سيڪشن: شيخ اياز

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

شيخ اياز:

صفحو: 12

سلوڪ ايشور مهما

(الف)

(1)

اِڇا ري اِسِرارُ، ٿيو خياليءَ جي خِيالَ ۾،

جنهن جو آدِ نَه اَنتُ ڪو، نڪو پارُ اورارُ،

مَنَ ٻُڌِ واڻيءَ کون پَري، ڪيرُ ڪَري تَڪِرارُ،

سايم سَمُجهِي سارُ، سنتن هِڪُ سوگهو ڪَيو.

 

(2)

عَجائبُ اِسرارُ، گُرگمَ ڏٺو غَيبَ جو،

ڌاري آيو جڳَ ۾، نِراڪارُ آڪارُ،

کيلي نانا ڀاءِ ٿي، رَهي اَليپُ اَپارُ،

وَڃي ٻَلِ ٻَلهارُ، سامي لَٽِڪي تون سَدا.

 

(3)

عَجائِبُ قُدِرَتَ، ڪَرتا رچِي ڪَلَ سان،

آدِسَڪتِ کون ديوَٽي، تِنِ کون ٿِيا پَنجَ تَتَ،

تَتَنِ کون وِستارُ ٿِيو، سَڀ نِياري نانَتَ،

سَيلُ ڪَري سَڀڪَنهِن جو، سامي بنان مَمَتَ،

لُڙَ کي هَڻي لَتَ، موتي سُمهيو سيجَ تي.

 

(4)

جَنهِين ٺڳ ٺڳي، ڪَئي ڪُلَ جَهانَ سان،

ساميءَ جِي تَنهِن ٺڳَ سان، پورن پريت لَڳي،

گُرگَمَ گِيانَ آگَمَ جِي، جَڳ مَڳ جوتِ جَڳي،

سَهَجـٖـي ڀِرانتِ ڀَڳي، جاڳئـٖـي اِيسَرَ جيءَ جِي.

 

(5)

اَجگَئِبي تارو، پورَبَ چَڙهيو پاڻَهي،

پورَنُ پَسريو تَنهِن جو، دَهَ دِسَ اُجارو،

وِياپَڪُ ڏِٺو وِسُ ۾، مِلِيو نِيارو،

سامي سُکُ ڀارو، پاتو جيءَ پَسِي ڪَري.

 

(6)

اَڻ هوندِي بازي، بازيگَرَ بَرَحالُ ڪي،

ڪاٿي پيرُ فَقيرِ اَميرُ ٿيو، ڪاٿي شيخُ مُلان قاضي،

ڪاٿي گُروگُسائِين گيانُ وانُ، ڪاٿي حَجَ ڪري حاجي،

ڪاٿي راجا پرجا چَوڌري، ڪاٿي مَهِتو ميانجِي،

ڪاٿي سُورِبيرُ داتارُ ٿِيو، ڪاٿي مِنَتَ موٿاجي،

ڪاٿي چورُ چُغُلُ ٺڳُ مَسِخرو، ڪاٿي پِندَ کڻي پاجي،

ڪاٿي ڳَڻتيءَ ليکي دُکَ ۾، ڪاٿي رضا ۾ راضي،

سامي جنهن ساجي، سو ساکِي پَٽَ پار ٿي،

 

(7)

قدَرَتَ تُنهِن جي قادُرا، ڏِسي مَنُ ٺَري،

ڪاٿي سُلِطانَن سُلِطانُ ٿين، ڪاٿي دَرِ دَرِ بِيکَ ڪَريــٖـن،

ڪاٿي لَکَ لُٽائين ڏينهَن ۾، ڪاٿي ڪوڏيءَ ڪاڻِ مَرين،

ڪاٿي صورَتَ جو سَرِدارُ ٿين، ڪاٿي موهين ذوقَ ذَري،

ڪاٿي زوراوَر ظُالِمُ ٿين، ڪاٿي ڏِسي روپَ ڏَرين،

ڪاٿي اَلبيلو اَوڌوت ٿين، ڪاٿي ڳڻتيءَ مَنجِهه ڳَرين،

ڪاٿي گِيانُ ڪَرين گُلِزارُ ٿي، ڪاٿي سُڏِ ڪي ساهَ ڀَرين،

مَنَ واڻيءَ کون پَري، آهي صِفَت تُنهِنجي صاحبا.

 

(8)

جاني آيو آهِ، بيکُ ڌَري بازارِ ۾،

پاڻ لِڪائي پاڻَ کون، ٿو کيلي نانا ڀاءِ،

گُرو شيوَڪُ پاڻَ تي، لَکَ اَلکَ لَکاءِ،

سامي سَهَجِ سُڀاءِ، راند رچائِي خوش ٿي.

 

(9)

بيکُ ڌري آيو، خاوَندُ پاڻَ خَلقَ ۾،

چاهَ وَرائي چِتَ سان، نانا رَنگَ لايو،

ڳڻتيءَ ليکي کون پَري، اَچِرَجُ مَچايو،

سامي سَمايو، نِيارو رَهـٖـي نَڀَ جان.

 

(10)

وَدِي دِلِ کَسـٖـي، ساکيءَ سُهڻي موڙَ سان،

اَکيون اَکِنِ ۾ رَکي، سَنَمُکُ سَدا هَسي،

آدي ڳالهه اَنَڀَئِي، پَلڪن سان ڏسي،

راتِيون ڏينهِن وَسي، سامي مينگُهه مِهَرَ جو.

 

(11)

آيو ناگَرُ نَٽُ، بيکُ ڌَري بازار ۾،

ٻانڀَڻُ چَوي ٻِيائيءَ ري، ڪَڍي ويٺو هَٽُ،

پاڻَ وَپارِي، وَڻِجُ ٿيو، پاڻَ تارازي وَٽُ،

رَعيتَ، راجا پاڻَ ٿِيو، ڪانِئرُ، سُورُ، سُڀَٽُ.

پاڻَ ڪُنڀَرُ، آوي بَڻِيو، چَڪُ مِٽي، گَهٽُ مَٽُ،

پاڻَ ڦُولُ، ڦَل، پَترُ ٿيو، پاڻَ ڏارُ، ٻِجَ ٻَٽُ،

اَندَرِ ٻاهِرِ دَهِ دِسا، کيلي گُپتُ پَرِگَهٽُ،

پَرچِي کولي پَٽُ، پاڻ لَکائي پاڻَ کي.

 

(12)

نانا روپَ ڌَري، خِيالي کيلي پاڻَ سان،

جوڙي بُتَ مِٽيءَ جا، جِئي ٻالَڪُ راندِ ڪَري،

رَهي پاڻَ پَري، نَٽُ نَچائي پتليون.

 

(13)

شهه رڳ کون نَزديِڪُ، سَڄَڻُ اَٿي اوڏِڙو،

ڪَڍي غَيرُ اَندَرَ مون، ڪَري ڏِسُ تَحقيقُ،

ناحَقُ ڪُرڪُ مَ ڪِيڪ، سامي چئي سَمُجهه ري،

 

(14)

پاري ۾ پاڻي،تِنين وِپاپَڪُ وَسي سَڀَ ۾،

سوکَمَ سَنڌِ پِرَيَنِ جي، ڪَنهِن ڄاڻائي ڄاڻي،

سامي سَماڻِي، تَنهِن جي سُرِتِ سَروپَ ۾.

