سيڪشن: شيخ اياز

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

شيخ اياز:

صفحو: 19

عشق (ب)

(1)

عشِقُ آسانُ نَه ڄاڻُ، سامي چَيو سَتِگُروءَ،

مَڇيءَ، مِرِگَهه، ڀَنوَرَ کون، پُڇي ڏِسُ پَرِماڻُ،

ڏِئو ڏِسِي نَه رَهي، پَتَنگُ جَلائي پاڻُ،

چَڪَويءَ جو چَندِرَ ساڻُ، هَميشَه ئي هِتُ رَهي.

 

(2)

چِتَ کي چَکايو، عَشِق چپاٽو اوچتـٖـي

بيهي وِچَ بازارِ، سَڀُ ڪي لُٽايو،

سامي مِلي سَروپَ سان، اَچِرِجَ ۾ آيو.

نَڪي وِڃايو، نَڪي پاتو پاڻَ ري.

 

(3)

جِئين ڪاٺيءَ کي گُهڻُ، تئين عَشِقُ لَڳو اَرِواحَ کي،

لُنوَ لُنوَ ۾ لَڳو رَهي، راتِيون ڏيهَن رُڻُ جُهڻُ،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، پِريمي پاڪي بُڻُ،

جَنهِين کُٽائي کُڻُ، ميلو ڪِيو مَحبوبَ سان.

 

(4)

بيحَدِ ٻاڻُ لَڳو، جَنهِن کي عَشِقَ آگَمَ جو،

مِلي تَنهِن مَحَبوبَ سان، ڀولو ڀَرَمُ ڀڳو،

ڳَڻي ڪينَ اَندرَ ۾، پَرِڇِنُ پِڇو آڳو،

وِڪڻِي ڍورُ ڍڳو، سامي ماڻـٖـي سيجَ سُکُ.

 

(5)

اَچي عَشِقُ اُٺو، جاني تُنهنجو جيءَ ۾،

تَنهن حالون بيحالُ ڪَيو، وِجهِي پيرُ پُٺو،

گِهِلي وِيو گُمَراهَ ۾، پُڇي ڪِينَ ڪُٺو،

رَهَندين اَڃا رُٺو، ڪي ڪَندين مِهَرَ مُٺَنِ تي؟

 

(6)

روئـٖـي راتِيون ڏينهَن، عاشِقُ ڪاڻِ عَجيبَ جي،

دانهان ڪَري دَردَ سان، نِيو نِهوڙي نِينهَن،

جِئين بَنَ ۾ ٻَڪِري، گهيري ڪيهَرِ شينهن،

سامي چَئي سِريهَن، دَرَدُ نه مِٽـٖـي دَرَسَ ري.

 

(7)

تُنهنجي عَشِقَ ڦَٽـٖـي، جاني جيءُ دُکي ڪَيو،

روئـٖـي رَتُ اَکِنِ مون، راتِيون ڏينهَن رَٽـٖـي،

ڪَري مِهَرَ مُئنِ تي، اَچي دُکَ ڪَٽـٖـي،

وِهـٖـي ڪِينَ سَٽـٖـي، سُتَتُ مِلُ سامي چَئي.

 

(8)

پَلِپَلِ ڪَنِ پُڪارَ، ڦَٽيِا عَشِقَ فِراقَ جا،

سامي چَوَنِ مِلُ سُپِرين، روئِنِ زارون زارَ،

لُنوَ لُنوَ مَنجِهه لڳِي رَهِي تِکي تُنهنجي تارَ،

سُتَتُ لَهه سَنڀارَ، نَه تَه ڏِيون ٿا دَمُ دَردَ سان.

 

(9)

ڪو اَڳي ڀي عاشِقُ ٿِيو، ڪِي اسين ٿِيا سي سُپرين؟

دَردَ ديرو ڪَيو دِلِ ۾، ڀاري پيچُ پِيو.

رُئندي رُئندي راتِ ڏينهَن، ڀُلي تَنُ وِيو،

اَچي ڪو ٻِيو، سُڌِ لَهَندو سامي چَئي؟

 

(10)

پاڻَ عَشِقَ سوريٖ، ڪَيو وَسِ ويساهَ سان،

ماسُ کاڌائين مَنُ کسي، سامي سَڀُ ڪوري،

باقي پولو پِڃِرو، رڳان رُنيون تو ريٖ،

آءُ پِرين اوري، نَه تَه ڏِيون ٿا دَمُ دَرَدَ ۾.

 

(11)

مَنُ موهي مَڌُ ڪَرُ، جَنهِن جي عَشِقَ اَپارُ ڪيو،

لوڙي لَڌو لِنوَ سان، دِلِ مون تَنهن دِلِبَر،

ڪَنهِن کي سَلي ڪِينَڪِي، پائـٖـي پِريمَ نَگَرُ،

سَدا باغُ بَهَرُ، سامي رَهـٖـي سُڀاوَ ۾.

 

(12)

عَجَبُ عَشقَ گُهٽِي، پِيئندَڙي مَن پَتيو،

اَوِدِيا اوندهِ نَه رَهي، پورَبَ پِرِهَ ڦُٽي،

سامي ڏِسِي سَروپَ کي، اَنڀَئِه لُٽَ لُٽي،

سُتَهَه سِڌِ ڇُٽي، ٻَنَڌَنَ پِيا ٻِيائيءَ جا.

 

(13)

عاشِقَنِ اَصُلي، پريتَمُ لَڌو پانهِنجو،

سِيتلُ ٿِيا سامي چَئي، ميٽي ڪَلِپَ ڪُلي،

ماڻِنِ دَورَ دَرسَ جِي، خوشيءَ ساڻُ کُلي،

ڀَرمَ مَنجِهه ڀُلي، ڪَڏِي پَوَنِ ڪِينَڪِي.

 

(14)

عاشِقَ سَڀِ اوري، ڄاڻَنِ سُکَ سَنسارَ جا،

سامي سُرَکَ لوڪ برهم لوڪ جا، سُکَ سَڀِي ڇوڙي،

گُرَگَمَ چَڙِهيا چيــٖـتنِ تي، حَيرت هِندوري،

کائِنِ نِتُ ڀوريٖ، لَڏون پِريمَ آگَمَ جا.

 

(15)

ڪو عاشق ڪُل اَلپَتُ، رَکي تارَ عِشِقَ جي،

ٻاهَرِ ٻاڦي ڪِينَڪِي، اَندَرِ روئي رَتُ،

سامي لڌائين سُپِرين، سَچيءَ سِڪَ سُتَتُ،

ميٽي سَڀُ مَمَتُ، ماهِلُ ٿِيو مَهَراڻ ۾.

 

(16)

عاشِقَ سي چَئِجَنِ، سِڪَ جَني کي سَچَ جي،

لائي لِنوَ لالَن سان، هردي مَنجهه هيرَنِ،

سامي پَرچي پيءَ سان، مَنَ ۾ مَوجان ڪَنِ،

سَدائي گاوَنِ، بِلاوَلُ بيحَد مَنجهون.

 

(17)

عاشِقَ تي عاشِقُ، سُتَهَه رَهي سُپِرين،

اِها ڳالِهِه اَٽِپَٽي، سمجهـٖـي ڪو سالِڪُ،

مِٽيو جَنهن جي مَنَ مون، سامي ڦَيرُ ڦارِڪَ،

اَندَرِ ٻاهَرِ هِڪُ، سورِجُ ڏِسـٖـي سَمَ جو.

 

(18)

هِڪَ چَپاٽَ هَنئِين، جَنهِن کي عَشِقَ اَلاهَ جـٖـي،

سو سامي مَري نَه سورَمو، ڌَنڌا ڍيرَ ڌَنئين،

اُسِتَتِ نِندا لوڪَ جِي، سِرَ تي سَڀَ کَنئين،

وَٺي واٽَ سَنئِين، پَهُتو پورَنَ پَدَ تي.

 

(19)

مورکَ نانِهه مَذاقَ، لائِڻُ  عَشِقُ اَلاهَ سان،

پُڇي ڏِسُ تَنين کون، جَنِ جي سوريءَ اُتي اُطاقَ،

کَلَ لاهي ڏِيَنِ پانهِنجي، طالَعِ وَندَ تَراڪَ،

توڙي ٿِيَنِ خاڪَ، ته ڀي سامي سنڀارِنِ يارَکي،

 

(20)

بِنان خاش خَريدَ، ٿِئي نَه عَشِقُ اَلاهَ جو،

اِئين چَوَنِ ٿا اولِيا، سامي سَڀِ شَهيدَ،

مَري جَنِ مُرِشِدَ کون، وَتِي دَرِشَنَ دِيدَ،

ڪَنِ اَڀيدِي عيدَ، مِلِي نِتِ مَحَبوبَ سان.

