سيڪشن:رسالا

ڪتاب:سرتيون  ڊسمبر 2019ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

سوچ ويچار

              پڙهندڙ ساٿيو! 

ماهوار ”سرتيون“ ڊسمبر 2019ع جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي. پرچو ڪيئن آهي پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا.

هڪ پاسي ”21 صدي ۾، سائنسي کوجنائون ۽ ايجادون عروج تي آهن. کن پل ۾، دنيا جي گولي جو واءُ سواءُ وٺي سگهجي ٿو. اهڙي روشن خيالي ۽ ترقيءَ واري دور ۾ هيڏي مارا ماري. نه ڪنهن جي عزت محفوظ نه ڪنهن جي ملڪيت محفوظ ۽ نه ڪنهن جي جان محفوظ.. ڄڻ ته جهنگل جو قانون نافذ ڪيو ويو هجي سماج تي ته ”جيڪو ڏاڍو سو گابو.“ ظلم ته ڏسو جو اڃا نمرتا، زارا منگي ۽ ٻين نشانو بڻيل معصوم نياڻين جون قبرون سڪيون ئي ناهن. اڃا انهن جا تڏا کڄا ئي ناهن. اڃا انهن جي خون جو حساب ٿيو ئي ناهي ته وري هي نوان هيبتناڪ ڏوهه، نياڻين خلاف سامهون آيا آهن. وري سنڌ ۾ ظلم ڏاڍ جي نئين تاريخ رقم ٿي رهي آهي ۽ ظالمن جو ظلم نيون نيون صورتون وٺي نروار ٿيو آهي.

لڳي ٿو ته پراڻو دور به عورت لاءِ امن ۽ سڪون جو دور هو. عورتون، نياڻيون، مردن سان گڏ ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ گڏ گڏ هونديون هيون ويندي لڏ پلاڻ تائين ٻارين ٻچين اچي اهي مارو ماڻهو اچي پکا اڏيندا هئا. ته ڪي ٻني ٻارو ڪندا هئا. ڪنهن جي مجال نه هوندي هئي جو ڪير سندن ننگ تڪي يا ڪا مداخلت ڪري. هرڪو عزت ۽ عاقبت سان پنهنجي حال سارو زندگي گذاريندو هو.

اڄ اهو دور جو جاگيردار غريبن جي نياڻين تي ”جرڳا“ ڪري ”ڪاري“ جي تهمت هڻي، مال ڪمائين ٿا نتيجي ۾، نوجوانن ۽ نياڻين جو ناحق خون وهايو وڃي ٿو. جاگيردارن عام ماڻهو جي خون جو کٽيو کائڻ کي پنهنجو ڌنڌو ٺاهي ڇڏيو آهي. سڄو پس منظر خونريزي ۽ ڪارو ڪاري جو اهوئي آهي. مثال طور قاضي احمد ۾ ٻن نياڻين هڪ 8 سالن جي ۽ ٻي 13 سالن جي کي ”ڪاري“ قرار ڏئي، بندوقن جا وار ڪري مارايو ويو آهي ۽ الزام آيل ڌر کان لکين رپيا جرڳي ڪندڙن حاصل ڪيا.

وومن ايڪشن فورم جي جرڳي خلاف هلايل مهم جو نوٽيس وٺندي. هاءِ ڪورٽ ”جرڳي“ تي پابندي وڌي هئي ۽ ان ۾ چيو ويو هو ته جنهن به علائقي ۾ جرڳو ٿئي. جرڳي ڪندڙ کي گرفتار ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ ان حد جي ايس ايس پي ۽ ٻئي عملي تي قانوني قدم کنيو ويندو. ڪجهه سال اها جرڳي واري مشق گهٽجي وئي، پر اڄڪلهه وڏي پئماني تي جرڳا ٿي رهيا آهن ۽ انهن جا سماج کي ڇرڪائيندڙ انسان دشمن فيصلا، نسلن جي سوچ ۽ سگهه کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. ۽ هر ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳو آهي.

”سرتيون“ جي پليٽ فارم تان سنڌ سرڪار کي اپيل ٿي ڪجي ته اهڙن ڏوهن جو نوٽيس وٺي، ڏوهين کي ڪيفري ڪردار تائين پهچائي ۽ قانون جي پڪڙ کي يقيني بڻائي. سماج مان بيچيني ۽ افراتفري ختم ڪئي وڃي.

