سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 7.6/ 1994ع

مضمون --

صفحو :5

منظور قادر

گهر جو نه گهاٽ جو

تون پنهنجي سوچ کي بدلائي نٿو سگهين..... سڀ ڪجهه بيڪار اٿئي، اڙي ڇا رکيو آهي انهن فضول ڳالهين ۾.... ٻڌاءِ ڪنهن لاءِ ڪا فائدي جي ڳالهه آهي.... تو لاءِ گهر وارن لاءِ، اهڙي زندگيءَ کان ته ماڻهو ٻڏي مري، نه ڪم نه ڪار رڳو گهر تي بار، ماڻهو وٽ ڪجهه ته شرم هوندو آهي تو ۾.... آخر ڪندين ڇا.....؟

”ڇا ڪيان؟“ ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿي ٿو. گهر جا سڀئي ڀاتي هن جي رڙ تي ننڊ مان اٿي پون ٿا. هي سڄو پگهر ۾ شل. ڏڪڻي وٺي وڃيس ٿي. پوڙهي ماءُ اچي پنهنجي ٻانهن ۾ ويڙهي ويهيس ٿي. ”يا الله سائين! منهنجي ٻچي تي رحم ڪر.“ هي آهي جو وري پنهنجي سوچن ۾ گم ٿيو وڃي.

”ڌوڙ وِجهيس الله سائين منهن ۾.“ پڻس جي رڙ ڪنن ۾ لهي ٿي اچيس. ٿورو ڪنڌ کڻي پيءُ ڏانهن ڏسي ٿو. وڏو ڀاءُ هڪ ڄنگهه کٽ جي پائي تي رکيو سامهون بيٺو اٿس. هن ڏي بنا ڏسڻ جي چئي ٿو ”ٻاهر ته چڱو ڀلو هوندو آهي وڏا وڏا ليڪچر ڏيندو رهندو آهي. هوٽلن تي ويهندي ۽ چانهه سگريٽن جا بل ڀريندي هن کي ڪابه پرواهه نه هوندي آهي. گهر اچي ٿو ته زبان بند ٿي وڃيس ٿي.“

”اڙي ابا ڇو اچي منهنجي ٻچي جي پويان پيا آهيو. هينئر ته کڻي ماٺ ڪيو.“ ماڻس وڏي پٽ جي ڳالهه جو جواب ڏنو.

”تو ئي ته هن جو مٿو خراب ڪيو آهي، جيڪو به ڪم ڪندو تون هن جي حمايتي، ڪهڙي پرواهه اٿس. اڙي اڃا ڪيترو ڏينداسونس. هاڻي جوان آهي، چڱو ڀلو آهي، اسان کي کڻي نه ڏئي، پنهنجي لاءِ ته ڪري.... پر هي ڇوڪرو؟ ڪهڙي پرواهه اٿس. پئسا هن کي ملن ٿا، ماني هن کي ملي ٿي، ڪپڙي لٽي ۾ به ڪا ڪسر ڪونه ٿو ڇڏي. پنج نوڪريون ڇڏي آيو. اڙي اڄوڪي زماني ۾ نوڪري ڪا سولي ٿي ملي. هڪڙي ڇڏيائين، ٻي ڇڏيائين، ٽين ڇڏيائين. انصاف ته ڏسو.... ڄڻ ڪو منسٽر جو پٽ هجي. هڪڙي ويئي ته وري ٻي.... هاڻي مان به وري ڪنهن کي منٿ ڪونه ڪندس.“ پڻس جو ليڪچر وڃي ٿو ڊگهو ٿيندو.

