سيڪشن: شيخ اياز

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

شيخ اياز:

صفحو: 14

ڀاڱو ٽيون

 

ڀڳتي

(1)

ڀڳَتِ پَدُ ڀاري، سامي اَٿي سَڀَ کون،

وَڃي پُڇُ تَنين کون، مَمِتا جَنِ ماري،

پائي گياتِ گُروءَ جي، ٿِيا دوست دَرٻارِي،

خُودي خُواري، ڪَڍي ڏِٺائون پاڻَ کي.

 

(2)

ڀَڳتِ پَدُ ڀاري، پاتو جَنهن پَرَتِيتِ سان،

مِٽي تَنهن جي من مون، خودي خُواري،

سامي ڪَري سَڀَ کي، نِئُڙي نِيزاري،

ڄاڻي وِسُ ساري، چِمِتِڪارُ چيتَنَ جو.

 

(3)

ڀڳَتِ پَدُ ڀارو، پاتو جَنهن پَرَتِيت سان،

مِٽيو تَنهِن جي مَنَ مون، اَوِديا اَنڌارو،

لَئِه ڏِٺائين لَکَ ۾، سامي جڳُ سارو،

نَڀَ جان نِيارو، رَهي بِديهي ديهِه ۾.

 

(4)

وَڏي وڏائي، سامي ڄاڻُ ڀڳتِ جي،

نيچَ اوچَ ٿِيا ڪيترا، ڪَري ڪمائي،

ڍيڍ چَمارَ جُلاها، پيڃارا نائي،

جَنين لِنوَ لائي، سي سَڀيئي سُڌرِيا.

 

(5)

بِنان ڀڳَتِ ڀڳو نَت، ڳالهيون سَڀِ ڪوڙِيون اَٿي،

ويدَ پُرانَ سِڌَ ديوَتا، پُڇي ڏِسُ گُرَ سَنتَ،

ناري ٻالڪُ نا ڄَڻي، بِنان ڪِرپا ڪَنتَ،

سامي سَدا اَچِنتَ، پَرچي ٿِيو پريَن سان.

 

(6)

ڀڳَتِ ري ڀڳوانُ، ڪَنهين پاتو ڪِينَڪِي،

توڙي ويدَ پُراڻَ پَڙهي ڪَري، ڪَنِ گيتا جو گِيانُ،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، تون ڪَڍي گير گُمانُ،

ويساسي وِدمانُ، پَرچي ٿِئا وَڃي پيءَ جي.

 

(7)

ڀڳَتِ ري ڀڳونتُ، ڪَنهين پاتو ڪِينَڪِي،

سائي نار سُلَڇِڻي، جنهن ريجهايو ڪَنتُ،

سامي سَنتُ مَهَنتُ، پَرچي ۾ پَرچو رَهي.

 

(8)

ڀڳت بِنان ڀڳوانُ، ڪنهين پاتو ڪِينَڪِي،

ساکَ ڏِئي سُوڌِي سَچي، ساڌو جَنُ سُجانُ،

جاڳي ڏٺو جنهن جوتِ ۾، سامي سَڀُ جَهانُ،

سَدا نِرَ اَڀمانُ، وَرِتـٖـي ويدَ ويچارَ سان.

 

(9)

ڀڳت بِنان ڀڳوانُ، ڪَنهين پاتو ڪِينَڪِي،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، نيهي نِرَ اَڀِمانُ،

جنهن کي ڏِنو سَتِگُروءَ، ديکِيا دَرسَنُ دان،

ڪري اَمِرتُ پانُ، اِسٿت ٿيو آڪاس جان.

 

(10)

ڀڳَتِ جو ڪَڻِڪو، پاتو جَن پَرِتيتِ سان،

وَڌي تَن جو وَڻُ ٿِيو، جِئن ٻَٽَ ٻيجُ نَه ڪو،

اٺئي پَهَرَ اَندَرَ ۾، لايو تَنِ لَٽڪو،

موٽي جَمَ جَهٽڪو، سي سامي کائِنِ ڪِينَڪِي.

 

(11)

ڀاوَ ڀڳتِ جي ڀنگَ، پيتي جَنِ پرِتيتِ سان

سي ڏيئي ڪَنڊِ ڪَلِپ کي، سامي ٿيا سَرِٻَنگَ،

ويٺا اَنڀَئه تَختَ تي، ٽَنگَ تي رَکي ٽَنگ،

راتِيان ڏِينهان رَنگَ، مِلي ڪَنِ محبوب سان.

 

(12)

ڀاوَ ڀڳت جي ڀنگَ، پيتي جَنِ پرِتيتِ سان،

سي سامي پِنڊَ سَٽي، ٿِيا مَحَبتي مَلنگَ،

سُمهيا سُکِپَتِ سيجَ تي، ٽنگَ تي رکي ٽنگَ،

راتِيون ڏِينهان رَنگَ، مِلي ڪَنِ محبوب سان.

 

(13)

ڀڳَتِ وَرائي گِيانُ، جيئن موتي آب ري،

ٻوڌَ وَرائـٖـي نَه مِٽي،، اَوِدِيا جو اَڀمانُ،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، ڪَڍي سَڀُ اُنمانُ،

نِرمَلُ پَدُ نِرَٻاڻُ، حاضُرُ ڏسيـٖـن هَٿَ تي.

 

(14)

ڀڳَتِ مَنجِهه ڀڳونَتُ، جِيئين ڳَنڌُ ڦُلَنِ ۾،

ڪوڙِنِ مون ڪو هِڪڙو، سَمُجهي سَنتُ - مَهَنتُ،

جو ڪلپت ڪَڍِي جيءَ مون، سامي ٿِيو ٻَلونتُ،

جنهن جو آدِ نه اَنتُ. سو ڏيو ڏِٺائين ڏيهِه ۾.

 

(15)

ڀڳَتِ ڀِڄائي، سَهَسـٖـي جَنَ سيتَلُ ڪَيا،

سامي مِليا سَروپَ سان، لِنوَ سَچي لائي،

مَمَتا مِٽائي، پِيئن پِيارِنِ پريمَ رَسُ،

 

(16)

ڪري ڀاءُ ڀڳَتِ، سامي تَرُ سنسارُ تون،

ٻيڙي ڪَرِ ويساهَ جي، چَپو مَحَبتَ مَتِ،

سَت گُرُ پُرکُ مَلاحُ ڪَرِ، پَتَڻُ ڪَڍُ ڪُمَتِ،

ساکِي ڄاڻي سَت، ته پَهچيــٖــن پارِ ڀَرمَ کون.

 

(17)

ڀاڳِوَتي ڀڳَت، پاسي ٿِيَنِ نه پيءَ کون،

جَن کي ڏِني سَتِگُروءَ اَنڀئي اِشارَتَ،

پيئنِ پيئارِنِ پِريم رَسُ، ميٽي موهُه مَمَتَ،

جاڳرتَ ۾ سُکَپَتَ، سدا رهن سامي چَئي.

 

(18)

ڀاڳوتي ڀڳتَ، پاسي ٿِيَنِ نه پيءَ کون،

جَن کي ڏِني سَتِگُروءَ سامي مَتِ محبت،

جڳتُ ڏِسَنِ جانيءَ ۾، جاني مَنجِهه جڳتَ،

ڪَٽِي سَڀ ڪَلَپَتَ، اِسٿت ٿيا اَڪاس جان.