 

عاشق

 

(1)

عاشِقَ سي چَئِجَنِ، جَنِ تي عاشِقُ پاڻَ ٿِيو،

جَتي ڏِسَنِ نيڻَ ڀَري، تِتي پِرين ڏِسَنِ،

اُٿندي وِهَندي نِنڊ ۾، سامي مِليا رَهن،

اَهڙي رنگِ رَچَنِ، سي عاشق معشوق ٿيا.

 

(2)

عاشِقَنِ جِي راهَ، جُدا سَڀَ جَهان کون،

هَلَنِ هَٺُ ڇَڏي، ڪري، بِنان چِنتا چاهَ،

ڪَنهِن جي رَکَنِ ڪِينَڪِي، پِريَنِ ريءَ پَرواهَ،

سَدا ڪَن سَلاهَ، سامي سُپيريَنِ جي.

 

(3)

پُرجهِي پائِجِ پيرُ، عَشقَ جي آڙاهَ ۾،

سوکَمَ کون سوکَمُ ٿِي، سُپيريان جو سيــٖـرُ،

موٽي موٽيو ڪونَڪو، عَيبي ٻُجهـٖـي گهيرُ،

ڄاڻِجِ ڦَندُ نَه ڦير، اُٿي اُونِهي غارَ عَجِيبَ جِي.

 

(4)

جِئين جَلَ ري مِينَ، تِئين عاشِقَ مَرَنِ عَجيبَ ري،

سَچي سِڪَ اَندرَ جي، ڪَنهِن کي سَلَنِ ڪِينَ،

سَدا رَهَنِ لِنو لِينَ، سامي دَرِسَ ديدار ۾.

 

(5)

عاشِقَ اُگهاڙي، ڳالهه نَه ڪَرِنِ ڳُجَهه جي،

ڪِيائون ڪَلِپَ ڪَڍي ڪرَي، مُحَڪُمُ مُهاڙي،

لائي ويٺا لَکَ سان، سامي سَمَ تاڙي،

ڏِسَنِ ڏهاڙي، پانهنجي اَکين پاڻَ کي.

 

(6)

نهاري نيڻَنِ، لَڌو پيرُ پَلَڪَ مون،

ٻِنِ ڀَرِنِ وِچَ سير ۾، مِلي مَوجان ڪَنِ،

جَتي اَٻوهيا لعل آهن، تَڪِيو ڪَري تَنهن ۾.  

 

(7)

نتاري نيڻنِ، لَڌو پيــٖـرُ پَلَڪَ مون،

نانا ڀانت ڇڏي ڪري، حاضُرُ هِڪُ ڏِسَن،

مَحبوبَنِ جي مُنهن کون، پَلَڪَ نَه پاسو ڪَنِ،

سدا غَرقُ رَهَن، سامي سارَ سَروپَ ۾.

 

(8)

جِن کي لَڳا تِيرَ، اَڻيالا عشقَ جا،

سي پَسَڻَ ڪاڻِ پِريَن جي، ڦَٽِيا ڦِرنِ فَقيرَ،

ڪٽيائون ڪَلِپَتَ جا، جاڳي سَڀَ زنجِير،

سامي چَڙهيا سيرَ، سَنَمُک ڏِسَنِ سُپِرين.

 

(9)

پيهي ڏِٺو جَنِ، سامي سُپيريَنِ کي،

پَسي عَينُ اَکِن سان، هِڪَ پَلَڪَ نه پاسو ڪَنِ،

ڪَلِپَتَ ڪڍي جيءَ مون، سامي سَمَ رَهَنِ،

تان ڀي سِڪَ سِڪَنِ، توڙي واقِفَ ٿِيا وِرونهه جا.

 

(10)

اَنڀئي عاشِقُ، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

جو سامي ڏِسي سُپرين، اَندَرِ ٻاهَرِ هِڪُ،

ڏيئي تَتُ تِلِڪُ، سيلُ ڪَري سَڀَ باغَ  جو.

 

(11)

بيهَنِ، ڪين ڀَڄَنِ، عاشِقَ اڳيون عَجيبَ جي،

سامي رُکُ سَهي ڪَري، اَگيا مَنجِهه رَهَنِ،

جِئڻَ مرَڻَ دُکَ سُکَ جو، سَنسو سوچُ نه ڪَنِ،

هلايا هَلَن، ڄاڻَ وِڃائي پانهِنجي.

 

(12)

دولَتِنِ جو دَمُ، ڳُجهو رَهي نه ڳوٺَ ۾،

جاڳِي ڪَيون جن زور سان، بَلائون ڀَسَمُ،

رَکَنِ نه رَتيءَ جيترو، ڪنهن سان گوندَرُ غَمُ،

سامي سڀ عالَمُ، مُئي ڀَري مُجِرا.

 

(13)

ٻُڌي بيحد ٻِينَ، عاشِقَ سَڀِ الڳ ٿيا،

ڏِسي مُنهن مَحَبوبَ جو، مُشڪنِ ڪُشڪَنِ ڪِينَ،

رَهَنِ پانهنجي حال ۾، سامي چئي لَئلين،

جِيئين جَل کون مِينَ، پَلَڪَ پَراهون نه ٿِئي.

 

(14)

پاٽـٖـي ٿا پَڙَنِ، عاشِقَ ڳالهه عَشقَ جي،

سامي چَئي سَنسارَ ۾، هُنِرَ ساڻُ هَلَنِ،

سُتهه سِڌِ سَهي ڪيو، اِيهو ڀيدُ ڀَلَنِ،

جاڳي ڏِٺو جَنِ، پانهنجي اَکئين پاڻَ کي.

 

(15)

پريتِ رَکي پوري، عاشِقَ چَڙهيا اَڇَ تي،

سامي ڪاڻِ سَڄَڻَ جي، سَٺائون سوري،

کَلَ لاهي ڏِينِ پانهنجي، هَٿين حَضوري،

نَئِنَنِ سان نوري، لَٽَڪَ لائي لالُ ٿِيا.

 

(16)

اَنَڀَئي عَشِقُ، لوري لَڳو جَنِ کي،

سي ڪَنهِن کي چَوَنِ ڪِينَڪِي، لِنوَ لَپيٽيو لِڪُ،

اَندَرِ ٻاهَرِ هِڪُ، سامي ڏِسنِ سُپرين.

 

(17)

عاشِقَ اَنڀَئه دَڳُ، گُرَ گَمَ لَڌو گَهرَ مون،

تنهين ۾ تَدَروپُ ٿي، پَرِچي رَکِيائين پڳُ،

پَهُتو پورَنَ پَدَ ۾، سامي ٿي سَرَبگُ،

جاڳي ڏِٺائين جڳُ، سامي سَڀُ سُپِني جو.

 

(18)

عاشِقَنِ اُجَڙ، پانهنجو گَهرُ ڪيو پاڻَهِين،

سَمُجهي ڏٺائون جيءَ ۾، ڪوڙو ڪَلِپَتَ مَڙهُ،

وَٺي ويٺا لَڙُه، سامي سپيريَنِ جو.

 

(19)

پُڪاري پنڊَتَ، سارُ لَکائِنِ سَڀَ کي،

سمجهـٖـي ڪو سامي چَئي، عاشِقُ اِشارَت،

پورڻ ڄاڻِي پيءَ کي، ميٽي موهُه مَمَتَ،

سدا ڪري صحبتَ، سنتن سچارن جي.

 

(20)

ڦرِي ڪَيا ڦوڪَ، ڦري جيءَ جهان جا،

ڀَوَنِ ڀَوَ ساگَر ۾، مِٽي پائي موڪَ،

ڪو عاشق چڙهيو اَڇَ تي، لَنگهي ٽيئي لوڪَ،

جَنهِن کي رمز روڪَ، سامي ڏِني سَتِگُروءَ.

 

(21)

ڦُرني کون ڦارِڪُ، سامي رَهي ڪو سورمو،

جَنهِن کي ڏِنو سَتِگُروءَ، عَينَ اَڀيدُ عَشِقُ،

ويٺو اَنڀَئِه تخَت تي، لائي تَتُ تِلڪُ،

هردم ڏسي هِڪُ، اَندر ٻاهر آتما.

 

(22)

ڦُرني ڦُري ڦوڪ، ڪِيا جيءَ جَهانَ جا،

پَرڇَنُ ڄاڻي پاڻَ کي، سامي سَهَنِ سوڪَ،

ڪو عاشق چڙهيو اَڇَ تي، لَنگهي ٽيئي لوڪَ،

ماري ويٺو جهوڪَ، آدي اَنڀئه گَهرَ ۾.