وڌيڪ ظلم جي انتها ته اها آهي ته قانون جي ڊگري حاصل ڪندڙ ۽ ٻاهران ڊاڪٽري پاس ڪري ايندڙ ڊاڪٽر دعا منگيءَ کي سنڌ جي تحفظ واري ايراضي يعني ڊفينس مان جهڙي نموني اغوا ڪيو ويو آهي ۽ 5 ڏينهن گذرڻ باوجود سنڌ پوليس کيس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي اها صورتحال پڻ سنڌ سرڪار توڙي رياست لاءِ پڻ هڪ چتاءُ بڻيل آهي ته رياست پنهنجي شهرين کي تحفظ ڏيارڻ ۾ ڪامياب ناهي وئي. ملڪي رياست جو فرض آهي ته هر پاڪستاني کي عزت، جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪري.

گلبدن جاويد

پروفيسر اعجاز علي شاهه رضوي

 

سنڌ جي رنگين رِلي

 

سنڌ جي سگهڙ عورتن جو باڪمال ثقافتي هنر ۽

 

سنڌ سونهاري جي سونهن جيئن سندس نالي مان ظاهر آهي اهڙي طرح سندس تهذيب، تمدن ۽ ثقافت مان به سندس سونهن ائين چمڪي رهي آهي جيئن آسمان ۾ ستارا، جيئن سنڌ پيدائشي طور تي قديم ءِ آڳاٽي آهي تيئن هن جي تهذيب ۽ ثقافت به آڳاٽي آهي.

سنڌ جي ثقافتي هنرن ۾ سنڌي سگهڙ عورتن جي ٺاهيل بناوتي هنرن مان رلي اهڙي ته دل وٺندڙ  شئي آهي جو امير، غريب، گداگر ۽ گودڙيا ڪلهي تي کنيو وتن. مطلب ته ڪوبه گهر گهاٽ، اوطاق، بنگلو يا ماڙي يا جهانگهين جا جهوپڙا نه آهن جتي رلي جي نمائش نه ٿيندي هجي. بس مهمان آيو ته اڳئي ٽڪ جي ڀلي رِلي ڪڍي اچي ميزبان بسترو وڇائيندا ۽ مٿي کان وهاڻو رکندا ۽ مهمان به خوشي مان اچي مٿس براجمان ٿيندو.

پروفيسر اعجاز علي شاهه رضوي

سنڌ جي رنگين رِلي

 

سنڌ جي سگهڙ عورتن جو باڪمال ثقافتي هنر ۽ ڪاريگري

 

رِلي جهڙي آهي رنگين تهڙي آهي دل جي ڪشادي. هوءَ پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي درويشن کي پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏئي سمائي ڇڏيندي آهي. بقول شيخ سعدي ”وه درويش دريڪ گليم بخشند“ يعني ڏهه درويش/ فقير هڪ ئي رلي ۾ آرامي ٿي سگهن ٿا. ڏسو ته ڪيڏي نه منزل آهي منهنجي سنڌ واري رنگين رِلي جي، جو شاهه ڀٽائي رِلي جي عظمت کي بچائڻ خاطر فرمائي ٿو ته ”جي ڀائين جوڳي ٿيان ته رِلي کڻي مَ رڪ“ ان بيت ۾ ڀٽائي جوڳي جي ۽ رِلي جي عظمت کي ورجايو آهي ۽ رِلي کي رلائڻ کان منع ڪئي آهي ۽ فرمائي ٿو ته، جوڳي (الله وارو) ٿيڻ لاءِ اها ڳالهه ڪافي آهي جو رِلي رکي کيس در در نه رلائجي ۽ نه وري پنڻ جو هٿيار  ٺاهجي.

سنڌ جي رنگين رِلي جا نمونا به عجيب آهن جيڪي نون ۽ پراڻن سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙن مان تيار ڪيا وڃن ٿا. اڳي اهي پراڻن رنگين سوٽي ڪپڙن مان به تيار ڪيا ويندا هئا. پر هاڻي جديد دور ۾ قيمتي رِليون نون سوٽي ۽ ريشمي رنگين ڪپڙن مان تيار ڪيون وڃن ٿيون. سنڌي رِلي جا ڪجهه نمونا هن ريت آهن.