 

(19)

جيڪو ڀڳَت ڪَري، سامي سرڌا پريتِ سان،

اَوِديا پَنڊَ مَٿي تون، لاهي هيٺ ڌَري،

چيٽيءَ اَئون ڪُنچَرَ ۾، ماکـٖـي ڏِسي ٺَري،

تَنهن کون پيرُ پَري، ڪَڏي ڪِينَڪِي.

 

(20)

ڀڳتِ ڀولي ڀاءِ، ڪَئي جنهن ڪرتار جِي،  

اَچي تَنهِن سان اوچتـٖـي، سامي ٿِيو سَهاءِ،

تون ڀي ڏِسي تَنِ کي، لِنوَ سَچائي لاءِ،

وِچون ڀَرَمُ وِڃاءِ، ته ماڻي دورَ دَرَسَ  جا.

 

(21)

سَنتَنِ ڳالهِه چَئي نانا ڀاءِ ڀڳَتِ جي،

سامي سِڪَ سَچيءَ سان ڪنهن وِرلي جَنَ ڪَئي،

پانهنجيءَ منجهه پَئي سُکُ لڌائين سَمَ جو.

 

(22)

ڀاڳوَتي ڀڳتَ، ماڻِنِ سُکُ سَروپَ جو،

سمُجهي جَنِ سامي چَئي، اُلٽِي اِشارتَ،

چَڙهيا چيتن چٽَ تي، ڪَٽي سَڀ ڪَلِپَتِ،

عين اَڀيدَ اَڌِڀُتَ، ٻاڻِي ٻوِلنِ بيحدي.

 

(23)

ڀاڳوَتي ڀڳَتَ، پاسي ٿئن نه پيءَ کون،

جَنِ کي ڏني سَتِگُروءَ، سَچي مَتِ محبت،

ڏِسَن نِتُ ديهيءَ ۾، مَڌَ ڀَري مورَتُ،

ڪَٽي سَڀَ ڪَلِپَتَ، سامي ماڻِن سانتِ سُکُ.

 

(24)

ڀاڳوتي ڀَڳَتُ، پاسي ٿئي نه پيءَ کون،

مِٽيو جَنهِن جي من مون، سامي موهُه مَمَتُ،

وَرتي وِڌِ ويچارَ سان، عَينَ اَڀيد اُپِرَتُ،

رائِي ۽ پَربَتُ، سَمَ ڄاڻي سامي چَئي.

 

(25)

جِيئين هَريو دَرِخَتُ، ڇايا ڦَلَ ڦُلَ سُکَ ڏِئي،

تِيئين سَڀِ ڪارج ڪري، ڀاڳوَتي ڀَڳَتُ،

رَکي نه رَتيءَ جيترو، مايا موهُه مَمَتُ،

عَينُ اَڀيدُ اُپَرَتُ، سامي رهي سڀاوَ ۾.

 

(26)

ڀاڳوَتي ڀڳَتُ لِڪـٖـي ڇِپي ڪِينَڪِي،

ڏِٺو جنهن ديهيءَ ۾، اَنڀئه آتَمَ تَتُ،

ماڻي مَوجَ مُڪِتِ جِي، ميٽي سَڀُ مَمَتُ،

رائي ۽ پَروَتُ، سَمَ ڄاڻي سامي چَئي.

 

(27)

ڀڳتن کون ڀڳوانُ، پَلَڪَ پَراهون نه ٿِئي،

اَندر ٻاهَر سَروِگَتِ، ڏئي دَرسَنُ دانُ،

ڪَٽي ڪوٽُ جنم جو اَندر جو اَڀمانُ،

پائي پَدُ نِرٻان، سامي ماڻِنِ سانت سُکُ،

 

(28)

ڀڳتَن کون ڀڳوان، پلڪ پراهون نه ٿئي،

ڪَري تن کي سَرِوگَتِ، ڏيئي درسن دان،

مِٽيو تن جي مَنَ مون، ديهيءَ  جو اَڀمانُ،

پائي پَدُ نِرٻان، سامي ماڻِنِ سهج سُکُ.

 

(29)

ڀڳتن کون ڀڳوَنتُ، پاسي ٿئي ڪِينَڪِي،

کائي کِچِڻي، کيرُ، ساڳ، کَلان ۽ ڀَتُ،

سامي سَڀَ ۾ سارُ، جَنِ ڄاتو آتَمَ تَتُ،

رَکي نه مَنِ مَمَتُ، ڄاڻي روپَ جا.

 

(30)

ڀڳتن هَٿ ڀڳوان، ڪِيئن وِڪامي وَسِ ٿيو،

سامي چَئي سَتِگُرو، پَرچي ڏي پرمان،

ڪِيائون سِڪَ سَچيءَ سان، تَنُ مَنُ ڌَنُ قُربانُ،

پائي پَدُ نِرٻان، ماهِلُ ٿيا مهراڻَ ۾.

 

ڀڳتي (ب)

 

(1)

ٺاڪُرُ وِڪاڻو، سامي هَٿِ سَنتَنِ جي،

پاسي رکيائين پريت سان، مندائِي ماڻو،

سيوا ڪري سيوڪُ ٿي، پرچِي سَڀَ پاڻو،

لَٽِڪِي لُڀاڻو، ڀَنوَرَ جان ڀڳَتِ تي.

 

(2)

جَنهِن جو آد نه اَنتُ، تولَ مولُ نه ماپَ ڪا،

سو پَرچي ٿيو پاڻَهِين، ڀڳتنِ وَسِ ڀڳوَنتُ،

سايم جَنِ سوگهو رکِيو، گِياتِ سَچي گُرَمَنتُ،

بلاوَلُ بَسَنتُ، ڳائيندا وَتَنِ ڳوٺَ ۾.

 

(3)

ڀڳتَ پِيارا ڄاڻُ، ناردَ مان کي سَڀَ کون،

جَني مُنهنجي نانوَ تي، ڏِنو پانهِنجو پاڻُ،

سَنسو ڪَڍي جيءَ مون، سَمَ رَهَنِ سَڀَ ساڻُ،

ڀورِي تَنِ جو ڀاڻُ، سامي ڇَڏيان ڪِينَڪِي.

 

(4)

ڏسي جيءُ ٺَري، نارد نِجُ ڀڳتن کي،

مان ڌاريان ڌيان تنهِين جو، جو منهنجو ڌيان ڌَري،

اوت پروت ڄاڻـٖـي ڪري، ٿيان ڪينَ پري،

سامي ڪينَ سري، بِنان ڀڳَتِ آهارِ جي.

 

(5)

ڄاڻِجِ شُدُ سَروپ، نارد نِجُ ڀڳتن کي،

تارڻ ڪاڻِ سنسار جي، ڌاريُم اِيهو روپُ،

سامي وَچَنُ اَنوپُ، سَتِ چَوان ٿو صفت سان.

 

(6)

ڀاڳوَتي ڀَلو، سامي گُهرَنِ سَڀَ جو،

رَکنِ نه رَتيءَ جيترو، رِدي منجهه رَلو،

جاڳي هَنياَئون جڳت جي، ليکي اُتي کَلو،

ڪري پاڪُ پَلو، سنمک ٿِيا سَروپَ جي.