 

(23)

عاشِقَنِ جهيڙو، سامي لايو يارَ سان،

وِجهيــٖـن ڪوهُ ڳِچيءَ ۾، ڪوڙو  بکيڙو؟

اسان ڪَيو تُنهنجو ڏوهُه گُناهُه ڪِهِڙو،

ويهي نِبيرو، سَنَمُکُ ڪَرِ ڪُٺَن جي.

 

(24)

عاشِقَنِ اُتَمُ، لَڌِي سَنڌِ سَمُجَهه جِي،

پاڻُ ڪَڍي ٿِيا پاڻَ ۾، سامي چَئي سوکَمُ،

چَڙهي ويٺا چَوڏولَ ۾، لاهي گوندَرُ غَمُ،

دوسَتَ ٻاجهون دَمُ، خالي کَڻَنِ ڪونَڪو.

 

(25)

عاشِقَ رَهَنِ غَرَقُ، سَدا پانهِنجي حال ۾،

جاڳي ڪَڍِيائون جيءَ مون، سامي چَئي سَڀُ شَڪُ،

ڏيئي ويٺا ڏَڪُ، دَرَنِ کي هِڪِڙو.

 

(26)

ٻانڀَڻُ ڪِينَ ٻُڏي، عاشِقُ اَوِدِيا سِنڌُ ۾،

جنهن جاڳي ڪَڍي جيءَ مون، غيرت سَڀَ گُڏي،

اَٺئي پَهَرَ لُڏي، پريمَ هِندوري پيءَ سان.

 

(27)

محبوبن مُڪو، سُتَهه سَنيهو سَچَ جو،

ڄاڻي جوٺِ جڳَتَ کي، عاشِقَ سَٽِنِ اُڪو،

سامي سَمُجهي نَه رهيو، مَنَ ۾ مَري چُڪو،

وڃي تِتِ ڍُڪو، جِتي تون مان ناهِه ڪا.

 

(28)

ڀَوَڻَ سَڀِ ڀَئِين، مورِکَ مُٺا مَتِ ري،

سامي سُکُ سَروپَ جو، پاتو ڪِينَ ڪَهين،

اِسٿت رهـٖـي آڪاس جان، ڪو عاشِقُ اَڳَهين،

جاڳي ڏٺو جَهين، پانهنجي اَکئين پاڻَ کي.

 

(29)

عاشِقَ رَهَنِ تتِ، جتي ڏينهن نَه راتِ ڪا،

نَڪي پَنجَ تَتَ پِنڊُ ڪو، نَڪا اُپَتِ کَپَتِ،

نَڪو ويدَ پُرانُ ڪو، نَڪا سَتِ اَسَتِ،

ڪڍِي مَمَتا مَتِ، سامي مليا سَروپَ سان.

 

(30)

عاشِقَ آرامي، رَهَنِ ديسَ مَلارَ ۾،

جاتي اُڃَ نَه بُکَ ڪا، نَڪا ڌُمَ ڌامي،

سَدائي سامي، سَنَمُک ڏِسَنِ سُپرين.

 

(31)

عاشِقَ البِيلا، ساڌو جَنَ سنسارَ ۾،

ڪاڻِ نَه ڪَڍَنِ ڪَنهِن جي، سَهجـٖـي سُهيلا،

گَڏيا گهارِنِ سڀَ سان، مِليا اَڪيلا،

گُرو ۽ چيلا سامي ٿِئڙا سَچَ جا.

 

(32)

بيحد بيپرواهَه، عاشق اَنڀئِه ديسَ جا،

جَنِ کي پيالو پريمَ جو، ڏِنو پاڻ اَلاهَه،

رِکن نه رتيءَ جيتري، چِتَ ۾ چنتا چاهَه،

ڪَري پاڪُ نگاهَه، سامي ڏسَنِ سَڀَ کي.

 

(33)

مورک ڄاڻِن دورِ، نارائڻ نئنَنِ کون،

ڀَوَنِ نِتُ ڀُلَنِ جان، دُکَنِ جي دَسِتورِ،

سامي عاشق اَنڀئي، هردم رهن حَضورِ،

جنهن کي پَهَلـٖـي پورِ، پارِ لَنگهايو پاتِڻيءَ.

 

(34)

مَنجهون تارِ تَرِي، عاشق چڙهيا اَڇَ تي،

ديکيا داتِ گروءَ جي، هِردي مَنجِهه ڌَري،

سُتَهَه ٿِيا سامي چَئي، مَمَت مَنجهون مَري،

سَٽي ڀرَمَ ڀَرِي، پرچي ڏٺائون پاڻ کي.

 

(35)

پرچي جنهن پڪو، لَڌو پيرُ پريَنِ جو،

صدقي ڪَيو تنهن سُک تون، تَنُ مَنُ سَڀُ يَڪو،

سامي سدائي رَهي، ٿِرِتا مَنجِهه ٿَڪو،

گنگا گَيا مَڪو، ڀَوي ڪِينَ ڀُلنِ جان.

 

(36)

پَڙهي ٿِيا پَرپَڪَ، عاشِقَ اکرُ اَنڀِئي،

رکيائون رَهَتِ سان، ويڙهي سَڀِ وَرقَ،

خَلقَ ڏِسَنِ خالِقَ ۾، خالقُ مَنجِهه خَلقَ،

سامي ٿي سيوڪَ، رَهيا ساڌَ سَنگَتِ جا.

 

(37)

عاشِقَ ڪِينَ ڇُپَنِ، سورجَ جان سَنسارَ ۾،

نيڻ رَتا خُمارَ ۾، سَدا اَلِبيلَنِ،

ڪاڻِ نَه ڪڍن ڪَنهِن  جي، سوري سَٺي جَنِ،

سَدا غَرقُ رَهَنِ، سامي سُپيريَن سان.

 

(38)

عاشِقَ لِڪَنِ ڪيئن، جَنِ کي سِڪَ اَندَرَ ۾،

ٻي ڳَلهِه ڄاڻَنِ ڪانَه ڪا، نيا نهوڙي نيهن،

ڏَسن راتيون ڏينهَن، سامي سُپيريَنِ کي.

 

(39)

عاشِقَ تانگهو تارِ، ڳَڻِنِ ڪِينَ اَندَرَ ۾،

لِنوَ  سان لَڪُ ٻَنڌي ڪري، پَلَ ۾ لنگهيا پارِ،

وَڃي بيگمپور جي، بيٺا مَنجِهه بازار،

ڪَري اَکيون چار، سامي سَروپَ سان.

 

(40)

پڙهڻ کون پُرِجَهڻُ، عاشق ڄاڻَنِ اَڳِرو،

پاتو تَنِ پرِتيتِ سان، سامي  اَنڀئه اڻُ،

ڪڍي وِڌائون ڪَلپَ ري، مَهيءَ مَنجهون مکڻ،

اَچَڻُ ۽ وَڃَڻُ، ڏِسَنِ ڪونَه آڪاسَ جان.

 

(41)

ڏيئي دِلِ دَولت، عاشِقَ گَڏِيا اَلاهه کي،

وَٺي نِتُ نيڻنِ سان، لائي لِنوَ لذتَ،

سمجهي ڪو سامي چَئي، اَنڀئي اِشارتَ،

ميٽي سڀ مَمَتَ، چڙهي ويٺو چَوڏول ۾.

 

(42)

دانا ديوانا، يارَ مِڙيئي يارَ جا،

ڪي سَيلَ ڪَنِ سَنسارَ جا، نِرِپَکَ ٿي نانا،

ڪي ڏيئي ڪَنڊِ ڪَلپَ کي، اَندر اَلِسانا،

سامي سَمانا، رَهَنِ سَمَ سُکَ سارَ ۾.

 

(43)

طالع مَندَ تَقَدِيرَ ڳَڻن ڪانَه اَندر ۾،

پَرچي لَڌي جَنِ پانهنجي، پورَڻُ پاڪُ جاگِيرَ،

ماڻِنِ مَوجَ مُڪِتِ جي، سامي چَڙهي سِيرَ،

سَڀَ کي ڏيئي ڌيرَ، پارِ لنگهائن پاتِڻي.

 

(43)

عاشِقُ ڪِينَ هُٽـٖـي، سُوريٖ جان سَنگِرامَ ۾،

اکِيون آکِن ۾ رَکي، سَنمُکُ چوٽَ چُٽي،

سامي لُٽِ لُٽي، رَمزَنِ سان سُکُ سارَ جِي.

 

(45)

عاشِقَنِ اکيون، پَرچي لايون پِرَ سان،

پَلِڪَنِ جي پَردي ۾، ويٺا رَهَنِ رَکيون،

مِلي چارِ چرَاگُ ٿِيونُ، پورَنَ پريمَ ڇَڪِيون،

وِرلي ڪَنهِن لَکيون، سُجاکـٖـي سامي چَئي.