 

(15)

حاضِران حَضُورُ، سائين سيوَڪَ جي رَهي،

پَلَڪَ پَرانهون نَه ٿِئي، جِئين نَئنَنِ ۾ نور،

ڪڍِي سَنسو سُورُ سامي رَهي سَڀاوَ ۾.

 

(16)

حاضِران حَضورُ، سامي ڄاڻُ سَروپَ کي،

اَندَرِ ٻاهِرِ دَهَ، دِسان، سَدائي ڀَرِپور،

جِيئين نَئِنن ۾ نورُ، تِيئين سَنَمُکُ ڏِسـٖـي سُپِرين.

 

(17)

اَنَتَرَجامي ڄاڻُ، سامي سُپرِيَنِ کي.

دُويکَ نَه رکي ڪَنهن سان، سَمَ رَهي سَڀَ ساڻُ،

ڪَڍي پانهِنجو پاڻُ، تون شيوا ڪر سَروپَ جي.

 

(18)

سُوکَ مَکون سُوکَمُ، اَٿي راهَ عَجيبَ جي،

کَڻي ساڻُ کِميا جي، سامي دَمَ قَدَمُ،

جيڪو اَٿي ڪَمُ، پَسَڻُ مَنجِهه پريَنِ جي.

 

(19)

خَلقَ مَنجِهه خالِقُ، خَلقَ سَڀ خالِقَ ۾،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، وِرِلو هِرِجَنُ هِڪُ،

مِهِرَ ڪَري مالِڪُ، جَنهن تي پَرچي پاڻَهي،

 

(20)

نِرِگُڻُ ۽ سَرِگُڻ، ٻيئي آڪارَ اَلکَ جا،

جَنهِن کي پِريم پَرِتِيتِ سان، مَني تُنهِنجو مَنُ،

تَنهن جو ڪَرِ تَدَروپُ ٿي، بنان ڀيدَ ڀَڄَنُ،

پِرِيتِ اُتي پَرِسَنُ، سامي ٿِيندُءِ سُپِرِين.

 

(21)

جنهن مون اُٿِي وِسُ، سو ويا پَڪُ ٿِي وِسُ ۾،

پائي مُنهُن مَهِراڻَ ۾، تون ڏِيو ٻاري ڏِسُ،

سامي ڇَڏِ آلِسُ، جاڳُ تَه لَهيــٖـن سُپِيرين.

 

(23)

سو ڪَنين آوازُ پِيوم، پِرينءَ جو پاڻَ چيو،

ٻُنڌَڻ سان ٻانڀَڻُ چَئي، ڇڏي وِرسُ وِيوم،

جَڏو جيءُ جِيومِ، اَچَڻَ ساڻُ عَجِيبَ جي.

 

(23)

پَرِميسَرُ پورَنُ، چِيٽيءَ آئون ڪُنچَرَ ۾،

جاءِ ڏِٺِيسين ڪانَڪا، آتَمَ ري اُورَنُ،

ٿِئڙو چِتُ چورَنُ سامي ڏِسي سَروپَ کي.

 

(24)

ڏِٺِي رَنگَ ڀَرِي، مورَتَ مَحَبوبَنِ جي،

جِيَڻَ مَرَڻَ دُکَ سُکَ جِي، اَپِدا سَڀَ ٽَري،

سامي جيءُ ٺَري، سُمهيو سُکَپَت سيجَ تي.

 

(25)

دائمِ وَسيـٖـن دِلِ ۾، تون رَبَ راتيون ڏينهَن،

جِيئين سِپَ سَمُندَرَ ۾، خاطَرِ موهِي مِينهَن،

تِيئين تُنهِنجي نِينهَن، چَؤدَسِ چارا لائئا.

 

(26)

نيڻن لايو نِينهُن، نورَ مَحلَ جي ناٿَ سان،

جِتي سُورُ نه چندرُ ڪو، نڪو رات نه ڏينهُن،

بنان بادلَ مِينهُن، سامي سدائِي وَسي.

 

(27)

نِماڻَنِ جو ماڻُ، پِرين پَراهون نَه ٿِئي،

وِهان ته وِهي سَمَهون، ڏِسان تَه ڏِسي پاڻُ،

ساي پُرَکُ سُجاڻُ، هَٿَ لائـٖـي هَٿِ نه اَچي،

 

(28)

لالَن جو لَٽِڪو، ڏِسي مَنُ مَسِتان ٿِيو،

کيلي نانا ڀاءِ ٿو، لائي چِتَ چَٽِڪيو،

سَنَمُکُ ساميءَ جي اچـٖـي، ڪِيائين جَهٽَ جَهٽِڪَو،

ڀڳائِين مَٽِڪو، هَڻِي هَٿُ ڪَرَمَ جو.

 

(29)

سَڀيئي پَرِتا، رَهَنِ پانهِنجي حالَ ۾،

ڪي تياڳي ويٺا ڪُلَ کي، ڪي گَپَڻِ مَنجِهه گَتا،

ڪي پَنڊَتَ پَرِبِينِ ٿِيا، ڪي مورَکَ چت کَتا،

ڪي ڪُچِيل ڪُلِڇڻا، ڪي اَپَرَسَ اَڇُتا،

ڪي سِيتلُ وَرِتَنِ وِڌِ سان، ڪي رَهَنِ تاوَتَتا،

ڪي دُکي دِينَ اَندرَ ۾، ڪي وَتَنِ مَستُ مَتا،

ڪي ڪُوڙَ ڪَپَٽَ پَرِ پنچ ۾، ڪي آتَمَ رَنگَ رَتا،

سامي چَئي سَتا، مِڙِيائي مَهِراجَ جي.

 

(30)

آهي سَڀَ پوري، رَچِنا مُنهِنجي رامَ جي،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، هَرِجَڻُ حَضوري،

جَنِهِن دَرِسَنُ ڏِٺو دوس جو، نَئنَنِ سان نوري،

ڪَري صَبوري، ڦُرِني کون فارِڪُ ٿيو،

 

(31)

سامي ڄاڻُ اَسَتِ جَڳَتُ هي جڳَديسَ ري،

سَنتَن ساپُرِسَن جِي، اَٿي اِها مَتِ،

سَمُجهي پِرَيم پرِتِيتِ سان، ڪَري سُڌُ سَنبتِ،

پَهُچي ڏِسي تَتِ، جِتي ساکيءَ جو سوجهرو،

 

(32)

سامي سَڀوئي، اَٿي جَسُ جڳديسَ جو،

ويدَ پُرانَ سِڌَ ساڌَ جَنَ، ٿا سَلاهِنِ سوئِي،

سَمُجهي آتَمَ سَنڌِ کي، وِرِلو جَنُ ڪوئي،

پاتو جَنهِن پُوئي، ڀَڳتِ هارُ ڳِچيءَ ۾.

 

(33)

بنان نالي نامَ جي، ڊَڀُ دارون سَڀِ ڊوهَ،

جڏهن معافي ڪري ڏوهَ، تڏهن ڦَڪيءَ فَرقُ ٿِئي.

 

(34)

سمجهي جِنِ سَتا، مِڙيائي مَهِراجَ جي،

سي ڪَڏِي کائِنِ ڪِينَڪِي، خِلوَتي خَطا،

رَهَنِ رَنگ رَتا، سامي لوئيءَ لاکَ جان.

