سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :3

 

مهرالنساءِ مهر پروين

سنڌ ۾ موتين جي پوچ جو هنر

 

انسان جي تاريخ تي نظر ٿي ڪجي ته اهو يقين ٿي ٿو وڃي ته جڏهن انسان ڌرتيءَ تي بي گهر ٿي کاڌي پيتي جي شين جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪيو پئي، تڏهن کان ئي پاڻ کي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هن سڀ کان پهريائين ولين ۽ وڻن جي پنن ۽ کلن جا جهوڙا ۽ هار پائي سينگار جي شروعات ڪئي ۽ اڳتي هلي انهن جي نموني تي شيون ايجاد ڪيائين جنهن جو ثبوت اهو آهي ته اڄ تائين جيڪي به انساني سينگار جا ذريعا ملن ٿا سي سڀئي وڻن ۽ ولين سان مشابهت رکن ٿا.

انسان جڏهن هن ڌرتيءَ تي ننڍا ڳوٺ وڏا شهر ٺاهي رهڻ شروع ڪيو، تڏهن هن اجهي کاڌي، ڪپڙي سنڌ پنهنجي سونهن جي سامان کي به وڌائڻ شروع ڪيو، جنهن جو ثبوت انهن پراڻن کنڊرن مان لڌل زيور آهن، جيڪي جدا جدا دورن ۾ مختلف شڪلين جا مليا آهن.

تاريخي تحقيق موجب انسان 10000 ق م کان 5000 ق م تائين مٽيءَ جا برتن ٺاهي رڱيا ۽ پچايا ۽ ان ئي دؤر ۾ هن مڻيا ٺاهي پوئي پاتا ۽ اهڙا مڻيا 5000 ق م کان اڳ وارن کنڊرن مان مليا آهن.

هندن جي ڪتابن موجب، جيڪي ابتدائي اوتار ٻڌايا ويا آهن انهن مان هڪ مکيه اوتار "وشتو" پڻ آهي، جنهن جي جيڪا تصوير ملي آهي ان جي ڪنڌ ۾ مڻين جي مالها پيل آهي ۽ ان سان گڏ مڻين جي ڪنٺي به پيل اٿس جنهن مان اهو ثبوت ملي ٿو ته مڻين پوئڻ جو رواج بلڪل پراڻو آهي.

مختلف ڪتابن مان ڌرتيءَ جي جيڪا تصوير ملي آهي جنهن کي اڪثر ڪتابن ڌرتي ماتا جو بت ڪري لکيو آهي. تنهن جي ڪنڌ ۾ موتين مان ٺهيل "پنج سري دهري" پيل آهي ۽ ٻانهن ۾ پڻ موتين جي پوچ وارا ٻانهوٽا پيل اٿس.

ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ته: رگ ويد جي منڊل پهرين (35، 2) ۽ 33، 8) منڊل ڏهين (68، 1) ۾ ڪيترن هنڌن تي موتين مڻين ۽ جواهرن جو ذڪر آهي ۽ منڊل پهرين (122. 13) ۾ "مڻي کريو" لفظ ڪم آيل آهي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته مڻين جو هار ٺاهي ڳچيءَ ۾ پائيندا هئا. منڊل ڏهين (68، 1) ۾ لکيل آهي ته موتين جا هار ماڻهو پاڻ ته پائيندا هئا، پر گهوڙن کي به موتين جون ڪنٺيون پائيندا هئا.

سنڌ جي تهذيب ۾ سڀ کان پراڻيون بستيون کير ٿر جبل ۽ انهن جي اولهه ۾ بلوچستان جي ايراضيءَ ۾ مليون آهن، جيڪا ايراضي قديم دور ۾ سنڌ اندر شامل هئي ۽ انهن بستين جي کنڊرن جي کوٽائيءَ مان اهڙيون ڪافي مورتيون مليون آهن، جن کي ڪنڌ ۾ مڻين جا هار پيل آهن جن مان ثابت ٿو ٿئي ته موتين جي پوچ جو رواج بلڪل پراڻو آهي ۽ اسان جي پياري سنڌ ۾ ان بابت ڪنئين ثبوت ملن ٿا.

