سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جون 2019ع

باب:

صفحو:4 

ذوالفقار قادري

سنڌ جي ’ويٽنام‘ طور مشهوري ماڻيندڙ ضلعي دادوءَ ۾ جنم وٺندڙ سيده فرزانه انور شاهه جو وڇوڙو!

هي قصو مارچ 2016ع ۾ شروع ٿئي ٿو جنهن جي انت ۾ آخر هڪ عورت ڊسٽرڪٽ سيشن جج عدليه ۽ انتظاميه تي غالب مرد بالادستي جو شڪار ٿي موت جي منهن ۾ ھلي وڃي ٿي. هن جو نالو سيده فرزانه شاه هو. ھن عدالتن ۾ جڏھن غريبن کي انصاف لاءِ ڌڪا  ٿاٻا کائيندي ڏٺو ته هن فيصلو ڪيو ته هوءَ جج بڻجندي ۽ غريب ۽ بي پهچ ماڻھن جو آواز ٿيندي. هو چاهي ها ته ڪنهن ٻئي شعبي ۾ به وڃي سگهي پئي،ٖ پر هن سنڌ جي عدالتي نظام جو حصو بنجڻ قبوليو.ٖ سنڌ جي ويٽنام طور مشھوري ماڻيندڙ ضلعي دادو جي ميهڙ جي هڪ لکيل پڙھيل سيد گهراڻي ۾ پهرين مارچ 1965ع تي جنم وٺندڙ فرزانه انور شاهه قانون جي ڊگري وٺڻ بعد ڪميشن امتحان نمايان نمبرن ۾ پاس ڪري 9 اپريل 1996ع تي سول جج طور سنڌ جي عدالتي نظام جو حصو بڻي. فرزانه شاهه جو سمورو عدالتي ڪيريئر بي داغ رهيو،ٖ هن جي مٿان ڪافي دٻاءَ به ايندا رهيا پر هن هميشه انصاف پٽاندڙ فيصلا ڏنا. هن پنهنجي وس آھر ڪيسن کي جلد اڪلايو ۽ بي پهچ ماڻھن لاءِ آٿت ٿي اڀري. سنڌ جي عدالتي سرشتي هيٺ ڪم ڪندڙ 87 ڊسٽرڪٽ سيشن ججن واري لسٽ ۾ ھو ان وقت سينارٽي لسٽ ۾ 14 نمبر تي هئي، پروموشن جي صورت ۾ هوءَ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جج بڻجي ها، فرزانه شاهه کي ڪهڙي خبر هئي ته روايتي سردارن ۽ بگڙيل امن امان جي حوالي سان مشھوري ماڻيندڙ گهوٽڪي ضلعو، سندس زندگي ۽ عدالتي ڪيريئر جي حوالي سان سندس لاءِ آخري ضلعو ثابت ٿيندو. ٿيو هيئن جو مارچ مهيني جي پهرين هفتي ۾ سول جج ميرپور ماٿيلو اعجاز علي شاهه مختلف ڪيسن ۾ پوليس رڪارڊ پيش نه ڪرڻ تي انسپيڪٽر رانا آصف کي پندرهن