 

(46)

عاشِقَنِ اَچـٖـي، پِرگَهٽُ ڪَيو پَدُ پورَبي،

سامي چَوَنِ سَڀَ کي، ڪو رَنڱڻَ مَنجِهه رَچي،

اِها ڳالهه اَنَڀئي، سَمُجهي جنهن سَچي،

سو ناحقُ ڪينَ نَچي، مَنَنَ جي مَحَلاتَ ۾.

 

(47)

سائي سُرِتِ سُڄاڻَ، سامي سُڏِڪي سَڏَ سَڏ ڪري،

تُنهِنجي عَشقَ اَلَڳُ ڪَيو، هَڻي بيحَدَ ٻاڻَ،

اَچي ملُ مُئنِ سان، نِماڻَنِ جا ماڻَ،

تو بِنان ٻي تاڻَ، آهي ڪانَه اَندرَ ۾.

 

(48)

طالع مندَ توفِيقَ، رکن سڀ سامي چَئي،

چڙهيا انڀَئه اَڇَ تي، لَنگهي لوڪان لِيڪَ،

طالب ٻولنِ ڪِينَڪِي، ڪنهن سان وَڃي وڌيڪَ،

نيڻن کون نزدِيڪ، سُتَهِه ڏِسَنِ سُپِرين.

 

(49)

تُنهنجي عَشقَ اَلَڳُ، مَنُ موهي ڪَيو سُپرين،

کيون وَڃي خاموشَ ڏي، پوءِ نَه وِجهي پڳُ،

ڄاڻي بيحَدَ بانور، کِلي کِنجائـٖـي جڳُ،

سامي چَئي سَهَرڳ مِلِي ڏِئـٖـي مُئيءَ کي.

 

(50)

تُنهنجي عَشق ڦَٽي، جاني جيءُ دُکي ڪيو،

روئي رَتُ اَکِن مون، راتِيان ڏينهن رَٽي،

اِيئين اَڌ مُئنِ کي، ويٺين ڪوهُه سَٽي،

مِلي دُکُ ڪَٽي، سُتَتُ ۾ سامي چَئي.

 

(51)

ڏيئي لَٽِڪي لَتَ، عاشق عشق قَتَلُ ڪَيا،

سامي سي سوريءَ چڙهي، لُونءَ لُونءَ لَهَنِ لذتَ،

چَڙهي ويٺا چَوڏول ۾، لَنگهي پنج ئي تَتَ،

جِتي سَکيون سَتَ، پرچي رَهيون پيءَ سان.

 

(52)

عاشِقَنِ اَلکُ، لَڌو اَنڀئِه اُونگَهه مان،

ڄاڻِنِ ڪونَه اَندَرَ ۾، پُرشارَٿُ ۽ پکُ،

جِيئندي ڇِنِي جَمَ سان، ويٺا ڪَلِپَتَ ڪَکُ،

ٻانڀَڻَ پائي ٻَکُ، سُتَهَه پِيا سَروپَ کي.

 

(53)

عاشِقَنِ اوگاه، ڪَنهِن کي ڪَيو ڪِينَ ڪي،

رَکي سِرُ تَريءَ تي، هَلِيا اُلِٽو راهُ،

سامي سوريءَ تي وڃي، سَمَ کنيائون ساه،

عَجائِب اَسگاهُ، پَدُ ڏٺائون پِريمَ سان.

 

(54)

عاشِقَ هَسِواري، ڪَئي جَنهِن ڪَلِپَتَ ري،

سو سامي ڳَڻـٖـي ڪِينَڪِي، پُرکُ ۽ ناري،

ڏِسـٖـي سَڀَ مورَتَ ۾، صورَتَ موچاري،

پائي پَدُ ڀاري، مست رَهـٖـي مَهرانَ ۾.

 

(55)

سڀ کي مَنَ ڪري، وڌو گَٽُ ڳِچيءَ ۾،

ڀَوَنِ نِتُ ڀُلَنِ جان، ڄاڻِي پيءَ پَري.

ڪنهن عاشق هَنيُسِ اَنڀئِي، بيحَدَ ٻاڻُ ڀَري،

سامي ڏسي ٺَري، پانهنجي اَکئين پاڻ کي.

 

(56)

وِياڌِي ڀوتُ ڇَڏي، ساڌو جَنُ سنسار ۾،

مَتِ هِينَ ڪوڙين ڪيترا، عاشِقَ وِڌا اَڏي،

جي جِيئندي هَليا جَهانَ مون، لَٽڪِي ساڻ لَڏي،

ڏسَنِ گياتِ گڏي، اَندر ٻاهر آتما.

 

(57)

وَڃي لوڪَ لَڏيو، سَکِڻو هِنَ سَنسارَ مون،

طاقت رهِي نه تَنهِن کي، جَنهِن کي ڪالَ سَڏيو،

ٻَلِي ڄاڻِي  ٻانڀَڻُ چَئي، ڪو عاشِقُ ڇوڙُ ڇَڏيو،

جَنهِن کي گُرو گڏيو، گورک جَهِڙو گيانوانُ.

 

(58)

توڙي لَڌو جَنِ، پَڪو پيرُ پِريَنِ  جو،

سي سَدا رِمِ جِهمِ بوندَ ۾، سامي پاڻُ پَسَنِ،

ڦُرني کون ڦارڪ ٿِي، مِلي موجان ڪَنِ،

رَتا رَنگِ رَهَنِ، اَنَ ئي پَهَرَ اَندَرَ ۾.

 

(59)

عَشقَ جو نُقِطو، سَمجهو جَنهِن سامي چَئي،

جِيئنديٖ تَنهِن جَهانَ سان، ليکو ڪِيو  چُڪِتو،

ڪَري مَنُ مُڪتو، سُمهيو سُکَپَتَ سيجَ تي.

 

(60)

عَشقُ ڪَمايو جَنِ، پُڇُ تَنين کون خَبران،

تَه جُڳِتن سان جوڙي ڪَري، توکي ڏَسَ ڏِيَن،

چَنبو هَڻي شير جان، ماري مِٽي ڪن،

تَنهن کون پوءِ پُڇَنِ، سامي سُڌِ سَروپَ جي.

 

(61)

عَشقَ هسواري جَنِ، تَنِ کي اَٺَئي پَهَرَ مُشاهدو،

دِلِ سنديٖ دَرِياهَه ۾، ٽُٻي ماري تَنِ،

هو نِتُ لَقاءُ پَسنِ، لوڪُ نَه لَکـٖـي تَنِ کي.

 

(62)

لِنوَ جادو لائي، جانيءَ ڇَڏيو جيءَ کي،

سو اُٿندي وِهندي گُهڻَ جان، چيتَ چُڻي کائي،

ڪَنهِن کي حال اَندر جو، ٻانڀَڻَ ٻُڌائي،

ويٺو وِهائي، سَودو عشق اَڀيدَ جو.

 

(63)

حَد بيحَدِ ڀَرپُورُ، ستت لَکائِنِ سُپرين،

اُلَٽِي ڪو عاشق ڏِسي، حاضران حَضور،

جَنهِن کي ڏِنو سَتِگُروءَ، سامي نِرِمَلُ نورُ،

جَڏي ڪَلپَتَ ڪوڙُ، اِسِٿِتِ ٿِئي آڪاسَ جان.

 

(64)

سامي وِسُ وهـٖـي، اَوديا جي آڙاه ۾،

پورڻ ڄاڻـٖـي پيءَ کي، ڪو عاشق اَچَلُ رَهي،

جوکَڻـٖـي کَڙِگُ کميا جو، پَنجَ ئي دُوتَ دَهي،

جيڪا اَچِي ٺَهي، سامي رَکي سِرَ تي.

 

(65)

اَڻَ هوندِي حَرڪتَ، مايا رَچي راسِ ڪَئي،

تَنهِن ۾ لوڪَ لُڙِهي وِيا، مورکَ مَنَ جي مَتَ،

عاشقَ چَڙِهيا اَڇَ تي، لِنوَ سان هَڻِي لَتَ،

ڪَٽـٖـي سَڀَ ڪَلِپَتَ، سِيتَلُ ٿِيا سامي چَئي.

 

(66)

ڇَڏي جڳَ جَنجالُ، عاشِقَ چَڙهِيا اَڇَ تي،

هورِي کيلَنِ پيءَ سان، لائي گِيانَ گُلالُ،

ٻُنڌنِ نِتُ ٻيائيءَ ري، سامي سَبَدُ رَسالُ،

ڪَنهِن کي چونِ نَه حال، اَزغَيبي اِسرارَ جو.

 

(67)

ڇَڏي لوڪَ لَڄا، عاشِقَ چَڙهيا اَڇَ تي،

مَنيائون مَحَبوبَ جِي، سامي سَڀَ رَجا،

کوڙي کاموشيءَ ۾، ويٺا ڌيانَ ڌَجا،

ملي ڪَنِ مَجا، سُتَهه سِڌِ سَروپَ سان.