سنڌ جو وڏو تاريخدان رحميداد مولائي شيدائي لکي ٿو ته قديم دور ۾ يوناني ۽ عرب سياحن سنڌ جي مردن کي موتين جا والا پيل ڏٺا هئا.

اهڙي طرح هندن جي پراڻن ڌرمي ڪتابن ۾ هار جو ذڪر گهڻي قدر ملي ٿو جيئن "رگ ويد" جي هڪ منڊل ۾ لکيل آهي ته گهوڙن تي سونن هارن جي مال غنيمت سان ڪکن پنن سان نوجوان سنڌ کلن جا وڳا پائي ٿي.

تاريخي تحقيق مان ڪنئين شاهديون ملن ٿيون ته سنڌ اندر ڪيترن قسمن جا قيمتي پٿر ملن ٿا، جن مان مڻيا ٺاهي زيورن ۾ پوئبا هئا، ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ته، ديم سنڌ جا رهاڪو عقيق يا سنگ سليماني، نيلم ٻيروز ۽ ٻيا قيمتي پٿر هار جي داڻن توڙي زيورن لاءِ جڙاءَ طور ڪم آڻيندا هئا.

تاريخي کوجنا مان پراڻي دور بابت جيڪا معلومات ملي ٿي، تنهن ۾ جيڪي مٽيءَ جا مڻيا ۽ پٿر جا مڻيا وغيره مليا آهن سي پوچ جو پهريون ذريعو معلوم ٿين ٿا.

ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته: ڪي مخروطي شڪل جا وڏا پٿر لڌا آهن، جن ۾ مٿان سوراخ آهن ۽ انهن سوراخن مان ڏور لنگهائي سگهجي ٿي. ڪاڪي ڀيرومل اها معلومات موهن جي دڙي جي کوٽائي مان لڌل سامان بابت انگريزن جي لکيل ڪتابن مان ڏني آهي ۽ انهيءَ معلومات ۾ هيئن به لکيو اٿس ته موهن جي دڙي واري زماني ۾ مرد زيور عام طرح پائيندا هئا ۽ زالون ڳن يا پنڙا، ڌاتن جا هار چاندي سون جون ڪنٺيون ۽ نورا پائينديون هيون. مٿين حوالن مان اهو ٿو ظاهر ٿئي ته سنڌ وارا هار جو استعمال گهڻي قدر ڪندا هئا، جيڪو پوچ جو پراڻو نمونو چئي سگهجي ٿو. جنهن بابت مولائي شيدائي لکي ٿو ته "موهن جي دڙي جي تهذيب مان ثابت آهي ته سنڌي ٻين زيورن سان گڏ هار به پائيندا هئا."

مشهور سنڌي اديب دوارڪا پرشاد شرما لکي ٿو ته "پراچين سمي ۾ سنڌ وارا سنگ سليماني ۽ سنگ يسب سان چڱي ماپ وارا مڻيا ٺاهي انهن مان هار تيار ڪندا هئا، جن مان سهڻو نمونو 1923ع ۾ 1925ع ڌاري موهن جي دڙي جي کوٽائي مان مليو آهي."

انهيءَ هار جي سهڻائي بابت دوارڪا پرشاد، سر جان مارشل جي ڪتاب جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته "اهو سهڻو هار سبز اسنگ يشب جي مڻين مان ٺاهيو ويو آهي."