واقعي به هن کي نوڪريون ته مليون، پر ڪابه نوڪري هن جي مزاج مطابق نه هئي. ڀلا هي هروڀرو به ٻين جي مرضي تي هلڻ لاءِ پيدا ته نه ٿيو آهي نه. رشوت وٺڻ هي نه پيو چاهي ۽ ان لاءِ ڪوبه هن کي ڊپارٽمينٽ ۾ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه . ڪٿي وري ڪم ئي اهڙو جو هن جي مزاج سان بلڪل نه ٺهڪي. ڀلا هي شاعر ماڻهو نرم مزاج.... طبيعت ۾ صرف ئي صرف پيار محبت، نوڙت، حسن سلوڪ.... ڪٿي ٿو پوليس جي کاتي ۾ پاڻ کي ايڊجسٽ ڪري سگهي. يونيورسٽي ۾ فائين آرٽس جي لاءِ ليڪچرر جي پوسٽ تي سليڪٽ ٿيو ته سڀني مخالفت ڪيس: اڄوڪي دور ۾ ماستري جي ڪهڙي عزت رهي آهي. ٻه ڇورا، اچي پسٽل ڏيکاري بيعزت ڪري هليا وڃن، ڪو به پڇڻ وارو ڪونهي- ۽ ائين پنهنجي پسند جي جاب ڇڏي آيو. ان کانپوءِ ڪٿي به دل نه لڳس. ها، جيڪڏهن ڪو ٿورو گهڻو سڪون ملندو به هيس ته چند اهڙن دوستن وٽان، جيڪي هن کي سمجهي سگهندا هئا. پر آخر ۾ انهن کان به پري ٿي ويو. اڪيلو..... اڪيلو..... گهڻي ڀاڱي گهر ۾ رهڻ لڳو.

”هنن افعالن هوندي مان شوڪت وارن کي ڪهڙو جواب ڏيان. ڪهڙي تاريخ ڏيان. روز پيا نياپا موڪلين.“ وري پڻس ڳالهائڻ لڳو.

اٺ سال اڳ هن کان پڇڻ کانسواءِ هن جو مڱڻو ڪري ڇڏيو هئائون. هن ته ياسمين کي ڏٺو به ڪونه هو. ٿورو گهڻو احتجاج ڪيو به هئائين، پر پڻس سندس هر ڳالهه کي دٻائي ڇڏيو ۽ پوءِ هن پنهنجي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڏنو هو. ايترو کلمک بلڪل اوچتو ئي اوچتو گهٽ ڳالهائڻ لڳو. ماڻهن سان ملڻ ڇڏي ڏنائين. ڪافي سوچيائين ته ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي پر ماڻس جي پوتي اڳيان اچيو وڃيس. ابا ائين نه ڪج، گهٽ ۾ گهٽ هت اکين جي سامهون ته آهين.

اکين جي سامهون ته امڙ ٻيا به گهڻا هوندءِ، مان نه هوندس ڪهڙو فرق پوندو.“ هڪ ڀيري ماءُ جي ڳالهه جو جواب ڏنو هئائين.

”ابا اها ته مون کي خبر آهي ته ڪهڙو فرق پوندو....“ ۽ پوءِ سمجهيو هئائين ته ماءُ کيس ڪيترو چاهي ٿي. هونئن به دنيا جي هر ماءُ پنهنجي اولاد کي چاهيندي آهي، پر هن جي ماءُ شايد سڀني مائرن کان وڌيڪ هن کي پيار ڪندي هئي.

ڀلا ٻيا به ته پٽ ۽ ڌيئرون هئس. ۽ پوءِ هن ٻاهر وڃڻ جو خيال به دل تان لاهي ڇڏيو. ڪتابن ۾ پناهه ڳولڻ لڳو. شايد هن کي ڪتابن ۾ پناهه ملي ويئي. گهر جي ڪنڊ ۾ سڄو سڄو ڏينهن رات جو دير دير تائين ڪتاب پڙهندو رهندو هو.

ٻاهر به اهڙن ئي دوستن سان اٿڻ ۽ ويهڻ لڳو ۽ ان ڳالهه تي سندس ڀائر ۽ پيءُ چڙ کائڻ لڳا. ”ڇا رکيو آهي انهن ڪتابن ۾.“ سندس پيءُ کي اها ڳالهه به نه وڻي.....

آخر ڇا ڪري..... هو سوچي سوچي بيزار ٿي پيو. روزانو رات جو ڇرڪ ڀري اٿڻ لڳو.

”ٻچي کي ڀلا ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکاريو. آخر ڇا ٿيندو. مون کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي.“ ماڻس ڏکاري ٿيندي پڻس ڏانهن ڏسندي چيو.

