب زيد، وطنت زيدا
قائما. ٻئي پاسي فارسي ٻوليءَ ۾ ان عامل کي جملي
جي جزن تي مسلط نه ڪندا آهن ۽ نه ان کان الڳ
استعمال ڪندا آهن، اهي هن طرح چوندا آهن: دانستم
که زيد قائم است، باقي هيئن نه چوندا آهن: دانستم
زيد را ايستاده، وجزين نبود که زيد زد، وهرگز نيست
که زيد چنين کند، ٻنهي ٻولين جي اختلاف مان اهو به
آهي جو عربي ۾ ”قام زيد“ ڳالهائيندا آهن ۽ فارسيءَ
۾ چوندا زيد ايستاده (يعني فاعل اڳ ۾ آڻيندا) پر
جي ان جي جاءِ تي ”ايستاده زيد“ ڳالهائيندا ته اهو
جملو رڪيڪ ۽ ڪمزور ليکجڻ ۾ ايندو.
ان اختلاف مان هيئن به آهي ته فارسيءَ ۾ ماضي کي حال جي حڪايت ۾
آڻڻ لاءِ رڳو ”مي“ لفظ کي ماضي تي آڻيندا آهن ۽
هيئن چوندا آهن: ميکرد ميزد، پر عربيءَ ۾ جيستائين
”کان“ کي پنهنجي اصلي معنيٰ کان هٽائي نه ورتو
ويندو، ته ڪڏهن به درست نه ٿيندو. مثال طور هيئن
چوندا: ”کان يفعل.“
اهڙيءَ طرح هيئن به آهي ته عربيءَ ۾ ”فعل مضارع“ جعل ۽ ”ڪاد“ جي
خبر ايندو آهي، فارسيءَ ۾ ائين نه ٿيندو آهي،
اهڙيءَ طرح عربيءَ ۾ جملو اسم جي خبر طور استعمال
ٿيندو آهي. جيئن چوندا آهن: ”زيد قام ابوه“
فارسيءَ ۾ ائين ڪرڻ خطري کان خالي نه آهي.
مطلب ته ٻنهي ٻولين جي اختلاف جون جايون تمام گهڻيون آهن،
انهيءَ ڪري مترجم (پنهنجي طرفان) ڪنهن لفظ کي آڻڻ
لاءِ مجبور ٿو ٿئي (ته جيئن مفهوم ۽ مطلب ادا ٿئي)
(عربي جو مشهور مقولو آهي) ضرورتون ممنوع شين کي
به مباح بڻائينديون آهن.
فصل ”است“ لفظ فارسيءَ ۾ جمله اسميه ۽ ظرفيه جي ٻن طرفن کي ڳنڍڻ
جي نشاني آهي، جيئن: ”زيد قائم است“، ”زيد کجا
است“ يعني زيد بيٺو آهي ۽ زيد ڪٿي آهي؟
فعل جي فاعل ڏانهن نسبت ڪرڻ جي نشاني آهي فاعل کي اڳي ڪري آڻڻ ۽
فعل جو ان سان متصل هجڻ. جيئن: ”زيد ايستاد“ زيد
بيٺو. ضرورت وقت ”ايستاد زيد“ اڳي پوءِ چئي سگهجي
ٿو.
”مفعول بہ“ جيڪو فاعل جي جاءِ تي بيٺل هجي، يا نه هجي اهو ”را“
جي اکر سان گڏيل هوندو آهي (جيئن چئبو آهي) ”زدم
زيد را وزده شد زيد“ مسامحت جي خيال کان ان کي
هيئن به چئي سگهبو آهي. ”زيد زده شد“ (هتي ”را“
ڪريل آهي) پر جي ڪو قرينو بيٺو هجي، ته اتي ”را“
اکر کي ڪيرائڻ به جائز آهي. (عربي عبارت ۾) مفعول
مطلق عدد لاءِ آيل هجي ته (ان جي فارسي ترجمي ۾)
”يک بار کردن و دوبار کردن“ بيهارجي، پر جيڪڏهن
مفعول مطلق نوعي يعني نوع لاءِ آيل هجي ته اتي ”يک
نوع کردن و يک طور کردن“ آڻجي، پر جي غير مصدر کي
مصدر جي جاءِ تي آندو ويو آهي، جيئن: ”ضربت سوطا“
ته اتي هن طرح ترجمو ڪجي: ”زدم به چابک.“
جيڪڏهن مفعول مطلق فعل جي جاءِ کان نه هجي، جيئن: قرات سردا“ ته
اتي هن طرح ترجمو ڪجي: ”خواندم بطريق پي در پي
خواندن.“ يعني لڳاتار پڙهڻ وانگر پڙهيم.