ساڳيو مصنف موهن جي دڙي مان لڌل هڪ مورتيءَ بابت لکي ٿو ته هن کي ڳچيءَ ۾ هار ۽ ٻانهن ۾ چوڙا پيل هئا ۽ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته راءِ بهادر ديارام سهائي، موهن جي دڙي مان ڪيترائي عجيب ۽ قيمتي جواهرات هٿ ڪيا آهن. انهيءَ جواهرات ۾ ڪيترائي هار ۽ پٿر جا مڻيا شامل آهن. ڪاڪو ڀيرومل موهن جي دڙي مان لڌل شين جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، دڙي منجهان هڪ چانديءَ جو ٿانءُ، جواهرن ۽ موتين سان ڀريل لڌو ويو آهي، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ اندر انهيءَ دور ۾ موتي عام هئا. انهيءَ ڏس ۾ دوارڪا پرشاد وڌيڪ هيئن لکيو آهي ته، مسٽر ديکبيت به موهن جي دڙي مان ڪيترائي هار چانديءَ ۽ سون جا ننڍا ننڍا زيور لڌا آهن، جيڪي هڪ چانديءَ جي باسڻ ۾ پيل هئا. ٻئي هنڌ ٽامي جي هڪ ڍائڪن ۾ هڪ عاليشان چيلهڪي لڌي وئي، جنهن جي مٿان وري ٽامي جو ڍڪ به ڏنل آهي. ٻئي هنڌ لکي ٿو ته، "سون جي داڻن مان ۽ زنجيرن مان ٺهيل چيلهڪين ۽ ڪٺ هارن جي ڪاريگري توڙي سونهن کي ڏسي مغرب جا عالم ڏندين آڱريون ڏيئي رهيا آهن."

چيلهڪين جي گهڻائي بابت هينئن به لکيو اٿس ته، هڪ زناني مورت کي چيلهڪي ٻڌل ڏسڻ ۾ آئي آهي. اها چيلهڪي ڪنهن وقت ڏونٽين ۽ ڪنهن وقت اڻيل جي به ٺهيل هوندي آهي. موتين جي پوچ بابت مذهبي ڪتابن جي هڪ روايت آهي ته فرعون رميس جيڪو (72، 12) ق- م کان (32، 12) ق م تائين مصر جو حاڪم هو جنهن جي وار وار ۾ موتي ڳتيل هئا. اهو فرعون ئي هو جنهن دعويٰ ڪئي ته آئون خدا آهيان ۽ نيٺ حضرت عيسيٰ جي هٿان ختم ٿيو.

سنڌ جي وڏي تاريخدان مولائي شيدائي پنهنجي مشهور ڪتاب تاريخ "تمدن سنڌ" ۾ برهمڻ دور جي هڪ پنڊت جي تصوير ڏني آهي جنهن کي قيمتي موتين جو گلو بند پيل آهي، جنهن مان اها پروڙ ٿي پوي ته موتين جي پوچ جو هنر جيئن پوءِ تيئن ترقي ڪندو رهيو آهي. مٿئين بحث مان اهو ٿو ثابت ٿئي ته سنڌ اندر مڻين ۽ موتين جي پوچ جو هنر ۽ رواج ڪئين هزار سال هار هو، جنهن جو ثبوت تاريخي تصويرون ۽ کنڊرن مان لڌل هار پاتل مورتيون چيلهڪيون ۽ ٻيا زيور آهن جن ۾ جدا جدا دورن اندر مٽيءَ، پٿر، جواهرات، چانديءَ ۽ سون وغيره جا مڻيا پوتل ڏسجن ٿا.

اهڙي طرح پوچ جو اهو سلسلو مختلف دورن مان هلندو، مختلف شڪليون اختيار ڪندو اچي موجوده دور تائين پهتو آهي، جنهن تي نظر وجهڻ سان اهو ٿو معلوم ٿئي ته تنهن وقت پوچ لاءِ جيڪي مڻيا استعمال ٿيل آهن، اهي ٻن قسمن جا آهن، جن مان هڪڙا اهي مڻيا آهن جيڪي سون، چاندي ۽ جواهرات مان ٺاهيا وڃن ٿا ۽ زيورن مان هار، ڪنٺي ۽ ڪٺمال ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ ٻيا آهن سادا عام مڻيا جن سان گڏ لالون، موتي، ڪچڪوڏيون، پواڙيون، سپون ۽ سنهڙا مڻيا وغيره به استعمال ڪيا وڃن ٿا، جن کي مختلف نمونن سان پوئي مختلف شيون تيار ڪبيون آهن. قديم دور ۾ مڻين جي پوچ ۽ انهن جو وڪرو وغيره فقط مرد ڪندا هئا، جن کي مڻهاريا، مڻهار ڪوٺبو هو، جن جي پيشي پويان سنڌ جو مشهور لوڪ گيت مڻهيارو مشهور ٿيو.

