سيڪشن: شيخ اياز

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

شيخ اياز:

صفحو: 3

اَوديا (ب)

(1)

اَوِدِيا ڀُلايو، سامي سَڀَ جيئنِ کي،

لالَچ جي لَڏونءَ تي، آتَمُ ڀُلايو،

سَهي ڪَري ڪو سُورمو، جو گهمي گَهرِ آيو،

پنهنجو پرايو، خيالُ سَٽي خاموشِ ٿِيو.

 

(2)

اَوِدِيا جيءَ اَنيڪَ، وِڌا واچَ وَهَڻَ ۾،

گوتا کائِنِ گئبَ جا، بِنِ وَئراڳ وِويڪَ،

سامي ڄاڻي سَڀَ ۾، ڪَري اَنِوَئِه وِتِريڪَ،

هِرِدي رَکي اِڪيڪ، مَوجان ڪَري مُڪِتِيون.

 

(3)

اَوِدِيا جيءَ اَپارَ، لوڙهي لَهوارا ڪَيا،

نانا جُوڻِ جَنَمَ  ۾، مُڪَتي کائِنِ مارَ،

لَنگهي چَڙِهيا لَکَ تي، ساڌو جَنَ سَچارَ،

سدا باغَ بَهارَ، سامي رَهنِ سڀاوَ ۾.

 

(4)

اَوِدِيا جيءَ اَپارَ، مُنجهائي موڳا ڪَيا،

ڄاڻِي جُدا پاڻَ کي، مُڪتي کائِنِ مارَ،

ماڻِنِ سُکُ سَروپَ جو، ساڌو جَنَ سَچار،

بَڻِيءَ تي هَسوارَ، سَدا رهنِ سامي چئي،

 

(5)

اَوِدِيا سَڀِ عاجِجُ، ڪيا جيءَ جَهانَ جا،

کَسي خامَ خيال سان، داناهي ڌِيرِجُ،

ڪوڙِنِ ۾ ڪَنهن هِڪڙي، ٻوڌيءَ سارِيُس ٻِجُ،

سامي سَمِتا سِجُ، ڏٺو جنهن اَڀيدُ ٿي.

 

(6)

اَوِدِيا ڪَري اَنڌيرُ، اَڇادِي آتَمَ ڪَلا،

لَڌو لِنوَ سچيءَ سان، ڪنهن پيرانڍُوءَ پيرُ،

جَنهِن کي ڏِني سَتِگُروءِ، سماي سَمُجَهه سَويرُ،

ٿي نِرَڀَئِه نِرَويرُ، ماڻي دَورَ دَرِسَ جِي.

 

(7)

اَوِدِيا منجِهه اَڙي، پيا سِڀِ جيءَ جَهانَ جا،

مَرنِ مَتِ مَرَمَ ري، راتِيون ڏينهنَ رَڙي،

ڪَنهين سُجاکي سُورَمي، ڀَڳي ڀَرَمَ گَهڙي،

چيتَنَ چِٽَ چَڙهي، سُکِ سُمِهيو سامي چَئي.

 

(8)   

اَوِدِيا مَنجهه اَٽِڪِي، پِيا جيءَ جهانَ جا،

مَرَنِ مَتِ مَرَمَ ري، ڀَوندوءَ جان ڀَٽڪي،

سامي ڀَڳي ڪَنهِن سورَمي، مَمِتا جي مَٽِڪي،

لَٽڪـٖـي مَنجهِه لَٽِڪِي، سَهَجـٖـي رَهِيو سَروپَ جـٖـي.

 

(9)

ڪَري اوڙِي اوڙِي، آوِدِيا نِتُ اَنڌَنِ کي،

مِرِگَهه تِرِشِنا جي جَلَ ۾، ٻيڙي جَنِ ٻوڙي،

سامي ڏِٺي ڪنهن ساڌَ سَنگِ، نانگُ نانهِه، نوڙي،

سَٽي جَنهن جوڙِي، اِسِٿتِ رَهي آڪاسُ جان.

 

(10)

اَوِدِيا سَڀُ عالم، مُنجهائي موڳو ڪَيو،

مَري کاِئِنِ مَتِ ري، نانا جوڻِ جَنَمُ،

ڪَڏِي اُتَمُ ڄاڻَنِ پاڻَ کي، ڪَڏِي مَها مَڌَمُ،

جاڳي ڏِسَنِ نه جَمُ، سپُنَي جو سامي چئي.

 

(11)

اَوِدِيا سڀ عالم، مُنجهائي موڳو ڪَيو،

پائي ڀَوَنِ پاڻَهي، نانا جوڻِ جَنَمُ،

وِرِلي ڪَنهن گُرَمُکَ جو، مِٽِيو ڀيدَ ڀَرَمُ،

جَنهِن کي راهَه رَسَمُ، سامي ڏِني سَتِگُروءَ.

