سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون سيپٽمبر  2019ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

سوچ ويچار 

ماهوار ”سرتيون“ سيپٽمبر 2019ع جو پرچو اوهان جي هٿن ۾ آهي. پرچي جي مواد ۽ معيار بابت پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا. اوهان لکندڙن/پڙهندڙن جي سهڪار جو نتيجو آهي جو رسالو گذريل 29 سالن کان باقاعدي نڪرندو رهي ٿو.

ڪبير ڀڳت چيو آهي ته، ”هڪ ئي اميد اصلي آهي، جيڪا ’اميد‘ خدا جي نانءَ جي آهي، باقي سڀ اميدون نراسايون آهن. ٻين مان اميد رکڻ ائين آهي جيئن ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اُڃ مرن.“ مان اميد جو ”ٻارڻ“ ٻاريان ۽ خواهشن کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيان ۽ ورائي ورائي جوڳ پچايان. انهيءَ ۾ ئي پنهنجي ڀلائي آهي.

هو وڌيڪ چوي ٿو، ”ڳالهائڻ ماڻهوءَ کي مٺاڻ وانگر ٿو لڳي. پر انهيءَ تي عمل ڪرڻ ٽوهه کان به وڌيڪ ڪڙو ٿو لڳي.“

مطلب ته تحرڪ ئي ارتقائي منزلون طئه ڪري ماڻهوءَ لاءِ ترقيءَ جي راهه هموار ڪندي منزل مقصود ماڻي ٿو. سڀ کان پهرين ته هر ماڻهوءَ کي اهو تعين ڪرڻ گهرجي ته منجهس جيڪي خوبيون آهن انهن جو صحيح وقت تي صحيح رخ ۾ استعمال ڪري. لڳاتار ۽ مسلسل ڪم ڪرڻ سان بهترين ۽ تڪڙا نتيجا نڪرندا. اهي نتيجا ئي منزل تائين پهچڻ جي ڏاڪڻ جو ڪم ڏيندا آهن. سڌريل قومن ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ ته ايئن ئي ڏٺو ويو آهي. ”جيتري محنت اوتري اجرت“. پر ترقي پذير ملڪن ۾ صورتحال ٻي آهي. پر به پنهنجي منزل تان هٿ کڻڻ ڪا عقلمندي نه چئبي!

ڇو ته ڪوبه ڪم مستقل مزاجيءَ سان لڳاتار ڪبو رهڻ سان هڪ ته پنهنجي ان Subject (مضمون) تي دسترس حاصل ٿيندي، عبور حاصل ٿيندو ۽ اهو احساس ماڻهوءَ ۾ خود اعتمادي پيدا ڪندو ۽ اها خود اعتمادي شخصيت جي سونهن ثابت ٿيندي. ۽ اهڙيءَ طرح تخليقي، تحقيقي، آدرشي، انقلابي حسن ماڻهوءَ جي رڳ رڳ ۾ رچي ويندو پوءِ اهو حسن پوري زندگي انسان جي دل ۽ دماغ کي روشني بخشيندو رهندو. دنيا جي ڪابه ميراڻ ان جي ويجهو نه ايندي. اهڙيون شخصيتون بڙ جي گهاٽي وڻ مثل هونديون آهن. انهن جو وجود بادلن جهڙو هوندو آهي. جيڪي بربحرن تي وسندا رهندا آهن محبتن جو محور هونديون آهن. امن آشتي جو اهڃاڻ هونديون آهن. اهڙيون شخصيتون جتي جتي رهيون اهي وطن گل و گلزار ٿي ويا. باغ و بهار ٿي ويا. انهن جو پيار انهن جي انسان پرستي ٻين انسانن لاءِ پڻ ڇپر ڇانو رهي آهي جيئن بلي شاهه چيو آهي:

پیار دے ایسے بوٹے لا،

سارے پنڈ تے سایہ کر۔

 گلبدن جاويد

 

ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو

 

 

 

فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

 

آتم ڪٿا لکڻ وڏي ڳالهه آهي. آتم ڪٿا کي نه صرف ادب ۾، پر تاريخ ۾ به وڏي اهميت حاصل آهي. مغل بادشاهن جون آتم ڪٿائون جن ۾ همايون بادشاه جي ڀيڻ گلبدن بيگم جي آتم ڪٿا (”همايون نامون“جنهن جو سنڌي ۾ ترجمو، شهيد احمد خان آصف مصراڻي ڪيو.) کي انڊيا ۽ پاڪستان ۾ هڪ وڏي  حيثيت حاصل آهي.

 آتم ڪٿا لکڻ لاءِ  به دل گردو کپي  ڇاڪاڻ  ته زندگيءَ جي حقيقتن لاهن  چاڙهن، غلطين، بيوقوفين، عقل ۽ فهم کي  ماڻهن اڳيان آڻڻو آهي. هڪ زهر آهي جنهن کي پيئڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.