هن وقت به جيتوڻيڪ ڪن هنڌن تي مڻهيلا ملن ٿا، پر سندن اهڙو قدر ڪو نه رهيو آهي، اهو انهيءَ ڪري جو ڪافي وقت کان اهو هنر مردن جي هٿن مان نڪري عورتن جي هٿن ۾ اچي ويو آهي، جن پنهنجين خداداد لياقتن سان ان نموني ۾ سڌارو ۽ نواڻ آڻي کيس چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن ۽ موتين جي پوچ مان ڪيتريون ئي شيون آهن جن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:

 

موڙ:

موڙ شادي وقت گهوٽ جي منهن تي ٻڌبا آهن جن جي پوچ جا ڪئين نمونا آهن پر انهن مان پراڻو ۽ مقبول ترين نمونو اهو آهي جنهن ۾ موتي مڻيا لعلون، ٽئونر ۽ ڪچڪوڏيون ۽ لونگ استعمال ٿين ٿا. موڙن جو ذڪر ڳيچن يا گيتن ۾ عام آهي ۽ مولودن ۾ به کيس جاءِ مليل آهي. جيئن:

گهوٽ موڙ ٻڌا- سيد لاڳ لڌا، گهوٽ کي

ٻڌا موڙ محبوب کي- صديق يار سچي

"مولود"

هڪ هنڌ ڳيچ ۾ آهي ته:

موڙ ته تنهنجا مون تولاءِ آڻايا سهڻل جو سينگار

                موڙ ٻڌي منٺار.

ٻئي هنڌ وري هيئن آهي ته:

موڙن سريون سون جون، زيور زينتدار

ٽئين هنڌ آهي ته:

ٻڌا موڙ محبن- جنوهر جام جهرڪن لعل جوڙ لايو.

                        ڀلي ڄام آيو.

 

جهوڙا ۽ جهانيون:-

موڙن کانپوءِ موتين جا جهوڙا ۽ جهانيون مشهور آهن، جيڪي وهاڻن جي پلئن، ميز پوشن سازن جهڙوڪ- شرناءِ، مرلي، پاون، نڙن، يڪتارن، تنبورن وغيره کي ٻڌبا آهن، جن بابت لطيف سائين جي ڪلام ۾ به اهڃاڻ ملن ٿا ته:

چارڻ ٻڌا چنگ کي، جهوڙا ۽ جهائين،

يا

جهوڙا جن جهلن ۾، هيرا لک هزار.

سنڌ ۾ ڪيترن ئي قومن ۾ رواج هلندو پيو اچي ته اهي شاديءَ جي وقت گهوٽ جي پٽڪي ۽ ملير جا پلوءَ موتين سان ڳت ڏيندا آهن جن جو ذڪر لطيف به ڪيو آهي.

ڳل ڳانا ياقوت جا موتين ڳتڙي مالهه

اهڙي طرح هڪ مشهور عام لوڪ گيت ۾ ته:

موتين ڳتڙيو مولهيو، واريو ور ٿو ڏئي سهڻل

                        سيج اچي.