”ڪونه ٿو مري جو هاڻي وتون ڊاڪٽرن جا در کڙڪائيندا. هٿ وٺي بيمار ته تو ڪيو اٿس، مان ڪنهن ڪنهن جي ڪيان، هن عمر ۾ پٽ، پيءُ کي کارائيندا آهن. مان آهيان جو نصيبن جي هٿان پيو ڌڪا کاوان.“

پڻس جي اهڙي سخت لهجي ۾ کيس نفرت نمايان نظر اچڻ لڳي. هن منهن ڦيرائي ٻئي پاسي ڪيو. ڀاءُ تي نظر وڌائين. اهو به دشمني وارين اکين سان ڏسڻ لڳس. ننڍي ڀيڻ پيرن کان ويٺي چٻ ڪڍندي رهي. ماڻس کيس آٿت ڏيڻ لڳي، ”ابا الله چڱي ڪندو. سمهي رهه، خير جو صبح ٿئي.... مان توکي وٺي هلندس ڊاڪٽر..... منهنجا ٻچا دل نه لاهه..... ماڻس جو اندر جهڄڻ لڳو...... ماءُ جي منهن ۾ ڏسي نه پئي سگهيو. هيءُ سوچڻ لڳو. مون کي ڪجهه ڪرڻو پوندو. ڪو هڪ فيصلو. پنهنجي لاءِ، هن گهر کي منهنجي ڪري جن تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان کان ڇوٽڪاري لاءِ.... هي سوچي سوچي ماءُ جي منهن ۾ آخر نهار وجهندي سمهي پيو ۽ اکيون ٻوٽي سڀاڻي ڇا ڪرڻو آهي. پروگرام کي آخري شڪل ڏيڻ لڳو.

ماڻس سمجهيو شايد ننڊ اچي ويئي اٿس. اٿي وڃي پنهنجي بستري تي آ هلي ۽ سندس لاءِ دعا ڪرڻ لڳي.

صبح جو فجر جي ٻانگ مهل ماڻس جي اک کلي ۽ پنهنجي پٽ کي ڏسڻ لاءِ سندس کٽ جي ڀرسان آئي. منير جي کٽ خالي هئي. هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي. گهر جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ منير جو نشان نه هو. کانئس رڙ نڪري ويئي.

”ابا منير.....“ پڙاڏو سڄي گهر ۾ گونجي اٿيو. سڀ گهر جا ڀاتي اٿي پيا. منير ڪونه هو. اوچتو گهر جي ٻاهران سڏ ٿيو. حاجي ڄام جو آواز هو. سندس آواز ڀريل هو.

”ادا سهراب! منير پٽ ريل جي پٽريءَ تي.....“

منير جي ماءُ بيهوش ٿي ويئي.

ٻئي ڏينهن اخبار ۾ وڏي سرخي هئي، ”نوجوان شاعر منير، حالتن کان بيزار ٿي پنهنجو انت آندو.....!“

 نذير پتافي

بنان عنوان.....؟

اڄ هُن کان جدا ٿيئي پهريون ڏينهن اٿم، توڙي جو هن سان کُلي طرح ڪڏهن به محبت جو اظهار نه ڪري سگهيو هوس. پر دل ئي دل ۾ خوب چاهيندو هومانس ۽ ان چاهت جي ڪري ئي تعريف ڪري نه ڍاپندو هوس ۽ هُئي به تعريف جي لائق. توڙي جو رنگ جي سانوري هئي تڏهن به دل ۾ گهڙي وئي هيم.

مان هن کي هاڻ پنهنجو سمجهڻ لڳو هوس، ان ڪري حال اوريندو هومانس ۽ هوءَ به دل کولي حوال ٻڌندي هئي. توڙي جو هاڻ هوءَ به سمجهي چُڪي هئي ته مان کيس چاهيان ٿو، پر تڏهن به عورتن واري چال کيڏندي ڪوشش اها ڪندي هئي ته محبت جو اظهار مان ڪيان. شايد آخري ڏينهن تي به هوءِ ان ڪري آئي هئي ته مان پيار جو اظهار ڪري ڇڏيان پر نه اها جُرئت هن ۾ هئي نه مان ڪري سگهيو هوس.