سو رپيا ڏنڊ ۽ عدالت جي برخواست ٿيڻ تائين جي سزا ٻڌائي،ٖ عدالتي ڪاروائي ختم ٿيڻ بعد انسپيڪٽر رانا آصف خير سان گهر روانو ٿي ويو. پر ٻئي ڏينهن بلڊپريشر وڌي وڃڻ سبب کيس دل جو دورو پيو ۽ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس پٽي ڀائين الزام مڙھيو ته انسپيڪٽر رانا آصف جو موت سول جج ميرپور ماٿيلو اعجاز شاهه جي رويي سبب ٿيو آھي. اهڙي صورتحال بعد ايس ايس پي گهوٽڪي ثاقب سلطان سيشن ڪورٽ وڃي ڊسٽرڪٽ سيشن جج گهوٽڪي فرزانه شاهه سان سندس چيمبر ۾ مليو، فرزانه شاهه سڄي ماجرا ٻڌڻ کان پوءِ ايس ايس پي گهوٽڪي ثاقب سلطان کي چيو اوهان مون کي هن سڄي مامري جي رپورٽ لکت ۾ ڏيو اسين انڪوائري ٿا ڪرايون. چون ٿا ڊسٽرڪٽ سيشن جج فرزانه شاهه جي اهڙي جواب بعد ايس ايس پي گهوٽڪي ثاقب سلطان ساڻس انتهائي اڍنگو رويو اختيار ڪيو، کانئس سيڪيورٽي واپس ورتي وئي. اهڙي حڪم نامي ۽ رويي سبب فرزانه شاهه کي صدمو رسيو. ان صدمي ۾ سندس بلڊپريشر شوٽ اپ ڪري ويو جيڪو دل جي دوري ۽ دماغ جي رڳ ڦاٽڻ جو سبب بڻيو، کيس هڪدم سي ايم ايڇ پنو عاقل منتقل ڪيو ويو جتان کيس ايمرجنسي ۾ ڪراچي جي ساؤٿ سٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هوءَ پنهنجي زندگي ۽ انصاف جي آخري جنگ پهرين اپريل 2016ع تي هارائي ويٺي. عجيب اتفاق آھي فرزانه شاهه اپريل جي مهيني ۾ عدالتي نوڪري جوائن ڪئي ۽ اپريل ۾ ئي هن دنيا مان پنهنجو عدالتي ڪيريئر اڌ ۾ ڇڏي، هن جهان مان هلي وئي. جن حالتن ۾ سندس موت واقع ٿيو آھي اهي ڪنهن کان ڳجهيون نه آھن. جڏھن سماج کي انصاف ڏيندڙ ماڻھو اهڙي دٻاءَ، گهٽ، ٻوسٽ ۽ ناانصافي وارن روين جو شڪار ٿين ته پوءِ عام ماڻھو سان ڇا وهندو واپرندو هوندو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي عدليه هڪ بهترين انصاف پسند خاتون جج کان محروم ٿي وئي.