 

سينهين:-

موتين جي پوچ ۽ سينهيءَ کي وڏي اهميت حاصل آهي. ڪن قومن ۾ خاص رواج آهي ته ڌيءَ کي شادي وقت ڏاج ۾ موتين جڙيل سينهين ضرور ڏيندا آهن. سينهيءَ کي ٿري زبان ۾ سينڍوڻي هينڍاڻي چوندا آهن، جنهن جي پويان هڪ لوڪ گيت به مشهور آهي جيئن:-

هاٿ ڪپڙي ري هيڍاڻي

جيڪي رو سوا لک رومول

يعني هٿ جيتري ڪپڙي جي ٺهيل سينهي جي قيمت سوا لک آهي." سينهيءَ جو ذڪر لطيف سائين ڪيو آهي ته:

"هٿ گهڙو، سو سينهي تن تاتو تاڻ."

اهڙي طرح پوچ جي ذريعي ڪئين شيون ٺهن ٿيون، جيڪي تمام وڏي قيمت ۾ وڪجن ٿيون، جن کي پوئڻ جا ڪئين نمونا آهن، جن ۾ ٽوئنر ڪچڪويون، ستار، مڻيا لعلون، موتي، مڻڪا، ٻيڙا ننڍا، وڏا وچولا مختلف نمونن ۾ استعمال ٿين ٿا.

موجوده دؤر ۾ مڻين ۽ موتين، لعلن ٻيڙن“ ڪچڪوڏين وغيره جي واهپ سان ڪئين نوان نمونا ٺهن ٿا، جن جي پوچ جا خاص ۽ وڏا نمونا هن طرح آهن.

(1) گريدار پوچ:-

هن کي پوئڻ وقت ست يا پندرهن يا ڪيترا وڌيڪ سڳا گڏي پوءِ انهن ۾ هڪ وڏو مڻيو وجهبو آهي ته جيئن سڀئي ڌاڳا ان مان لنگهي گڏجي هڪ ٿي بيهن. وري ان وڏي مڻئين جي پٺيان هڪ ننڍو مڻيو وجهبو ته جيئن اهي وڌيڪ شوخ ٿين پوءِ انهن گڏيل ڌاڳن مان هڪ هڪ جوڙو چونڊجي ۽ انهن جوڙن ۾ ذاتيلا پوئبا جڏهن هر هڪ  جوڙي ۾ ست ست مڻيا ايندا ته ان جو گر پورو ٿيندو پوءِ سڀني ڌاڳن کي گڏي وري هڪ مٿي ڏنل موتي ۽ مڻين وانگر موتي ۽ مڻيو ڏبو وڃبو ۽ ذاتوار گهر ٺاهبا وڃبا. اهڙي طرح جيڪا به شيءِ ٺاهبي ته اها گر جي ڳڻپ تي ٺاهبي.

ٻانهوٽا:

مثال طور ٻانهوٽا گريدار ٺهبا ته ٻار جي ٻانهن جي ماپ تي ان جا پنج گريا ان کانپوءِ وڌيڪ ذاتيلا ڪبا جيڪي پوئي پوءِ ڇيهه ۾ سڀني ڌاڳن کي گڏي ٽونئر وجهبو ۽ ان ٽونئر جي منهن ۾ ٻيڙو سبي ڇڏبو، سامنهين پاسي به شروع ڪرڻ مهل ٽونئر وجهبو ۽ ان ٽونئر جي منهن ۾ ڌاڳي ۾ موتي پوئي گول ڪڙو ٺاهبو ته جيئن اهو ٻانهوٽو ٻانهن ۾ ٻڌڻ مهل اهو ٻيڙو ڪڙي ۾ بند ڪري سگهجي.

هن قسم جي  پوچ ۾ لعلون، موتي، مڻيا ٽونئر، لونگ ٻيڙا ڪچڪ وڏيون وغيره ننڍا وڏا ۽ وچولا ڪم آڻبا آهن. گرن جي ڊيگهه ٻن انچن کان اٺن انچن تائين رکبي آهي ۽ ڌاڳا ستن کان ايڪيهن تائين رکجن ٿا. گر پوئڻ کانپوءِ کارڪ وانگر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. گريدار پوچ جي نموني مان ڪئين شيون ٺهن ٿيون جن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

ڪنڊولا، لئونگاٽيون، سڳيون، هار، ڪنٺي گرن وارن ماڏريا، ڳانا، ڏورا، ڳانيون، جهوڙا، ڪٺمال وغيره ان نموني ٺهندا آهن.