 

(7)

ڀاڳوَتي ڀَڄَنُ، هَرِدَمُ ڪَرنِ هڪڙو،

جنهن ۾ تون مان ناهِه ڪا، نَڪو مايا مَنُ،

ڏِسَنِ ديهِه اَڀمانَ ري، پَرِميشورُ پورنُ،

سَدا مَست مگَنُ، سامي رهن سڀاوَ ۾.

 

(8)

ڀڳتُ ڀاڳوَتي، ٻولي مٺو موهڻو،

جَنهِن کي ڏِني سَتِگُروءَ، سامي گِيانَ گَتي،

ڏِسي ديهه اَڀِمانَ ري، پِرِتک پراڻَ پَتي،

جِيئن لوئي رنگ رَتي، رَتو رهي رَنگَ ۾.

 

(9)

هَر ڀڳَتَنِ جي چالَ، نِياري نانا ڀَرَمَ کون،

اَندِرِ سِياڻا سورما، ٻاهَرِ حالَ بي حالَ،

سَرَنِ آئـٖـي سَڀَڪَنهِن جِي، سامي ڪَنِ پرت پالَ،

ڪرپا ساڻ ڪَلالَ، پِيَنِ پِيارِنِ رامَ رسُ.  

 

(10)

هَرِجَنُ ڪينَ هَٽي، پريم ويساهَه کون،

سُوري جان سَنَمُکُ لَڙيٖ، سَنسو سَڀُ سَٽي،

ماري نانا دَلَ کي، ڪَلِپَتَ سَڀَ ڪَٽي،

سَهَجـٖـي سوڀَ کَٽي، سامي مَنَ مَواسَ کون.

 

(11)

ڏسي باغَ کجِان، آرائيءَ اَرداسَ ڪِي،

خاوند ٻُڌَ ٻانهي جون، آهَه ڀَريون اَرجان،

اَٺئي پهر اَندر ۾، ٿو تَنهِنجي ڊاءِ ڊجان،

سامي تَڏي سِجان، جَڏي پرچي ڪَريــٖـن پنهنجو.

 

(12)

لونءِ لونءِ جاپُ جَپِنِ، مِلي ڀڳَتَ ڀڳِوَنتَ جا،

ٽِنِ تاپَنِ جي تاپَ ۾، سامي ڪينَ اَچنِ،

ڀيدُ ڪَڍي ڀرپور ٿي، ڪَلِپَتَ ڪَنڊِ ڪَپِنِ،

سدا رَنگِ رَچَنِ، مِلي ڪرَي مَحَبوبَ سان.
 

(13)

لونءِ لونءِ جاپُ جَپي، بِنان ڀيدَ ڀرَم جي،

ڪَلِپَتَ ڪَڍي جيءَ جي، اوِدِيا پاڙَ پَٽي،

ساکي ڏِسـٖـي سَڀَ ۾، ڪَنهن سان ڪينَ تَپي،

سامي سَدا ٺَپي پُٺي، پانهنجي شِشَ جي.

 

(14)

ڀڳَتِ ڏِني ڀڳوانَ، جَنَ کي پَرچي پانهنجي،

تَن سامي سَڀيئي ڪَيا، جپَ تَپَ دان اِشِنانَ،

راڄَ ڀوڳَ سُکَ سرگَ جِي، اِنڇا رَکَنِ ڪانَ،

رَهَنِ مَنجِهه جَهانَ، سَدا اَليپَ ڪَنوَلَ جان.

 

(15)

ڀڳَتِ ڏِني ڀڳوانَ، جَنهِن کي پَرِچي پانهِنجي،

تَنهن سامي سَڀيئي ڪَيا جَپَ تَپ دانَ اِشِنانَ،

جَنَمَ مَرَڻَ سُکَ دُکَ جي، ڪَلِپَتَ رَکي ڪان،

اِيئين ويدَ پرانَ، چَوَنِ وِڌِ وِيچارَ سان.

 

(16)

ڀڳت ڏني ڀڳوان، جَنِ کي پرچي پانهجي،

سي پيئن پِيئارن پريم رَسُ، نيهي نِر اَڀمان،

سامي ساڌ سَنگَتِ ري، ٻي سُڌِ رَکَن ڪانَ،

رهن مَنجِهه جَهان، سَدا نيارا نَڀَ جان.

 

(17)

ڀڳَتِ ڏِني ڀڳوانَ، جَنِ کي پَرچي پانهنجي،

سامي تَنِ سَنتنِ جي، مُشڪل ٿِئي آسانَ،

ڪايا مايا ڪُلَ جي، ڪَلپَتَ رکنِ ڪانَ،

رهنِ منجهه جهَان، سدا اَليپُ اَڪاس جان.

 

(18)

 ڀڳَتِ ڏِني ڀڳوانَ، جَنِ کي پَرچي پانهنجي،

سَهَجـٖـي ٿيا سامي چَئي، سي نيهي نِرِٻاڻَ،

جَنَمَ مَرَڻَ دُکَ سُکَ جي، ڪَلَپِتَ ڪَرِنِ ڪانَ

رَهَنِ مَنجهه جَهانَ، سَدا اَليپُ اَڪاس جان.

 

(19)

ڀاڳوتي ڀڳت، پاسي ٿِين نه پيءَ کون،

جَن کي ڏِني سَتِگروءَ، مَڌَ ڀَري مَحَبَتَ،

سامي ماڻِنِ سيجَ سُکُ، ڪَٽي سَڀَ ڪَلِپَتَ،

رَهَنِ مَنجِهه جڳَتَ، سَدا اَليپَ اَڪاس جان.

 

(20)

ڀاڳوتي ڀڳَتَ، پاسي ٿِينِ نه پيءَ کون،

سَهَجـٖـي جَن جِي سَتِگُروءَ، ڪَٽي سَڀَ ڪَلِپَتَ،

سَدا رهن سامي چَئي، جاڳرت ۾ سُکَپَتَ،

گورک نارَدَ دَتَ، ساک ڏني سُکِ ديوَ جي.

 

(21)

سائِينءَ جو پيارو، سائِينءَ سان مِلي رهي،

سَهي ڪيائين سُکَ جو، چيتَنُ چَوٻارو،

پَرچِي پَسارو، سَڀُ ڪَڍيائين جيءَ مون.

 

(22)

ڪَئي ڀڳَتِ ڀَلَنِ، مَمَتَ وِڃائي مَنَ جي،

اَنڀئه سُکُ اَندَرَ جو، ڪَنهِن کي ڪينَ سَلَن،

بِنان چاهَه چَلَنِ، جڳَ ۾ جڳَ جِهڙا ٿي.

 

(23)

ڀڳتُ ڀاڳوَتي، ڪوڙنِ ۾ ڪو هڪڙو،

جَنهِن کي ڏني سَتِگُروءَ، گَهَري گيانَ گَتي،

سُکي ٿِيو سامي چَئي، پائي پراڻَ پَتي،

جيئين لوئي رَنگَ رتي، تِيئين رَتو رهي رَنگَ ۾.

 

(24)

ڀڳتُ ڀاڳوَتي، ڪوڙن ۾ ڪو هڪڙو،

ڏَٺو جنهن آکِنِ سان، پِرتَکُ پراڻَ پَتي،

جاچي ڪينَ جهانَ جا، سامي ساڌَ سَتي،

جِيئين لوئي رَنگَ رَتي، تِيئين رَتو رهي رَنگَ ۾.