 

(35)

سامي سَڀُ دِيدارُ، اَٿي عَجِيبَن جو،

ڏِسي ٻُنڌي پاڻَ ٿو، ٻولي ٻولَڻَهارُ،

نراڪارُ آڪارُ، ڌاري آيو جَڳَ ۾.

 

سلوڪ ايشور مهما

 

(ب)

(1)

اَلکُ پُرکُ آيو، سَيلُ ڪَرَڻَ سَنسارَ جو،

کِڻُ ۾ هِڪَ خِيالَ سان، سَڀُ رَنگُ رَچايو،

سَتِگُرَ سِکَ سُجانَ کي، لِنوَ سان لَکايو،

سامي سَمايو، جَلَ پَپوٽو جَلَ ۾.

 

(2)

اَلکَ پُرِکَ آنـٖـي، ديرو ڪِيو ديهِنِ ۾،

سامي سُکَ آگَم جي، تَنهِن کي ڪَلَ ڪانهي،

سَهي سُڃاتو پاڻَ کي، دَردَوَندَ داني،

جيئين پَرواني، پاڻُ مِلايو جوت سان.

 

(3)

اَلکَ پُرَکَ آڻي، رَچَنا رَچِي رَنگَ ڀَري،

اڳيون ويٺو اَڻتَڻِيو، پَٽَ پَرِدو تاڻي،

وَتو سِڪَ سَچيءَ سان، ڪَنهن پريميءَ پَڇاڻي،

مؤجَ مِلِي ماڻي، سَدائي سامي چَئي.

 

(4)

آهي سَڀُ ايسَرُ، اَندرِ ٻاهَرِ نَڀَ جان،

اِئين چَوي ٿو آدِ جو، گِيانَ پِرِ ڪاسي گُرُ،

سامي سُجاکو  ڏِسي، ڪَري نِرِٻاڻُ نِظَرُ،

 

(5)

ٻُڌي ٻولي ڪيرُ، سامي سَڀَ گَهٽَنِ ۾.

چَيو وَڃي نَه مُنهَن سان، نِجُ نِرِمَلُ نِر وِيرُ،

جَنهِن جو روپُ نَه رَنگُ ڪو، نَڪو سِرُ نَه پيرُ،

گهڙي لَهندين گهيرُ، تڏِي پاڻُ رَهندُءِ پاڻَ ۾.

 

(6)

اَهِڙو رامُ اَٿي، سَمَ کَمُ سو سَمَرٿُ سَچُ،

جَنهِن خَلقَ سَڀ خِيال سان، وِجهِي نَٿَ نَٿِي،

ڪَنهِنکون وَڃي ڪِينَڪِي، مُنهَن سان ڳالِهه ڪَٿِي،

هٺُ هاري هِمَٿِي، سَرَنِ پِيان سامي چَئي.

 

(7)

اَڻَ هوندي اولي، ديئُه لِڪِيو ديهيءَ ۾،

لَڌو لِنوَ سَچيءَ سان، فَقيرَن ڦولي،

سامي سَڀِ ڪارجَ ڪَري، ڏسي، ٻُڌي، ٻولي،

پَرِڇَنُ پَٽُ کولي، ماڻِنِ دَورَ دَرِسَن جِي.

 

(8)

اَبِناسيءَ جو ناسُ، ڪَڏِي ڪَدا چِتِ نَه ٿِئي،

آهي جَنهِن جي آسِري، ڌَرتِي ڌَوَلُ آڪاسُ،

سورِجُ چَندِرُ پاڻي پَوَنُ، تيجَ پُنجَ پَرِ ڪاسُ،

بيحَدِ رَچي بِلاسُ، سَئِلَ ڪَري سامي چَئي.

 

(9)

پَرميسَرُ پِرِتِ پالُ، ساڻُ سَدائي ٿو رَهي،

مورِکَ ڀَوَنِ مَتِ ري، کَڻي خامُ خِيالُ،

ماڻي مَوجَ مُڪِتِ جي، ڪو رَهتِوانُ رَسالُ،

جَنهِن کي نَظَرَ نِهالُ، سامي چَئي سَتِگُرَ ڪَيو.

 

(10)

پرَمَيسَرُ پورو، رَهي سَجاتِي سَڀَ سان،

ڪَنهِن سان ٿِئي ڪِينَڪِي، اونهون اَڌورو،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، ساڌو جَنُ سُورو،

طَمَعَ تَنبورو، دورِ ڪَيو جَنهِن دِلِ مون.

 

(11)

سَڄَڻُ سَدائي، ساڻُ رَهي ڪَنهِن جي،

اَنڌا ڏِسَنِ ڪِينَڪِي، ڇاڻي نِتُ ڇائي،

سُجاکَنِ سَهي ڪَري، لُنوَ لُنوَ لِنوَ لائي،

سامي سَمائي، لُڏِي لَهَرَ سَمُندر ۾.

 

(12)

دِلِبَرُ ديريِنو، ويٺو وِچَ بازارِ ۾.

سامي ڏيکاري سَڀَ کي، نِرمل ناگِينو،

پَرکي پَرڇِنتا ري، ڪو پريمي پَرٻينو،

ڪبِرُ ۽ ڪِينو، ميٽي مَستُ مگَنُ ٿيو.

 

(13)

حاضِران حَضورُ، پُرِکُ وَسي پَرَماتَما،

پَلَڪَ پرانهون نَه ٿئي، جِيئين نَئِننِ کون نورُ،

سامي ڏِسي ڪو سورَمو، ڪَٽي ڪَلپَ ڪَرورُ،

سَدائي ڀَرَپورُ، رَهي پانهِنجي حالَ ۾.

 

(14)

هَرِ بِنان هَمِراهُ، ڪَنهِن جو آهي ڪونَڪو،

ڪايا، مايا، ڪُلَ تي، وِسا ڪَنِ ويساهُ،

سَٽي چَڙِهيو سِيرَ تي، ڪو سامي سَنتُ اَچاهُ،

جَنهِن کي عَشِقُ اَٿاهُ، لڳو عينُ اَنَڀَئي.

 

(15)

هَرِ بِنان هَمِراهُ، ڪَنهِن جو ڏِٺو ڪونَڪو،

ڪايا، مايا، ڪُلَ تي، وِسا ڪَنِ ويساهُ،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، دَردَوَندُ داناهُ،

سَدا اَليپُ اَچاهُ، رَهي سُتَهَه سُڀاوَ ۾.

 

(16)

بِنان رَبَ رَفِيقُ، ڪونِهي ڪِنهن جو ڪِٿَهِين،

مُرشِدَ سان مِلي ڪَري، ڪِيو طالِبَنِ تَحقيقُ،

سَٽي پِنڊُ سامي چَئي، ٿِيا بيحَد باريڪُ،

نَئِنَن کون نِزديِڪُ، پيهي ڏِٺائون پاڻ ۾.

 

(17)

بِنان رَبَ رَفِيقُ، ڪَنهن جو ڪونَه ڪاٿَهِين،

سوڌي ڪِيو سامي چَئي، طالِبَنِ تَحَقيقُ،

سَٽي خامَ خِيالَ سَڀِ، ٿِيا بيحَدِ باريڪُ،

نَئِنن کون نَجِيڪُ، پيهي ڏِٺائون پاڻَ ۾.