 

(12)

آوِدِيا سَڀُ عالَمُ، مُنجهائي موڳو ڪَيو،

ڪَنهن وِرِلي ويساسيءَ جو، مِٽيو غَيرَتَ غَمُ،

جَنهِن کي ڏَسِيو سَتگُروءَ، سامي سار سَنجمُ،

دوستَ ٻاجهون دَمُ، خالي کَڻي ڪونَه ڪو.

 

(13)

آوِدِيا سَڀُ عالَمُ، مُنجهائي موڳو ڪَيو،

پائي ڀَوَنِ پاڻَهي، نانا جوڻِ جَنَمُ،

سامي بَچِيو ڪو ساڌَ سَنگِ، نيهي نِرَ ڪَرَمُ،

پورَبُ آئون پَڇَمُ، ڏِسي ڪونَه آڪاسَ ۾،

 

(14)

آوِدِيا سَڀُ عالَم، مُنجهائي موڳو ڪيو،

پائـٖـي ڀَوَنِ پاڻَهي، نانا جوڻِ جَنَمُ،

سامي ماڻي سانتِ سُکُ، ڪونيهي نِرگَمُ،

سَدا ساڻُ خَسَمُ، پورَنُ ڏِسي پَرَماتَما.

 

(15)

آوِدِيا آحمَقي، موهي ڇَڏي ماڙُن کي،

جَنمَنِ مَرَنِ پاڻَهي، بنا ڏَرَ ڏَڪي،

سامي سَٽِي ڪنهن سورَمي، پَرِڇن پِنڊَ ٿَڪي،

لائي پِرِيت پَڪي، ماڻي سُکُ سَروپَ جو.

 

(16)

ڪَلِپَتَ ڪُتِي ڇِتي، ڏاڙي ڦاڙي ڏَندري

سامي ڇَڏِيائين ڇِنَ ۾، خَلِقَ ڪري خَفِتي،

ثابِتُ رَهي سُڀاوَ ۾، ڪو جوڳيسَرُ جُڳِتي،

ڳُيَرِ جي ڳَڻتي، ڦٽي ڪَئي جنهن فَهَمَ سان.

 

(17)

ڪَلِپَتَ ڪُتي ڇتي، ڪَنِهن کي ڇَڏي ڪِينڪي،

سامي ڪَيائين سَڀَ کي، کَپائي خَفتي،

اِسِٿِتِ رَهي آڪاسَ جان، ڪو جوڳيسَرُ جُڳِتي،

ڳُيرِ جو ڳَڻتي، سَٽي وِڌِي جَنهن ساڌِ سنگِ،

 

(18)

اَوِدِيا سِنڌُ جو اَنتُ، ڪنهين پاتو ڪينَڪي،

 لُڙهيا، لوڀَ لَهَرِ ۾، پِيرُ، اَمِيرُ، مَهنتُ،

لَنگهي چَڙهِيو لَکَ تي، ڪو سُجاکو سَنتُ،

ڀيدَ بنان ڀڳِونتُ، سامي ڏِٺو جَنهن سَرَبَ گَتِ.

 

(19)

ڏاڍي ڏيوالي، اَوِديا ڏائِڻِ ڏَندِري،

جَنهن ڦُري سَڀِ فقيرَ ڪِيا، کَلِکَلِ سان خالي،

سماي ڪو ثابتُ رَهي، عاشِقُ اَڪالي،

پوري گُرَ پالِي، دَيا جَنهن تي دَرِسَ جِي.

 

(20)

اَوِدِيا ڇاندِيو عَقُلُ، ٻَلُ، اَنڌَنِ جو،

ڏِسَنِ ڪينَ اکِنِ سان، پَڌَرِ لالُ پِيو،

ڪنهن سجاکـٖـي سُورَمي، ڪارِجُ سِڌِ ڪِيو،

ساڌوءَ سَنگِ ٿيو، سامي جَنهِن کي سوجهرو.

 

(21)

ڀاري ڀَرَمُ پيو، جُدائيءَ جو جَڳَ ۾.

ماري تَنِ ماڙُن جو، عَقُلُ گُمُ ڪِيو،

سامي بَچِي ساڌَ سَنگِ، ڪو وَريامُ وِيو،

بنا ٻوڌ ٻِيو، ڏِسي ڪِينَ اَکِيُنِ سان.

 

(22)

آوِدِيا جو آوکَدُ، سَتِگُرَ ڏَسِيو سِکَ کي،

پيتائين پَرِتِيت سان، سامي مَحَبتَ مَدُ،

گِهرِي لَڌائِين گَهرَ مون، آدي اَنڀَئِه پَدُ،

ميٽي دُکُ دَرَدُ، اِسٿتِ رَهي آڪاسَ جان.

 

(23)

آوِدِيا جَو آوکَدُ، سَتِگُرَ ڏَسِيو سکَ کي،

سامي سَمَ  سيتَلُ ٿِيو، ميٽي دُکُ دَرَدُ،

ٻُڌائين ٻِيائيءَ ري، حَدَ پَري اَنحَدُ،

پائي پورَنُ پَدُ، مُشڪي ڪُشِڪي ڪِينَڪي.