پر جي مفعول مطلق رڳو تاڪيد لاءِ هجي يا مفعول جو ذڪر ”سبحان
الله“ وغيره وانگر هجي (يعني فعل ڪريل هجي ۽ ان جي
جاءِ تي مفعول بيهاريل هجي) ته اهڙيون جايون عربي،
فارسي ٻنهي ٻولين جي اختلافي جاين کان آهن، اتي
ڪنهن تڪلف ڪرڻ ۽ ٻئي حرف کي موٽائڻ کان سواءِ صحيح
ترجمو نه ٿي سگهندو.
(عربي عبارت ۾) ”مفعول لہ“ غرض جي معنيٰ ۾ آيو هجي ته اتي فارسي
۾ لفظ ”برائي“ يا لفظ ”تا“ آڻيندا آهن ۽ جملي
”ضربتہ تاديبا“ ۾ فارسي ترجمي ۾ مصدر جي مطلب کي
هن طرح آڻيندا آهن: ”زدمش برائ دادن ادب يا تا ادب
دهم“ يعني مون ان کي ادب سيکارڻ لاءِ ماريو.
جيڪڏهن ”مفعول لہ“ سبب لاءِ ڪتب آيل هجي ته اتي
فارسي ترجمي ۾ ان کي ”بعلت، بحکم، بمقتضائ“ انهن
جهڙن ٻين اکرن سان ترجمو ڪجي (ڇوته اهي الفاظ سبب
هجڻ جي معنيٰ ڏيکارين ٿا) جيئن ”قعد جبنا“ جو
فارسي ترجمو ٿيندو: ”نشست بعلت نامردي“
”مفعول لہ“ احتراز ۽ احتياط وغيره لاءِ آيل هجي، ته اتي فارسي
ترجمي ۾ ”اجتناب“ ۽ ان جهڙا الفاظ آڻجن جيئن عربي
جي هن جملي ”ضربتہ ان يقول الناس ما ضربتہ“ جو
فارسي ترجمو هن طرح ٿيندو: ”زدمش برائي اجتناب
ازانکه گويند نه زدمش“ يعني مون ان کي هن ڪري
ماريو جو متان ماڻهو چون ته مون ان کي نه ماريو.
”مفعول“ فيہ زمان لاءِ هجي يا مڪان لاءِ ٻنهي حالتن ۾ فارسي
ترجمي ۾ اتي لفظ ”درو“ آڻبو آهي ۽ ”مفعول معہ“ کي
لفظ ”با“ سان ظاهر ڪندا آهن، جيئن ”استوي الماءُ
والخشبة“ جو فارسي ترجمول ٿيندو: ”برابر شد آب
باچوب“ يعني پاڻي ڪاٺيءَ تي لڳو. ”حال“ مفرد لفظ
هجي ته فارسي ترجمي ۾ اهڙو مشتق لفظ آڻبو، جيڪو
حال جي معنيٰ لاءِ ٺهيل هوندو، جيئن ”جئت راکبا“
جو ترجمو ٿيندو: ”سوار آمدم“ يعني سواري ٿي آيس.
پر جي اهڙو جملو هوندو، جيڪو ”ذوالحال“ (جنهن جو
حال بيان ڪجي) جي فعل ۽ ڪم تي شامل هوندو، ته اتي
فارسي ترجمي ۾ ”کرده“، ”کنان“ جهڙن لفظن کي آڻبو،
جيئن عربي جي هن جملي: ”جاءَ زيد يبتخر في مشيہ“
جو فارسي ترجمو ٿيندو: زيد آمد تبختر کنان در
رفتار خود“ يعني زيد ٽلندو آيو.