لڙهيدار پوچ:-

لڙهيدار پوچ واري نموني مان ڪئين شيون ٺاهي سگهجن ٿيون.

مثال: وڙ، سڳيون، سئڙيون، بازو بندن جي جهوڙن واريون ٽليون يا ٽلين جا جهوڙا، رلين، اجرڪن، پٽڪن، کيسن وغيره جي پلئن جا جهوڙا ٺاهباآهن.

لڙهيدار سڳي:-

سڳيءَ جو جهوڙو پنجن کان پندرهن ڌاڳن يا اونرن تائين هوندو آهي. هن جي پنجن يا پندرهن ڌاڳن ۾ پهرين هڪ هڪ ٽونئر وجهبو آهي، ٽونئر مٿان هڪ وڏو موتي ڏبو ۽ ان مٿان وري ذاتوار ٻه مڻيا ڏبا ان مٿان وچولو موتي ڏبو ۽ انمٿان وري ست ننڍڙا مڻيا ڏبا، ان مٿان وچولي سائيز جو موتي ڏبو ۽ ان مٿان هڪ ننڍو مڻيو ڏبو ان مٿان هڪ وڏو موتي ڏبو ۽ ٻه ننڍا ذاتيلا مڻيا ڏبا، ان جي مٿان هڪ ڪچڪوڏي ڏبي، ان مٿان وري ننڍو مڻيو، وچولو موتي ۽ وري ننڍو مڻيو ڏبو. ان جي مٿان هڪ لونگ ۽ ننڍو موتي ڏبو، ان جي مٿان هڪ وڏو موتي ۽ ان مٿان وري ننڍو مڻيو ذاتيلو موتي ۽ وڏو موتي وجهبا. اهڙي طرح سان اهو سلسلو هلندو رهندو، جيستائين ڪنهن ماپ جي شيءِ تيار ٿئي، ساڳئي نموني سڳيءَ جون ستئي سريون لڙهيدار ڪبيون ۽ ٽونئر ۾ هيٺئين پاسي هڪ وڏو موتي ۽ ننڍا مڻيا ڏبا ۽ هڪ ننڍو يا وڏو ستار ڏبو اهو ستار هر هڪ گر ۾ هڪ هڪ وجهبو وڃبو، پوءِ سڳيءَ جون ست سريون گڏي انهن مٿان هڪ وڏو سڳو يا موتي وجهبو اهڙي طرح سڳي جي هڪ پاسي جا ٽي جهوڙا پئبا ۽ هوڙن ۾ لڙهيون هيٺ لڙڪنديون نظر اينديون ۽ انهن لڙهين ۾ هڪ رنگ يا ذاتيلو ٽونئر ڏئي سگهجي ٿو. اهڙي طرح ٻيون به ڪئين شيون لڙهيدار ٺاهبيون، جن مان ڪن جو ذڪر مٿي ڏنل آهي، سئڙي ڪن ٻين جهوڙن يا ڄاريدار وغيره شين ۾ مٿان مڻين جي ڄاري ۽ هيٺ ٻن کان پنجن اچن جون لڙهيون بيهاربيون آهن پر خاص لڙهيدار جهوڙا ۽ سڳيون هوندا آهن، انهن جي مٿئين ڇيڙي ۾ مُڪي ۽ ذري جون ٻنڌيون ڏبيون آهن.

ڄاريدار پوچ:-

هن نوني ۾ ڪئين شيون ٺهنديون آهن، انهن کي اگرچه لکجي ته هڪ چڱو خاصو ڪتاب ٿي وڃي. هتي صرف ڪن خاص شين جا نالا ڏجن ٿا.