 

(24)

اَوِدِيا اَنڌارِي، مِٽي نَه سورِجَ سَمَ ري،

توڙ: سَڀِ سياڻا مِڙي، ڪَنِ جَتَن جاري،

سَمجهي ڪو سامي چَئي، ڀاڳَوانُ ڀاري،

بيحَدِ جي ٻاري، پَٽي ڏِٺو جنهن پيءَ کي.

 

(25)

باه آوِدِيا آءِ، ساڙي سَڀَ سَنسارَ کي،

تنهن کي وِدِيا جَلَ سان، وارَمَوار ٻُجهاءِ،

صاف ڪَري سامي چَئي، مَنَ جي مَمَتِ مِٽاءِ،

نَڪِي ڪَڍُ، نه پاءِ، آدي اَنڀَئِه پَدَ ۾.

 

مورک

(1)

اَمولَڪَ آهي، مانُکَ ديهِي دِٻَ رَتَنُ،

کَنيون ڪُوڙَ ڪَلَرَ ۾، ٿو مورَکُ مِلائي،

اَمِرَتُ ڇَڏي هَٿَ مون، وِرسي وِکُ کائي،

مُنهُن مَڙهيءَ پائي، سامي ڏِسي ڪِينَڪي.

 

(2)

اَڻَ هوندِي راندِ رَچِي، نارائڻَ نانَتَ جِي،

تَنهِن ۾ مُئا ڪيتِرا، مُورَکَ لوڪَ پَچي،

پاندُ کَڻي پَڌِري ڪَئي، ڪَنهِن اَوڌُوتَ اَچي،

جَنهِن کي سَمُجهَه سَچي، سامي ڏِني سِتَگُروءَ،

 

(3)

اَودِيا جي اولِي، مُورَکَ پاڻُ وِڃائِيو،

چَرِئي جان چيتو ڇَڏي، دَهَ دِسا ڦولي،

ساکي سَمَرٿُ سارُٿو، گهٽ گهٽ مَنِجهه ٻولي،

سامي پَٽُ کولي، تَنهن کي ڏِسي ڪِينَڪي.

 

(4)

اَوِديا پَلالي، جوڙي ڪِئڙو جيءَ کي،

ويٺو پِيرُ فَقِيرُ ٿي، مورَکُ مَوالي،

آيو ڇَڏِيائين ڪونَڪو، آسائُو خالي،

سامي سُوالي، پاڻَ گُهمي ٿو پِنِڻو.

 

(5)

رَچي مَنُ خلَلُ، ڦاهيءَ ڦاٿو پاڻَهين،

سامي سَمُجهي ڪينَڪي مُورَکُ مايا ڇَلُ،

سانتِ نَه پائي مِرِگَ جان، ڏِسِي مِرِگهي جَلُ،

تَڏي ٿِئي اَچَلُ، جَڏي پَرِچِي ڏِسي پاڻَ کي.

 

(6)

آڻَ هوندي مايا، آوِديا ڪَري سِڌِ ٿي،

مَني ويٺو پاڻَهين پانهِنجا پَرايا،

سامي ڄاڻي جيءُ سَتِ، ڪَلِپَتَ جي ڪايا.

دَرِخَتَ جي ڇايا، جاڳي ڏسي ڪينَڪي.

 

(8)

اَڻَ هوندو ڀولُ ڀَرَمُ، مُورَکَ مَنِيو مَتِ ري،

نَه ڪَنهن زورُ طُلِمُ ڪِيو، نَه ڪَنهن لَڄَ شَرَمُ،

نِتُ کَلا کائي سِرَ تي، رَکي نَه مَنِ مَرَمُ،

جي ڪَرِتا ڪَري ڪَرَمُ، تَه سامي ڪا سُڌِ پَوي.

 

(8)

گَهرَ ۾ رامُ وَسي، ٻاهِرِ ڍوُنڍي جيءُ نِتُ،

پائي مُنهن مَهِرانَ ۾، سامي ڪينَ پَسي،

پانهِنجو پاڻَ ڦَسي، ٿو مورکُ آوِدِيا ڦاسَ ۾.

(9)  

گَهر ۾ رامُ رَهي، مورَکُ ڦولهي دَهَ دِسا،

جَپَ تَپَ ساڌَنَ جوڳَ ۾، سامي ديهه دَهي،

ناحَقُ دُکَ سَهي، ٿو پُٺي ڏيئي پاڻَ کي.

 

(10)

ڀُلي پاڻَ ڀِٽـٖـي، ٿو مورکُ چُهِڙيءَ چاهَ سان،

گَهٽِ وَڌِ ڄاڻِي پاڻَ کي، راتِيون ڏينهنَ ڀِٽي،

تَڏِي ڇوتِ مِٽِي، جَڏِي سامي ملي سَروپَ سان.