شايد استاد بخاري به اسان ٻنهي لاءِ چيو آهي ته ”تون ڀي لڄاڙو مان ڀي لڄاڙو ائين ڪم نه ٺهندو، ويندو يار ڊهندو“- سو ڪم ڊهندو ڊَهي ويو پر ٺهي ڪين سگهيو- ۽ اسان ٻئي پيار جي ڌاڳي ۾ پوئجڻ ته ٺهيو پر ڪڏهن اظهار به نه ڪري سگهياسين- بقول ڪنهن اردو شاعر جي ته اظهار هم ڪرين يا اُڌهر سي هو ابتدا، برسون گذرگئي يَهي سوچتي.

ائين ئي جدائي جي نديءَ ۾ لڙهي اڄ هن جي شهر کان دُور پهچي ويو آهيان. جڏهن آخري ڀيرو ساڻس ملاقات ٿي هيم. تڏهن مان اڻسڌي طرح بار بار اهو يقين ڏياري رهيو مانس ته توکانسواءِ زندهه رَهي نه سگهندس، توکي ڏسڻ کانسواءِ سج نه اڀرندو نه لهندو- تڏهن هوءَ صرف هُون ۽ هان ۾ جواب ڏئي رهي هئي. اڄ سندس جدائي لهندڙ پهريون سج آهي- دل چوي ٿي ته ٽڪيٽ وٺي واپس وڃان پر.....!؟

روشن ناز ڌاريجو

ٿڃ هڪ بهترين غذا

کاڌ خوراڪ جي ماهرن ۽ صحت سان واسطو رکندڙن جو ان ڳالهه تي پڪو ويساهه آهي ته ابهم ٻارڙا تڏهن موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا، جڏهن انهن کي ٿڃ تي پالڻ بجاءِ، وقت کان اڳي ڌاريو کير پياريو ويندو هجي، پائوڊر جو کير ڏنو ويندو هجي يا مرڳو ڍڪ ڏيڻ ئي بند ڪيو ويندو هجي ته اهڙين حالتن ۾ ابهم صحيح خوراڪ نه حاصل ڪرڻ سبب ڪمزور ٿي بيمارين ۽ موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا. هڪ اهڙو ابهم ٻارڙو جيڪو ڇهن مهينن کان گهٽ عمر جو هجي ان کي جيڪڏهن بوتل يا دٻي جي کير تي پاليو ويندو هجي ته اهو ٿڃ تي پلجندڙ ٻارڙي جي پيٽ ۾ ٽيڻ تي وڌيڪ بيمارين جو شڪار ٿي سگهي ٿو. سندس مرڻ جا امڪان به ٽيڻ تي وڌيڪ موجود هوندا آهن.

نفسياتي لحاظ کان اهڙي ماءُ جڏهن پنهنجي ٻارڙي کي هنج ۾ جهلي کيس ٿڃ ڏئي ٿي ته هوءَ سچي خوشي ڪري ٿي ۽ اهڙا ٻارڙا پنهنجي زندگيءَ جي شروعاتي مهينن ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان ڪيتريون ڳالهيون سکي سگهن ٿا. شروعات ۾ اهڙي ٻار جون اکيون رڳو انهن جسمن جا عڪس حاصل ڪن ٿيون، جيڪي کانئن 30 س. م جي دوريءَ تي هوندا آهن ۽ اهو مفاصلو آهي، جيڪو ٻار جي منهن ۽ ماءُ جي وچ تائين محدود هوندو آهي، جڏهن هوءَ کيس هنج ۾ سمهاري ٿڃ پياريندي آهي. ٿڃ تي پالنا دوران اهڙي ٻار کي جيڪا سڳنڌ، سواد، پيار ۽ گرمائش حاصل ٿئي ٿي ته اهي سڀ ڳالهيون ٻار جي ذهن ۾ ماءُ جي مامتا پيدا ڪن ٿيون جيڪا پوءِ هميش هميش لاءِ سندس ذهن ۾ نقش ٿي وڃي ٿي.