جيڪڏهن جملو (جيڪو حال بڻبو آهي) ذوالحال جي فعل کان سواءِ ڪنهن
فعل تي شامل هوندو ته لاچار ”حال آنکه“ جو لفظ
وڌائڻو پوندو، جيتوڻيڪ اصل فارسي ٻوليءَ ۾ اهو نه
آيو آهي. حال عربي ٻوليءَ ۾ شيءِ جي معنيٰ ۾ نه
آيو آهي.
”حال“ ڪڏهن ته تاڪيد لاءِ ايندو آهي، جيئن ”جاءَني ابوک عطوفا“
مون وٽ تنهنجي پيءُ جو اچڻ همدردانه آهي ۽ ڪڏهن
وري تياري جي معنيٰ ۾ ايندو آهي، جيئن ”فادخلوها
خالدين“ پوءِ ان ۾ هميشه رهڻ جي لاءِ داخل ٿيو، ۽
ڪڏهن قصد ۽ ارادي جي معنيٰ ڏيکاريندو آهي، جيئن
”جئت اشکر الله“ آءٌ آيس ته الله جو شڪرانو ادا
ڪيان. فارسي ٻوليءَ ۾ اهي معنائون استعمال نه
ٿينديون آهن.
”تمييز“، جيڪڏهن عدد، تور، ماپ يا ڪڇ جي ابهام وڃائڻ لاءِ آيل
هجي ته اتي ترجمي ۾ تمييز جو لفظ آڻبو، يا اضافت
ڪبي يا لفظ ”از“ وڌائبو، جيئن ”بست مرد“ ”يک رطل
گندم“ ”يک صاع از جو“ يعني ويهه ماڻهو، اڌ سير
ڪڻڪ، ٽويو جَوَن جو.
جيڪڏهن تمييز اسم اشاري جي ابهام وڃائڻ لاءِ آيل هجي ته اتي
ترجمي ۾ صفت جو لفظ آڻبو جيئن: ماذا اراد الله
بهٰذا مثلا“ جو ترجمل ٿيندو: ”چه چيز اراده کرده
است خدا ازين مثال“ يعني خدا تعاليٰ هن مثال مان
ڪهڙو ارادو ڪيو آهي.
پر جيڪڏهن تمييز جي ابهام وڃائڻ لاءِ آيل هجي، ته اتي فارسي
ترجمي ۾ ان کي فاعل يا مفعول ۾ تبديل ڪيو ويندو،
يا وري لفظ ”ازروئ“ ”ازجهت“ ”باعتبار“ وڌائبو،
جيئن ”زيد حسن دارا“ جو فارسي ترجمو ٿيندو: ”زيد
خوب است ازروئي خانه“ يا ”زيد نيک است باعتبار
خانه“ يعني زيد گهڻو ڪري چڱو آهي.
ڪڏهن فارسي ۾ ڌاري زبان جي مضمون کي هن طرح ادا ڪندا آهن، جو ان
جي ٻن ڪلمن يا لفظن کي ڪنهن ڦيرڦار ذريعي هڪ ڪلمو
يا لفظ بڻائيندا آهن، جيئن عربي ۾ چئبو آهي: ”ضاق
قلبا“ هن جو فارسي ترجمو ٿيندو: ”تنگ دل شد“ يا
”هو قاسي قلبا“ يعني ”وي سخت دل است“ ڪڏهن عربي ۾
حرف جر جي واسطي کان سواءِ مفعول ايندو آهي ۽
فارسي ۾ حرف جر جو آڻڻ ضروري هوندو آهي، جيئن:
”فسيکفکهم الله“ کفايت خواهد کرد ترا خدا از شر
ايشان. انهن جي شرارتن کان خدا تعاليٰ تو لاءِ
ڪافي آهي.
ڪي جملا اهڙا به هوندا آهن، جن جي ترجمي ۾ ٻوليءَ جي محاورن آڏو
رکي پنهنجي طرفان لفظن (فعل ۽ فاعل) کي اڳي پوءِ
ڪري رکجي (جيئن هيٺين عربي مثالن ۽ انهن جي فارسي
ترجمي کي ڏسو، ته انهن ۾ ڪهڙي ڦيرڦار ڪئي وئي آهي)
”قالوا اتَخِذا الله وَلَدا“ ”وگفتند فرزند گرفت
خدا“ ”اعطيت زيدا درهما“ ”کان زيد قائما“ ”بود زيد
قائم يا زيد قائم است“ ”جعلت زيدا عبدي“ ”زيد را
بنده ساختم“ يعني انهن چيو ته الله پٽ بڻايو، مون
زيد کي درهم ڏنو، زيد بيٺو هو يا زيد بيٺو آهي،
زيد کي مون پنهنجو غلام بڻايو.
