سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :6

هيءَ نعيمه سومرو جي شاعري آهي. رتاڻن ڳوڙهن سان ڪوري پني تي لکيل شاعري، جنهن ڀيڻ جو جُواڻ جماڻ ڀاءُ، پنهنجي نيم موجب، ڪم تي ويو هجي، ۽ اُتي هڪڙي هروڀرو جي ڦڏي ۾، جنهن سان هن جو ڪو واسطو به نه هجي، خون ٿي وڃي ۽ اُن جو لاش گهر پهچي ته اسين اُن مُٺل ڀيڻ جي ري ڪاتيءَ ڪُٺل احساسن کي محسوس ڪري سگهون ٿا!

نعيمه سومرو کان اُهو ڀاءُ نه وسري سگهيو آهي. نه ئي وسري سگهندو! اُها ئي ”سار“ هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهاري آهي. جيڪا اسين ”سرتيون“ جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون.

- ادارو

 

نعيمه سومرو

ڪيئن وساريان؟

تنهنجون اُهي اُداس ڳالهيون،

اُهي ڀِنل ڀِنجر

اُهي آليون اکيون

اُهي بي قرار نظرون

اُهي ڳوليندڙ نگاهون

ڪيئن وساريان،

تنهنجي آواز جي لرزش،

اُها ٽُٽل لفظن جي ڪهاڻي

اُهي معصوم افسانا!

ڪيئن وساريان؟

تنهنجي اُها مِٺڙي مُشڪ،

اُجري اُجري صُورت

شرم حيا جي مُورت،

ڪيئن وساريان؟

موڪلاڻيءَ مهل،

اُهي ڪجهه پَل،

جن توکي،

منهنجي نظر ۾،

ڪري ڇڏيو اَمُل!

****

ياد اچين ٿو!

مون کي تون ياد اچين ٿو

تڏهن

جڏهن

رات جي ڪاراڻ، صبح جي اَڇاڻ ۾ مَٽجي ٿي

۽ چوڌار پکڙجن ٿا سج جا ٿڌا ڪِرڻا

پکي لنون ٿا لاتيون

ٿڌيون هوائون ٿيون لڳن.

 

تون ياد اچين ٿو

تڏهن

جڏهن

وِهامي ٿي اُماس رات

۽ نڪري ٿو نئون چنڊ

پکيڙي ٿي چانڊوڪي نُور.

 

تون ياد اچين ٿو

تڏهن

جڏهن

ماڪ موتي وسائي ٿي

مکڙيون گل بڻجن ٿيون

فضا معطر ٿي وڃي ٿي.

 

تون ياد اچين ٿو

تڏهن

جڏهن

رُت جهڙالي هوندي آهي

ڪڪر گَجندا آهن

وسندا آهن مِينهَن

تڏهن

جڏهن

سمنڊ ۾ چڙهندي آهي وِيرَ!

****

 

نجمه نُور ڦلپوٽو

گيت جشنِ بهاران

 

چوڏس آهي ميگهه ملهار،
جَشنِ بهاران جي آ بهار.

 

جاٿي ڪاٿي مُکڙيون مُرڪيون،
پن ڇڻ پَسجي آر نه پار،
جشنِ بهاران جي آ بهار.

ٽاري ٽاري ڦُلڙن واري،
ڪوئل ڪوڪي چؤڌار،
جشنِ بهاران جي آ بهار.

 

صحرا ۾ ڄڻ ساگر پَلٽيو،
ڪُونجون اُڏريون ڪري قطار،
جَشنِ بهاران جي آ بهار.

 

ڌرتيءَ پنهنجا سُور نه ساريا،
اوٺي آيا موڙي مَهار،
جشنِ بهاران جي آ بهار.

 

ٿيو جَڳُ سارو نينهن نظارو،
پِياسَ ٻُجهائي پيار جي ڌار،
جَشنِ بهاران جي آ بهار.

 

”نُور“ بسنتي چادر اوڙهي،

 

هم رنگ ٿي ويا رَنگ هزار،
جَشنِ بهاران جي آ بهار.

 

چوڏس آهي ميگهه ملهار،
جَشنِ بهاران جي آ بهار.

 

پارس ”عباسي“

غزل

 

لهندڙ سج تڪيندا آهيون،
ڇڻندڙ پَن ڳڻيندا آهيون.

 

آکيرن ڏانهن ورندڙ پَنڇي،
ڪِرندڙ پنک جهَٽيندا آهيون،

 

پاڻيءَ تي ڪجهه ليڪا پائي،
پنهنجا درد ونڊيندا آهيون.

 

اوسيئڙي ۾ نيڻ وڇائي،
ننڊ جا پير جهليندا آهيون.

 

کوڙ ڏينهن کان پوءِ اَدِي،
ڪنهن ڏانهن ايندا ويندا آهيون.

 

غزل

 

باغ ڪيڏو ڀريل،
آءُ پوپٽ ڪو جهَل.

 

نيڻ منهنجا تلاءُ،
مُرڪ تنهنجي ڪنول!

من - هرڻ، کيچلو،
ياد، سائو جبل!

 

ڏينهن ۽ رات ڄڻ،
تنهنجو گجرو، ڪجل!

 

ڪيڏي خوشبو گهُلي،
ڪا دري آ کُليل!

سانجهه سنڌوءَ مٿان،
يا ڪوئي رنگ مهل.

 

گرهڻ مان چانڊاڻ!

(ٽيڙو)

بختن جو لوڏو،

هٿ جي چمپا گل هيا -

بڻجي ويا ڇوڏو!

***

جا گلڙن منجهه جهُلِي،

جو اَجگر جيڏي شهر ۾ -

سا نينگر وئي رُلِي!

***

ڪيڏي ٿي ڪاراڻ،

ڪجهه ڪجهه روشن پوءِ به هئي -

گرهڻ مان چانڊاڻ!

***

خالي گهر ۽ مان،

پاڇا پائن بانبڙا -

گهري درد جيان!

***

 


سنجها سرواڻ

ڪاش

ڪاش!

مان هن کي

سمجهائي سگهان

ته جيئن هو سوچي ٿو

ائين ڪڏهن به

ٿيڻو ڪونه آهي

پوءِ ڇو هُو ائين سوچي

پاڻ کي عذاب ڏئي پيو

۽ پاڻ سان گڏ

مون کي به ڀوڳرائي پيو.

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com