 روزينه جوڻيجو

جاويد ڀٽو جون يادگيريون

”هلو ته قلفي کائون،“ اها انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن اسان گلشن اقبال ”ڪراچيءَ“ کان لڏي ڊفينس ايڪسٽينشن ڀرسان (بلوچ ڪالوني) ۾ اچي رهياسين ۽ اُتي اسان کان ٻه قدم اڳتي ادا جاويد ڀٽو ۽ ادي نفيسه هودبائي به رهندا هئا. گهڻو ڪري هر شام يا هڪ نه ٻئي ڏينهن ادا جاويد ڀٽو ۽ ظفر ملندا هئا. هڪ ڏينهن مون کي ۽ ظفر کي ٻاهر سير سپاٽي تي وڃڻو هو، ته اسان جي گهر واري پي ٽي سي ايل جي فون جي گهنٽي وڳي. ظفر فون کنيو ۽ چيائين جاويد ڀٽو اچي پيو. ان تي اسان جو پروگرام ڪجهه گڙ ٻڙ ۾ پئجي ويو. اسان پاڻ ۾ پئي ڳالهايو ته، جاويد ڀٽو اها ڳالهه ٻڌي ورتي ۽ چيائين ته ادي کي به وٺي اچ. اسان ٻئي تڪڙا تڪڙا تيار ٿي هيٺ لٿاسين ته اسان کان اڳ ۾ ئي ادا جاويد بيٺو هو. مون کي ياد آهي ته اونهاري جا ڏينهن هئا. ادا جاويد کي اڇو پهراڻ ۽ اڇي شلوار پاتل هئي اسان ٽنهي بلوچ ڪالونيءَ جو چڪر لڳائي، نيويءَ واري چونڪي پهتاسين. انهيءَ سڄي عرصي ۾ هو مون سان ڪچهري ڪندو هليو، هن مون کان بابا امان ۽ ڀائرن، ڀينرن بابت پڇيو ان کان پوءِ هن دادوءَ شهر جي باري ۾ ڳالهايو. اسٽيشن روڊ، ريلوي اسٽيشن دادو ۽ خاص ڪري اسٽيشن جي بڪ اسٽالن ۽ چانهه خانن بابت پڻ ٻڌايو، هن ٻڌايو ته بولان ميل جو هڪ مکيه اسٽاپ دادو هو، هن چيو ته دادوءَ مان ڀٽي جي زماني ۾ ڪيترائي ڇوڪرا چڙهندا هئا ۽ سوڙهه ٿيندي هئي. انهيءَ ڪري هو برٿ تي سمهي پوندو هو. ان کان پوءِ مون ٻڌايومانس ته، منهنجو چاچو اسان ٻارن کي اسٽيشن تي وٺي ويندو هو جتي هو اسان کي پتل واريون پنج پايون ڏيندو هو ته ريل اچڻ کان اڳ پٽيءَ تي رکو، اسان سڀ ٻار، ريل جي پٽڙي تي پنج پايون رکي پري ٿي بيهندا هئاسين جيئن ئي ريل لنگهي ويندي هئي ته سڪا کڻي ڊوڙندا هئاسين. اسان کي چاچا روڪيندو هو ڇو ته سڪا ريل گذرڻ سبب گرم هوندا هئا ڪي سڪا ويڪرا ته ڪي ڊگها ٿي پوندا هئا، منهنجي اها ڳالهه ٻڌي سڄي واٽ مسڪرائيندو رهيو، پوءِ اسين ريل بابت ڳالهائيندا رهياسين. هن مشهور لوڪ گيت ”سيٽي بابو ڀري وڄاءِ، ڪوٽڙي جا هليلا ٻيا ٻاراڻا گيت، تلڪ چاڙهيءَ تي ٻيڙي ڊوڙي، سنڌو دريا ۾ ريل ٻارو ٻڌايو. انهيءَ کان پوءِ، هن ظفر کي مخاطب ٿي چيو ته، ريل جي ڪلچر تي تحقيقي ٿيڻ گهرجي. ائين ڳالهيون ڪندا ڊفينس ڏانهن موٽياسين. مون چيو ته اسان جو ڏاڏو شڪارپور ۾ نوڪري ڪندو هو، پوءِ هو گهڻي دير تائين شڪارپور بابت ڳالهائيندو رهيو. اُتي مون چيو ته شڪارپور جون قلفيون ڏاڍيون سٺيون آهن. منهنجو ائين چوڻ ۽ هڪدم هن چيو ته قلفي کائون. اسان سڀ پوئتي وري واپس آياسين ۽ فليٽن جي هيٺان کليل دڪان ڏانهن رخ ڪيو، پر ادا جاويد هڪ مٽ واري وٽ بيٺو هو. جيڪو شڪل شبيهه مان ٻروچ پئي لڳو. هو کيس راجا چئي مخاطب ٿيو ۽ هو سندس پنهنجائپ واري رويي تي ٽڙي پيو. ۽ پوءِ اسان قلفي جو آرڊر ڏنو. جڏهن ادا جاويد مون کان پڇيو ته قلفي ڪيئن آهي، مون چيو ته زبردست. ته پاڻ بنا پڇڻ جي ٻيو آرڊر ڏنائين. ادا جاويد جو پنهنجائپ وارو اهو انداز، مان اڄ تائين وساري نه سگهي آهيان.