مثال:- گهڙيءَ جي ڄاري، گهوڙن جي اناري جي ڄاري، ڍڳن جي اناري جي ڄاري، مشينن ڍائڪن، شيشن، پيتي ۽ درين جون ڄاريون، مرلين، الغوزن، نڙن، بانسرين، شرناين ۽ يڪتارن جون جاريون، ميزپوش ۽ پلنگن جي ڪورن ۽ وهاڻن ۽ پٿراڻين جون ڄاريون. هن ۾ به ٻين وانگر هر قسم جا موتي، مڻيا، ٽونئر ستار، ٻيڙا، ڪچڪوڏيون، موتي لئونگ وغيره ننڍي وڏي ۽ وچولي سائيز جا استعمال ٿيندا رهن ٿا.

هيٺ دليءَ جي پوچ جو مثال ڏجي ٿو.

دلي:

دليءَ جي مٿئين ڪور وارن سوراخن ۾ هڪ هڪ ڌاڳو وجهبو ۽ هڪ وچولو موتي وجهڻ کانپوءِ وري سڀني سڳن ۾ هڪ هڪ ننڍڙو مڻيو وجهبو. وري هڪ وچولو موتي ۽ هڪ ننڍڙو مڻيو سڀني سڳن ۾ وجهبو ان کانپوءِ چار سڳا گڏي کڻبا يعني ٻه ٻٽا- سڳا هاڻي انهن جوڙن ۾ مٿي وڌل مڻين واري رنگ جو هڪ ٻيو مڻيو وجهبو ته رنگن جي ٽڪنڊي ٽڪلي ٺهي پوندي. اهڙن مختلف رنگن جون ٽڪنڊيون هلنديون انهن کي ٻيڙو چئبو آهي. ٻيڙن ختم ٿيڻ بعد آخري ٻيڙو کولي انهن ڌاڳن ۾ مختلف رنگن جا ٻه ٻه مڻيا وجهي وري ٻيڙو ساڳي طرح سان بند ڪبو. کولڻ مهل ٻه ٻه مڻيا ۽ بند ڪرڻ مهل هڪ هڪ مڻيو ڏبو. ائين ڪرڻ سان يا پوئڻ سان وري چوڪنڊيون ٽڪليون ٺهنديون ۽ سڄيءَ دليءَ کي گول ڄاري ڦري ايندي، ان جي وچ ۾ ڪچڪوڏيون، لونگ ۽ ٽونئر به استعمال ڪري سگهجن ٿا. ڄاريدار پوچ جا ٻه قسم آهن هڪ ڪونگريءَ واري ڄاري ۽ ٻي گول ڄاري.

