سيڪشن:رسالا

ڪتاب:  مارچ/آڪٽوبر 2020ع

باب:

صفحو:5 

ممتاز پٺاڻ

 

 

 

گل حيات ۾ خطن جو خزانو

 

خط تحقيق لاءِ ھڪ اھم معلوماتي ذريعو ٿئي ٿو .ڇو ته خط لکندڙ انتھائي کليل دل سان پنهنجا ڏک سک لکندو آھي ۽  احوال اوريندو آھي. خطن کي محفوظ ڪرڻ ۽ پوءِ ترتيب ڏئي ڪتابي صورتن ۾ ڇپرائڻ جو ماضي قريب ۾ مثالي ڪم سائين جي ايم سيد ڪيو. ھن ڏاهي انسان پنهنجي سڄي ڄمار ۾ ڪنهن جي ڪا به چٺي ضايع ڪونه ڪئي.سانڍي ۽ سنڀالي رکيائين ۽ باقي ٻين ماڻھن کي خطن جي اھميت ۽ سنڀالڻ جو جيئن ڪو سليقو ڏنائين.

 

 جيتري قدر سياسي خطن جو تعلق آھي، ان حوالي سان گل حيات اداري ۾ ٻن قسمن جا سياسي خط موجود آھن.ھڪڙا اھي جيڪي سياستدانن ھڪ ٻئي ڏي لکيا ۽ انهن جو واسطو انگريزن جي دور سان ھيو .گل حيات ۾ جن سياستدانن جا اهڙا ڪيترا خط موجود آھن انهن ۾ سائين جي ايم سيد،پير علي محمد شاھ راشدي. حاجي عبدالله ھارون ۽ ٻيا ڪيترا سياستدان اچي ٿا وڃن. سائين جي ايم سيد جيڪي علام آءِآءِ قاضي، ميران محمد شاھ ۽ ٻين سياستدانن ڏانهن خط لکيا. اھي اڪثر ڪري ڪتابي صورت ۾ به ڇپيا، پر انهن اصلي خطن جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي گل حيات اداري ۾ موجود آھي. محمد ايوب کھڙي جا خط به پڻ ڪتابي صورت ۾ اچي چڪا آھن پر انهن جي اصلي خطن جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي. 1936 کان وٺي 1947 تائين سنڌ جي گورنرن سياسي ۽ انتظامي حوالي سان ھندستان جي وائسراءِ ڏانهن سرڪاري خط لکيا جيڪي اڃا ڪتابي صورت ۾ نه ڇپيا، پر اھي اسان جي اداري ۾ موجود آھن.ھنن خطن ۾ سنڌ بابت گهڻ- رخي معلومات ڏني وئي آھي.جيڪڏھن اھي خط شايع ٿين ته ھوند ڪيترن رازن تان پڙدو کڄي وڃي.

اسان وٽ سياستدانن جي سياسي خطن جو ٻيو قسم اھو آھي جيڪي سياستدانن گل حيات اداري جي بانيءَ (ڊاڪٽر پٺاڻ) ڏي لکيا. اھي خط ھڪ طرف گل حيات اداري جي ڪارڪردگيءَ تي روشني وجهن ٿا ته ٻئي طرف وري دور جي سياسي سرگرمين ۽ حالتن جي جهلڪ پيش ڪن ٿا. اھا خط و ڪتابت ھن ڪري ٿي ته جيئن کين گل حيات جي ڪم ۽ ڪارڪردگي کان باخبر رکي انهن کان اھڙو مواد وٺي سگهجي جيڪو مستقبل جي محقق لاءِ ڪم اچي سگهي.ظاھر آھي ته انهن مان ڪيترا خط شروعات ۾ بابا سائين ڏي خطن جو جواب ھيا. بابا سائين ڏانهن عيدن جي موقعي تي عيد ڪارڊ موڪليندو ھو ۽ انهن جي موٽ ملڻ کان پوءِ خط و ڪتابت جو سلسلو جاري ڪندو ھيو. شروعات ۾ پارٽين جا اڳواڻ مواد ۽ معلومات موڪلڻ ۾ ڀرپور سھڪار ڪندا ھئا ۽ کين جڏھن به موقعو مليو ته ھنن گل حيات جو دورو پڻ ڪيو. مثال طور جماعت اسلامي جو تڏھوڪو سيڪريٽري جنرل سيد منور حسن، پيپلز پارٽي(ش ڀ) جي چيئرپرسن غنوى ڀٽو، خاڪسار تحريڪ جو تڏھوڪو اڳواڻ خاڪسار حميد الدين احمد، اشرف عباسي  ڪامريڊ ڄام ساقي، رسول بخش پليجو، مخدوم جميل الزمان، مخدوم سعيد الزمان وغيره.

اھي پارٽيون ۽ اڳواڻ گل حيات کي موٽ ڏيندا ھئا ۽ خاص طور تي پريس رليزون ۽ پارٽيءَ جو سياسي لٽريچر به موڪلي ڏيندا ھئا. ايئن اسان وٽ پيپلزپارٽيءَ، خاڪسار تحريڪ ۽ جماعت اسلامي جو کوڙ سارو سياسي لٽريچر گڏ ٿي ويو .

جن سياسي اڳواڻن گل حيات ڏانهن پنهنجا خط لکيا انهن ۾ اصغر خان، سيد منور حسن، مير مرتضى ڀٽو،غنوى ڀٽو، سيد اشتياق اظھر، مشاھد حسين، پروفيسر خورشيد احمد، عبدالوحيد (جماعت اسلامي حيدر آباد)، خالد احمد کرل، جان محمد عباسي، قاضي حسين احمد، سيف الله پراچا، اقبال حيدر، حڪيم سعيد احمد، عبدالوحيد ڪٽپر ڊاڪٽر آفتاب قريشي،  حاجي غلام حسين انڙ، عطا محمد مري، ابرار قاضي، راجا ظفرالحق، فخرالزمان، پروفيسر غفور احمد، معراج خالد، اين ڊي خان، سيده عابده حسين  ذڪر لائق آھن. ايم ڪيو ايم جي تڏھوڪي اڳواڻ سيد اشتياق اظھر کي جيڪي بابا سائين خط لکيا ھن انهن منجهان ڪجهه پنهنجي ڪتاب اھم خطوط“ ۾ به شامل ڪيا آھن . اھڙي طريقي سان نامياري شاعر تاجل بيوس پڻ پنهنجي ڪتاب آريجن کان الھاس نگر“ ۾ بابا سائين جو خط ڏنو آھي.

1985 کان 1990 تائين بابا سائين ھزارين اديبن، شاعرن ۽ صحافين سان خط و ڪتابت ڪئي ھي اھو دور ھيو جنهن ۾ شايد ئي ڪو اھڙو اديب، شاعر يا صحافي ھجي جنهن کي بابا سائين خط نه لکيو ھجي. بابا سائين جا لکيل اھي خط به گل حيات ۾ موجود آھن ۽ قلم ڌڻين  جا سوين  خط به گل حيات ۾ موجود آھن. اسان انهن کي مختلف عنوان ڏئي پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آھي جيئن سياستدانن جا خط“.اديبن جا خط “، عورتن جا خط“، مٽن مائٽن جا خط“ ۽ تحقيق ڪندڙن شاگردن خواه محققن جا خط“. ھن ئي فائيل ۾ سيد پير حسام الدين شاھ، ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جا خط به موجود آھن.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org