کوساڻي صاحب خاندان جو احوال  لکندي ٻڌائي ٿو ته ست سئو سال اڳ  سندن خاندان جيڪي لوهاڻا سنڌي هئا  ۽ ڇهه سو سال اڳ ايراني مبلغن جي تبليغ سبب شيعه اسماعيلي مسلمان ٿيا. مان ”ست ۽  ڇهه سو سال اڳ ۾“ انڪري وري وري ورجائي اهو سمجهڻ جي  ڪوشش ڪيان ٿي ته ان وقت ۾ سنڌ تي  ڪنهن جي حڪمراني هئي. سومرا جن  لاءِ  تاريخدانن جو  چوڻ آهي سنه 1053ع  ۽  445 هه ۾ سومرن جي قبيلي ٿريءَ ۾  گڏ ٿي سومرا نالي هڪ ماڻهوءَ کي بادشاه بڻايو.  سومرن جي مذهب تي  به  مختلف رايا آهن  ڪي هنن لاءِ لکن ٿا ته هو سورج سبني  خاندان جا پرهار راجپوت آهن ته ڪن جو چوڻ آهي  ته  چندر گپت  جي شاهي نسل  مان آهن. ڪن جي راءِ آهي  ته اوڌ جي  راجا رامچند جي پٽ سپو  متر جي شاهي  نسل مان آهن، جن سنڌ سان گڏ ڪڇ، گجرات ۽ سورت تائين حڪومت قائم  ڪئي. انهن به شروع  ۾  اسماعيلي مسلمانن  وارو  مذهب اختيار ڪيو هو. سندن دور حڪومت پنج سو سال ٻڌايو وڃي ٿو.  يقيناً هي اهو دور آهي جنهن لاءِ کوساڻي صاحب پنهنجي خاندان کي متعارف  ڪرايو آهي .

اڳتي ٻڌايو اٿس ته پنج سو  سال اڳ ڏڪار سبب هن جو خاندان سونڍا ۾  رهائش پذير ٿيو. ان وقت سنڌ جو دارالحڪومت  ٺٽو هو. اڪثر ڌارين فوجن جا حملي آور شهر ۽ ڳوٺن مان ڦرلٽ ڪري نوجوان ۽ سهڻين عورتن کي کڻي ويندا هئا ۽ ويچاريون عورتون ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ وقت  پنهنجي منهن تي مٽي يا رک ملي ڪم  ڪنديون هيون ڪيترو نه ظلم  هو!

تاريخ  جي شاگرد هئڻ ڪري آئون اهو چوندس ته اهو سمن وارو دور هو. سمن جي آخري حڪمران فيروز جي وقت ۾ ارغون ۽  ترخان  ڪاهي پيا هئا. پنهنجي ملڪ مان هو ڌڪارجي نڪتا هئا ۽ اخلاق جو هر  ليڪو لتاڙي سنڌ ۾ ظلم جي باهه ٻاري  ڇڏي  هئائون. شاه بيگ ارغون پيءُ ذوالٽون سان جنهن سنڌ تي حڪومت ڪئي هئي، جڏهن قنڌار ۾  هو ته بابر بادشاه هن سان جنگ جوٽي مال اسباب ڦري شاهه بيگ جي  ڀائٽيءَ  ماه بيگم کي اغوا ڪري ويو هو جنهن جي هن شاهه قاسم ڪوڪي سان شادي ڪرائي هئي. کيس هڪ ڌيءَ ناهيد بيگم هئي. ماهه بيگم اتان ڪنهن  به نموني سنڌ پهتي، هن ٻي شادي  شاهه حسن سان ڪئي جيڪو شاهه بيگ جو پٽ هو ۽ ٽين شادي عيسى ترخان سان ڪئي هئي. سنڌ جي حڪمراني ۾ هن  جو وڏو سياسي ڪردار آهي. چوڻ جو مطلب اهو آهي  ته  ڌارين فوجن جو عورتن  جي معاملي ۾ کين اغوا ڪرڻ جي هڪ  علت قائم هئي .

سنڌ ۾ ارغونن، ترخانن ۽ مغل گورنرن  جي دور حڪومت ۾ سنڌ جي عورتن کي اغوا ڪرڻ هنن جو معمول بڻجي ويو. جنهن ڪري سنڌ جي نوجوانن جو هڪ ٽولو پرو چانڊيو بڻجي ويو. اغوا ٿيل نياڻين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هو ڪاهي پوندا هئا. پوءِ اُهي  عورتون مسلمان هجن يا هندو کين وڏي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو هو.