 

(68)

ڇَڏي لوڪَ لَڄا، عاشقَ چَڙهيا اَڇَ تي،

سامي سَدائين رَهَنِ، راضي مَنجِهه رَضا،

مِلي ڪن مَزا، ستهه سپريَن سان.

 

(69)

لِڪَنِ لوڪَ لَجا، ڪوڙا جيءَ جَهانَ جا،

اِسِٿَرِ ڄاڻي پاڻ کي، سَهَنِ نِتُ سَجا،

ڪي عاشق ڄاڻِي اَڪُ سَڀُ، سنساري مَجا،

رَهَنِ سدا رَڄا، آتم سُکَ اَپارَ ۾.

 

(70)

پَرچي پئڙا پَنڌِ، عاشقَ سِڪَ سَچيءَ سان،

لَنگِهيا پارِ سَمُنڊ کون، بِنان ٻيڙيءَ ٻَنڌِ،

وَڃي سُوکَمَ ديس ۾، سامي هَنيائون سَنڌِ ،

ڪيري ڪَلِپَتَ ڪَنڌِ، سَنمُکُ ٿِيا سروپ جي.

 

(71)

سامي سَهاري، جنهن ڪَسَوٽي ڪامِل جي،

پيئي پانهنجي گهر جي، تَنهِن کي سُڌِ ساري،

لَنگهي چڙهيو لَکَ تي، ڀَؤ ساگَرُ ڀاري،

سَمَتا سَچاري، مُکِ رَکي مَوجان ڪري.

 

(72)

سامي چَڙهيو اَمَلُ، اَچي عَشقَ اَڀيد جو،

مِٽيو تَنهِن جي من مون، سَڀو خِيال کَلَلُ،

سُتهه سِڌِ سروپَ کون، پاسي ٿئي نَه پَلُ،

اَٺَئي پَهَرَ اَچَلُ، رَهي پنهنجي حال ۾.

 

(73)

سامي ڪوهُه ڪَتي، جَنهِن کي عَشقُ اَندر ۾،

چَرخو ڀَڃي چاهَه جو، وَحدت منجهه وَتي،

جِتي رَهي تَتي، سَنمُکُ ڏِسي سُپرين.

 

(74)

ساگَرَ کون نِياري، ڪانهي مَوجَ ساگَرَ جي،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، اُتَمُ اَڌِڪاري،

جَنهِن کي عَينَ عَشقَ جي، چڙهي خُماري،

پَرِڇَنَ پِنڊَ ساري، سَٽي سَماڻو سَمَ ۾.

 

(75)

جِيئندا جوڳُ ويراگُ، تَپَ تِيرٿَ ڪَنِ تَن سان،

سُتَهَه سِڌِ سروپَ جو، مُئنِ لَڌو ماڳُ،

جاڳي اَوِدِيا ننڊَ مون، سامي ٿِيا سُجاڳُ،

ڦُرني بِنان ڦاڳُ، کيلَنِ نِتُ خيال ري.

 

(76)

دانا ديوانا، ڪوڙين گُهمَنِ ڪيترا،

سامي مِلِي سَروپَ سان، ڪي عاشق اَلِسانا،

ميٽي ويٺا مَنَ مون، نِرَپَکَ ٿي نانا،

پَرچي پَروانا، جيئين جليا جوت ۾.

 

(77)

خاطو وَٺي خَطُ، آيو مَنَ موهَنَ جو،

تنهن ۾ لِکِيو سِڪ سان، مُٺِي ڇَڏِ مَمَتُ،

پَرِچي پانهنجو پاڻ کي، سامي ڏِسُ سُتَتُ،

ڪوهُه  روئين رَتُ، اَکِنِ مان عاجزُ ٿي.

 

(78)

چَريا سي چَئجن، جي پاڻُ پَڇاڻن ڪِينَڪِي،

ڳالهِيون ڀَلَنِ جون ٻُڌي، مَرم نَه رَکن مَنِ،

ڪاڻِ نَه ڪَڍَنِ ڪَنهِن جي، سُوري سَٺِي جَنِ،

سَدا غَرقُ رَهَنِ، سامي سُپيرين ۾.

 

(79)

جَنِي خَواهش خَريدَ، ٿئي تن عشق اَلله جو،

اِئين چَونِ ٿا اولِيا، سامي سَڀِ شَهِيدَ،

مَري جَنِ مُرِشِدَ کون، وَدي دَرِسَنَ دِيدَ،

ڪَنِ اَڀيدي عيدَ ملي نِتُ مَحَبوبَ سان.

 

(80)

جَنِ کي ڦَٽَ هُئا، اَڳُ ئي عَينَ عَشقَ جا،

سي ڏِسي مُنهُن مَحَبوبَ جو، جِيئندي جڳِ مُئا،

سامي چڙهيا چِٽَ تي، لنگهي پِٽَ دُعا،

ڪايا ۽ ڪِرِيا، ڄاڻَنِ سَڀَ مِٽيءَ جِي.

 

(81)

مُئن جو مارگ، وَڃي  پُڇُ مُئنِ کون،

جي جِيئندي تَنَ اَڀَمانَ کون، عاشِقَ ٿِيا اَلڳُ،

سَهي ڪَيائون ساڌَ سَنگِ، سامي سَڄَڻُ ٺڳُ،

جَنهِين سارو جڳُ، ٺڳيو ٺڳوريءَ سان.

 

(82)

سَڀَ ۾ سُڃاڻَنِ، عاشِقَ پنهنجي يار کي،

اَندَرِ ٻاهَرِ دَهَ دِسا، ساڻُ سَدا ڄاڻَنِ،

نَهن چوٽيءَ تائون چُور ٿِيا، بيڌِيا جي ٻاڻَنِ،

سامي سياڻَن، اِهڙو پَدُ پَچائيو.

 

(83)

سُرِڳُ ۽ نَرِڪُ، عاشِقَ ڄاڻَنِ ڪِينَ ڪي،

رَهَنِ سَدا سُنسي ري، گَگَن مَنجِهه غَرقُ،

اَندرِ ٻاهَرِ هِڪُ، سامي ڏِسَنِ سُپرين.

 

(84)

جِيئين ڪاٺيءَ گُهڻُ کائي تِيئين  عشق لَڳو اَرواح کي،

پولو ڪَيائين پڃرو، سَڀَ سَنڌَ سُڪائي،

اَکِيون تَنهِن جِي آسِري، بيٺو پِڙُ لائي،

مالِڪُ مِلائي، سُتَتُ گُرُ سامي چَئي.

 

(85)

اکيون ويئون پارِ، ڪي جو پَسي آئِيون،

پلئُه لَڳنِ پِريَن جو، بيٺي منجهه بَزارِ،

سامي صفائيءَ جي، ڪَرِن سدائي ڪارِ،

توڙي اچن اورِوارِ، تان ڀي غير نَه ڏسنِ گِياتِ ري.

 

(86)

اَچرَجَ اِلاهي، عاشِقَ ڏِسَنِ اَلاهَ جا،

سامي ڪَٽِي جَنِ سَرِوگَتِ، ڦُرني جي ڦاهي،

رَکَنِ نَه رَتيءَ جيتري، مَستي مَندائي،

سَدا ٺَهي ٺاهِي، ماڻِنِ مَوجَ مُڪِتِ جي،

 

(87)

اَنَنَ اُپاسَڪُ، پاسي ٿِئي نَه پيءَ کون،

ماڻي دَورَ دَرِسَ جا، لِنوَ سان ٻَڌي لَڪُ،

پِيئي پِيئاري  پِريمَ جو، پِيالو ڀري اَٿَڪُ،

سَدا پاڪُ پَرپَڪُ، سامي رَهي سڀاوَ ۾.

 

(88)

راتِيون ڏِينهَن تَڪي، عاشق مُنهُن مَحَبوبَ جو،

رَهي اَکنڊُ ڌيانَ ۾، سامي ڪِينَ ٿَڪي،

ڄاڻَ وِڃائي پانهِنجي، لُنوَ لُنوَ رَسُ چَکي،

بِنان مُکَ بَڪي، چَڙِهي گئِبَ گَگَنَ ۾.

 

(89)

پَٽي دوسُ دَريون، سَنَمُکُ ويٺو سَمَ ٿِي،

هَڻي نِتُ عَشقَ جا، بيحَد ٻاڻَ ڀريون،

صَدقي ڪَريان تَنهن سُکَ جي، پَل تون حورَ پَريون،

سامي ڏِسي ٺَريون، اَکِيون عاشقَنِ جِيون.