 

(25)

ڀڳَتُ ڀاڳوَتي، ڪوڙنِ ۾ ڪو هڪڙو،

ساڌي جنهن سِڌِ ڪَئي، سامي سُرتِ سَتي،

ڏِٺائين اَڀيدُ ٿي، پِرتکُ پراڻَ پَتي،

جِيئين لوئي رنگ رتي، تِيئين رَتو رهي رنگَ ۾،

 

(26)

ڀڳتُ ڀاڳوَتي، ڪوڙنِ ۾ ڪو هڪڙو،

جَنهن پَرچي ڏِٺو پريمَ سان، سامي پراڻَ پَتي،

جِيئين لوئي رنگ رتي، تِيئين رَتو رهي رنگَ ۾،

 

(27)

ڀاڳوَتي ڀڳَتُ، ڪوڙنِ ۾ ڪو هڪڙو،

مِٽيو جَنهِن جي مَنَ مون، سامي مَمَتُ مَتُ،

اَندَرِ ٻاهَرِ نِڀَ جان، ڏِسـٖـي ساکي سَتُ،

واري ويٺو کتُ، جِيئندي پانهنجو جَمَ سان.

 

(28)

ڀاڳوَتي ڀڳَتُ، ڪوڙنِ ۾ ڪو هڪڙو،

جاڳي جنهن جڳت جو، واريو کاتو کَتُ،

سامي مليو سروپَ سان، ميٽي سَڀُ مَمَتُ،

گورَکُ نارَدُ دَتُ، ساکَ ڏِيَنِ سَڀ سُکَ جي.

 

(29)

ڀاڳوَتي ڀڳَتِ، ڪَئي جنهن گُرگيات سان،

مِٽي تَنهِن جي مَنَ مون، سَهَجـٖـي مَمَتَ مَتِ،

وَرِتِي ويدَ وِيچارَ سان، رنگِيلي رَهَتِ،

جاڳرت ۾ سُکِپَتِ، سَدا رهي سامي چَئي.

 

(30)

ڀاڳوَتي ڀڳَت، وِرلو ڪو گُرمُکُ ڪَري،

ڪَڍِي جَنهن اَندرَ مون، سامي مَمَتا مَتِ،

چِيٽيءَ اَئون ڪُنچَرَ ۾، ساکي ڏِسـٖـي سَتِ،

راتيون ڏينهان رَتِ، رَهي پُرَکَ آگَمَ سان.

 

(31)

ڪوڙِنِ مَنجِهه ڪَري، ڪو نِرَمَلَ ڀڳَتِ سَروپَ جي،

ڪَلِپَتَ سَڀ اَندَرَ جي، ڪڍي ڌِيانُ ڌَري،

ساکي سَمَ سَهي ڪَري، اَجَرُ پَدُ جَري،

پَلَڪَ نَه ٿِئي پَري، سامي سُپريَنِ کون.

 

(32)

وِرِلو جَنُ ڪري، ڪو ڀڳتِ اَڀيدُ ڀَرَمَ ري،

جَنهِن تي پورو سَتِگُروءَ، پرچي هَٿُ ڌَري،

سامي ڏسي ٺَري، پانهنجي اَکئين پاڻ کي:

 

(33)

وِرلو واپاري، سَودو ڪري سَچَ جو،

ڀَري کيپَ کميا سان، ڀڳتِ جي ڀاري،

سامي لوڪَ پرلوڪ جي، سُڌِ رکي ساري،

ڪري نِيزاري، سنمک ٿِئي شاهَنِ جـٖـي.

 

(34)

وِرِلو جَنُ ڪري، ڪو ڀڳَتِ اَڀيدَ اَلکَ جي،

جَنهِن تي پورو سَت گُرو، پَرچي هَٿُ ڌَري،

پَلَڪَ نه ٿئي پَري، سامي تَنهِن کون سُپِرين.

 

(35)

وِرِلو جَنُ وِيو، ڪو لَنگهي پارِ سَمُنڊ کون،

جَنهِن کي مَردَ مَلاحَ جو، سامي سَنگُ ٿِيو،

تنُ مَنُ سِڪَ سَچيءَ سان، پَتَڻُ ڀيٽَ ڪيو،

ڇَڏي ڄاڻَ پِيو، پَٽي ڀڳَتِ جَهازَ ۾.

 

(36)

ڀڳَتِ اَڀيدَ ڪَري، جيڪو سِڪَ سَچيءَ سان،

سامي تَنهن کون سُپِرين، پَلَڪَ نه ٿِئي پَرين،

اَٺئي پَهَرَ ٻَري، مَهان مَشعالَ اندرَ ۾.

 

(38)

انَنَ ڀڳَتِ ڪَري، اَٺَئي پَهَرَ عَجيبَ جي،

ساکي سَمَ ڄاڻي ڪَري، سَڀَ سان ڀاءُ ڌَري،

سامي اَجَرُ جَري، ته سَنَمُکُ ڏِسي سُپرِين.

 

(38)

سامي جنهن راڌو، ڀڳَتِ ٻِيجُ ڀَوَنِ ۾،

رِيجهِي تنهن تَدَروپُ ٿِي، اَمرت ڦلُ کاڌو،

رَهي وِديهي ديهه ۾، اُڀَ جان آلادو،

گهاٽو ۽ واڌو، ڪوڙو ڄاڻي ڪَلِپَتَ جو.

 

(39)

ريهِي جنهن راڌو، ڀڳتِ ٻيجُ ڀَوَنَ ۾،

سامي تَنهن تَدَروپُ ٿي، اَمرتُ ڦَلُ کاڌو،

رهي وِديهي ديهه ۾، اُڀَ جان آلادو،

گهاٽو ۽ واڌو، ڪُورو ڄاڻي ڪَلِپَتَ جو.

 

(40)

ڇَپِيو ڪين ڇَپي، سورج جان سنسار ۾،

ڪَڍي جنهن ڪِرپا سان، ڪَلِپَتَ سڀ ڪپي،

ٻِيائيءَ ري ٻانڀَڻُ چَئي، جاڳي رامُ جَپي،

گاري مجهه گَپي، تان ڀي رهي اَليپ اَڪاس جان.

 

(41)

نارايَڻَ جي نام جو، ڌرِيو جَنِ ڌيانُ،

ڪوري ڪَسي ڪَڍيو، تَنِ اَندرَ مون اَڀمانُ،

سامي رهن صاف سدا، پائي گُرگيان،

تَنِي کي ڀڳوان، مالِمُ مَنجهيئي ٿِيو.

 

(42)

جَني لِنوَ لائي، سي سَڀِ لالُ گلالُ ٿِيا،

جَٽَ پِڃارا پاوَلي، موچي، کٽي، نائي،

چَڙِهيا اَنڀئه اَڇَ تي وِڃائي وائي،

سامي سدائي، ماڻِن دَورَ دَرسَ جا.

 

(43)

سامي ڪينَ رَڄـٖـي، ڳالهيون ٻُڌي تُنهنجون،

تُنهنجي ڪارَڻِ سُپِرين، ڏِنُمِ سَڀُ تَجي،

مِٽي لايَمِ مُنهَن کي، ٻُڌي جڳَ سَڄي،

ڏيئي دَرَسُ ڪَڄي، پاڻُ لَڄائين ڪِينَڪِي.