               ·        چوگلو : هي ٽڪ گلاب جي گل نموني تي ٽڪي وڃي ٿي. هن ٽڪ جي هڪ ئي چنبي ۾ چار گل برابر ۾ ٽڪيل هوندا آهن ۽ وچ ۾ سنهيءَ ٽاريءَ جو ڏيک به گلن جي مٿان ننڍڙن پوپٽن ۽ ڪارن ڀونئرن جي ٽڪ ٽڪي گلن سان اهڙو چهٽايو ويندو آهي جو ڏسندڙ کي ڏندين آڱريون اچي وڃن.

               ·        اٺ گلو : هن چنبي ۾ اٺن قسمن جا گل ڏيکاريل هوندا آهن جن ۾ گلاب، موتيو ۽ زنگي گل جي سونهن سوڀيان سڀني کان سرس هوندي آهي.

               ·        نو گلو: هن چنبي ۾ نون ستارن جي شڪل ۾ نَوَگل رٿائتو ڏيکاريل سندس چوڌاري ننڍڙين گڏين جون پٽيون هونديون آهن. هنن چنبن تي سئيءَ جو پورهيو ڪندڙ سگهڙ عورت ٽوپو ڏيندي سريلي آواز سان جهونگاريندي هيئن چوندي رهندي آهي.

 

”منهنجي رلي جا نو ستارا،

شرمائين ٿا چند تارا،

 واهه وا تن جا نوري نظارا.“

 واقعي نَونَ ستارن واري رلي چانڊوڪي رات ۾ کٽ تي پٿارجي وڃي ته آسمان جي چمڪندڙ ستارن کي به شهه ڏيئي ڇڏيندي آهي.

               ·       ڪٽاهه: هن جا وري ڇهه قسم آهن ۽ هر هڪ قسم پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

               ·       نوٽڻ: هن چنبي ۾ نوٽڻ راند جي صورت سارين ۽ کيڏارين سميت راند جي محفل تازي ڪيو بيٺا آهن.

               ·       سنڌ جو غاليچو: هي ٽڪ ايراني غاليچن جي رنگدار ٻوٽن جو نمونو پيش ڪندي آهي. سچ پچ ته جيڪڏهن هيءَ رلي ايراني غاليچن جي مقابلي ۾ آڻي برابر ۾ پٿارجي ته يقيناً ايراني غاليچي کان ٻه لڱا سونهن سرس بيهندي.

               ·       ٽڪنڊي: هيءَ رلي سنهين گڏين جي پٽاپٽي چنبن مان ٺهي ٿي. جنهن تي ڀرت سان ڪاون جي جڙاوت ۽ چوڌاري ڪنارن سان موتين جو من موهيندڙ قطارون هونديون آهن. اهڙيون رِليون گهڻو ڪري گهوٽ ڪنوار جي سيجن کي سينگارينديون آهن، هنن کي خوشبودار بنائڻ لاءِ رِلي جي هيٺين ڪنارن تي ڦوٽن ۽ لونگن جي جڙاوت ڪئي ويندي آهي.

ضرورت ان امر جي آهي ته سنڌ سرڪار اهڙا اسڪول يا اسڪولن ۾ ڪلاس کولي جنهن ۾ رلي جي سکيا کي اهميت حاصل هجي ته اهو طريقو ڏاڍو ڪامياب ۽ ڪارائتو ٿيندو ۽ اهڙي طرح هي ثقافتي هنر به قائم رهندو.

سيما عباسي

غزل

 

آگهيءَ جا عذابَ ڀوڳيون پيا،

بنا تعبير خواب ڀوڳيون پيا.

پيار جذبن جا سڀ سوالي هِتي،

پاڻ تن جا جواب ڀوڳيون پيا.

توکي چاهڻ جو مون گناهه ڪيو،

توڏي ارپيل ثواب ڀوڳيون پيا.

ڪيئن، ڪاٿي، ڪڏهن لڳي ويئي؟

ويٺي دل جا حساب ڀوڳيون پيا.