 

(90)

اَکِنِ مَنجِهه اَکيون، اَٺَئي پَهَرَ عَجيبَ جيون،

پَسي پاسو ڪِينَ ڪَنِ، رَهَنِ پِريمَ ڇَڪيون،

وَڃي پُڇُ تَنين کون، جوڙي جَنِ رَکِيون،

اِها ساک سکيون، سامي ڏيندءِ سِڪَ جِي.

 

(91)

عَشق اَڳِواڻي، ڪيو جنهن گُرگِياتِ سان،

ڪَٽِي تنهن ڪُپَتِ جي، ڪوڙي ڪَهاڻي،

سَمُجهي ٿِيو سامي چَئي، پَپوٽو پاڻي،

مَوجَ مِلي ماڻِي آدي، سِڌِ آگاڌَ سان.

 

(92)

عشِقُ اَڀيدَ ڪَماءِ، سامي چَيو ستِگُروءَ،

اُلَٽِي گِيانَ آگنَ ۾، جِيئندي پاڻُ جَلاءِ،

پورَڻُ ڄاڻِي پيءَ کي، نَڪي ڪڍُ نَه پاءِ،

ڀاويــٖـن دُهُلُ وڄاءِ، ڀاويــٖـن رهُه سَماڌِ ۾.

 

(93)

عَشِقُ ناهي آسان، سامي چَيو سَتِگُروءَ،

پُڇُ تَني کون خَبِران، جَنِ سَڀُڪي ڪَيو قُربانُ،

رَکَنِ نَه رَتيءَ جيترو، اَندَرَ ۾ اَڀِمانُ،

توڙي جَکـٖـي جَهانُ، تان ڀي مَستُ رَهَنِ مهَراڻ ۾.

 

(94)

عاشِقَ اَڪالي، ڪاڻِ نَه ڪَڍَنِ ڪَنهِن جي،

مُکِيُه رکِيائون مَنَ ۾، کِمِيا خوشحالي،

وَرِتَڻِ وَرِتَنِ وِڌِ سان، سامي سُکالي،

وِلايَتَ والي، پورَڻُ ڏِسَنِ پَڌِرو.

 

(95)

اَکنِ مَنجِهه اَکيون، تَنهِن ۾ اَکيون اَنڀَئي،

تَنهن ۾ اَکِيون عاشِقَن، رمزَ ساڻُ رَکيون،

ڪوڙِنِ مون ڪَنهِن هِڪِڙي، لکائي لَکِيون،

سامي جَنهن سَکيون، پَنجَ ئي ڪِيون وَسِ پانهِنجي.

 

(96)

دوستَ جو ديدارُ، ڪَيو جَنهِن ڪَلِپَتَ ري،

ڀُلو تَنهِن جي ڀاسَ مون، ڪامُ ڪِروڌُ اَهِنڪارُ،

سَدائين گُلِزارُ، سامي رَهي سُڀاوَ ۾.

 

(97)

عَجَبُ عَشِقُ گُهٽِي، پيئندَڙيٖ مَنُ پَتِيو،

اَوِدِيا سَڀَ اندَرَ جِي، لَحَظي مَنجِهه لُٽِي،

سامي پيو ڇُٽي، جَنَمَ مَرَڻَ جي دُکَ کون.

 

(98)

جَنهِن کي پيئي ڄاڻ، اَچي عَشقَ اَڀيدَ جي،

مِٽي تَنهِن جِي مَن مون، راتِيان ڏيهان تاڻ،

ڀُلي سَڀَ سنسارَ جي، سامي سُرِتِ سُڄاڻَ،

پيءُ پَرچِي ٿِي پاڻَ، تان ڀي پي پي ڪري پَپِيهي جان.

 

(99)

جَنهِن کي ٻاڻُ لڳو، اَڻِيالو عَشِقَ جو،

سو اُلَٽِ: اَنتر مُکُ ٿِيو، ڇَڏي ڍورُ ڍڳو،

سامي ملِي سَروپَ سان، ڀولو ڀَرمَ ڀَڳو،

پيڇو ۽ آڳو، ڏِسي نَه اَنڀئِه پَدَ ۾.

 

(100)

جَنِ کي لَڳِي لوَرَ، اَچي عَشقَ اَڀيدَ جي،

پَرچي ڪئي تَن پانهنجي، ڳوٺَ اَگَمَ ۾ اورَ،

سامي خودِ خُدائي، ماڻِنِ درسَنَ دَورَ،

تان ڀي اورِنِ اورَ، مِلي مهد جَنَنِ سان.

 

(101)

جا جانيءَ جي جاتِ، عاشقَن جي آڳهِين،

مِٽي جَنِ جي مَنَ مون، سَڀ پَرائي تاتِ،

تَتِ ڪَيائون تَڪِيو، جَتي ڏينهُن نَه راتِ،

پائي دَرَسَنُ داتِ، ساماڻو سامي چَئي.

 

(102)

پَنڊِتَ آئون جوشي، رُڌا ليکي لُڙَ ۾،

عاشِقَ چَڙِهيا اَڇَ تي، ڇَڏي بي هوشي،

مُکِ رَکِيائون مَنَ ۾، کِميا خاموشي،

ٿَڌي ۽ ڪوسي، سامي سَهَنِ سِرَ تي.

 

(103)

ليکي وِڌو لُڙُ، سامي چَئي سَنسارَ ۾،

عاشِقَ چَڙِهيا اَڇَ تي، ڪَري پَنجَ ئي پُڙُ،

سَنمُکُ سُپيريَن جي، لائي ويٺا جُهڙُ،

جيئن گُنگو کائي ڳُڙُ، مُشڪي ڪُشِڪي ڪِينَڪِي.

 

(104)

ڇڏي لوڪَ لَجا، رَکي خواهش عَشقَ جي،

سَمَ سوکَمَ آڪاسَ ۾، کوڙي ڌيانَ ڌَڄا،

سامي سُپيرِيَنِ جي، رَهي مَنجِهه رَجا،

تَنهن کون پوءِ مَجا، ملي ڪري محبوبَ سان،

 

 (105)

اَکِن مَنجِهه اَکِيون، تَنهن ۾ اکيون اَنڀئي،

جوڙي جُڳِت اَنوپَ سان، پِريَن پاڻَ رَکِيون،

ڪوڙيُن مون ڪنهن هِڪِڙيٖ، لَکائي لَکِيون،

سامي جَنهِن سکِيون، پَنجَئي ڪَيون وَسِ پانهنجي.

 

(106)

عاشِقَ عينُ اَکَرُ، پَڙهي ڪَري پَرِپَڪَ ٿِيا،

سامي ڪَيائون صافُ سَڀُ، دُويتَ جو دَفتَرُ،

پَرچي لَڌائون پانهنجو، بيگمپُرِ شَهَرُ،

اولَهُه اَئون اوپرُ، ڏِسَنِ ڪونه آڪاس ۾.

 

(107)

عاشِق اُڌارو، ڪنهن کان وَٺن ڪينڪي،

شاهُه ڪيائون سَتِگُرو، ڀاڳيوانُ ڀارو،

آهي جنهن جي آسري، پورڻَ پَسارو،

کولـٖـي ڀنڊارو، سامي ويٺا سَمَ جو.

 

(108)

عاشِقَ اُگهاڙيٖ، اَلَکَ لَکائِنِ اَنَڀَئي،

سَمُجهـٖـي ڪو سامي چَئي، لِنوَ سان مَنُ لاڙي،

پِرتَکُ ڏِسي پيءَ کي، خِيالُ کَڦَڻُ ڦاڙي،

صُفا سڀ ساڙي، اِسِٿِتِ ٿِئي آڪاسَ جان.

 

(109)

مُنهن سان بَڪَ مَ بَڪُ، سامي خِلِوَتَ خاصَ جِي،

عاشقَ عَجيبَن جو، هَرِدَمُ رَکَن حَقُ،

اَٺَئي پَهَرَ غَرقُ، رَهَنِ پَنهنجي حالَ ۾.

 

(110)

پاتو جَنهِن مَرَمُ، پَرِچـٖـي جو پَرتِيت سان،

سي ٽُڪريٖ، پاڻيءَ، لُنگ جو عاشق رَکَن نه غَمُ،

دوستَ ٻاجهون دَمُ، سامي کڻن ڪونَه ڪو.

 

(111)

ڪَنهِن کي ڄاڻَنِ ڪينَ، عاشِقَ بنان عَجيبَ ري،

جڳَتُ جوٺ ڏِسي ڪَري، ٿِيا لاهوتي لِينَ،

توڙي ڪَنِ ڪوپِينَ، تان ڀي راجا رانوَلَ ديسَ جا.