 

(11)

پَنهنجو پاڻَ مَري، ٿو مورَکُ جيءُ مَنَنَ ۾،

جِئين ڀولو ڀَرَمَ ۾، ڦاٿو مُٺ ڀَري،

جاڳِي آوِدِيا نِنڊ مون، ڪَري نَه پَٽُ پَري،

سَتِگُرُ مِهَرَ ڪَري تَه سامي ڇُٽي دُکَ کون.

 

(12)

جيءُ ڪَري ٿو جُٺِ، ڀُلِي پانهِنجو پاڻَ سان،

جِئين ڦاهيءَ ۾ ڦَسي، ڀولو ڀَري مُٺِ،

ڏيئي ويٺو پُٺِ، سامي چئي سَروپَ کي.

 

(13)

ٻِيائيءَ مَنجِهه ٻُڏي، مورَکَ مُئا ڪيترا،

ڪو سامي ساڌُ لَنگهي پِيو، ڪِرِپا ساڻُ ڪُڏي،

چاڙِهي جَنهن گُرگِياتِ سان، گَگَنَ مَنجِهه گُڏي،

توڙي ڪَري لاڏلُڏي، تان ڀي سِيتَلُ رَهي سَڀاوَ ۾.

 

(14)

مَنَنَ مَنجهِه مُٺا، گِياني ڌِياني گِرِستي،

سُوڌِي راهَ ڇَڏي ڪَري، پائِنِ پيرَ پُٺا،

وارون وارِ سَمُجهَي، ڪلِپَتَ ڪالَ ڪُٺا،

مورَکَ رَهَنِ رُٺا، سامي سُڌِ سَروپَ کون.

 

(15)

لکين جيءَ لُڙَهنِ ٿا اَڻَ هوندي دَرِياهَ ۾،

چڱو ڄاڻِي چِتَ ۾، مورکَ ڪِينَ مُڙَنِ،

سامي ڪِئن ڇُڙَنِ، جي ٻَڌا ڪَلِپَتَ پانهنجيءَ؟

 

(16)

سامِي ڪَلِپَتَ ڪالُ، مورَکَ مِنَيو پاڻَهين،

نَه ڪنَهين مِيڙِ مِنٿَ ڪَئي، نَه ڪَنهين جورُ جَوالُ،

ڀُلي سارَ سَروپَ کون، دَرِ دَرِ ڪَري سُوالُ،

سَدا رَهي بي حالُ، جاڳي ڏِسي نَه پاڻَ کي.

 

(17)

نانا نِهاري، مُورَکُ مَنَ جي ڀاءِ ٿو،

چَئي هِڪُ زَبانَ سان، سَڀَ کي ڏيکاري،

گَهرُ پانهِنجو نَه ڏِسي، سامي سَنڀاري،

حِرِفَتء ڪِيو هاري، هيرو جَنَمُ هَٿَنِ مون.

 

(18)

مُورَکُ وِکُ کائي، ٿو آتَمَ اَمِرَتَ ڇَڏي،

هِيرا لعلَ اَڻَ مُلها، ٿو رولي وِڃائي،

سامي ڏِسي ڪِينَڪي، مُنهُن مَڙِهيءَ پائي،

هَٺُ ڪَيو هاري، ٿو مانُکَ ديهِه اَمولَ کي.

 

(19)

صاحِبُ وِساري، جُڙِيو جيءُ جڳَتَ سان،

هِيرا لعلَ اَڻَ مُلها، حِرِفَتَ ڪَيو هاري،

اُلِٽي ڏسي ڪِينَڪي، سامي سَنڀاري،

مُورَکُ ٿو ماري، پَنهنجي هَٿين پاڻَ کي.

 

(20)

پانهِنجو پاڻَ هَڻي، ٿو مُورَکُ جُهڳو مَتِ ري،

هِيرا لعلَ ڦِٽا ڪَري، ٿو ڪَنڪَرَ ڪَچُ کَڻي،

سامي ڏِسي ڪِينڪي، نَفعو نُقصان ڳَڻي،

تاڻـٖـي مَنجهِه تَڻي، ٿو ڏانوَرَ جيان پاڻَ کي.

  

(21)

مُورَکُ وِڃائي، ٿو هِيرو جَنَمُ هَٿَنِ مون،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، ليکي نَه لائي،

ڏانوَرَ جِيان پاڻَ کي، ٿو ڦَندَ ري ڦاسائي،

مُنهُن مڙهيءَ پائي، سامي ڏِسي ڪَينَڪي.

 

(22)

مُورکُ ٿو ماري، پَنهِنجي هَٿين پاڻَ کي،

لَڳي مايا موهَ جي، ڪوڙي لِنوَ لاري،

ڏِسي نَه سَروپَ کي، سامي سَنڀاري،

گَپَڻِ مَنجِهه گاري، ٿو هِيرا لعلَ اَڻَ مُلها.