پاڻ تي عرش مهربان ڪٿي؟

بخت بخشل عتاب ڀوڳيون پيا.

 

غزل

 

سورَ اُهي ئي ساڳيا آهن،

پُورَ نه پنهنجا پلبا آهن.

 

عشق عقل جي ڳوڙهي جنگ ۾

اٽڪيا، سوچ ۽ جذبا آهن.

 

واعظ جي تن سمجهاڻين سان،

فڪري مُحرڪ تپبا آهن.

 

ڳڻتيون ڳاراڻا، مونجهارا،

تنهنجا بخشيل تمغا آهن.

 

صحرائن ۾ منزل ڳولي،

پير پٿون پنهنجا ٿيا آهن.

 

الفت حسين

غزل

زندگيءَ جو ڪم گڏائي ٿو ڇڏين

ھر خوشيءَ ۾ غم گڏائي ٿو ڇڏين

اڌ حياتي راهه ۾ گذري وئي

پنڌَ سان جوکم گڏائي ٿو ڇڏين

ڇو ڀلا شيطانَ سان ھر روز تون

عشق جو آدم گڏائي ٿو ڇڏين

ايئن طبيبي گھاءَ جي ناھي ڪبي

مرچ سان مرھم گڏائي ٿو ڇڏين

تو به آ مون کي زماني جئن ڏٺو

غيرَ سان ھمدم گڏائي ٿو ڇڏين

مون ته آ ميھار ۾ ماڻيو خدا

وقتَ پويان ڏَمُ گڏائي ٿو ڇڏين

ڪنھن سمي الفت بدن کان ئي پري

ڪنھن وري ويرم گڏائي ٿو ڇڏي.

 

روبينه ابڙو

 

غزل

عشق جنين جو پيش امام،

تن تي سارا سُک حرام.

 

هر رتبي کان اوچو آهه،

تنهنجي نالي جو الزام.

 

مدهوشيءَ جي مند اسان تي،

هاڻ رهي ٿي صبح و شام.

 

صدين جي اوسيئڙي عيوض،

تنهنجو عشق مليو انعام.

 

مون وٽ سر جو سودو آهه،

اول آخر هڪڙي هام.

 

تن جي هستي آهه الستي،

هو جي رهندا هن گمنام.

 

هاءِ ڀٽائي تنهنجي وائي،

”عشق تمام برهه تمام“.

 

وائي

 

ناهي ٿيڻو ناس

سڀ ڪجهه رهندو تو پٺيان.

اکيون ڀل الهي وڃن

ڌرتي ۽ آڪاس

سڀ ڪجهه رهندو تو پٺيان.

ڇا ٿو سوچين جوڳيا

ڇا لئه آنهه اداس

سڀ ڪجهه رهندو تو پٺيان.

تنهنجي ڳولا جون ڳليون،

۽ منهنجو وشواس

سڀ ڪجهه رهندو تو پٺيان.

ساڳيا نيڻن جا ورق،

ساڳيو اتهاس

سڀ ڪجهه رهندو تو پٺيان.

 

غزل

الجهياسين اسرار اندر،

سرمستي سنسار اندر

 

دور دفن ٿي ويندا هن،

لمحن جي رفتار اندر.

 

مون کي ڪيڏا رنگ ڇُهن،

پوپٽ جهڙي پيار اندر.

 

پنهنجي ئي پئي روپ ڏٺم،

موکِي ۽ مئخار اندر

 

ڌرتي ۽ آڪاس ڌُڏن،

ڌڙڪي هي دل ڌار اندر.

 

ڪوئي دودو، دولهه آ،

اڄ جي ننڍڙي ٻار اندر.

 

ڪنهن هي سنک وڄايو آ!

من مندر ماٺار اندر.

 

تنهنجو واس سدا ايندو آ،

مٽيءَ جي مهڪار اندر.