 

(112)

عاشق اَلبيلا، ڪاڻ نَه ڪَڍَن ڪَنهِن جي،

مِلي ڪَنِ مَحبوبَ سان، مَمَتِ ري ميلا،

رَهَنِ پنهنجي حالَ ۾، سَدا سُهيلا،

گُرو ۽ چيلا، مِلِيا سَچَ جا.

 

(113)

عاشق اَنڀَئِي، ٻاڻي ٻولِنِ بيحَدي،

سامي سَمُجَهنِ ڪِينَڪِي، وادي ۽ وکَئِي،

ڏيئي ڪَنڊِ ڪَلِپَ کي، ڪنهن گاهَڪ گِرهَڻُ ڪئي.

لوڪ پرلوڪ ٻَئِي، لنگهي چڙهيا لَکَ تي.

 

(14)

عاشق اَکيون چارِ، رَکَنِ سِڪَ سمجهه جون،

ڏِسَنِ مُنهُن محبوب جو، بيٺا منجهه بَزارِ،

ڄاڻنِ ڀيدَ ڀرم ري، پورَڻُ پارِ ارِوارِ،

ٻانڀڻ بارو بارِ، پِيئنِ پيالو پريم جو.

 

(115)

ڪاڳرَ سَڀِ ڪوڙا، سِڪَ سَمُجَهه ويساهَ ري،

اِئين چَوَنِ ٿا اَنَڀئِي، ڇَٺيءَ جا ڇوڙا،

جيڪي ماڻِنِ مَسِتُ ٿي، درسن جون دَوران،

گهورِنِ نِتُ گهوران، سامي ساڌ سَنگَتِ تون.

 

(116)

سامي چَئي سَوادُ، جَنهن کي آيو سَهَجَ جو،

سي ڪَنهِن سان ڪَرن ڪِينَڪِي، وائي ۽ وِکادُ،

هارَ جِيتَ دُکَ سُکَ کون، عاشِقَ رَهَنِ آزاد،

ڪري مُدعي ماد، مِليا سُتَهَه سَروپَ سان.

 

(117)

فِڪر کون ڦارڪُ، عاشق ٿيا اٽڪل سان،

جاڳي ڪَڍياءٌ جيءَ مون، لِنوَ سان اوديا لِڪُ،

اَندَرِ ٻاهَرِ هِڪُ، سامي ڏِسَنِ سُپِرين.

 

(118)

عاشق پُڇَنِ نَه آگهَه، دَرِ دَرِ ديوانن جان.

جَنِ کي ڏِني سَتِگُروءَ، سامي چَئي سَڀَ سگَهه،

ڀانويــٖـن وَرِتَنِ وِڌِ سان، ڀانويــٖـن رَهَنِ سنگهَه،

ڄَنگهه تي رکي ڄَنگهه، ماڻِنِ دَورَ دَرِس جا.

 

(119)

اِڇا ڪَيا عاججُ، اَنڌا جيءَ جهانَ جا،

لاهي سَگهنِ نه لَکَ ري، ڪوڙو ڪلپَ ڪَرجُ،

ڪو عاشِقُ چَڙهيو اَڇ تي، ساڙي ٻِيائيءَ ٻِجُ،

سامي سَمتا سِجُ، ڏِٺو جَنهن اَکِن سان،

 

(120)

عاشِقُ نِتُ اُداسُ، روئي رَتُ اَکِن مون،

ڪَري سَڏُ سَڄَڻ کي، سُڏِڪي ڀَري ساسُ،

لاٿو سَڀُ لِڱنِ تون، مَحَبَتَ ڪري ماسُ،

سَهي ڪَنِ سُواسُ، سُتَهَه مِلِي سامي چَئي.

 

(121)

عاشقُ ڪوٺائي، ۽ سانگو رَکي سِرَ جو،

عجيباڻيءَ آگ ۾، پاڻُ نَه پچائي!

ريجهَه بِنان رائـٖـي، توکي پِرين ڪندا ڪِيئن پَنهنجو؟

 

(122)

عاشقُ عَطائي ڪوڙيُنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

جَنهِن کي لَکَ اَلکَ جِي، اَنڀَئِه ۾ آئي،

ڪَري نَه ڪَتَرَ جيتري، وَري وَڏائي،

سامي سَڀائي، رَکي رَجاتَ هَرِ سان.

 

عاشق (ب)

 

(1)

اَچِي اَچانڪَ، عَشِقُ جاڳائي جَنهِن کي،

تَنهِن کي پَهُچائي پَدَ ۾، لُٽـٖـي ساڻُ لَٽَڪَ،

سامي ٿِئي نَه سَروپَ کون، پاسي هِڪَ پَلَڪَ،

وَڄَنِ ڍولَ ڍَمَڪَ، تان ڀي مَسِتُ رَهَنِ مَهراڻُ ۾.

 

(2)

بيحَد ڳَالهه باريڪُ، آهي عَشقَ آگَمَ جي،

ڪوڙِنِ مون ڪَنهِن هِڪِڙي، طالِبَ ڪِي تَحَقيقُ،

سَهَجي ٿِيو سامي چَئي، جَنهِن سان روحُ رَفِيقُ،

نَئنَنَ کون نَجيڪُ، سُتَهَه ڏِسـٖـي سپرين.

 

(3)

عاشِقَ اَٽَڪَ ڇَڏيٖ، هَرِدَمُ رَهَنِ حَضورَ ۾،

ويٺا دَرِ دَرِويشَ ٿي، اَنَڀَئِه ڪُٽِي آڏي،

سامي ڪَيا سُپرينءَ، سَنَمُکُ پاڻَ سَڏي،

چارَئي نَئن گَڏي، پِيئنِ پِئارِن پِريمَ رَسُ.

 

(4)

اَزِغَئِبي آيو، عَشقُ رَنگِيلو ايلچي،

هَڻِي چَماٽو هيڪڙو، اَڳِيون تَنهن لايو،

مِلائي مَحبوبَ سان، سامي سَمايو،

اَڻَ وَيو آيو، جِيئن ڪَنگَڻُ ڪَرَ جو.

 

(5)

ڪَئي جو ڪِيتو، سامي پائِنِ ٿا سَڀي،

ڪو عاشِقُ چَڙِهيو اَڇَ تي، موڙي مَنُ رِيتو،

پيالو پِريمَ آگمَ جو، پَرچي جَنهِن پِيتو،

جاڳي جڳُ جِيتو، ڏِسِي اَنَڀَئِه آتَما.

 

(6)

ڪَري مُنهُن جِهڪو، عاشِقُ چَڙِهيو چِٽَ تي،

جَنهِن کي ڏِنو سَتِگُروءَ، رَهسِي راجَ ٽِڪو،

سورجَ جان سَنسارَ ۾، رَهي ڪِينَ لِڪو،

سُندَرُ سالُ سِڪو، سامي چَئي سَڀَ ڪاٿَهين.

 

(7)

ڪاٺيءَ گُهڻُ کائـٖـي، تِئين عِشقُ الله جو،

ريڙهي وِيو رَمِزَ سان، پاڪوڙا پائي،

سُوڌي ڪَيائين سُڌِ مَنُ، ڇَلَ وَلَ ڇَڏائي،

پَدَ ۾ پَهُچائي، سَماڻو سامي چَئي.

 

(8)

ڪَري عينُ اَعِتِبارُ، عاشِقَ چَڙِهِيا اَڇَ تي،

ڪَٽي سَڀُ ڪَلِپَتَ، جو، ڀيدُ ڀَرَمُ اَهَنڪارُ،

پرِچِي پَرِڇِنتا ري، پِئنِ پيالو سارُ،

اَندَرِ ٻاهَرِ يارُ، سُتَهَه ڏِسَنِ سامي چَئي.

 

(9)

ڪَري عَشقَ اُمَنڊَ، عاشِقَ چاڙِهيا اَڇَ تي،

سَٽِيائون سَمَرَٿَ ٿي، پَرِڇِنتا جِي پَنڊَ،

ڀَرَنِ ڪِينَ ڀُلَن جان، ڏيهي بَڻِي ڏنڊَ،

سَدا اَڀيدُ اَکَنڊَ، سامي رَهَن سُڀاوَ ۾.

 

(10)

خَلِقَ ۾ خالقُ، خلقَ وَسي خالِقَ ۾،

ساکَ ڏِئي سامي چَئي، اَنَڀَئِي عاشِقُ،

ڏِٺو جَنهِن آڪاسَ جان، هِرِدو سُوڌي هڪُ،

ميٽي ڦيرُ فرَقُ، ماڻي مَوجَ مَهَتُ ٿي.

 

(11)

ٺاڪُرُ ٺڳَ ٺاهِي، بيحَدِ بازي رَنگَ ڀَرِي،

سامي موهِي وِسُ سَڀَ، ڦاهيءَ مَنجِهه ڦاهِي،

رَهـٖـي اَليپُ آڪاس جان، ڪو عاشِقُ اَچاهِي،

 پورَنُ پاتِشاهي، ڪَري ڦُرني فوجَ ري.