 

(23)

پَنهنجِي پاڻَ پَٽي، ٿو مُورَکُ پاڙَ مَرَمَ ري،

ساکان سَنتَنِ جون ٻُڌي، هَٺَ کون ڪينَ هَٽي،

مانُکَ ديهِه اَمولَ کي، ٿو ساگَرَ مَنجهِه سَٽي،

وَٺي ڪَچُ مَٽي، ٿو ڏيئي لالَ اڻ مُلها.

 

(24)

اَٺَ ئي پَهَرَ مَري، ٿو مُورَکُ جيءُ مَنَنَ ۾،

ڄاڻِي سَت سَنسارَ کي، ٿو نانا آسَ ڌَري،

ڪايا مايا ڪُلَ جو، گَرَڀَ گُمان ڪَري،

سامي ڏِسي ٺَري، مِرِگَ تِرِشِنا جي جَلَ کي.

 

(25)

سپُنَي جو سَنسارُ، مُورَکَ  ڄاڻَنِ سَتِ سَڀُ،

ڪايا مايا ڪُلَ سان، پَرِچي ڪَنِ پيارُ،

سامي ڏِسَن نَه سَمَ ٿي، ساکي سِرِجَنهارُ،

ناحَقُ ٿِئنِ خُوارُ، ٿا ڀُلِي پاڻَ ڀَرَمَ ۾،

 

(26)

ويٺو مُوڙُه ڪَري، مايا ڪايا پانهنجي،

ٻيئي ٿِيَن نه ڪَنهِن جون، ناحَقُ جيءُ جَري،

ڪَري ڏِسي ڪِينَڪي، آوِدِيا پَٽُ پَري،

تَڏي وَرقُ وري، جَڏي سامي مِلي سَتِگُرو.

 

(27)

ديوي آئون ديوا، مُورَکَ پُوڄِنِ مَتِ ري،

لائِنِ ڀوڳُ ڀِرانتِ جو، کِيرُ کنڊُ ميوا،

وِرِلو ڪو ساڌو ڪَري، سامي سُڌُ سيوا،

اَلکُ آڀيواهه، پُورَنُ ڏِسي پِريم سان.

 

(28)

سَمُجهي ڪِينَ سَڙِيو، تَه ڪو آءُ پانڌيڙو پَنڌ جو،

راتِيون ڏينهان ڪَنڌَ تي، رَهيسِ ڪالُ چَڙِهيو،

ڳالِهه نَه مَني ڪَنهن جي، آوديا مَنجِهه اَڙِيو،

سامي اَڻَ گَهڙِيو، گَهڙي گهاٽُ اَندَرَ ۾.

 

(29)

مُورَکُ ڪِينَ هَٽي، ڪوڙَ ڪَپَٽَ پَرَپَنچ کون،

مانُکَ ديهِه اَمولَ کي، ٿو ساگَر مَنجهِه سَٽي،

ٿوهَرَ لائي گَهرَ ۾، سامي اَنبَ پَٽي،

موتِيُنِ سان مَٽي، ٿو وَٺي ڪَچُ ڪَرُوڙَ جو.

 

(30)

دَولَتَ بنان دَمُ، ڪوڙا هَڻَنِ ڪيترا،

ڳالهِيون پَدَ آگَمَ جون، سامي ڪَنِ سُگَمُ،

رَکَنِ نَه رَتيءَ جيترو، مُورَکَ مَنِ مَرَمُ،

جَڏي پَوينِ ڪَمُ، تَڏي روئي وِهَنِ راهَ تي.

 

(31)

مُورَکَ هَيءِ هَيءِ ڪَنِ، مايا ڪَارَڻِ مَنَ ۾،

سَتِ ڄاڻي سَنسارَ کي، نانا دُکَ سَهَنِ،

ڪالَ پَنهنجي ڪَنڌَ تي، اَنڌا ڪِينَ ڏِسَنِ،

سامي هَلِيا وَڃَنِ، رُئندا رَتُ آکنِ مون.

 

(32)

مُورَک ڪرِنِ وادِ، بنان سَمُجَهه سَروپَ جي،

ڳالهيون ويدَنِ جون ٻُڌي، سامي رَکنِ نَه يادِ،

پَرِچي لَهَنِ ڪِينَڪي، آتمُ پَدُ آگاڌِ

بنان سُکَ سَماڌِ، پنَڊِتُ ڄاڻَنِ پاڻَ کي.

 

(33)

پَنڊِتُ پُڪاري، ويدَ ٻُڌائي وِڌِ سان،

ساکان ڏيئِي سَمَ جو، سَڀَ جو مَنُ ٺاري،

رَکِي چاه اَندَرَ ۾، پاڻُ نَه سَنڀاري،

ويندو سو هاري، هِيرو جَنَمُ هَٿن مون.