ٿڃ هڪ بهترين غذا ڇو آهي؟

ٿڃ هڪ بهترين غذا آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن، جهڙوڪ: ٿڃ لاءِ ٻارڙي جون غذائي گهرجون پوريون ڪري اها سنئين سڌي ٻالڪ جي وات ۾ وڃي ٿي اها کيس بلڪل تازي ملي ٿي منجهس گدلاڻ پيدا ٿيڻ ۽ بيماريون پيدا ڪرڻ جا امڪان به نه ٿا رهن.

ٿڃ ۾ بيمارين خلاف ڪيترائي اهڙا جزا/اينٽي باڊيون ٿين ٿيون جنهن سبب ٻار ڪيترن ئي شروعاتي هفتن تائين بيمارين کان بچيل رهي ٿو.

ٿڃ پيئڻ سبب ٻار ۽ ماءُ وچ ۾ هڪ اهڙو گهرو ناتو پيدا ٿئي ٿو، جو ان سبب ٻار کي جذباتي لحاظ کان محفوظ رهڻ جو احساس ٿئي ٿو.

ڪيميائي، غذا ۽ اميونالا جيڪلي (بيمارين جي قدرتي بچاءُ) جي لحاظ کان ٿڃ هر قسم جي ٻئي ڪنهن به کير کان بهتر ۽ ٻار لاءِ وڌ ۾ وڌ موزون آهي، جنهن جو ٻيو ڪوبه نعم البدل ٿي نٿو سگهي. خاص طور تي کنگهڙو (ٿڃ جو اهو قسم جيڪو پيرن لهڻ کانپوءِ ٻن ٽن ڏينهن اندر ماءُ پيدا ڪندي آهي) ته ٻار کي هر قسم جي بيماريءَ کان بچائيندڙ هوندو آهي.

ڳائي کير جي ڀيٽ ۾ ٻار ٿڃ جهٽ هضم ڪري ويندو آهي.

ٿڃ تي پالڻ دوران احتياط:

گهڻائي اهڙين مائرن جي آهي جيڪي پنهنجن ٻارن کي ڍڪ ڏئي سگهنديون آهن. ڄمڻ جي پهرين 24 ڪلاڪن کانپوءِ ٻار کي هر پاسي کان ٽن چئن منٽن تائين ٻه ٻه دفعا ڍڪ پيارجي ۽ ان عرصي دوران کيس ٿڃ بجاءِ کنگهڙو ملندو رهندو، جيڪو چند ڏينهن تائين پيدا ٿيندو رهي ٿو.

ٻئي ڏينهن تي ٻارڙي کي ٻنهي پاسن کان 5-5 منٽن تائين ڏينهن ۾ ٽي دفعا ٿڃ پيارجي. ٽئين ڏينهن تي چئن چئن ڪلاڪن جي وٿي کان پوءِ هر روز پنج دفعا کيس ٿڃ ڌارائجي ۽ ساڳئي وقت اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته کيس گهڻو وڌيڪ ٿڃ نه ڌارائجي.

جڏهن ماءُ ٿڃ تي پاليندي هجي تڏهن به کيس اهڙوئي کائڻ گهرجي جهيڙوڪ هوءَ حامله هوندي کائيندي هئي. جڏهن هن وقت کيس وڌيڪ تازي هوا کائڻ، تڙڪي وٺڻ ۽ آرام ڪرڻ جي به ضرورت هوندي آهي.

ڪيترن ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته اهڙي ماءُکي بنهه پريشان ٿيڻ نه گهرجي نه ته سندس ٿڃ لهڻ گهٽجي ويندي. اهڙي ماءُ جيڪڏهن پريشان رهڻ بند ڪندي ته کيس وري عام رواجي طرح سان ٿڃ پيدا ٿيندي رهندي.