 

(12)

سُورَ ويرَ، ٻَلِي، سَکِڻا وِيا سنسارَ مون،

جَني پَنهنجي زورَ سان، ڌَرتي سَڀ مَلي،

سامي ڳالِهِه سَهي ڪَئي، عاشِقَنِ اَصُلي،

ميٽي بُري ڀَلي، مِليا سارَ سَروپَ سان. 

 

(13)

پَڙهي ٿِيا پَرپَڪَ، عاشِقَ اَکَرُ پريم جو،

رَکيائون رَهتِ سان، ويڙهي سَڀِ وَرَقَ،

چَڙهِيا چيتَنَ چِتَ تي، لَنگهي اوٽَ اَٽَڪَ،

پائي رَمجَ رَسَڪَ، سماڻا سامي چَئي.

 

(14)

پَڙِهي ٿِيا پَرپَڪَ، عاشِقَ اَکَرُ پريم جو،

سامي مِليا سَروپَ سان، ويڙهي سَڀِ وَرَقَ،

ماڻِنِ سُکُ سَمِتا جو، لائي لِنوَ لَٽَڪَ،

اَندَرِ اونَ اَلکَ، ڪَنهِن کي ڄاڻَنِ ڪِينَڪِي.

 

(15)

جَنهِن عاشِقَ لايو، سَچو عَشِقُ اَلاهَ سان،

جِيئنديٖ تَنهِن جَهانَ جو، سَڀُ مَمَتُ مِٽايوم،

ڄاڻي ڪونَه اَندَرَ ۾، پَنهنجو پَرايو،

سامي سَمايو، جَل پَپوٽو جَلَ ۾.

 

(16)

دانا ديوانا، عاشِقَ سَڀ اَلله جا،

مِٽِي جَنِ جي مَنَ مون، نانا، انانا،

سَدا رَهَنِ سامي چَئي، اُنَمَنَ اَلِسانا،

جِيئين پَرِوانا، جَلِي جوتِ سَروپِ ٿِيا.

 

(17)

عاشِقَ اَلاهِي، هَرِدَمُ رَهَنِ حُضورَ ۾،

ڪُٽي جَن ڪِرِپا سان، ڦُرني جي ڦاهي،

سامي ڏِيَن سُک جي، آگمَ اوگاهي،

مَستِي داناهي، آهي جنهن جي آسري.

 

(18)

عاشِقَ اَلاهي، اِسِٿِتِ رهن آڪاسَ جان،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، وِرَلو ويساهي،

ڪَٽي جَنهِن ڪَرِپا سان، ڦُرني جي ڦاهي،

مَستِي داناهي، ڄاڻي مَوجَ دَرِياهَ جي.

 

(19)

عاشِقُ اَگهورِي، پَلِ پَلِ پِيئي پِريمَ رَسُ،

جَنهِن کي اَزِغَئِبي لڳي، لُنوَ ۾ لِنوَ لوري،

سامي لَڌي ساڌَ سَنگِ، مَحَبَتَ جي موري،

هميشَه هوري، مِلي ڪَنِ مَحَبوبَ سان.

 

(20)

عاشِقَ اَلبيلا، ڪاڻِ نَه ڪَڍَنِ ڪَنهِن جي.

مَحَبَتَ جي ميدانَ ۾، مُڪِتا ڪَنِ ميلا،

ڏِيَنِ ڏيهِه اَڀِمانَ ري، اَنَڀَئِه اُٽيلا،

گُرو اَئون چيلا، سامي ٿِيَنِ سَچَ جا.

 

(21)

عاشِقَ اَلبيلا، ڪاڻِ نَه ڪَڍَنِ ڪَنهن جي،

لَنگهي چَڙِهيا لَکَ تي، ساگَرُ سُهيلا،

ٻاهَرِ تون مان ۾ رَهنِ، اَنتَرِ اَڪيلا،

گُرو اَئون چيلا، سامي ٿِيَنِ سَچَ جا.

 

(22)

عاشِقُ عَجائبُ، موجان ڪَري مَمَتَ ري،

سامي ڪَيو جَنهِن سُرِتِ کي گَگَنَ مَنجِهه گائبُ،

هَرِدَمُ ڏِسي هِڪِڙو، سيکَ سَچو صاحِبُ،

جَنهِن جو مَنُ نائِبُ، حاضُرُ رَهي حُڪُمَ ۾.

 

(23)

عاشِقَ عَجائِبُ، واڪَ ٻولِنِ ويدانتَ جا،

چيٽي اَئون ڪُنچَرَ ۾، سمَ ڏِسَنِ صاحبُ،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، ٿِي نيهي نائِب،

جو غيرتَ سَڀَ غائِبُ، ڪَري گيات گَگَنِ ۾.

 

(24)

عاشِقَ عين اَصيلَ، پاسي ٿِيَن نَه پيءَ کون،

جَنِ کي ڏِني سَتِگُروءَ، رِيجهي رَمِزَ رَنگيلَ،

پيئنِ پئارِنِ پِريمَ رَسُ، سامي صافُ سَبيلَ،

دِلِ جا سَڀَ دَلِيلَ، مِٽائي ماهِلُ ٿِيا.

 

(25)

عاشِقَ اَسِتامَلُ، لَکَ لَکائِنِ اَنَڀَئي،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، پِريتوان پَرِٻَلُ،

ڏيئي ڪَنڊ ڪَلِپَ کي، لَهـٖـي مُڪِتِ مَحَلُ،

ڪَري جَنَمُ سَڦلُ، اِسِٿِتِ ٿِئي آڪاسَ جان.

 

(26)  

عاشِقَ اُگهاڙي، ڳالهه نَه ڪَرِن ڳُجَهه جي،

ڪَٽِي جَنِ ڪَلَپنا، سامي سَپاڙي،

پوکي ويٺا پَدَ ۾، سُتَهَه سِڌِ واڙي،

ڏِسَنِ ڏِهاڙي، پانهِنجي اَکئين پاڻَ کي.

 

(27)

عاشقَ اُگهاڙي، ڳالِهه نَه ڪَرِنِ ڳُجَهه جي،

ڪَٽِي جَنِ ڪَلپنا، سامي سَپاڙي،

لائي ويٺا لالَ ٿي، تُرِيا ۾ تاڙي،

ڏِسَنِ ڏِهاڙي، پَنهنجي اَکِئين پاڻَ کي.

 

(28)

عاشقَ اُگهاڙي، ڳالِهه نَه ڪَرِنِ ڳُجَهه جي،

ڏِسَنِ منهُن مَحَبوبَ جو، ڏَنڀَ ري ڏِهاڙي،

لائي لالَ گُلالُ ٿِيا، تُرِيا ۾ تاڙِي،

سامي سَپاڙِي، ڪَڍي ڇَڏِيائون ڪَلپنا.

 

(29)

نيڻَنِ جيءَ نِگاهَ، عاشِقَ ڪُٺا ڪيترا،

ڪُوڪَنِ ڪِنجَهنِ ڪِينَڪِي، رَهَنِ بي پَرواهَ،

اَٺَئي پَهَرَ عَجيبَ جِي، سَهَجـٖـي ڪَنِ صَلاحَ،

ڇَڏي چِنتا چاهَ، سامي چَڙِهيا سِيرَ تي.

 

(30)

عاشِقَ مَها مَلَنگَ، ڪاڻِ نَه ڪَدَنِ ڪَنهِن جي،

پِيتي جَنِ پَرَتِيتِ سان، سامي سَمَتا ڀَنگ،

سُمِهيا سُکَپَتَ  سيجَ تي، ٽنگ تي رَکي ٽَنگَ،

راتِيون ڏِينهان رَنگَ، مِلي مَحَبوبَ سان.

 

(31)

عاشِقَنِ اَصُلي، پِريتَمُ لَڌو پانهِنجو،

سيتَلُ ٿِيا سامي چَئي، ميٽي ڪلپَ ڪُلي،

ماڻِنِ دَورَ دَرِسَ جِي، خوشيءَ ساڻُ کُلي،

ڀَرَمَ مَنجِهه ڀُلي، ڪَڏي پَوَنِ ڪِينَڪِي.

 

(36)

مُئنِ جو. مارَگُ، وَڃي پُڇُ مُئنِ کون،

جي جِيئنديٖ تَنَ اَڀِمانَ کون، عاشِقَ ٿِيا اَلڳُ،

سامي سُپيرَينِ کون، پوءِ نَه وِجَهنِ پڳُ،

توڙي جَکـٖـي جُڳُ، تَه ڀي مَسِتُ رَهَنِ مَهَراڻَ ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org