مون کي ياد آهي ته  1999ع جو سال هو گهڻو ڪري موڪل جو ڏينهن هو. ظفر به خيرپور ميرس کان موٽيو هو. مون کيس چيو ته، فون ڪر جي ادا جاويد آهي ته اڄ منجهند جي ماني گڏجي کائون. ظفر فون ڪئي ته ادا جاويد دعوت قبول ڪئي، انهن ڏينهن ۾ ايلسا ننڍڙي هئي. انڪري مان ان سان مصروف هيس. انڪري مون جيجيءَ ظفر جي ماءُ کي چيو ته، ٻوڙ ٺاهه. جيجي پنهنجي ٻهراڙي واري طريقي سان ٻوڙ ٺاهيو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته، جيجيءَ چيو منجهند جي ماني گرم ڏبي آهي. مون ائين ڪيو، جڏهن ماني کائي بس ڪئي ته ادا جاويد چيو، ٻوڙ ڪنهن رڌيو آهي. مون چيو ته جيجيءَ. ته تڪڙ ۾ چيائين ته اهڙو ٻوڙ رڳو ڪڪڙ، ميهڙ، خيرپورناٿن شاهه ۽ سيتا جون مايون رڌي سگهن ٿيون. مون چيو ته توهان کي ڪيئن خبر پئي. چيائين ڇو ته ٻوڙ رڌڻ سولو ڪم ڪونهي، پوءِ جيجيءَ سان ڪچهري ڪيائين سندس ڳالهه جو موضوع بهه، لوڻڪ ۽ پٻڻ جو ٻوڙ هو. ان کان پوءِ نون طوفانن ۽ کٻڙن جو ذڪر نڪتو هو جيجيءَ کي ٻڌائيندو رهيو ته ڪيئن سنڌي ڪراچيءَ ۾ پڇندا هئا ته ڀٽو هتي آهي.

 هڪ اونهاري جو ذڪر آهي ته، ظفر فون تي ردا جاويد کي ٻڌايو ته کيس هڪ ڪتاب مگلنگ آن اوشن هٿ لڳو آهي، ظفر جو ائين چوڻ ۽ ادا جاويد اچي گهر نڪتو. اسان چيو ته ادا گرمي آهي شام جو اچجو. ته چيائين مان هيٺ بيٺو آهيان، اسان ڏاڍو کلياسين. تيئن ادا جاويد چيو ته اها آهي ڪتابن سان دل. پوءِ اسان به ويلڪم ڪيو ادا جو. ادا جاويد اچڻ شرط پڇيو، ڪتاب ڪٿي آهي ۽ مان سندس لاءِ چانهه ٺاهڻ ويس. واپس آيس ته ڪتاب به پڙهي پيو ۽ بوڪ شيلف مان ٻيا ڪتاب به ڏسي پيو. مون کي ڏسي چيائين ته هي ڪتاب ڪنهن سيٽ ڪيا آهن. مون چيو، ته مون ڪيا آهن چيائين ته زبردست سيٽ ڪيا اٿئي. فليٽ به ۽ ڪتاب به.

1999ع جو آخري ڏينهن ۾ ادا جاويد آيو ۽ اوچتو ٻڌايائين ته هو آمريڪا پيو وڃي، پر ائين ڪونه چيائين ته هو اوڏانهن شفٽ پيو ٿئي. اسان ان وقت ڊفينس مان واپس گلشن اقبال ڏانهن موٽڻ جو فيصلو ڪيو هو. ڇو جو ڊفينس ۾ پاڻي جو مسئلو هو ۽ اسان فليٽ جي مالڪ کي بيانو به ڏئي چڪا هئاسين. جڏهن ادا جاويد کي اها خبر پئي ته ڳالهيون ڪندي چيائين ته شايد مان آمريڪا مستقل رهي پوان. توهان اسان جي فليٽ ۾ ڇو نه ٿا شفٽ ٿيو. وري اُتي جو اُتي چيائين ته اسان وٽ به پاڻي جو مسئلو آهي. پوءِ موڪلائڻ مهل چيائين ته توهان رهندؤ ته ڪتاب وٺڻا نه پوندا. پوءِ ڪوبه فيصلو نه ٿيو، هڪ ڏينهن ايئرپورٽ کان فون ڪيائين ته، هو آمريڪا پيو وڃي ۽ چيائين ته وري ايندس ته ڪچهري ڪنداسين. اڳين ڀيري آيو ته چيائين، هاڻي واپس اچبو. سچ ته اها خبر نه هئي ته ادا جاويد ڪنهن ٻئي صورت ۾ اسان وٽ ايندو. هن جا ٻارن وانگر ٽهڪ، هر ڳالهه تي عجب کائڻ سچ چوڻ وارو ڀلا اسان ڪيئن ٿا وساري سگهون اوهان کي ادا جاويد!