کوساڻي صاحب جي لکيل آتم ڪٿا جي ڏيڍ صفحي ۾ سنڌ جي صدين  جي تاريخ منهنجي سامهون اچي وئي. ان مان  سمجهي سگهجي ٿو ته تاريخ ۾ آتم ڪٿا جي ڪيتري  اهميت آهي .

پنهنجي جيون جي پهرين پيار ۾  ڏاڍو حقيقت کان ڪم ورتل نظر اچي ٿو. سندس همت جو نوريءَ کي يڪدم  پنهنجي آڱر مان ڇلو لاهي پارائڻ ۽  محبت جو يقين ڏيارڻ، پوءِ اهڙيون نوريون  ڪيئن هن کان جدا ٿي رهڻ پسند ڪنديون. ها! بلقيس البت همت واري هئي جو  اچي هن جي  گهر تائين  پهتي، پر لکيو منجهه نراڙ تي ئي هلڻو پوي ٿو. کيس دل  ڦينڪ ڏسي سندس والده محترمه  ڀاڀي  رضيه  جو کيس جيون ساٿي ٿيڻ جو ٻڌايو  ۽  ننڍي هوندي ٿيل مڱڻي کان آگاهه ڪيو  جنهن تي به هي راضي رهيو  ۽ کيس  ڏسڻ  لاءِ تلهار ويندو رهيو. پر حيران ڪندڙ ڳالهيون اهي آهن ته جيڪي حرڪتون ڇوڪرا ڪندا آهن زندگيءَ ۾ اهڙيون حرڪتون هن سان ڇوڪرين ڪيون  آهن. بلقيس ماءُ  سميت رشتي لاءِ گهر پهچي ٿي ۽ مريم پنجاپڻ  دريءَ مان چنڊ جهڙو منهن کڻي هن  کي محبت جي چٺي لکي ٿي. واقعي ان معاملي ۾ کوساڻي  خوشنصيب شخص رهيو آهي. سندس  لکڻ  مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ۾ انيڪ  صلاحيتون هيون. سياسي، سماجي، ادبي  دوستي، شاعري خاص ڪري هن  جي  آتم  ڪٿا ۾ جيڪي هن سهڻا جملا ۽ اکر ڪم آندا آهن ۽ ان سان غالب جي شاعري لڳائي  آهي سچ پڇ پڙهي محسوس ٿئي ٿو ته اسان  وٽ ڪيئي انيڪ شخصيتون آهن  جيڪي پنهنجي اندر ۾ ادارا آهن. بزم  روح رهاڻ جي جشن جو ذڪر ڪندي  لکيو  اٿس ته قوم، وطن ۽ انسانيت جا ٻج اسان هتان ئي ڇٽيا هئا. جتي اياز جو  انقلابي ڪلام، رسول بخش پليجو جي  شعله بياني، حفيظ قريشي جون دل پذير  ڳالهيون، امداد حسيني، نياز همايوني، استاد بخاريءَ جي شاعري ۽ رهنمائن جون   تقريرون ٻڌي اسان جي دماغن جا ڪپاٽ  کلي ويا. شيخ اياز جي تاريخي گيت فقير عبدالغفور جي آواز ۾ ”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“ دلين ۾ قوم پرستي جا ڀنڀٽ  ڀڙڪائي ڇڏيا.

 اياز سان ملاقات وقت جنهن نموني  هن سندس شاعريءَ جي تشبيهه ڪئي آهي  اهو هن جي ذهني پختگي کي ظاهر ڪري  ٿو. هو لکي ٿو ته اياز سائين پهاڙي نديءَ مثل ڪيڏي مهل گجگوڙ سان انقلابي ڪلام ٿي پڙهيو ته ڪٿي وري سنڌوءَ جيان پرسڪون ۽ ماٺي انداز ۾ حسن و جمال جو اظهار  ٿي ڪيو. ڪلام جي معنى ۽ مفهوم مطابق آواز جو اُتار چڙهاءُ، اُٿڪ ۽ بيهڪ اهڙو ته ترنم ۽ سحر تاري ڪيو هو جو ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪو آسماني ڪلام الوهي آواز جي پولارن مان اچي رهيو آهي. شيخ اياز جي شاعري ٻڌندي هن جيڪو محسوس ڪيو آهي. تنهن کي سهڻا لفظ ڏنا آهن ته اياز سائين علم و ادب فن ۽  فڪر جو درياهه وهائڻ شروع ڪيو. علم و ادب جي اڃايل ڌرتيءَ تي علم و ادب،  عشق محبت، انقلاب ۽ محبت جا ٿڌا مٺا مينهن  وسڻ شروع ٿي ويا. واقعي ئي سچ لکيو  اٿس شيخ اياز جي شاعري سندس وائيس چانسلر واري دور ۾ مون به ڏاڍي ٻڌي. جيجي زرينه بلوچ، علڻ فقير اسان جي سامهون جنهن ۾ شيخ اياز به ويٺل هوندو هو ڳائيندا هئا اهو سحر مون به محسوس  ڪيو آهي.