 

(34)

مُورَکَ وادِ ڪَئي، پَنڊِتُ ڄاڻِي پاڻَ کي،

ٻُڌايائين سَڀَ کي، چارَئي ويدَ چَئي،

سامي سارَ سَروپَ کي، ڪَيائين ڪِينَ سَهي،

وِيَڙو پاڻَ وَهي، ڏيئي هَٿَ ٻئنِ کي.

 

(35)

مُورَکُ چوراسِي، ڀُلِي پَوي ٿو پاڻَهِين،

اَوِديا جي اَهَنڪارَ جِي، پائي ڳَلِ ڦاسي،

سامي سَدائي رَهي، مَڌ ۾ مَواسي،

اُلَٽِي اَبناسي، ڏيوُ نَه ڏِسي ڏيهَه ۾،

 

(36)

مُورَکُ چوراسِي، ڀُلي پَوي ٿو پاڻَهين،

نَڪو جَمَ گَڻُ، ڌَرَمَ گَڻُ، نَڪو ڦَندُ ڦاسِي،

ڏِسِي اِنهيءَ ڳالهِه کي، اَچي مَنِ هاسي،

سامي اَبناسي، ناسُ مَنـٖـي ٿِيو نِنڊَ ۾.

 

(37)

گَهرَ ۾ ڪِينَ اَچي، مُورَکَ ساڌَ سَنگَتِ ري،

اَوِدِيا نوڙُ ڳِچيءَ ۾، پائي نِتُ نَچي،

سَهَسَنِ مون سامي چَئي، ڪو وِرِلو رَنگِ رَچي،

جَنهِن کي گُرَ سَچي، ٻيڌِيو ٻاڻ هَتي ڪَري.

 

(38)

راتِيون ڏينهنَ پِٽي، ٿو مُورَکُ جيءُ مَرَمَ ري،

مِلِي چاهَه چمارِ سان، پانهِنجو پاڻُ ڀِٽي،

بنان ساڌَ سَنگَتِ جي، مَمِتا ڪِينَ مِٽي،

سامي تَڏي ڇُٽي، جَڏي جاڳِي جُڙي پاڻَ ۾.

 

(39)

پانهِنجو پاڻَ مَلي، ٿو مُورَکُ مِٽِي مُنهَن کي،

ڇَڏي ساڌَ سَنگَتِ کي، ڪُسَنگَ ساڻُ رَلي،

ڏيئي لعلَ اَڻ مُلها، ٻَنڌي ڪَچُ پَلي،

ڪَڍِي کوٽِ هَلي، ٿو سَمُجهه وَرائـٖـي سکڻو.

 

(40)

ويٺو پاڻَ مَنـٖـي، مُورَکُ مايا مَنَ ۾،

تَپَ تِيرٿَ ساڌَنَ ڪَري، ڀولو ڪِينَ ڀَڃي،

سامي ڪينءَ وڃي، بنان سَمُجهَه سَروپَ جي.

 

(41)

وِڌو وِڇوڙو، مُورَکَ پاڻَ پِرِيَنِ کون،

ڏيئي ويٺو گهَرَ کي، اَوِدِيا جو اوڙو،

سامي رکي ڪِينَڪي، مُحبَ ڏي موڙو،

ٻُڌي نَه ٻوڙو، دانهان دَردَوَندَنِ جون.

 

(42)

پانِهنجو پاڻَ پَئي، ٿو مُورکُ اَوِدِيا ڦاسَ ۾،

کَڻِي پِنڊَ مَنَنَ جِي، ناحَقُ دُکَ سَهي،

مِرِگَ تِرِشِنا جي جَلَ مون، اُڃ بُکَ ڪينَ لَهي،

گُرگَمَ رَهتِ رَهي، تَه سُکي ٿِئي سامي چَئي.

 

(43)

پانهِنجو پاڻَ حوالُ، مورَکَ جيءَ مَندو ڪَيو،

رَکِي چاهَ اَندَرَ ۾، دَرِ دَرِ ڪَري سُوالُ،

ساڻُ رَهي پِرِتِ پالُ، تنهن کي ڏِسي ڪِينڪي.

 

(44)

موڙَه ڏِئَن آتَرُ، پانهنجي اَڳِيون  پاڻهين،

اَٽلُ راڄُ ڇَڏي ڪَري، بِيکَ ڪَرِنِ دَرِ دَرِ،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، تون سامي سَهي ڪَرِ،

بِنان ڀَڄَنَ هَرِ، مُٺا جيءَ مَنَنَ ۾.

 

(45)

پَنا ڪوهه پَڙهيــٖـن، اَٿي حَرفُ حَقيقتَ هِڪڙو؟

پائي مُنهُن مَهِراڻَ ۾، اَندَرِ ڇو نَه اَڙين؟

ڪَلِپَتِ ڪَڍي جيءَ مون، سامي سِيرَ چڙهين؟

ناحقُ ڪوهُ گَهڙين، اَڻَ هوندا گهاٽَ اَندَرَ ۾؟

 

(46)

ڀُلِي ڌَرِنِ بيکُ، مورَکَ بِيکُ اَصُلَ تي،

جاڳي ڏسَنِ ڪينڪي، اَندَرِ پُرکُ اَليکُ،

جَنهن ۾ مِينُ نَه ميکُ، سامي آدِ جُڳادِ جو.