بابو خان بوزدار

غزل

هوءَ مون کان ڌار ٿيندي ٿي وڃي

زندگي آزار ٿيندي ٿي وڃي

کيس چئجو ڪونه آ ڪاوڙ چڱي

هوءَ اڄڪلهه ٻار ٿيندي ٿي وڃي

هو وئي آ دل جي اندر گهر اڏي

ڄڻ ڳچي جو هار ٿيندي ٿي وڃي

کيس چئجو روز رسبو ڪونه آ

ڇو ڀلا اغيار ٿيندي ٿي وڃي

هوءَ ”بابو“ بڻجي وئي آ زندگي

ڄڻ اندر جو ٺار ٿيندي ٿي وڃي.

*

حسينه ساند

غزل

سوچون ساريون سفر ۾ آهن

خالي ذهن گهر ۾ آهي

ڄڻ ته اجهو کي ساجن آيو

نظرون ائين ڌر ۾ آهن

ڏات ڌڻي به سڏائڻ وارا

ڪنهن نه ڪنهن سحر ۾ آهن

ڇو؟ نٿا سوچو، آخر ان تي

ڇا لئه؟ توهر ٿر ۾ آهن

کڻُ قلم تون، لک انهن تي

جيڪي تنهنجي ڀر ۾ آهن

ڪيڏا سندر سهڻا ماڻهو

جيئري ڄڻ ته قبر ۾ آهن!

پروفيسر حميده پنهور

نوري ڄام تماچي

نوري، ذات جي مهاڻي هئي. سندس ذات وارا ڪينجهر ڍنڍ تي مڇي ماريندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سمي گهراڻي جي هاڪاري حاڪم ڄام تماچيءَ جو راڄ هو. مسڪين مهاڻن جو گذران مڇيءَ تي هوندو هو ۽ رهندا به ٻيڙين ۾ هئا. مهاڻيون واٽ تي مڇين جون کاريون کڻي ويهنديون هيون. مهاڻن جا جسم ڪارا ڪوجها ۽ بدبوءِ هاڻا هوندا هئا سندن ٻار سارو ڏينهن لڌڙن وانگر پاڻيءَ ۾ پيا تڙڳندا هئا. رب سائين اهڙيءَ ذات ۾ به نوريءَ جهڙو ماڻڪ پيدا ڪيو هو. نوريءَ جي معنيٰ ئي آهي ”روشني واري“ نوريءَ جو حسن نوراني هو. هڪ ڏينهن ڄام تماچيءَ شڪار جي سانگي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڪينجهر جو سير پئي ڪيو ته سندس نظر وڃي نوريءَ تي پئي. گندريءَ جي نيڻن کيس گهائي وڌو. پوءِ سندس مائٽن کان سڱ گهري شادي ڪيائين. مهاڻن کي هيرن، لعلن ۽ فيروزن سان نوازيائين. سڀيئي سميون نوريءَ جي سلامي ڀرينديون هيون، پر نوري هميشه نياز نوڙت سان پيش ايندي هئي.