 

(18)

ڪارِجُ اَئون ڪارَڻُ، پَرِتکُ پورَن آتما،

آهي جَنهِن جي آسِري، ٻولَڻُ، ٻُڌَڻُ، ڏِسَڻُ،

سامي سَڀِ ڪِي سِڌِ ڪَري، رَتي، ماسو، مَڻُ،

بِنان لَکَ لَکَڻُ، اَنتِ، مَڌِ نانهنِ ڪو.

 

(19)

ڪَرِتا اُتي ڪَمَ، وِڌا جَنهِن ويساهَ سان،

مِٽِيا تَنهِن جي مَنَ مون، سامي گوندَرَ غَمَ،

ڏِسي عين اَنَڀَئي، سُتَهَه سورِجُ سَمَ،

رَهي مَنجِهه عالَمَ، سَدا اَليپُ اَڪاسَ جان.

 

(20)

خِياليءَ رَچايو، کيلُ سَڀو بيخيالَ سان،

اَندَرِ ٻاهَرِ اوري پَري، رَمِي رَنگُ لايو،

کيلُ سَنڪوچي خِيالَ ۾، سامي سَمايو،

نَڪي وِڃايو، نَڪي پاتو پاڻَ ري.

 

(21)

گَهٽَ گهٽَ ۾ گوپالُ، رَهي عينَ اَڪاسَ جان،

پيهي ڏِسي پَرِتِيتِ سان، ڪو رَهَتوانُ رَسالُ،

جَنهن کي ڪيو سَتِگُروءَ، سامي نَجَرَ نِهالُ،

ڪَٽي ڪَلِپَتَ ڪالُ، ماڻي مَوجَ مُڪِتِ جِي.

 

(22)

گَهر ۾ گَهرَ وارو، گُروءَ لَکايو گِياتِ سان،

آهي جَنهِن جي آسِري، سامي جڳُ سارو،

گِيانُ، اَگِيانُ، ڀَلو بُرو، اوندَهِه اُجارو،

مِليو نيارو، اِسِٿِتِ ٿِئي اَڪاسَ جان.

 

(23)

چيتَنُ هِڪُ چَيو، ويدَنِ وِڌِ سَچيءَ سان،

ڪَنهِن سُجاکي سورَمي، سامي سَهي ڪَيو،

پاڻَ وَرائي پاڻَ سان، ڇَڏي ٺاهَ ٺَهِيو،

اَڦُرُ اَتَمَيو، ماڻي سُکُ سَروپَ جو.

 

(24)

چَمَڪُ چَلائي، جِئين لوهي جَر کي،

تئين چيتَنُ سَڀَ کي، ڪِرِيا ڪَرائي،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، مُنهُن مَڙِهيءَ پائي،

ڏيئو جاڳائي، ڪَڍ اَنڌيرو اَندَرَ مون.

 

(25)

جَهڙو سو تَهِڙو، پَرِتَک پورَنَ آتما،

اِئين چَوَن سَڀِ اَنَڀَئي، ڏيئي پاڪُ پَڙو،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، گُرَمُکُ کڙو تڙو،

ڀَڃي ڀَرَمَ گَهڙو، سَدا ماڻي سيجَ سُکُ.

 

(26)

نَئِنَنِ مَنجِهه نِواسُ، پَرِتک پَرِميسرَ جو،

لِڪي ڇِپي ڪِينَڪِي، جِئين اَليپُ آڪاسُ،

سُکي ٿِيو سامي چَئي، ڪو دَرِسَنُ پائي داسُ،

جَنهِن جِي بَندِ خلاصُ، پَرچِي پوري گُرَ ڪئي.

 

(27)

رَمِتا رامَ رَکي، سَتا لَکائي سَڀ ۾،

ڪَنهِن سُجاکي سورَمي، ساڌوءَ سَنگِ لَکي،

سُکي ٿِيو سامي چَئي، چيتَنُ رَسُ چَکي،

جِيئين اَنَلُ پَکي، اُلَٽِي چَڙِهيو اَڪاسَ تي.

 

(28)

لَحَظي مَنجِهه ڪَلپَ، لنگهي لَکَ پَري پِيا،

اَڪَهَه سُکُ سَروپَ جو، چَئي سَگهَنِ نَه چَپَ،

ساکَ ڏِني سامي چَئي، روماسَرَ رِکَپَ،

گِيانَ، ڌِيانَ، جَپَ، تَپَ، اوري رَهِيا اَڌَ ۾.

 

(29)

سَڄَڻَ جي سوڀِيا، ڪِهڙَي چَوان مُکَ سان،

سامي سَهَسي سِج چَنڊَ، لَجامان ٿِيا،

پُڇي ڏِسو تَنين کون، جَنِ ديدارَ ڪِيا،

لَنگهي پارِ پِيا، سَنسي جي ساگَرَ کون.

 

(30)

سَڄَڻَ جي سوڀِيا، چَئي وَڃي نَه واتَ سان،

سورِجَ، چَندِرَ، چَراغَ لَکَ، لَجامان ٿِيا،

سامي موهِيا سورَما، جَنِ دِيدارَ ڪِيا،

لَنگهي پارِ پِيا، اَوِدِيا جي آڙاهَه کون.

 

(31)

بي اَنتَ جو اَنتُ، ڪَنهِين پاتو ڪِينَڪِي،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، سُجاکو سَنتُ،

ڏِٺو جَنهِن اَکِنِ سان، ڀيدَ بِنان ڀڳَوَنتُ،

جَئين ڪامڻ پائي ڪَنتُ، رَتي وَتي رَنگَ ۾.

 

(32)

بي اَنتَ جو اَنتُ، پاتو پيرَ فَقَير ڪَنهن،

ساکَ ڏِئي سامي چَئي، ماهِلُ پُرِکُ مَهَنتُ،

ڏِٺو جَنهِن آڪاسَ جان، ڀيدَ بِنان ڀڳِوَنتُ،

بِلاوَلُ بَسَنتُ، ڳاوَندو وَتي ڳوٺَ ۾.

 

(33)

ڍولَ نَه ڇَڏِ ڍِلو، ڀَوَ ساگَرَ جي ڀيڙَ ۾،

لوڙي لوڀَ لَهَر ڪِئو، پَرڇِنِتا پِرِلو،

ڪونهي ڪَتَرَ جيتِرو، بِگِرِ تو تَه بِلو،

تُنهنجو نانءُ نِلو، ٻانَڀَڻُ ڄاڻي ٻوهَٿو.

 

(34)

ثابِتُ رَکُ صدِقُ، اُلَٽي عين اللهه تي،

جو سامي سَڀڪَنهين کي، رزِق ڏئي رازِقُ،

اَٿي اَليپُ اَڪاسَ جان، اندَرِ ٻاهَر هِڪُ،

لِنوَ سان ڪَڍي لِڪُ، سَنَمُکُ ڏِسَن سورجَ جان.

 

سلوڪ اُپديش

 

(الف)

(1)

عَجائِبُ اُپَديسُ، سامي ڏِنو سَت گُروءَ،

نورَ مَحَلَ نِرَباڻَ ۾، پرچِي ڪِيو پَرِويسُ،

مِٽيو ڪَلَهِه ڪَليسُ، سَڀَ گَهٽِ ڏِٺا سُپرين.