 

(47)

تِرِڻَ اولي ڀَڳوانُ، مورَکُ ڦولي دَهَ دِسا،

سَمُجَهه نه رکي جيءَ ۾، جِئين ٻالَڪُ نادانُ،

سامي سِرَتي ڀانُ، اَنڌو ڏِسي ڪِينَڪي.

 

(48)

جئين سَنکُ ڪَري، دانهَن نِتُ دَردَ ري،

سامي سُکَ ساگَرَ کون، ڄاڻي پاڻ پَري،

تئين مُورَکُ مَتِ ري، مَمِتا مَنجهِه مَري،

ڏِسي نه ڌِيرَ ڌَري، سُتهِه سِڌِ سَروپَ کي.

 

(49)

مورَکَ بنا مَتِ، ڀُلي پِيا ڀَرَمَ ۾،

سَتِ ڄاڻي سَنسارَ کي، کَپَنِ مَنجهه کَپتِ،

عاشِقَ چَڙِهيا اَڇَ تي، ڪَري سُڌُ سَنبَتِ،

نِندا آئون اُسِتَتِ، سامي ڄاڻَنِ سَمَ سَڀَ.

 

(50)

مُورکن ميڙي، ڪاڳَرَ ڪوٽَ ڪَٺا ڪَيا،

سامي لوڀَ لَهَر نيا، رَهتِ بنان ريڙهي،

عاشق چڙهيا اَڇَ تي، وَرَقَ سڀ ويڙهي،

شَهَه رڳَ کون نيڙي، سُتَهه ڏسن سُپرين.

 

(51)

مُورَکَ جيءَ خرابُ، ڪَيا ڪَلِپَتِ پانهِنجيءَ،

جَنمِي مَري جَمَ کي، هَرَ هَرَ ڏِيَنِ حِسابُ،

ڪوڙِنِ ۾ ڪوهِڪڙو، ڪري خوشيءَ سان خوابُ،

جَنهِن کي شَوقُ شَرابُ، سامي ڏِنو سَتِگُروءَ.

 

(52)

خوديءَ مَنجِهه خَرابُ، مُورَکَ لوڪَ اَپارَ ٿِيا،

مَني ويٺا سَتِ سَڀُ، جَڳَتَ جو اِسبابُ،

اَڳيون ڪالَ قَهار جــٖـي، سامي جَهلِنِ نه تابُ،

هَرَ هَرَ ڏِيَنِ حِسابُ، سَمُجَهه وَرائي سَکِڻا.

 

(53)

خوديءَ مَنجِهه خُوارُ، ٿِيا بيــٖـکَ گِرهِستي لوڪَ سَڀِ،

مَنـٖـي ويٺا مَنَ ۾، وِڌِ نِکيڌِ وَهِنوارُ،

جاڳي ڏِسَنِ ڪِينڪي، ساکي سِرِجَڻَهارُ،

سامي پائِنِ ڇارُ، ٿا سَمُجَهه وَرائي سکڻا.

 

(54)

ڪَيڙو جَنِ ڪَپَٽُ، ساڌَ سَنگَتِ گُرَپيرَ سان،

تَني ڏِنو پاڻَ کي، اَڳِيون اَوِدِيا پَٽُ،

چڙِهي تَنِ جي چِتَ تي، سامي ڪَلِپَتَ ڪَٽُ،

ڳِچيءَ پائي ڳَٽ، هو ڀَوَنِ ڀَوندؤءَ جان سَدا.

 

(55)

مَحَلَ مَنجهين آهِينِ، سامي سُوڌا سُپرِيــٖـن،

هيڏي هوڏي هَٿِڙا، مُورَکَ ٿا پائينِ،

پاڻُ ڀُلائي پانِهنجو، دَرِ دَرِ لِيلائِينِ،

سَمُجهي سَمائِين، وِرِلا ڪي وِسرامَ ۾.

 

(56)

مُورَکَ لَڳين نَه مُلُ، پَرچي مَنجهِه پِرِيَنِ جي،

سَمُجِهي ڏِسُ سامي چَئي، ڇَڏي هَيبَتَ هُلُ،

رَکي سڪَ اَندَرَ ۾، پِريمَ هِندوري جُهلُ،

ناحَقُ ڀَرَمَ نَه ڀُلُ، پُٺي ڏيئي پاڻَ کي.

 

(57)

ساکي سِرِجَڻهارُ، رَهي سَدائي گَهرَ ۾،

مُورَکُ دَهَ دِسا، ڪَري نَه دَمُ قَرارُ،

پانهِنجو پاڻَ خُوارُ، ٿِيو سامي چَئي سَمُجَهري.