هڪ دفعي ڄام تماچيءَ نوريءَ جي نياز جي پرک لهڻ لاءِ سمين کي چيو ته، ”اڄ شام جو سنڀري ويهجو، پوءِ جنهن کي وڻندم تنهن کي پاڻ سان گهمائڻ وٺي ويندس.“ سڀئي سميون ڏاڍا هار سينگار ڪري تيار ٿي ويٺيون، پر نوري پنهنجو اباڻو وڳو پهري ڪنڌ نوائي ويهي رهي، اهو ڏسي ڄام کيس گاڏيءَ ۾ چاڙهي وٺي ويو ۽ موٽڻ سان پنهنجي پٽ راڻي ڪيائين.

جئن سڳو وچ سرندڙي، تئن راڻين ۾ راڻي.

هٿين، پيرين، آرکڻين، منهن نه مهاڻي،

 اصل هئي ان کي، اهل ڄاماڻي،

 سمي سڃاڻي، ٻيڙو ٻڌس ٻانهن ۾.

هن سر ۾ شاهه صاحب ”اُلٽي طلب“ جو ذڪر ڪيو آهي. ڌڻي به انهن مسڪينن تي فدا آهي، جن کي ظاهر ۾ ڪوبه زيب يا زينت ناهي ۽ جن جو ڳهڻو نهٺائي ۽ خاڪساري آهي. دنيا جي نظر ۾ اهڙا انسان حسين آهن، پر مالڪ وٽ انهن جو وڏو ملهه ۽ مان آهي. اهڙا الله لوڪ نوريءَ وانگر، ڌڻيءَجي در تي هميشه آزيون پيا ڪن. توڙي هو سندس لاڏلا آهن. خدا وٽ اهي ٿا اگهن جي سراپا نياز سان سينگاريل آهن ۽ جن جي دل ۾ سپت ۽ سچائي آهي. هنن تي ڌڻي ايئن موهت ٿيو پوي.جيئن تماچي نوريءَ تي!

نوري سچ پچ ته شاهه جي سورمين ۾ واقعي نور آهي. نوري ڏاڍي سهڻي هئي. جيڪڏهن نوري چاهي ها ته پنهنجي حسن تي ناز ڪري ها، پر ان ۾ نوڙت هئي. جڏهن وقت جي حڪمران جي نظر پوي ٿي ته اهو سڀ ويڇا وساري ان تي مفتون ٿئي ٿو. هي سماج جتي هڪ ورسايل طبقو آهي ته ٻيو محروم طبقو آهي. ان محروم طبقي مان هئي نوري، جيڪا وقت جي حڪمران جي نظر تي چڙهي وئي. نوريءَ جي مائٽن ڄام تماچيءَ جو رشتو قبول ڪيو، نوري ڪنهن جي نالي ٿيل نه هئي ۽ ان جو رشتو مائٽن خوشيءَ سان قبول ڪيو. نوريءَ وٽ سواءِ صبر جي ۽ ڪنڌ نوائڻ جي ٻيو ڪجهه به نه هو. ڄام تماچي گهڻين راڻين جو راڻو هو. يقيناً اهي به سهڻيون هونديون، پر وري به هو نوريءَ جهڙي مهاڻيءَ تي عاشق ٿي پيو. اهڙا ڪردار اسان جي سماج ۾ پئسي وارا دولت جي انڌ ۾ سڀ ڪجهه ڪرڻ وارا اڄ تائين اوهان کي نظر ايندا،  پر نوريءَ جو نياز ۽ نوڙت پنهنجي اصليت نه وسارڻ پنهنجي جاءِ تي اهم آهي. انهن ڳالهين تي تماچيءَ کي موهيو. اڄ ڪلهه به نوري جهڙيون نيازمند ڪيتريون ئي نظر اينديون جيڪي پنهنجي نياز ۽ نوڙت سان مائٽن کي توڙي ساهرن کي پنهنجو ڪيو ويٺيون آهن. اڄ جي نوري پنهنجي نيازمنديءَ سان خاندان کي جوڙيو ويٺي آهي. ننڍي توڙي وڏي کي پنهنجي قرب محبت ۽ نيازمنديءَ ۽ نوڙت سان موهيو هڪ ڪيو ويٺي آهي.