 

(2)

ويدَ پُرانَ قرانَ ڪَوِ، سَڀِني ۾ هِڪُ سُوتُ،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، لائي مَنُ مَضِبوطُ،

جِئن آڪاسُ گَهٽَنِ ۾، تِئن سَڀَ ۾ ساکي ڀُوتُ،

ڪو آتَمَ رَتَ اَوڌوَتَ، سَمُجهي هِنَ سُخِنَ کي.

 

(3)

اَٿِي سَڀُ اَڀاسُ، جڳَتُ هي جڳَديسَ جو،

جِئين سورجُ چَندر ۾، سامي سَدا پَرڪاسُ،

ڪَري ڏِسُ ڪَلِپتَ ري، نئنِنَ مَنجِهه نِواسُ،

ته چيتَنُ چِدَ اَڪاسُ، حاضرُ ڏِسيـــٖـن هٿَ تي.

 

(4)

اَوِديا روڳ آسارُ گِياتِ وَرائي نَه لَهي،

جئِين جاڳِئي بِنان نَه ڀُلي سُپَني جو وَهِنوارُ،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، تون ڪري سُدُ ويچارُ،

اهو ساڌَنُ سارُ، سَنتَ ڏَسِيندَءِ سِڪَ سان.

 

(5)

عَشقُ عَقُلُ آهينِ، ٻَئي پَرَ پَکيءَ جا،

اَنَڀَئِه جي آڪاسَ ۾، گُرگَمَ پَهُچائِينِ،

دَرِسَنُ سارَ سَروپَ جو، لِنوَ سان لَکائينِ،

مَمَتِ مِٽائين، سامي سَڀَ اَنَدَرَ جي.

 

(6)

هَيا ڇَڏِ حِرصُ، ڪوڙو مايا موهَ جو،

گِهلي ويندُءِ گارَ ۾، اهو کيالُ کِرسُ،

سُتَهُه سُڌُ سَروپَ کي، گُرگَمَ جاڳي ڏِسُ،

جنهن ۾ سارِي وِسُ، اُپِجي نپجي لِينُ ٿِئي.

 

(7)

اَوِديا جو دَرِياهُ، ڪَکَ ڪَرَمَ لَنگهائِنِ ڪِينَڪِي،

تارِ وَهي تِک تارَ سان اَڻَ هوندو اَسگاهُ،

سامي ٻيڙي سچ جي، چَپو ڪري ويساهُ،

تَه ستِ گُرُ مَردُ مَلاح، پارِ لَنگهائي پلَ ۾.

 

(8)

تِکو تِيٻَرُ وَهُ، اَٿي اَوِديا سِنڌُ جو،

پُٺي ڏيئي پاڻَ کي، سامي سورَ نَه سَهُه،

پُڇُ تَنين کون پِريمَ سان، پارِ لَنگَهڻَ جو پَهُه،

اَٺَ ئي پَهَرَ اَلَهُه، رَهي جَنِ جي روحَ ۾.

 

(9)

اَوِديا جَلُ اَپارُ، ڪَرَمُ کُٽائي ڪينَ ڪي،

مَني پانهِنجو پاڻَهين، ٿو ٻُڏي سَڀُ سَنسارُ،

سَمُجهِي لَهُه سامي چَئي، تون ساکي سِرِجَڻَهارُ،

مانُکَ جَنَمُ اَوتارُ، موٽِي ايندءِ ڪينَ ڪي.

 

(10)

عَشقُ ۽ عَقُلُ، ٻئي ساڌن سَمَ جا،

ساڌي لَهُه سامي چَئي، آتَمُ پَدُ املهه،

ناحَقُ روهِه م رُلُ، مورَکَ مَن جي ڀاءِ تون.

 

(11)

آهِه سَدِيهِي آهِ، ناهِه ڪَڏِيهِي نَه چوان،

عَينُ پسِي ٿِي عَينُ ڪي، پَسُ جهاتي مُنهُن پاءِ،

مورَتَ مَحَبوبنِ جي، لُنؤ لُنؤ مَنجِهه لِڪاءِ،

ته سامي ڪَلَ سَنداءِ، سِگهي ڪَريئي سُپِرِين.

 

(12)

ڪوڙا ڪَمَ نَه ڪَرِ، مورَکَ مَن جي ڀاءِ تون،

اَٿي اَوديا سِنڌ جي، ڏاڍي لوڀَ لَهَرِ،

وَچَنُ ساپُرِسَنِ جو، جاڳي هِردي ڌَرِ،

ته حاضُرُ ڏِسين هَرِ، سامي چَئي سَڀَ ۾.

 

(13)

مورَکَ ڪوهُ ڦَسين، ٿو ڀُلي مايا موهَ ۾،

ٻانڀَڻُ چَئي ٻُڌِ تُنهِنجي، وَدِي ڪَنهِن کَسي،

جاڳي ڏِسُ تَنهِن ڏيوَ کي، جو وِدمانُ وَسي،

متان ڪالُ دَسي، پِيو ڪُٽيئي ڪوپِري.

 

(14)

ڪوڙا بيکَ مَ پاءِ، پَسَڻَ ڪاڻِ پِريَن جي،

اَڳيون پاڻَ صَراف ٿي، تون هنُر ڪِيمَ هَلاءِ،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، سامي چاه چڪاءِ،

اَچيـــٖـن ڀولي ڀاءِ، ته سهج ملني سُپرين.

 

(15)

ڪوڙو موهُ مَ ڪَرِ، مَتان لَهَرِ مَنجِهه لُڙهي وَڃيـــٖـن،

نانا خِيال ڦِٽا ڪري، هِڪُ خِيال کَسَمَ جو ڌَرِ،

بِنان ڀَڄَن هَرِ، اَٿي ٻِيا سَڀِ ٻَنڌَنَ جيءَ جا.

 

(16)

ڪوڙا ليکَ مَ لِکُ، مورَکَ من جي ڀاءِ تون،

اَوِديا جي آڙاهه جو، اَٿي تِيکَڻَ تِکُ،

جاڳي ڪَڍُ اَندَرَ مون، سَڀ ويچاري وِکُ،

ٿيءَ گُروءَ جو سِکُ، ته سيتَلُ ٿِئين سامي چَئي.

 

(17)

ڪَرين ڪوهُ ڪِني، دَعويٰ دَردَوَندَنِ سان،

جَنِ کي لَکَ اَلَکَ جي، پورَنَ پُرکَ ڏِني،

چَڙهي ويٺا چَوڏولَ ۾، ڇِڪا سَڀِ ڇِني،

تَنِ کون بيکَ پِني، سامي چَئــٖـي وَٺُ سارَ جي.

 

(18)

ڪوهُ ڪَريـــٖـن وَلُ ڇَلُ، ٿو مورَکَ مَن جي ڀاءِ تون،

دوساڻيءَ دَرٻار ۾، ٿيندُءِ سَڀُ عَدَلُ،

رُئندين رَتُ اکِن مون، پائي پانهِنجو ڦَلُ،

سامي سَمُجهي هَلُ، دِيکيا وَٺي گُرَ جي.

 

(19)

ڪوهُ ڪَرين هَي هَي، مورَکَ مَنَ جي ڀاءِ تون،

جَڳَتُ سَڀُ جوٺو اَٿي، ڪَري ڏِسُ اَنڀَي،

جِيئن لَهَرِ سَمُندرَ جي، روپَ ڌَري ٿي لَي،

تيئن ساکيءَ ري شَي، سامي اَٿي ڪانَڪا.