 

(58)

مُورَکَ ڌارِ نَه بيکُ، هَهِڙي بيکَ اَصُلَ تي،

تَنهن ۾ وَسي پاڻَ ٿو، پورَنُ پُرکُ اَليکُ،

اَٿِي مِينُ نه ميکُ، سَمُجهي ڏِسُ سامي چئي.

 

(59)

مُورَکَ ڪوهُ رَٽـٖـين، راتِيون ڏينهان لوڀ کي؟

وِڌي آتَمَ پَدَ جِي، اِنهيءَ راهَ لَٽي،

جيءُ ڪيائين پيءَ کي، مَسِتيءَ ساڻُ مَٽي،

جاڳي ڇونه ڪَٽِيــٖـن، ڪَلِپَتَ پانهِنجِي؟

 

(60)

غَيرَتَ گَندُ مَ وِجُهه، مورَکَ ميڙي گَهرَ ۾،

جَنمَنِ جي جَنجال جو، اِهو ٻيائي اَٿي ٻِجُ،

سَمُجهي ڪَرِ سامي چَئي، تون دَوڙَڻَ کون ڌيِرِجُ،

تَه سِرَ تي ساکِي سِجُ، پَرِ گَهٽُ ٿيــٖـئي پاڻَهين.

 

(61)

مُورَکَ ڪوهه مَرين، ٿو لَڳي ڪوڙي لوڀ سان،

ساڻُ کڻندين ڪِينَڪي، هِتون بارَ ڀَري،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چئي، سُڌُ وِيچارُ ڪَري،

لاهي ڇو نَه ڌَريــٖـن، اَوِدِيا پِنڊَ مَٿي تون.

 

(62)

مُورَکَ ڪَرِ مَ موهُ، ڪايا مايا ڪُلَ سان،

ڇَڏي ويندءِ ڇِنَ ۾، دوهِي ڪَري ڊوهُ،

اُلِٽو ڏيندءِ ڏوهُه، سامي چَئي سِرَ تي.

 

(63)

نامُ نَه نِهارين، پائي مُنهُن مَڙِهيءَ ۾،

جَنَمُ پاتُئِه جَڳَ ۾، سو حِرِفَت ڪِيون هاريــٖـن.

مُورَکَ ٿو مارين، تون پَنهِنجي هَٿين پاڻَ کي.

 

(64)

مُورَکَ ڇَڏِگُمانُ، ڪايا، مايا، ڪُلَ جو،

جَپي وَٺُ جاڳِي ڪَري، ڀيدَ بنان ڀَڳوانُ،

اَچي هَڻَندُءِ اوچتو، ڪالُ قَهاري ڪانُ،

سامي سَڀُ جَهانُ، ماري جَنهن مِٽي ڪَيو.

 

(65)

مُورَکَ ڪوهه ڳَڻيــٖـن، ٿو سَچا ڪوڙا جيءَ ۾،

اِها پِنڊ خَلَلَ جي، سامي ڪينءَ کَڻيــٖـن؟

جُڙَڻَ ري جڳِدِيسَ جي، ٻي سَڀِ ڳالهِه وَڻيــٖـن،

کَڻي نه ڀونءِ هَڻي، مِٽي مَيلُ مَمَتِ جي؟

 

(66)

ناحَقُ وِڃائين، ٿو مورَکَ مانُکَ ديهِه کي،

سامي سَنَتنِ سان مِلي، ليکي نه لائيــٖـن،

ڄاڻي سَتِ سَنسارَ کي، روئين ۽ کائيــٖـن،

ٻُڪَ ڀَري لائيــٖـن، ٿو مٽي پانهنجي مُنهن کي.

 

(67)

مُورَکَ مَنَ اَڄاڻَ، تون پاڻُ نَه پَسين پاڻَ ۾،

پائي مُنهُن مَڙِهيءَ ۾، جَپيــٖـن تان نَه اَڄاڻَ،

پنهنجي هَٿين پاڻَ، ٿو هَڻيــٖـن ڪُهاڙو ڪَنڌ تي.

 

(68)

وِئَڙا سَڀِ لڏي، مُورَکُ سُمِهِيو ننڊ ۾،

سامي مَرَگ مَٿَنِ کون، راتيون ڏينهَن سَڏي،

اَنڌي اَڻَ سَهي کي، ڪَڏي ڪِينَ ڇڏي،

جي پِرين پاڻَ گڏي، تَه جاڳِي مِلي ساٿ سان.

 

(69)

جَڏِي وَهيو ٿي وَهُ، تَڏِي مَڇَ موٽِئين ڪِينَڪي،

ڇَرَ ڇَنيئه ڇاکي ڪَرين، پوءِ موٽَڻَ جو پَدُ،

هاڻي سِرَ مَٿي تون سَهُه، مهَميزان مَلاحَ جون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org