 

شاعره : نامعلوم

 

ايراني عورت جو نوحو

 

مان هڪ شادي شده عورت آهيان

مان ته هڪ عورت آهيان

هڪ ايراني عورت آهيان

رات جا اٺ ٿي رهيا آهن

هتي خيابان شمالي تي

وڃي رهي آهيان

ماني خريد ڪرڻ لاءِ

نه مان سينگار ڪيو آهي

نه وري منهنجا ڪپڙا پرڪشش نظر اچي رهيا آهن

مگر هتي ته سر عام

هي ستين گاڏي آهي

جيڪا منهنجي پويان آهي

چون ٿا ته مڙس اٿئي يا نه ؟

مون سان گڏ سير ڪريو

جيڪي به چوندينءَ توکي ملندو

هتي هڪ تندور وارو آهي

وقت ساڍا اٺ ٿيا آهن

هو ماني پچائي رهيو آهي

پر خبر ناهي ته مون کي ڏسي اکيون ڇو هڻي رهيو آهي.

نان ڏيندي منهنجي هٿ سان پنهنجو هٿ گسائي رهيو آهي

هي تهران آهي

رستو پار ڪيو ته گاڏي سوار مون ڏي آيو

گاڏي سوار مون کان منهنجي قيمت پڇي رهيو آهي

ته رات جا گهڻا وٺندئينءَ ؟

مون کي خبر نه هئي ته رات جي قيمت ڇا ٿيندي آهي؟

هي ايران آهي

منهنجا هٿ پگهر ۾ شل آهن

مون کي لڳي ٿو ته مان نه ڳالهائي سگهندس

اڃان ته منهنجي شرمندگي ۽ خوف جو پگهر نه سڪو هو

ته گهر پهچي ويس

انجنيئر کي ڏٺو

هڪ شريف مرد جيڪو ٻي منزل تي

پنهنجي زال ۽ ڌيءُ سان گڏ رهندو آهي

سلام آقائي مهندس

بيگم ڪيئن آهيو؟

اوهان جي ڌيءُ ٺيڪ آهي؟

والسلام ، توهان ٺيڪ آهيو؟

خوش آهيو؟

سچ ته اهو آهي ته اڄ رات منهنجي گهر ۾ ڪير به نه آهي

جيڪڏهن ممڪن هجي ته هليا اچو

نيلوفر جو ڪمپيوٽر به ٺيڪ ڪري ڏيو

تمام گهڻي بڙ بڙ ڪري رهيو آهي

هيءَ منهنجي موبائل آهي

جيترو وڻيوَ اوترو ڳالهائي سگهو ٿا

مان دل ۾ وسوسو ڪندي چيو ته تمام سٺو

جيڪڏهن وقت مليو ته ضرور

هي عظيم سرزمين آهي

مگر هتي ته جنسي مريضن گند پکيڙي ڇڏيو آهي

۽ نه وري توهان جو نالو ئي توهان جي حفاظت ڪري سگهي ٿو

هي آهي اسلامي جمهوريه

۽ مان هڪ عورت آهيان

منهنجو مڙس چاهي ته چار عقد ڪري سگهي ٿو

مگر منهنجا کليل وار مون کي جهنم ۾ وٺي ويندا

۽ مردن جي بدن جو عطر انهن کي جنت ۾ وٺي ويندو

مون کي ڪو عدالتي تحفظ حاصل نه آهي

منهنجو مڙس مون کي طلاق ڏئي ته باغيرت سڏجي

جيڪڏهن مان طلاق گهران ته چوندا

حدون ٽپي وئي آهي ، بي شرم ٿي وئي آهي

منهنجي ڌيءُ کي شاديءَ جي لاءِ

منهنجي اجازت جي ضرورت نه آهي

مگر پيءُ جي اجازت لازمي آهي

مان ٻه ڪم ڪندي آهيان،

هو ايندو آهي ته آرام ڪندو آهي

مان ڪم تان واپس اچي وري ڪم ڪندي آهيان

۽ هن کي سڪون فراهم ڪرڻ به منهنجوئي ڪم آهي

ڇاڪاڻ ته مان عورت آهيان

مرد کي حق آهي ته اهو مون کي ڏسي

مگر جيڪڏهن غلطيءَ سان

مرد تي منهنجي نظر پئجي وڃي ته

مان آواره ۽ بدڪردار سڏجان

مان عورت آهيان

مان حدن ۾ رهڻ باوجود به عورت آهيان

ڇا منهنجي پيدائش ۾ ئي منهنجي غلطي آهي؟

يا اهو مقام ئي غلط هو جتي مان وڏي ٿيس

منهنجو وجود، منهنجو روح

هڪ اعليٰ لباس واري مرد جي

سوچ ۽ زبان جي چند فقرن جو محتاج آهي

پنهنجو لباس تبديل ڪريان

يا مردن جي سرزمين تي مردن جي سوچ

ياڪمري جي ڪنڊ ۾ پاڻ کي بند ڪري ڇڏيان

مان نٿي ڄاڻان

مان نٿي ڄاڻان ته مان دنيا جي

هڪ خراب مقام تي پيدا ٿي آهيان

يا بُري وقت تي پيدا ٿي آهيان

مان نٿي ڄاڻان..................