 

(20)

کَپَتِ مَنجِهه کُهِي، رولِ نَه پانهِنجو پاڻَ کي،

موٽي ايندَءِ ڪِينَڪِي، اِهَڙي مَوج مُئي،

مِلي وَٺُ مَحَبوبَ سان، دِلِ مون ڪَڍي دُئي،

مَتان ڪالُ ڪُهي، اچي وجهيئي اوچتــٖـي.

 

(21)

کُهِي ڪَرِمَ کوٽُ، ڪَنهين سان ڪَڻِ جيترو،

ڄاڻِي موتَ مَٿي تي، مَدائيءَ کان موٽُ،

ڀيٽي وَٺُ ڀَرَمَ ري، گهونگهٽُ کولي گهوٽُ،

ته ڦِري توکي ڦوٽُ، جَم جگاتِي نَه ڏِئي.

 

(22)

ڳڻِتيون ڪوهُ ڳَڻيــٖـن، ٿو مورَکَ پانهِنجي مَنَ ۾،

گَهٽِ وَڌِ ٿِيندءِ ڪِينَڪِي، توڙي مُنهَن تي هَٿَ هَڻيـــٖـن،

ٻيجــٖـي جِي ٻانڀَڻُ چَئي، سَڀڪو ٻار کَڻي،

جي توکي واڪ وَڻي، ته اسٿَتِ رَهُ اَندر ۾.

 

(23)

غَيرتَ گَندُ نَه وِجُهه، مورَکَ ميڙي گَهرَ ۾،

جَنَمَنِ جي جَنجالَ جو، اِها ٻِيائي اَٿي ٻِجُ،

سَمُجهي ڪرِ سامي چَئي، تون دَئُرَڻَ کون ڌِيرجُ،

ته سرَ تي ساکي سِجُ، پرگَهٽُ ٿئي ئي پاڻَهِين.

 

(24)

گُهريـــٖـن ڪوهُ گَهڻِي، مورَکَ مايا رامَ کون،

وِيا پِٽيندا ڪيتِرا، مُنهَن تي هَٿَ هَڻي،

تون ڀي نِيندين ڪانڪا، ڪوڏي ساڻُ کَڻي،

سارِ سنڀارِ ڌَڻي، ته سُکي ٿِئين سامي چَئي.

 

(25)

چَرِي ڪوهُ چَئين، ٿي دَرِ دَرِ حالُ حَبِيبَ جو،

جي توکي پِياسَ پَسڻَ جي، ته ڌَنڌا ڪيم ڌَئيــٖـن،

سامي سُپيريَن سان، ڇَڏي ٺاهَه ٺَهيــٖـن،

پانهنجيءَ مَنجِهه پَئيــٖـن، ته لَهيــٖـن سُکُ سُهاڳَ جو.

 

(26)

چَريا ڇَڏِ چَوَڻُ، دَمُ ماري رَهُ دَمَ ۾،

سَهَجي ڪَرِ سامي چَئي، ساکيءَ جو سُمرَڻُ،

ڪَڍي وَٺُ ڪَلِپَتَ ري، تون مَحَبت ساڻُ مَکَڻُ،

ڀَونڪَڻُ ۽ ڀوَڻ، اَٿي ڪَمُ ڪُتَنِ جو.

 

(27)

سَنسو هِڪُ پِيو، اَچي مَنهِنجي جيءَ ۾،

سامي چَئي هي سَتِ گُرو، ڪاٿون جَڳَتُ ٿِيو،

پُٺي ڏيئي پاڻَ کي، ساکيءَ سِڌِ ڪيو،

آهي ڪينَ ٻِيو، جَلَ پَپوٽو جَلَ ري.

 

(28)

جِيئن ٻيڙيءَ جو پُورُ، تِيئن لوڪَ ڪُٽنبَ جا،

جَنين مَنيا پانهِنجا، سي ٿِيا چَڪنا چورُ،

سَمجهي پَٽِ سامي چَئي، اَوِديا جو انگورُ،

ثابِتُ رَکجِ مُورُ، مَتان شاهُ پُڇَني ليکڙو.

 

(29)

ڇَڏي هَٺُ هَڻِي، وَٺُ مَحَبوبَ سان،

ڦِٽو ڪَرِ فُرِصَتَ کي، ويندُءِ ڏينهن لَهي،

جاڳي جَڳُ سُپَني جو، سامي ڪَرِ سَهي،

متان پوءِ رَهي، پوين وَسِ ويرِنِ جي.

 

(30)

هَڻِي هَٺُ نوارِ، متان ڏِسين ڏُهاڳَ جا،

ڇَڏي خِيالُ خَلِقَ جو، گَهرَ پانهِنجي ۾ گهارِ،

ڪَرِ سينگارُ مِلَڻَ جو، پُڇي جيڏيون چار،

ته دوسُ اَچي دَرٻارِ، ڏيَئي سُکَ سهاڳ جا.

 

(31)

هَڻي هَٺُ وِڃاءِ، ساجُهرِ سَمُجهي پانهِنجو،

داسَن جي داسي ٿي، شيوا سَڀَ ڪَماءِ،

ٻانڀَڻُ چَئي ٻِيائيءَ ري، چِت چرِنَنِ سان لاءِ،

پِرِنِ کي پرچاءِ، متان رٺيائي رهجي وَڃين.

 

(32)

جيڪو دُکائي، سَنتَنِ ساپُرسَنِ کي،

سو ڪِيتو پانهِنجو پاڻَهِين، جَنَمَنِ مَنجِهه پائي،

جِئين ڪِيڙو گندَ ۾، نِتُ ٽُٻي کائي،

ساڌو ڇَڏائي، ته سامي ڇُٽي دُکَ کون.

 

(33)

جوڳي، سَنياسي، بيراڳي، ٻانڀَڻَ گهڻا،

نانا بيک جڳَتَ ۾، سيوِڙا، اُداسي،

تَنين ۾ ڪو هِڪِڙو، دَرِسَنَ جو پِياسي،

جَنهِن جو ڦَندُ ڦاسي، سامي ڪَٽِيو سَتِ گُروءَ.

 

(34)

جي تون ڄاڻي جيءُ، ته جُڙيو رَهُ جڳَدِيس سان،

جي ديهي مَني پاڻَ کي، تَه مَري مِٽي ٿيءُ،

جي تون آهين آتما، ته ڪَڍُ سَنسي جو سيءُ،

سامي پرچي پيءُ، جِئين تِئين رامَ رَسُ.

 

(35)

دَرِ دَرِ ڪيمَ نِهارِ، چَري، چِيتَن وَرَ کي،

اَٿي مَنجِهه مَحَل جي، تون اَوِديا ڀَرَمُ نِوارِ،

ڪَرِسِينگارُ مِلَڻَ جو، پُڇي جيڏيون چارِ،

گڏجي گهوٽُ ڪنوارِ، سامي ماڻِيو سيجَ سُکُ.

 

(36)

ڏيهيءَ منجهي ڏيــٖـئُه، اَٿي ڏيهي ڏيوَ ۾،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، تون گُرگَمَ اِيهو ڀيئُه،

ته اَوِديا جو اَهَنميئُه، مِٽِي وَڃيئي مَنَ مون.