ٿڃ تي پالنا دوران دوائن جو استعمال:

اهڙين حالتن ۾ دوائون گهٽ ۾ گهٽ ۽ وڏي احتياط سان واپرائڻ گهرجن، ڇو ته ماءُ جي دوائن واپرائڻ سان اهي سندس ٿڃ رستي ٻار جي جسم تائين پهچي ان تي ڪي اگرا اثر پيدا ڪري سگهن ٿيون. اهڙيون ڪيتريون دوائون جيڪي ٿڃ تي پاليندڙ عورتون استعمال ڪن  ٿيون سي ٿڃ ۾ موجود ڏٺيون ويون آهن پر جيڪڏهن اهڙي ڪنهن ماءُ لاءِ دوائون کائڻ ضروري هجن ته اهي ٿڃ ڏيئي پوري ڪرڻ جي 30-40 منٽن کانپوءِ ته ٿڃ ڏيڻ کان 2-3 ڪلاڪ اڳ ۾ وٺڻ گهرجن جو ائين ڪرڻ سان اهي قدري گهٽ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهنديون آهن.

ٿڃ ڏيندڙ مائرن کي اها به صلاح ڏني ويئي آهي ته اهي جيتري قدر ممڪن ٿي سگهين گهٽ ۾ گهٽ دوائون استعمال  ڪن. خاص طور تي اهي دوائون، جن جي ٻارن تي پيدا ٿيندڙ اگرن اثرن جي اڃان ڄاڻ پئجي نه سگهي آهي پر تنهن هوندي به ڪيتريون دوائون اهڙيون آهن جهڙوڪ: ڊائزيپام، هيروئن، آيوڊين، لٿيم، ميٿاڊون، بروموڪرپٽين، اسٽيروائڊ، ٽيٽراسائيڪلين ۽ ڪلورامفينيڪال وغيره جا ٻارن تي نهايت اگرا اثر پيدا ٿين ٿا ۽ اهي سندن لاءِ موتمار به ثابت ٿي سگهن ٿيون. تنهن ڪري ٿڃ تي پاليندڙ مائرن کي گهرجي ته انهن ڳالهين تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏين.

(ڊيلي ”اسٽار“ جي ٿورن سان)

حسين مسرت شاهه

قسط -2

ٽماهي ”سرتيون“ جو سرسري جائزو

آڪٽوبر –ڊسمبر 1990ع ”سرتيون“ جي ٻئي پرچي ۾ شايع ٿيندڙ خطن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سرتين کي رسالو وڻيو آهي، انهن رسالي جي تعريف به ڪئي، ۽ ان کي پنهنجين تجويزن سان به نوازيو. هن پرچي ۾ انٽرويو، 10 ڪهاڻيون، 18 مضمون جن مان 3 تعارفي مضمون آهن، ڪجهه تاثر، ڊائري جا ورق، تبصرا، سروي رپورٽ، شاعري ۽ متفرق شيون شامل آهن.

اسان جي ڄاتل سڃاتل اديبه ماهتاب محبوب پنهنجي انٽرويو ۾، پنهنجي تخليقن جي بنياد جي حوالي سان ڳالهه ڪندي چيو ته ”احساس جي سچائي مان جيڪو ادب اسري ٿو ان ۾ سچايون ٿين ٿيون. منهنجي خيال ۾ سچو ادب احساس ۽ مشاهدي جي سچائي مان ڦٽي ٿو.“

ڪهاڻين ۾ تانيه ٿيٻو جي ”سوچون ۽ سپنا“ اڄ جي تعليم يافته ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي، جيڪا بظاهر خوش ۽ مطمئن آهي پر هن جو اندر اڪيلو آهي. ”الماس“ وٽ شعور به آهي ۽ عمل به آهي، پر ان هوندي به هوءَ پنهنجي ماحول ۾ پر ڪٽيل پکيءَ وانگر قيد آهي.

سندس مرضي ۽ سوچ جي ڪا اهميت ڪانهي.

ٻيون ڪهاڻيون به اثرائيتيون آهن، انهن ۾ ڏک جو عنصر نمايان آهن. موجوده معاشري جي رسمن کي نندين ٿيون ۽ طنز ڪن ٿيون.