ڪڏهن اهو جملو جنهن کي تاويل سان مصدر بنايو اٿن، ان جي ترجمي ۾
مصدر ۽ مفرد کي آندو ويندو آهي ۽ مصدر مفرد جو
تفسير اهڙي جملي سان نه ٿو ڪري سگهجي. جنهن جي
شروع ۾ ”ان“ مصدري آيل هجي، اهڙي طرح موصول پنهنجي
صله سان (جيڪڏهن جملو هجي، ته ان جو مفرد ڪلمي يا
لفظ سان تفسير ڪيو ويندو ۽ ان جي برعڪس کي به ان
تي قياس ڪريو، جيئن ”وقال الذي آمن“ جو فارسي
ترجمو ٿيندو ”گفت آن مسلمان“ ۽ ”الذين آمنوا“ جو
ترجمو ٿيندو: ”مسلمانان“ ۽ ”الَذِينَ اوتُو
الُکِتَاب“ جو ترجمو ”اهل ڪتاب“ ٿيندو. اهو به ان
صورت ۾ آهي، جتي معنيٰ واضح هجي (جنهن ۾ ڪوبه
التباس نه هجي) ”قد افلح المؤمنون الذين هم في
صلاتهم خاشعون“ ”هر آئينه رستگار شدند آن مسلمانان
که ايشان در نماز خشوع کنند“ (اهو جملو) ”آملو“
وانگر آهي، يعني جيڪڏهن موصول اسم صفت آيو هجي ته
اتي ترجمي ۾ لفظ (آن) وڌايو ويندو آهي.
معمول کي اڳي آڻڻ مان تخصيص يا خصوصيت جي معنيٰ نڪرندي آهي
فارسي ۾ به ائين آهي.
عربي زبان جي ضميرن ”کم“ ”هم“، ”هو“ ۽ ”اياه“ کي ترجمي ۾ ڪن
جاين تي ساڳي طرح آندو ويندو آهي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾
به انهن کي هن طرح استعمال ڪندا آهن ”شما راست
گوئيد“ يا ”ايشان اند راست گوئي“ اهڙين جاين تي هن
طرح چوڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي: ”ايشان اند راست
گويان“ (مطلب ته ”ايشان“ کان پوءِ ”راست گوئي“ کي
جمع ڪري آڻڻ جي ضرورت نه آهي)
جيڪڏهن ڪنهن اسم ظاهر کي ضمير جي جاءِ تي استمال ڪيو ويو آهي،
ته اتي فارسي ترجمي ۾ لفظ ”اَن“ وڌائي ربط پيدا
ڪجي. فارسي ٻولي جو اهو قاعدو به آهي ته فاعل
جيتوڻيڪ اسم ظاهر هجي، تڏهن به فعل ۾ مفرد يا جمع
جي نشاني ضرور آڻيندا آهن، جيئن ”قام هؤلاءِ“ جي
ترجمي ۾ ”ايستادند ايشان“ چوندا (يعني فعل کي جمع
ڪري آڻيندا) ”واؤ“ ۽ ”فا“ گهڻو ڪري زائد هونديون
آهن، جن جي ڪا معنيٰ نه هوندي آهي، تڏهن فارسي ۾
وري عطف ۽ حرف تعقيب جي ذڪر کان سواءِ ئي ربط جي
معنيٰ درست هوندي آهي، جيڪڏهن فارسيءَ ۾ انهن جي
ترجمي ڪرڻ وقت ڪا ڪمزوري آڏو اچي ته انهن (واؤ ۽
فا) جو ترجمو ڇڏڻ گهرجي.
مطلب ته ترجمي جي فن جون باريڪيون تمام گهڻيون آهن، هتي رڳو
انهن مان نموني طور ڪي ٿوريون ڳالهيون بيان ڪرڻ
مقصد هو.
|