 

(37)

ناحَقُ مَنُ نه هارِ، نانگُ ڏِسي نوڙيءَ ۾،

ڪَلپَتَ ڪڍي جيءَ مون، تون نِرَمَلُ نَئنَ نِهارِ،

پانهنجو پاڻُ سَنڀارِ، ته سامي مِليــٖـن سَروپَ کي.

 

(38)

سامي تون سَمُجهاءِ، گُرگَمَ پانهِنجو پاڻَ کي،

پائي سُکُ سَروپَ جو، دَرِ دَرِ ڪِيمَ ٻُنڌاءِ،

مَتان مَنَ جي ڀاءِ، وَهِي وَڃيــٖـن وَهَ ۾.

 

(39)

نَڪي اَلُ نه سَلُ، سامي سِڪَ پِريَن جِي،

نَڪي ڌاري ٻَلَ کي، نَڪي ٿيءُ نِٻَلُ،

اَڻَ هوندي اَوِديا جو، تون وِچون ڪَڍُ خَلَل،

اَٺَئي پَهَرَ اَچلُ، جُڙِيو ره جڳَديشِ سان.

 

(40)

نَڪي ڪَٿِ گِيانُ، نَڪي ڌارِج موه کي،

نَڪي گُهمُ گَهرَنِ ۾، نَڪي ڌرِ ڌِيانُ،

سَمُجَهه ري سامي چَئي، اٿي سَڀُ اَڀِمانُ،

پائي پَدُ نِرَٻاڻُ، تون مِلي مَهَدِ جَنَنِ سان.

 

(41)

نَڪي ڪَڍُ نه پاءِ، نَڪي کاءُ نه بُکَ مَرُ،

نَڪي سُمهه نه جاڳُ ڪي، نَڪي چُپِ ڳالهاءِ،

جِتي تون مان ناهِ ڪا، لوڙي لَهُه سا جاءِ،

ته سامي ڀولـٖـي ڀاءِ، ستهه مِلَني سُپرين.

 

(42)

پوڄين ڪوهُ پَٿَرَ، تون چَريا چيتَنَ کي ڇڏي،

جَنهِين ساڌَنَ سِڌِ ڪَيا، تَنهِن جِي ڪَرِ نَظَرَ،

ساکي ٻولــٖـي سَڀَ ۾، ٿو وِياپَڪُ چَرَاَچَرَ،

سامي اَجَرَ اَمَرَ، ڇڏي پوج مَ پِنڊَ کي.

 

(43)

ڪَنهِين ڪِينَ ڪَئي، ڀڳَتِ گُرَ ويساهَ ري،

ڪَرَمَ ڌَرَمَ مَتَ موهَ ۾، وِئَڙا جيءَ وَهي،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، تون ڪَري سَنڌِ سَهي،

ڄَمــٖـي ڪيئن ڏَهِي، ساکيءَ سَنڀائِڻَ ري.

 

(44)

پاندِ پَلَئِه پائي، سَڀڪو ٻيجيو پانهِنجو،

اِها راهَ اَصُلَ جي، ڇڏِي ٺاڪُرَ ٺاهي،

سَتِ گُرُ پانهِنجي سِکِ کي، سامي سَمُجهائي،

جاڳائي لاهي، اَوِديا ڦاسَ ڳِچيءَ مون.

 

(45)

ٻاڻي لَکائـٖـي ٻوڌَ کي، سا ٻُوڌَ روپَ ٻاڻِي،

پاڻيءَ اُٿَنِ پَپوٽڙا، پَپوٽا پاڻي،

سوکَمَ سَنڌِ پِرين جي، ڪَنهن ڄاڻائــٖـي ڄاڻي،

مَوجَ تَني ماڻي، گِهڙي لَنگهيا جي گهيڙَ کون.

 

(46)

ڪَري ڀاءُ ڀڳَتِ، سامي تَرُ سَنسارُ تون،

ٻيڙي ڪَرِ ويساهَ جي، چَپو مَحَبَتَ مَتِ،

سَتِ گُرُ مَلاحُ ڪَرِ، پَتَڻُ ڪَڍُ ڪُمَتِ،

ساکِي ڄاڻِي سَتِ، ته پَهُچين پارِ ڀَرَمَ کون.

 

(47)

پورَنَ پُرَکَ چيو، وَچَنُ هِڪُ وِسرامَ جو،

سامي ڄاڻِجِ ڪوڙُ سَڀُ، ڪَلِپَتَ جو ڪيو،

جِئن سُکُ سُپَني جو، جاڳئي ڪِينَ رَهيو،

ساکي ٺَهيو ٺُهيو، اَٿي آدِ جُگادِ جو.

 

(48)

پِرين وَسَنِ پارِ، مَنَ ٻُڌِواڻيءَ ڪَرَمَ کون،

هيڏي هوڏي هَٿِڙا، مورَکَ اَنڌَ نَه مارِ،

پيهي پانهنجي گَهر ۾، گُرَمَ ڏيو ٻار،

هِيرو جَنُم نه هارِ، سامي چَئي سَمُجَهه ري.

 

(49)

ڇَڏي وَرُ وَڪَڙُ،  جي کَڻيــٖـن پيرُ پرينِ ڏي،

ته سَهَجي سُپرِيَن جو، سامي لَهيــٖـن تَڙُ،

موٽي توکي مَڙُ، جَمُ جگاتِي نه ڪَري.

 

(50)

ٻانڀَڻَ ٻَنڌُ مَ ٺاٺَ، ڪوڙا مايا موهَ جا،

کَڻي هَڻَندَءِ کَڏَ ۾، اِها ڏائڻِ ڏاٺَ،

ڇَڏي پوٿيون پاٺَ، جاڳي ڏِسُ جڳَدِيسَ کي.

 

(51)

بيحَدِ ڪِينَ هَلي، سامي حَدَ جي جيءَ سان،

مَمِتا جي مُٺن کون، رکـٖـي پاڻَ پَلي،

جڳَ ۾ جڳَ جِهڙو ٿِي، بِنان چاهَ چَلي،

تنهِن کي ڳالهِه سَلي، جَنهِن کي سِڪ سروپَ جي.

 

(52)

وِرچي مُنڌَ مَ ويهه، ڪاهِ ته ڪيچِن کي مِلين،

ساجُهرِئي سامي چَوي، ڇُلي ڇَپَرين پيهُه،

ڏورِيندَن جو ڏيهُه، ويٺَنِ کي واري وَري.

 

(53)

سو سَرُ مَنجهِه سَرير، جَنهِن مون وَهنِ واهڙ ڪيترا،

تَرسُ نه تاءُ پَسي ڪري، لَهِج تَڪــٖـي تيرَ،

ته پاڻي پَرينءَ ڀَر جو، اَٿي سوجهــٖـي مَنجِهه سَريرَ،

اورِينَ پَرينءَ، ڀَر جِي، سامي ڇڏِ اُڪيرَ،

تنهن نائج مَنجهي نِيرَ، جتي پاڻيءَ پڻو ناه  ڪو.

 

(54)

حَرفُ اَٿِي هِڪڙو، پَنا ڪوهُ پَڙهيــٖـن،

پائي مُنهُن مَڙهيءَ ۾، اُنهيءَ ساڻُ اَڙيــٖـن،

تان چاڙهيءَ تَنهِن چَڙهيــٖـن، موٽيــٖـن مورُنَه ڪڏهين.