 

 (44)

رَکي جَنِ رَجا، پرچي پنهنجي پيءَ سان،

سي ڦُرني کون ڦارڪُ ٿِيا، ڇَڏي لوڪ لجا،

مِلي ڪَنِ مَجا، سامي شُڌِ سَروپَ سان.

 

(45)

ڏِٺو جَنِ ديدارُ، سامي سُپريَنِ جو،

چَڙهيو رَهي ڇت جي، تنين کي تڪرار،

اُتِريٖ نانَهه خُمارُ، اَٺئي پَهَرَ اَکن مون،

 

(46)

جاڳي ڏِٺو جَنِ، سامي سُپيرِيَنِ کي،

سي نَئنَنِ جي نِروارَ کون، پَلَڪَ نه پاسو ڪَنِ،

ٿَڌِ گَرمي دُکَ بُکَ اُڃَ، سِرَ تي سَڀَ سَهَن،

اَٺئي پَهَرَ رَهَنِ، اڳيون ٻَنڌي هَٿِڙا.

 

(47)

ڏِٺِي رَنگ ڀَري، مورَتَ مَحَبوبَنِ جي،

جِيَڻَ مَرَڻَ دُکَ سُکَ جِي، اَپدا سَڀَ ٽَري،

سامي جيءُ ٺَري، سُمهيو سُکَپَتَ سيجَ تي.

 

(48)

جنهن کي آيو ڀيُو، گَرگَمَ ڀڳَتِ اَڀيدَ جو،

مِٽيو تنهِن جي مَنَ مون، سامي سَڀُ اَهَنميو،

ڏسي ڪو نَه ديوُ، چيٽيءَ اَئون ڪُنچَرَ ۾.

 

(49)

جنهن کي رَسُ آيو، ڀاري ڀاو ڀڳتِ جو،

تنهن مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، سنسو مِٽايو،

لَنگهي چڙهيو لَکَ تي، وِرِتي وَرايو،

سامي سَمايو، ڏِسي سَڀَ عالم ۾.

 

(50)

جَنِ جو مُنهُن مَحَبوبَ ڏي، سي اُروار نه پارِ،

تَتي تَن جو تَڪيو، جَتـٖـي ٻيڙي نه ٻارِ،

لُڙ لهريون تِکَ تارِ، تَنِ نَظَرِ نه آيو نينهن ري.

 

(51)

اَچي گَهرِ واسو، سامي سُپريَنِ ڪِيو،

مَحَبوبَن جي مُنهن کون، ڪَريان ڪِيئن پاسو،

پاڻُ نَه رهيو پاڻَ ۾، ڏِسي تَماشو،

جيئين پَتاشو، پاڻيءَ مَنجِهه پاڻي ٿِيو.

 

(52)

اَڳُ نه ڄاتُم ڄاڻُ، ته ڪو ساهُ ٻِنهي جو هِڪڙو،

لائي چِتُ چَريو ڪَري، پوءِ ڪَڍي وئين پاڻو،

هاڻي لُنوَ لُنوَ مَنجِهه وَٿاڻُ، پائي ويٺين پانهِنجو.

 

(53)

ٿَڪيءَ لَڌو ٿانءُ، اَچـٖـي درِ دوسَنِ جي،

پِرِيَنِ ڌريو پانهِنجو، نماڻيءَ تي نانءُ،

سُڪا سَرَ ساوا ٿيا، اُٺو گُهگهه گِرانءُ،

آجِي ٿِئڙَيس آءٌ، سامي سَڀَ ڏُکَنِ کون.

 

(54)

پِيالي مَنجهون پِرَ جي، دُڪو ئي دولتَ،

پيتو جَنِ پُرِ ڪري، سي ٿيا مَتارا مَتَ،

سي ڪَٿنِ ڪِينَ اَڪَٿَ، ماهِلُ ٿِيا مَهران ۾.

 

(55)

بَندگي بَرَحالُ، ڪوڙِنِ مَنجهون ڪو ڪري،

مِٽيو جَنهِن جي مَنَ مون، سامي جڳَ جَنجالُ،

رَهيو نَه رَتيءَ جيترو، هَنئُمَئُن ريکَ رَوالُ،

مَنجهي حالَ نهالُ، مِلي ٿِيو مَحَبوبَ سان.

 

(56)

جاڳيو ڀڳَتِ اَنگورُ، وَرِکا ساڻُ گُروءَ جي،

سو وَڌي ٻوڌ بِرڇُ ٿِيو، دَهَ دَسان ڀَرَپور،

تَنهن ۾ ساکي ڦَلُ لَڳو، اَنڀَئِه آتَمَ سُورُ،

حاضران حَضور، سامي ڏِسِي نَه رَهِيو.

 

(57)

ڪَتَڻَ جي ڪوڏي، اَئٽُ اُڀوئي نَه ڪَري،

سامي سَدائي رهي، آتڻ ۾ اوڏي،

تَندُ تند سان توڏي، ڳائي غيرُ ڪڍي ڪري.

 

سِڪَ

(1)

ويدَنِ پُرانَنِ ۾، چَرچا هيءَ چلِي،

سُپيريان جي سِڪَ جي، تون ڳولي لَهُه گَلي،

سامي سا مِلي، جنهن دَهَ ڏِٺو دوسَ کي.

 

(2)

هَزارنِ جي هِڪَ، ڳالهه ٻُڌائِي سَتِ گُروءَ،

مِليا سي مَحَبوبَ سان، جَن کي سَچي سِڪَ،

ڪَڏي ٿِيَنِ ڪِينَڪِي، اوڻا ۽ اَڌِڪَ،

ٻِيا ٻانڀَڻُ چَئي ٻالَڪَ، ڀُلي پِيا ڀَرَمَ ۾.

 

(3)

جيڪو هِنَ ويلي، اچي سِڪَ سَچيءَ سان،

تَنهِن کي ڏِيان تَتَڪالُ ۾، مَنَ موهَنُ ميلي،

کَلل ري کيلي، پيو سامي چَئي، سنسار ۾.

 

(4)

سَهَسين رَکَنِ سَڌَ، سامي سپيرِيَن جي،

پيرُ نه پائِنِ هِڪِڙو، موهِيا مايا من

حَدَ ڇَڏي بي حَدَ، ڪو پهتو پُورو پرِيت وا؟

 

(5)

ڪَنهِن وِرلي ڏِٺو هِڪَ، پانهِنجي اَکئين پاڻ کي،

جنهن کي ڏني سَتِ گروءَ، سامي سَچي سِڪَ،

چَڙهي رَنگَ مَحَلَ ۾، ماڻـٖـي موجَ اَڌِڪ

ٻِيا سڀ چَٽِنِ چِڪَ، ٿا سَمُجَهه وَرائي سِک،

 

(6)

دَرِسَنَ جو پِياسي، ڪوڙنِ ۾ ڪو هِڪڙو،

سامي ڪَٽِي جَنهن سِڪَ سان، جِيئندي جَمَ ڦاسي،

اَلَکُ اَبِناسي، ڏِسي نتُ نِرِٻاڻُ ٿي.

 

(7)

پرِيتِ پرِيتَمُ، ڪَنهين پاتو ڪِينَڪِي،

سَمجهي ڏِسُ سامي چَئي، تون رَکي مَنِ مَرَمُ،

کڻي پيرُ پِريَنِ ڏي، لاهي گوندَرَ گَمُ،

جي ڪو اَٿي ڪَمُ، پَسَڻَ مَنجِهه پِريَنِ جي.