رابندرناٿ ٽيگور

امان شيخ

اي منهنجا واحد دوست!

مينهوڳي جولاءِ جي گهرن پاڇن ۾،

تون رات وانگر خاموش پسار سان،

ڏسي وٺندڙن کان نظرونبچائي گهمي رهيو آهين.

اڄوڪي صبح مون پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون

گهوگهٽ ڪري گهلندڙ اوڀر جي هوا جي

مسلسل سڏن کي به نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي.

۽ ڄڻ ته هر دم سجاڳ نيري آسمان تي

ٿلهو پردو وجهي ڇڏيو آهي

جهنگ جي وڻن پنهنجا گيت ماٺا ڪري ڇڏيا آهن.

۽ هر گهر جا دروازابند آهن.

تون ئي هن سنسان گهٽيءَ جو تنها واٽهڙو آهين.

اي منهنجا واحد دوست، مڙني کان مٺا محبوب!

منهنجي گهر جا دروزا ته کليل آهن

پر تون اتان خواب جيان گذري نه وڃجان.

مون ڏانهن اچڻ لاءِ

 منهنجا دوست! ڇا هن طوفاني رات جو

تون پنهنجي پيار جي سفر تي ٻاهر نڪتل آهين؟

آسمان ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ وانگر ڪنجهي رهيو آهي

جنهن جي آس اُجهامي وئي هجي

اڄوڪي رات منهنجي نيڻن ۾ ننڊ ئي ناهي.

منهنجا دوست! مان هر هر پنهنجو در کوليان پيو،

۽ ٻاٽ اوندهه ۾ تڪيان پيو!

پنهنجي سامهون مان ڪجهه به ڏسي نٿو سگهان،

ويچار ۾ آهيان ته تنهنجو دڳ ڪٿان آهي؟

اونداهين نديءَ جي ڪهڙي ڌنڌلي ساحل تان،

منهن ۾ گهنڊ وڌل جهنگل جي ڪهڙي ڏورانهين ڇيڙي وٽان،

ٻاٽ اونداهيءَ جي ڪهڙي ور وڪر اونهائيءَ مان،

تون ڪيئن ته پنهنجو دڳ ٺاهيندو پيو ٿو اچين؟

مون ڏانهن اچڻ لاءِ منهنجا دوست!

منهنجا محبوب!

ٻاجهاري رات جو ڍڪ

جيڪڏهن ڏينهن پورو ٿي چڪو آهي،

جيڪڏهن جهرڪين جي جهونگار به بند ٿي چڪي آهي،

جيڪڏهن هوا به ٿڪجي ساڻي ٿي پئي آهي،

ته پوءِ مون مٿان به اونداهيءَ جي ٿلهي چادر وجهي ڇڏ،

ايئن ئي جيئن تو ڌرتيءَ کي ننڊ جي چادر سان ويڙهي ڇڏيو آهي

سانجهي مهل ڪومائجندڙ ڪنول جي پنکڙين کي

پنهنجي آڱرين جي ڪوملتا سان بند ڪري ڇڏيو آهي.

پارت آهي توکي ان مسافر جي

جنهنجي سفر واري ثمر جي ڳوٿري

مسافري ختم ٿيڻ کان اڳ ئي خالي ٿي وئي هجي.

جنهن جا لٽا ليڙون ۽ ميرا ٿي ويا هجن،

جنهن جي ساري همت جواب ڏئي بيٺي هجي،

ته ان جي غربت مٽائج ۽ لڄ رکج،

۽ پنهنجي ٻاجهاري رات جي ڍڪ سان

سندس جيون کي هڪ گل جيان

نئين جوت عطا ڪر!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org