 

(55)

تَڏي پوَندءِ ڪَلَ، جَڏي ضابتَ ايندءِ اوڏڙا،

سُڪائيندَءِ ساهَ کي، سامي ساڻُ هَڪَلَ،

جي هوندا ساڻ عَمَلَ، ته توکي رَندُ نه پوندو رائرو.

 

(56)

مورکَ ڪوهُ ڳَڻي، ٿو سَٽيــٖـن ڪوڙا جيءَ ۾،

اِها پِنڊَ خَلَلَ جي، سامي ڪينَ کَڻي،

جُڙِئي ري جڳَديسَ کي، ٻي ڳالهه ڪانَه وڻي،

کڻِي ڀونءِ هَڻي، مِٽي ميلَ مَمَتَ جي.

 

(57)

مها تِيکَڻُ تاءُ، اَٿي اوِديا سِنڌ جو،

ڇَڏي آلس اونگهه کي، اٿي ڪَرِ اُپاءُ،

لوڙي لَهُه هِمٿَ سان، سامي مَردُ مَلاحُ،

اِهڙو دِلبرُ داءُ، موٽي ايندءِ ڪينَ ڪي.

 

(58)

مها تِيکَڻُ تاءُ، اَٿي اَوِديا سِنڌ جو،

رَکي چاهَ اَندَرَ ۾، سامي سورَ نَه سَهُه،

مَحَبَتيءَ ملاحَ کي، لِنوَ سان لوڙي لَهُه،

ته پارِ لَنگَهڻَ جو پَهُه، پَرچي ڏِئيئي پَلَ ۾.

 

(59)

ري مُکَ اَنگَ اَکَرُ، اَکَنڊُ پَڙهي سو اَوليا،

ري ٻاوَنَ ٻاوَنَ ۾، سُوکَمُ سَهِجَ سُڀَرُ،

کِري کَپي ڪِينَڪِي، اَنَڀَئي روپُ اَمَرُ،

وَڻجارا هي وَرُ، ڪوڙنِ مَنجهون ڪو لَهي.

 

(60)

ليکا سَڀِ وسارِ، اندرِ ڏِسُ اَليکَ کي،

ديهي دِٻَ پائي ڪَري، حِرفَتَ ساڻ نَه هارِ،

ڄاڻَ وڃائي پانهِنجي، سامي سارُ سَنڀارِ،

نِرِمَلَ نَئنَ نِهارِ، ته پَسَڻُ ٿيئي پِرينءَ جو.

 

(61)

ويدَ پُرانَ پَڙهي ڪَري، ٿو لوڪَن رِيجهائيــٖـن،

سُپيريان جي سِڪَ ۾، جهاتي نَه پائيــٖـن،

چاهُ چُڪائيــٖـن، تون پَسيــٖـن ڪِيئن پِريَنِ کي،

 

(62)

ويد وَچَنَ وِيچار، پِريم پريت پرتِيتِ سان،

ڪَنَ اَکِيون ڏيئي ڪَري، سامي مَنَ کي مارِ،

ڪڍي سارُ وَچَنَ مون، باقي سِکَ سَنڀارِ،

ته ساکي ڏِسين پارِ، واڻيءَ اَئون وِيچارَ کون.

 

(63)

سوئي ٿِيو اَسٿولُ، جو سوکَمُ ساکي سدا،

ٻِجَ وَرائي نَه ٿِئي، دَرخَتُ پَنُ ڦَلُ ڦولُ،

اَنڀَئي آتَمَ مولُ، تون سَمُجِهي ڏِسُ سامي چَئي.

 

(64)

ساڌُ نه سَڏائيج، هيءَ تِرڪَڻِ تِکي اَٿي،

هن ڀَرَمَ ڀُلايا ڪيترا، سا پِنڊ سِرون لاهيج،

سَمجهي تون سامي چَئي، مُنهن مَڙهيءَ پائيج،

لوڪَ نَه لکائيج، ته واقفُ ٿِئين وِرونهَن جو.

 

(65)

سامي ڪيمَ سڏاءِ، گياني پَنڊَتُ پاڻُ کي،

اِنهيءَ مَمَتا مُٺا ڪيترا، تون سَمجهي پاڻو بچاءِ

آگيا مَني آگَست جان، اَوديا سِنڌُ سُڪاءِ،

جهاتي جَهروڪي پاءِ، تَه سَنُمکُ ڏِسين سپرين.

 

(66)

سامي ڪوهُه مَنَنُ، ڪَري ٿو ڪَلِپَتَ جو،

دُکي ڄاڻي پاڻَ کي، گُهمـٖـي گَهرَ دَرَ بَنُ،

اَوِديا اَندَرَ ۾ رَکي، سِڌِ ڪَري، ساڌنُ،

جِئين اَليپُ گَگَنُ، تئين تون ساکي سدا.

 

(67)

سُورا سي چَئجَن، جي جهونجهِن ٿا ميدان ۾،

جِيئڻَ اَئون مرڻ جو، سامي سوچُ نه ڪَنِ،

اولو ڀَرمُ ڪَڍي ڪري، سَنَمُکُ ٿِرَ رهن،

ماري پَنَجَ کَڻَن، مَنَ سوڌا مَيدانَ ۾.

 

(68)

سامي سَمُجهي ٿيءُ، اَنتَرِمُکَ اَدبَ سان،

وَٺي گِياتِ گُروءَ کون، تنهن سان جوڙي جيءُ،

ڪَڍيــٖـن سَڀُ ڪَلِپَتَ جو، اَڻَ هوندو سَنسو سيءُ،

تَه پرگهٽُ ڏِسيــٖـن پيءُ، اَندَرِ ٻاهَرِ دَهَ دِسا.

 

(69)

هِيرو جَنَمُ نَه هارِ، مورَکَ جيءَ مَرَمَ ري،

ٿو چارِ وِڃائين نِنڊَ ۾، ڪوڙَ ڪَپٽَ ۾ چارِ،

ڏِسي ڪالَ قَهارَ کي، رُئندين زارون زارِ،

ساجُهرِ سارِ سَنڀارِ، سامي چَئي ساڌَ سَنگِ،

 

(70)

حِرصَ هلاکُ ڪِيا، بيک، گِرستي، لوڪ سڀِ،

ڀُلِي سارَ سَروپَ کون، سَنسي مَنجهه پِيا،

سُپني ۾ سامي چَئي، نانا روپَ ٿِيا،

جاڳئي دُکَ ويا، اڻ هوندا اَوِديا جا.

 

(71)

هَرَ هَرَ هَٿُ نه پاءِ، هيءَ ڳَنڍِ چُهنڊيءَ نه ڇُڙي،

شيوا هَٺَ سُمِرَڻَ جِي، ڪنهن جِي چلي نه ڪاءِ،

سياڻپَ جا سامي چئي، هُنر ڪيمَ هَلاءِ،

هن وَرَ مُنجهائي ماءِ، ڪوڙين وِڌا ڪيترا.

 

(72)

هَي هَي ڪوه ڪَريــٖـن، مورَکَ مَنَ جي ڀاءِ تون،

اَڻَ هوندي سَنسارَ جي، مَمِتا مَنجِهه مَريــٖـن،

ڏِسي سارَ سَروپَ کي، ڌِيرجُ ڇو نه ڌَريــٖـن؟

سو سامي پيرُ پَري، ڪَنهن کون آهي ڪِينَڪِي،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org