 

(8)

بِنان سِڪَ سَڄَڻُ، ڪَنهِين پاتو ڪِينَڪِي،

نِڪِري ڪينءَ ڏهيءَ ري، منجهون کيرَ مکَڻُ!

ڦَلَ وَرائي وَڻُ، سامي سُڃو سُکِڻون.

 

(9)

سَڄَڻُ وَرائي سِڪَ، ڪَنهِين پاتو ڪينَ ڪي،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، هنئڙي رَکي هِڪَ،

تَه مِٽي وَڃيئي مَنَ مون، ڪوٽَ جَنَمَ جي ڇِڪَ،

ناحَقُ چَٽِ مَ چِڪَ، ڀُلِي مَنَ جي ڀاءَ تون.

 

(10)

سِڪَ وَرائي سُڌِ، پَوي نه پورڻَ پَدَ جي،

اِئين چَوَنِ ٿا اَنڀئي، ڪيوَل ڪرپا نِڌِ،

جِنِ کي ڏِني سَتِگُروءَ، سامي بيحَدَ ٻُڌِ،

ميٽي واد وِوِڌِ، اِسٿِت ٿِيا آڪاس جان.

 

(11)

بِنان سِڪ سَماءُ، پَئي نه پورڻ پَد جو،

اِئين چَوَنِ ٿا اَنڀَئي، جَنِ کي آيو ساءُ،

جاڳي ڪياَئون جڳ جو، اُشنائِي اَڀاءُ،

ڄاڻي دلبر داءُ، پاسي ٿِيَنِ نه پيءَ کون.

 

(12)

سَڄَڻُ رَنگِيلو، اَچي مِليو سِڪَ سان،

سامي سَڀُ ڀُلي ويو، ڪُٽنبُ قَبيلو،

اِهڙو ٿِيو حِيلو، تان ڀي سُجهـٖـي ڪِينَ سڄڻ ري.

 

(13)

مورَکَ مَن جي ڀاءِ، ڪوهُ ڪرين ٿو ڪَلِپنا،

ڪَنهن پَدُ پاتو ڪين ڪي، سَچيءَ سِڪَ سواءِ،

سَمُجهي تون سامي چَئي، اَنتَرَ مُکِ لِنوَ لاءِ،

ته لُنؤ لُنؤ مَنجِهه لَکاءِ، مورَت محَبُوبَنِ جي.

 

(14)

ٿَڪيءَ لَڌو ٿوڪُ، سُپِريان جي سڪ مون،

مِٽي وِيَڙو مَنَ مون، سامي سَنسو سوڪُ،

مَنجهي لوڪَ اَلوڪُ، ڏِٺو پَدُ پِريَنِ جو.

 

(15)

سِڪَ مون لَڌو سَچُ، گُرَ پَرساديــٖـن گودڙي،

ڪَڍِيائين اَندرَ مون، سَڀو ڪَلِپَتَ ڪَچُ،

ٻاري مَحَبَتَ مَچُ، سامي ڪَيائين سوجهرو.

 

(16)

سِڪَ ري صفائي، اَچي ڪِينَ اَندَر کي،

توڙي سَڀِ ساڌَنَ ڪَري، پائي سِر ڇائِي،

اِها ڳالهِه سَمجهه ۾، ڪَنهِن وِرلي کي آئي،

گُرگَمَ جَنهن لائي، سامي لِنوَ سَروپَ سان.

 

(17)

سِڪَ ساکياتُ ڪِيو، جاڳائي هِنَ جيءَ کي،

سورِجُ آيو سِرَ تي، اَوِدِيا ڀَرَمَ وِيو،

ٻانڀَڻُ چَئي ٻيو، نَظر نه اچي نِينهَن ري.

 

(18)

سَچي سِڪَ آئِي، تَڏي ساگَرُ تَرَڻُ سُگَمُ ٿيو،

مِلِي مَهَدِ جَننِ سان، انڀئه لِنوَ لائي،

اَوِديا دُکُ اَندَرَ ۾، رَهيو نه رائي،

سَهَجـٖـي سَمائي، مايا مَحَبوبَن جِي.

 

(19)

سَچي سِڪَ آئي، تَڏي ساگَرُ تَرَڻُ سُگَمُ ٿِيو،

مِلي مهد جَنَنِ سان، مَمتِ مِٽائي،

سَنڌِ ڏَسِياَئون سَمَ جِي، سيتَلُ سُکَدائي،

سامي سَمائِي، لُڏِي لَهَرَ سمنڊ ۾.

 

(20)

سَچي سِڪَ آئي، تَڏي مِڙيئي مطلب ٿِيا،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، مَمَتا مِٽائي،

ڏِٺو اَنڀَئي آتما، سُتَهَه سُکَدائي،

سامي سَمائي، لُڏِي لَهَرِ سمنڊَ ۾.

 

(21)

وَڃِي سِڪَ سَهي، ڪَيو دَرُ دوسَنِ جو،

سَنسو سِيرُ سُڀَرَ ۾، ويڙو سڀ وَهي،

آتَمُ لعلُ لَهي، سُکي ٿِيو سامي چَئي،

 

(22)

وَڃِي سِڪَ سَهي، ڪيو دَرُ دوسَنِ جو،

سَنسي سِيرَ سَمُنڊ ۾، وِيَڙو سَڀُ وَهي،

باقي لالُ لَهي، سُکي ٿيو سامي چَئي.

 

(23)

پَلِ پَلِ ڪيمَ پُڪارِ، دَرِ دَرِ ديوانَنِ جان،

سامي سِڪَ سَچيءَ سان، هَرِ جَسُ هِردي ڌارِ،

جَنَمَ مَرَڻَ دُکَ سُکَ جو، سَنسو ڀَرَمُ نِوار،

تَه لنگهي پَوين پار، سَهَجي اَوِدِيا سِنڌُ کون.

 

(24)

سامي چَويئي سِڪُ، سدا سِڪَ سَچيءَ سان،

رَکي پنهنجي روح ۾، ثابتُ هِڪُ صدِقُ،

ڪَري نَه ڪَتَرَ جيترو، ڀُلي ڦير فَرقُ،

مَهَر ڪري مالِڪُ، گڏُ گڏيئي گودِڙِيا.

 

(25)

اکن منجِهه اوطاقَ، آهي يارَ عَجيبَ جي،

سدا پَسنِ سِڪَ سان، مَحَبتي مُشتاقَ،

جي جِيئندي ٿِيا جڳ کون، ٻانڀَڻُ چَئي بي باڪَ،

خلوَتَن جِي خاڪَ، لائي ويٺا لعلُ ٿي.

 

(26)

سامي سَمُجهي لاءِ، اَکيون ساڻُ عَجيبَ جي،

بِنان سِڪَ سَچيءَ جي، ڪنهن جي ڪانهي جاءِ،

جي توکي پياسَ پَسَڻَ جي، ته جيئندي پاڻُ جلاءِ،

تَه اَچِي ڀولي ڀاءِ، سهج ملني سُپِرين.

 

(27)

عجائب آهي، مورت مَحَبوبَن جي،

اَٺئي پَهَرَ اَندَرَ ۾، رَهي ڇَٻَ ڇائي،

ٻانڀَڻُ ٻُڌائي، سَچيءَ سِڪَ وارن کي.