کوساڻي صاحب هر ٽاپڪ تي لکيو آهي خاص ڪري پنهنجن دوستن تي  عظيم انسانن جي  شخصيت  تي پنهنجي  خاندان تي ۽ تمام سهڻن لفظن سان  پنهنجي محبت جو به اظهار ڪيو آهي.

ايم.آر.ڊي جي تحريڪ، شهيد ڀٽو جي عظمت ۽ بيبي شهيد تي جيڪي  لکيو اٿس تنهن روح کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي. ڀٽي صاحب جي مزار جي زيارت  ڪرڻ وقت هن جيڪي محسوس ڪيو  اهو لفظن ۾ اوتيو آهي ته اعتبار نه پيو اچي  ته هيڏي وڏي عظيم شخصيت، بهادر، نڊر ذهين ترين شخص، طاقتور بين الاقوامي رهنما، ايشيا جي مسلمانن جو هيرو نهايت خسيس ماڻهن هٿان ائين مارجي ويو  جهڙوڪ ڪو  عام ماڻهو هجي. ڇا اها قبر اُن قدآور شخصيت جي آهي جنهن کي سڄي دنيا مڃي ٿي. جنهن کان سرمايه دار،  جاگيردار، مير پير، خان ۽ سردار به ڏڪندا هئا. جنهن کان آمريڪا جهڙي طاقت به  ڪن هڻندي هئي. هن ننڍي  کنڊ ۾ مظلوم عوام کي سوشل ازم کان آگاه ڪيو. واقعي  ڀٽي صاحب عوام کي ويساه ڏنو ۽ سوچ ڏني.

ہر ایک مکان کو شرف ہے غالب مکین سے

مجنون جو مرگیا ہے تو جنگل اداس ہے

شهيد محترمه بينظير ڀٽو تي 4 اپريل 1995ع تي لکيل مضمون ۾ هو لکي ٿو ته، آفرين آهي هن عظيم عورت کي جيڪا گذريل 16 ورهين کان جنهن بهادري ۽ ڏاهپ سان زبردست مقابلا ڪري طاقتور دشمنن کي تاريخي شڪستون ڏنيون آهن. اڄ به هيءَ سنڌ جي  نياڻي تمام دليري سان سچ ۽ حق لاءِ  پنهنجي جان  جي بازي لڳايو بيٺي آهي.  پوءِ روالپنڊيءَ ۾ ڇا وهيو واپريو انهن عظيم  انسانن، عظيم ليڊرن سان ڪهڙو حشر ڪيو ويو. بس اهوئي چونداسين ته تاريخ ۾ امر ٿي ويا ۽ شهادت جو درجو ماڻيائون. 

آخر ۾ آئون کوساڻي کي سندس  لکيل آتم ڪٿا لکڻ تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿي. جنهن ۾ هن جي سنڌ جي  عظيم انسانن، سنڌ جي سياسي دور، سنڌ جي شعور تي لکڻ سان گڏ پنهنجن پراڻن دوستن ۽ ماکيءَ جهڙا يار جنهن  ۾  هن پاڻ کي ۽ پنهنجن دوستن کي سنڌ  جي ڏاهن ۽ عظيم سياستدانن رسول بخش پليجو ۽ اياز لطيف کي پنهنجو ليڊر ظاهر  ڪيو آهي. هن جو حسن درس تي لکيل  مضمون اکين مان اڻ کٽندڙ آب وهائي  ڇڏيو. هن جي شاعري نه صرف روح کي  جهنجهوڙي ڇڏيندي هئي، پر ذاتي طور تي  هو مخلص، سچو ۽ وفادار انسان هو. هُو هميشه کلندو منهنجي آفيس ايندو هو. سنڌ چينل جڏهن شروع ٿيو ته حسن درس ڪئميرائن  سان گڏ منهنجي گهر آيو.  چيائين ميڊم پهريان توهان جو انٽرويو ڪرڻ آيو آهيان. ڏاڍو ياد ايندو آهي. سندس کلڻ، معصوم ٻار جهڙو هو. الله  پاڪ کيس جنت الفردوس ۾  جايون  ڏيندو .

کوساڻي صاحب جي  آتم ڪٿا پڙهڻ  کان پوءِ هن جي سوچ، ذهن، ڄاڻ ۽  شرافت  جي خبر پوي ٿي. الله پاڪ کيس صحت  واري  وڏي ڄمار عطا ڪندو. (آمين)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org