 

خالده منير

 

نثري نظم

 

مون پيار ڪيو،

مرد سان توڙي عورت سان،

بغير ڪنهن فرق جي،

انڪري جو آئون انسان آهيان،

منهنجي انسانيت مون کي ايئن سيکاريو،

ٿي سگهي ٿو تنهنجي نظر ۾،

آئون بدڪردار هجان،

تنهنجي ذھن ۾ آئون ڇڙواڳ هجان،

ها ايئن به ٿي سگهي ٿو ته،

تنهنجي ذھن ۾ آئون گندي نالي جو،

گندو ڪيڙو هجان،

ها مڃيم آئون ايئن آهيان،

ٿي سگهي ٿو وقت جا نالي اُتم ماڻهو،

ڪرهت سان منهنجي جنازي نماز پڙهن،

۽ تڪڙو تڪڙو مون کي لحد ۾ لاهين،

مٿان مٽي اڇلي ۽ حقارت سان،

مٽي جي دڙي کي ڏسن پر،

منهنجي تدفين ۾ هڪ ماڻهو،

اهڙو به هوندو جيڪو منهنجي مٽي کي،

سڪ مان سجدو ڪندو،

اي نالي اُتم ماڻهو،

ان وقت تنهنجو ڪنڌ،

منهنجي مٽي جهڪائيندي

 

خليل چانڊيو

 

نظم

 

اچ ته سمنڊ ڪناري

وڃايل پيار جي

خاموش لھرن کي

زندگي جا درس ڏيڻ لاءِ

ڪُن جا اُذن آڇيون

۽ بيقرار دلين کي

قرار جا انبار بخشيون

ھو ڏس پاڳل ھوا

ڪيئن ٻانھون کولي

تنھنجي آمد جي خوشيءَ ۾

رقص ڪري رھي آ

اچ ته  ان ڪيفيٽيريا ۾ ھلون

جتي تنھنجا لڙڪ دفن ٿيل آھن

مون کي خبر آ ته

جذبن جو وردان

آزادي جا در کوليندو آھي

اچ ته  انھن جذبن جي صدائن کي

سخنور استعارو ڏئي

اشتعال جي حدت کي

بھار جي ڪوملتا عطا ڪيون

 

نظم

 

او منھنجي امان

ڇو ھو تو مون کي ڄڻيو

بيحس ماڻھن جي ديس ۾

پٽڪن جا شملا اونچا رکڻ لاءِ

ڌيئرون درگور ڪرڻ جا فيصلا

ڪفاري طور ٿيندا آهن

ڀاءُ جو بدلو ڀيڻ کي ڏيڻو پوي ٿو

زنده رھڻ جي

ھڪڙي خواھش خاطر

ھزار ڀيرا مرڻو پوي ٿو

او منھنجي جيجل امان

ڇو ھو تو مون کي ڄڻيو

بيدرد ڌرتي تي ملڪيت خاطر

منھنجي جسم جا ٽڪرا ٿين ٿا

قدم قدم تي وحشي ڏسان ٿي

خواھشن خاطر سولي چڙھان ٿي

وحشي آرزوئن منھنجا آواز وڃايا

 

ثميره قريشي

 

نظم

 

منهنجي وجود ۾ رڳو عورت ڳولڻ وارئو

ڪڏهن مون ۾ سنڌ به ڏٺي اٿوَ؟

سنڌ مقدس آ،

سنڌ کي سنگسار نه ڪجو

نه  نظرن سان

نه پٿرن سان

سنڌ تي ميري نه اک رکجو

خوش ٿيو، ڀلي کِلو

سنڌ وارئو! سنڌ جو سدائين ڀرم رکجو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org