 

(28)

اَچي سِڪَ وَڌِي، پريَنِ جي پَسَڻَ جي،

ديکِيا پوري گُرَ جِي، ڇِڪي ڳَنڍ ٻَڌي،

ساميءَ کَنئين سِرَ تي، نيڪي اَئون بدي،

لُنؤ لُنؤ مَنجِهه لَڌي، مورَتَ پانهِنجي مِترَ جي.

 

(29)

ڪَتي ڪَرَمَ وَڏِي، ڪا راتيون ڏينهان سِڪَ سان،

جنهن لائي چتُ چَرخي سان، چِنتا چاهَ ڇَڏي،

رَهـٖـي گڏُ گَڏي، سامي ساهيڙين سان.

 

(30)

ڪَرِ ڳُجهائِي ڳولَ، پيرانڍو پِرَ جو،

مَنجهي سِڪَ سامي چئي، تون ڏوري لَهُه اڏولَ،

ڀَڃُ مڙيوئي ڀولَ، تَه سهج ملني سُپرين.

 

(31)

دَر دَر ڪيمَ ٻُنڌاءِ سامي سِڪَ پِريَنِ جي،

اَنتَرَ مُکِ اَدَبَ سان، لنِوَ لِڪائي لاءِ،

ته لُنؤ لُنؤ لَکاءِ، مورَتَ مَحَبوبَنِ جي.

 

(32)

جَنهن کي پوري پريتِ، مَحَبوبَن جي مَنَ ۾،

سو نَڪي گُهمي ڏيورا، نَڪي گُهمي مَسيتِ،

ڄاڻي سَڀَ سَنسارَ جي، ڪوڙي ڪَلِپَتَ ريتِ،

پِرينِ ري پرتِيتِ، ڪَنهِن تي ڪَري ڪِينَڪِي.

 

(33)

جَن کي لَڳِي لوڙَ، پَڪِي پيءَ پَسَڻَ جي،

سي ساڌَنَ رَکَنِ سِرَ تي، سَهَنِ وَچَنَ ڪَٺور،

سامي ڪيائون مَنَ جِي، ڳوٺَ آگَمَ ڏي ڊوڙ،

ماڻِن درسَنَ دَورَ، اورن اورَ عجيب جِي.

 

(34)

جنهن کي لڳي سِڪَ، سامي سُپيريَنِ جي،

مِٽي تَنهِن جي مَنَ مون، ٻي سَڀائي ڇِڪَ،

مورَتَ مَحَبوبَنِ جي، سَڀِ ۾ ڏِسـٖـي هِڪ،

راتيون ڏينهان ٽِڪَ، لائي ويٺو لَکَ سان.

 

(35)

جَنهِن کي سَچي سِڪ، اديون عجيبَنِ جي،

سا پَلَڪَ پَراهون نه ٿِئي، حاضُريءَ کون هِڪَ،

سُمهي سُکَپَتَ سيجَ تي، ويڙهي سَڀ وَرقَ،

ٻيون سَڀِ چَٽِنِ چِڪَ، سِڪَ وَرائي سِکڻي،

 

(36)

جَنِ کي سَچي سِڪَ، سامي ڏِني ستگروءَ،

مِلِيا سي مَحَبوبَ سان ويڙهي سَڀِ وَرِقَ،

ڪَنهِن کي ڄاڻَنِ ڪِينَڪِي، رَتي اَئون اَڌِڪَ،

توڙي کِلي خَلِقِ، تان ڀِي مَستَ رَهَنِ مهراڻ ۾.

 

(37)

جَنِ کي سِڪَ ثابوت، آهي عَجِيبن جي،

تَنهين ڏِٺو سَڀَ ۾، سامي ساکي ڀوتُ،

بِنان درسن قوتُ، ٻيو ڪَڏي ڪَرن ڪِينَڪِي،

 

(38)

جن کي سَچي سِڪَ، سي پاڻيهي پَڌِرا،

سامي ٿِيا سنسارَ جي، ڦُرني کون ڦارِڪَ،

مورَتَ مَحَبوبَنِ جي، هَرِدَمُ ڏِسَنِ هِڪَ،

ٻِيا سَڀِ چَٽنِ چِڪَ، ٿا مورَکَ جيءَ مَرمَ تي.

 

(39)

جَن کي سَچي سِڪَ، سي پاڻيهي پَڌارا،

مورَتَ مَحَبوبَنِ جي، هر دَمُ ڏِسَنِ هِڪَ،

سامي لائي لالُ ٿِيا، لِنوَ لِنوَ ساڻ لَٽَڪُ،

ٻِيا سَڀِ چَٽِن چِڪَ، مورَکَ مَتِ مرم ري.

 

(40)

جَن کي سِڪَ سَچي، سي پاڻيهي پَڌرا،

ڪايا، مايا، ڪُلَ ۾، مَرنِ ڪِينَ پَچي،

سامي چَڙهيا سُميــٖـرَ تي، ڪَٽي ڪلپَ ڪَچي،

رَهنِ رَنگَ رَچي، سُتَهَه شُڌُ سروپَ جـٖـي.

 

(41)

جَنهِين سَنڌِ لَڌي، گُرگَمَ آتَمَ سُکَ جي،

سامي تَنهِن ساپُرسَ جي، ويئي سِڪَ وَڌي،

ڇڪـٖـي ڄِڀَ ٻَڌي، بيحدَ جي ٻولَڻَ کون.

 

(42)

سامي سِڪَ سَمَرُ، پَرچي کنيون جنهن پاڻَ سان،

سو وَڃي پنهنتو پَدَ ۾، پريمي ڪري پَڌَرُ،

جِتي تون مان ناهه ڪا، نڪو سُڃَ شَهَرُ،

بِنان اَنگ آکرُ، ڪري اُجارو اَنڀئي.

 

(43)

لُنو وارو ڪِينَ لِڪي، سورَجَ جان سَنسارَ ۾،

جاڳي ڪَڍِي جَنهِن جيءَ مون، دُبِدا سَڀَ ڌِڪي،

سامي سَدا سِڪي، پائي سُکُ سَروپَ جو.

 

(44)

لُنو واري ڪِينَ لڪي، سورِجَ جان سنسار ۾،

سامي جَنهِن کي سَتِگروءَ، پل ۾ ڪَڍيو ڇِڪي،

پائي سُکُ سِڪي، پل پل ڪارڻ پيءَ جي.

 

(45)

لِنوَ وارو ڪِينَ لِڪي، سورِجَ جان سنسارَ ۾،

جاڳي ڪَڍِي جَنهِن جيءَ مون، دُنيا سَڀَ ڌِڪي،

مَڻِ مَسَتَڪَ تي مَرمَ جِي، جهڳ مگادِ جَهلڪي،

سامي سَدا سِڪي، پائي سُکُ سروپَ جو.

 

(46)

جِن کي سِڪَ ڪَيا، آکيرا اَندَرَ ۾،

سي ڇَڏي خيال خلقَ جا، پَنهنجيءَ مَنجِهه پِيا،

ڏِسي مُنهن مَحَبوبَ جو، عينُ اَڀيدُ ٿِيا،

ٻانڀَڻُ چَئي ٻِيا، مورِکَ ڀَوَنِ مَرمَ ري.

 

(47)

جَنِ کي سِڪَ ڪَيا، آکيرا اندَر ۾،

سي ڀَو ساگر جي ڀِيڙَ کون، لَنگهي پارِ پيا،

ڏِسي مُنهن مَحبوبَ جو، عينَ اَڀيدَ ٿِيا،

ٻانڀڻ چئي ٻيا، ڳالهيون ڪَنِ زبان سان.