مضمونن ۾ مهتاب اڪبر راشدي جو ”ٿر ۽ اسان“ گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو، ٿر اسان جي ثقافت، اسان جو ماضي ۽ سڃاڻپ آهي. ان جي حافاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي، صرف ٿر جا ٺهيل گج پائڻ ۽ ان جي هٿ جي هنرن کي ساراهڻ سان هُنن جا مسئلا حل ڪونه ٿيندا، واريءَ مان پاڻي ڪونه نڪرندو ۽ نه ئي اگهاڙا انگ ڍڪجندا. اهي مسئلا تڏهن حل ٿيندا، جڏهن سنڌي قوم لاشعوريءَ ۽ لاپرواهيءَ واري ڪيفيت مان نڪري، پنهنجي ثقافت کي بچائڻ لاءِ اپاءَ کڻندي.

بادام ناتوان جو ادبي شهپارو ”ايام گذشته“ مسلم خاتون ۾ پنهنجي حق سڃاڻڻ ۽ اسلامي حق پاڻ خود همٿ ڪري حاصل ڪرڻ جو شعور ڏئي ٿو. ”شاهه جي ڪلام ۾ عورت جو ڪردار“ حميده قاضي ۽ ”شاهه جي ڪلام ۾ اصطلاح“ نور افروز خواجه جا مضمون علم ۾ اضافو ڪندڙ آهن. اسين اڪثر اهو چوندا رهندا آهيون يا پڙهندا آهيون ته ”شاهه سنڌي تهذيب جو محافظ آهي“ پر نور افروز خواجه پنهنجي تحقيقي مضمون ۾ اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته ”شاهه ڪيڏي نه نزاڪت سان سنڌي ٻوليءَ جي اصطلاحن کي پنهنجي شاعريءَ وسيلي امر ڪري ڇڏيو آهي.“ ائين به چئي سگهجي ٿو ته سندس جوڙيل سٽون اصطلاح بنجي ويون آهن.

هو چونئي تون مَ چئو، واتان ورائي،

اَڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،

پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي.

اصطلاح: پاند ۾ پائڻ- جهوليءَ ۾ وجهڻ يا حاصل ڪرڻ.

شبنم گل، سرتين کي ”گفتگوءَ جو فن“ ٿي سيکارڻ چاهي ته جيئن سرتيون تنقيد براءِ تنقيد واري ڳالهه ڇڏي، ٺوس حقيقتن تي مبني گفتگو ڪن، ته جيئن ٻڌندڙ سرها ٿين، انهن جي دلشڪني نه ٿئي. ڳالهه هميش بامقصد ۽ نرم لهجي ۾ ڪجي. اهو شبنم گل جو پيغام آهي.

ايم ڄام مجاهد هنڱورجو ”سنڌ جي ٻهراڙين ۾ زناني تعليم جي فقدان جا سبب ۽ انهن جو علاج“ تجويز ڪيو آهي. تمام ڪارائتو جائزو آهي، جنهن ۾ معاشي ۽ معاشرتي سبب ڄاڻايل آهن. اهم سبب غربت ۽ ٻيو حڪومت جا غير موثر اپاءَ ٻڌايا ويا آهن. جيستائين اهي مسئلا حل نه ٿيندا، ان وقت تائين ٻهراڙيءَ جون نياڻيون تعليم کان محروم رهنديون.

صفيه ميتلو، ”ڪمپيوٽر سسٽم“ بابت مضمون لکيو آهي، جنهن مان ڪمپيوٽر جي باري ۾ بنيادي معلومات حاصل ٿئي ٿي.

هن پرچي ۾ ٽن سڄاڻ عورتن تي تعارفي مضمون آهن، جن مان هڪ ارجمند بانو بيگم، جيڪا تيمور لنگ جي زال هئي، هوءَ بهادر به هئي جنگ ۾ حصو ورتائين. ۽ ادب سان به واسطو هئس. عربي ۽ ترڪيءَ ۾ شعر چوندي هئي.

دادي ليلاوتي هرچنداڻي جي باري ۾ ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي، سرتين کي آگاهه ڪيو آهي ته پاڻ ڪيڏي نه مهربان، همدرد ۽ سڄاڻ عورت آهي.

مشهور اديبه، شاعره ۽ تعيلم کاتي سان واسطو رکندڙ سڄاڻ ”روشن آرا مغل“ جي يادن کي ميمونه سومرو تازو ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com