 

(48)

ساري وِسُ وڳِي، وَهـٖـي واچَ وَهَڻَ ۾،

لنگهي چَڙِهيو لک تي، ڪو طالبِي تَڳِي،

جُنهِن کي ساڌَ سَنگَتِ جي، رَمِزَ هَٿِ لڳي،

اَنڀَئه جوتِ جڳي، سامي ڏٺائين ديهِه ۾.

 

(49)

اَنَڀَئه اِشارو، سَنت ڏِيَن ٿا سَڀَ کي،

سَمُجهي ڪو جَنُ سورمو، سَچيءَ سِڪَ وارو،

جو ڪَري نه ڪَتَرَ جيترو، دَنڀُ ۽ ڏيکارو،

نَڀَ جان نِيارو، سامي رَهي سَريرَ ۾.

 

(50)

سُتَهَه سِڌِ سَمتا، سنت لکائن سڀَ کي،

سمجهي مِليا سَروپَ سان، پريتِوانَ پُختا،

مَنَ سُوڌا ميدان مون، جَنِ يوڌا پنجَ جِيتا،

مَمَت کون مُڪِتا، سَدا رَهِن سامي چَئي.

 

(51)

دوست جو ديرو، وَڃِي سِڪَ سَهي ڪَيو،

مِٽايائين مَنَ مون، ڀَوَ جل جو ڀيرو،

ڪري نبيرو، سامي چڙهيو سِيرَ تي.

 

(52)

رمتا رامُ رَهـٖـي، سُڃَ وَسَنوَ جي وِچَ تي،

پَرچِي پيراڍنِ سان، ڪو لوڙيندَڙُ لَهي،

دُکُ دَردُ نِرِمانِتا، سِرَ تي سَڀُ سَهي،

وِيا ڪُل ٿي نه رَهي، سامي سَنسي ڀَرَمَ ۾.

 

(53)

دوستَ دِلِ کَسـٖـي، وَدي دَرِسَنَ داتِ سان،

بِنان سِڪَ اَندر ۾، ٻي ڳالهه ڪانَ وَسي،

سامي سَدا ڏِسي، سَنمُکُ ويٺو سُپرين.

 

(54)

سَڄَڻَ تُنهنجي سِڪَ، پَلَڪَ پَراهون نه ٿِئي،

اَٺئي پَهَرَ اَندَرَ ۾، ٻَڌي بيٺي ٽِڪَ،

ڄاڻِي بيحَدَ بانوَرِي، کِلـٖـي سڀ خَلق،

ورائي وَرِقَ، سُتَهَه مِلُ سامي چَئي.

 

(55)

سِڪَ ڪَيو سوڙو، ساهُه ته منهنجو سُپِرين،

کائي نه کَڻُ سامي چَئي، مَڌُ ڀَري ٻوڙو،

ڪُهي نِتُ ڪُٺيءَ کي، پائي پاڪوڙو،

والِثَ وِڇوڙو، مِلِي ڪَٽِ مُئيءَ جو.

 

(56)

سِڪَ ويئي ويڙي، جاني تُنهنجِي جيءَ کي،

اُٿندي وِهَندي گُهڻَ جان، کائي کَنڀيڙي،

گِهڙي نِيائين گارَ ۾، سامي مَنُ ميڙي،

نِرِکِي نِهوڙي، ته ڇُٽـٖـي داسُ دَرِدَ کون.

 

(57)

لايئه ويل وڏي، ساجَنَ سِڪَ سوڙهو ڪيو،

اَچي اَڌَ مُئَنِ تي، ڪَندين مِهَرَ ڪَڏي،

تَڙڦي تَڙڦي تن مون ويندو ساه جَڏي،

سامي چئي تَڏي، ميلو ڪندين ڪَنِ سان؟

 

(58)

سڄڻُ سِڪَ سِڪِي، سامي لَڌو ڪنهن ساڌَ جَنَ،

سَدا ماڻي سارُ سُکُ، سو پريمي پُلِڪي،

وَڃي ڪينَ وِسَنِ جان، طمع ۾ تِرِڪي،

ڄاڻي سونَ ٽِڪي، هيٺون مَٿون هِڪڙِي.

 

(59)

نَڪو آرُ نه پارُ، سُپيرِيان جي سِڪَ جو،

سُنوائيءَ بِنان سپ کي، اَچي ڪينَ قَرارُ،

مَڇيءَ جي مَنَ ۾ وَسي، پاڻي پِرانَ آڌار،

سامي سِرَجَڻَ هارُ، پَلَڪَ پراهون نه ٿِئي.

 

(60)

مَنجهين لوڪَ لِڪيــٖـن، تون پاڻُ به ڪَريــٖـن پَڌرو،

اٺَ ئي پَهَرَ عَجيبَ جي، مَنجهين سِڪَ سِڪيــٖـن،

چاڪَنِ مَنجِهه چڪيــٖـن، ته پاڻَ ٻَنڌِني پٽيون.

 

(61)

اَنتَر جامي ڄاڻُ، سامي سُپيرِيَنِ کي،

رَکي سِڪَ اندَرَ ۾، ڀڳَتِ ڪَريــٖـن ڀَي ساڻ،

رَهيــٖـن سَدائِي سهجَ ۾، ڪَڍِي پانهنجو پاڻُ،

تَه نِماڻن جو ماڻُ، پَرچي ڪَريئي پاتِشاهُ،

 

(62)

ڦولي فَقِيرَنِ، سَچُ لَڌائون سِڪَ مون،

تَتِ ڪِيائون تَڪِيو، جَتِ مهرَؤن ميگَهه وَسَنِ،

مِلي مَوجان ڪَنِ، اَٺَئي پَهَرَ عَجيبَ سان.

 

(63)

سامي سِڪَ سچي رِکي، جَني جَپِيو هَرِ،

گَهٽِ وَڌِ جاتِ اَجات جِي، تَن تِي نظر نه ڌَرِ،

ڇَڏي ديهه اَڀمان کي، ٿِيا سڀني کون سَرِ،

ويٺا رهن گَهرِ، رکن سُڌِ آڪاس جي.

 

(64)

جنهِن کي لَڳي پِياسَ، سامي سُپيرَينِ جي،

مِٽي تَنهِن جي مَنَ مون، ٻي سڀائي آسَ،

مورَتَ مَحَبوبَنِ جي، ڏِسي سَڀَ ۾ خاصُ،

ٻيو سَڀُ سَمُجهي ناسُ، بِنان مورَتَ اُن جي.

 

(65)

سِڪَ مِلايو يارُ، ساڌوءَ سنگِ سامي چَئي،

اَندَرِ ٻاهَرِ دَهَه دِسا، ڏِٺو دِبَ ديدارُ،

ٿِئڙو جَئِه جَئِه ڪارُ، اَوِديا ڪَلِپتِ نَه رهِي.

 

(66)

پِرين ڳالهين کون پارِ، اٿِي ڳالهيُن جي ڳوٺَ ۾،

سامي سِڪَ سچيءَ سان، تون ويهي سَنڌِ ويچارِ،

اَوِديا ڀَرَمُ نِوارِ، تَه لَهيــٖـن پيرُ پِريَنِ جو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org