(1) ڪونگريءَ واري ڄاري:-

مثال طور دريءَ جو پوش يا پردو ٿا ٺاهيون. دريءَ جي ماپ تي لوهي سنهي تند کڻي ان ۾ مٿان کان هيٺ چوءِ ڪنڊي يعني دري جي ماپ ۽ نموني تي سڳا وجهبا ۽ ان ۾ ٻٽو ٺاهبو وڃبو ۽ انهن ٻٽن ۾ سنهو مڻيو وجهبو. ان مٿان وچولو موتي ۽ وري ننڍو موتي هڪ هڪ سڳو سڳي ۾ وجهبو وڃبو ۽ تند جي ٻنهين ڇيڙن وارن سڳن ۾ ڪونگري ٻڌبي ۽ ٻيڙ ۾ هڪ هڪ مڻيو ڏبو ۽ کوڻي ۾ ڇيهه تائين ٻه ٻه يا چار چار ذاتيلا مڻيا پوئبا ۽ چوڪنڊيون ٽڪليون ٺاهبيون وڃبيون ۽ ٻن يا چئن مڻين تي ڄاري گهاٽي بيهندي ۽ ان کان وڌيڪ مڻين تي ڄاري ڇڊي بيهندي. ڇڊي ڄاري مڻين جو ٻيڙ ٻن مڻين جو دٻو ۽ کولڻ مهل ڏهه مڻيا به وجهي سگهجن ٿا. ڪونگري ٻڌڻ لاءِ پهرين تند جي ڇيهه واري ٻيڻين ڌاڳي ۾ ٻه ننڍڙا مڻيا وجهبا پوءِ هڪ وڏي سوراخ وارو ساڳي سائيز جو مڻيو ڏبو. هيٺ وڌل ٻن مڻين کي شوخ بيهاري پوءِ سڳو واپس ان وڏي سوراخ وارن مڻين مان آڻبو يعني هيٺان کان مٿي اڪاريو ته ٽيون مڻيو انهن ٻن مڻين مٿي بيهندو ۽ پوءِ ٻه ننڍا مڻيا ان سڳي ۾ پوئبا ۽ اهو ڀر واري سڳي سان گڏي ٻيڙ ڏبو ۽ پاسن کان ٽڪنڊي ڪونگري ٻڌبي ايندي ۽ اهڙيون ڪونگريون ٺهنديون وڃي دري جي ماپ تي سڳي ۾ ڇيهه ڪنديون. پوش پوري ٿيڻ بعد ان جي ڇيڙن ۾ هڪ هڪ موتي ۽ ٻه ٻه ننڍا مڻيا وجهبا ان کان هيٺ وڏا ستارا وجهي پوءِ ڳنڍ ڏبي ته جيئن اهي ٽونئر ۽ مڻيا ڍرا نه ٿين ۽ ڪري نه پون، هر قسم جي ڄاري اهڙي نموني ٺهندي آهي.

گول ڄاري:-

گول ڄاريءَ جو بيان اڳي دليءَ ۾ اچي چڪو آهي. ان ۾ پاسو آهي ئي ڪو نه تنهن ڪري ڪونگري جي ڪا به ضرورت ڪانهي، باقي سئڙي، هار، ونجهڻي درين جا پردا ۽ ٽيبل پوش ڪونگريدار هوندا آهن. ڪونگري ٻن يا وڌيڪ پاسن تي به ٺهندي آهي. ڪونگري چاهي وڏن موتين جي هجي يا ننڍن جي يا سنهن، مڻين جي اها مرضيءَ مطابق آهي پر آخر ۾ لعلون ضرور وجهجن نه ته سندس سونهن مري ويندي. لعلون هڪ هڪ موتي ۽ ننڍن مڻين جي وچ ۾ ۽ ٽونئرن جي مٿين پاسي يعني مٿين ڇهه ڇهه مٿان ڏبيون آهن. ٽيبل پوش کي چئني پاسن کان ڪونگري ٿيندي آهي.

پٽيدار پوچ:-

پٽيدار پوچ سان به ڄاريءَ وارو ساڳيو ڪم ٿيندو آهي. تفاوت صرف اهو آهي جو ڄاريدار پوچ ڇڊي هوندي آهي ۽ ان کي مرضيءَ مطابق گهاٽو به بيهاري سگهجي ٿو ۽ پٽيدار پوچ گهاٽي هوندي آهي ان کي مرضيءَ تي ڇڊو بيهاري سگهجي ٿو پر هن جو خاص نمونو پنهنجو ئي آهي. گهاٽي ڄاري ان ڪري ڇڊو ڪو نه بيهاربي آهي ڇو جو ڇڊي ڄاريدار پوچ جو الڳ نمونو آهي. ان ڪري هن کي پنهنجو ئي نمونو ۽ نالو مليل آهي پٽيدار پوچ. هينئر پٽيدار پوچ مان سئڙي جو مثال وٺون ٿا. هڪ وڏي ٽاچڻي کڻو ان ۾ گهاٽا سڳا وجهو هاڻ ان ۾ پهرين وچولو مڻيو هڪ هڪ سڳي ۾ وجهو ۽ ڇيهه وارن سڳن ۾ هڪ مڻيو وجهي، ان مٿان وچولو مڻيو وجهو، اهو سڳو ابتوار وچولي مڻئين مان اڪاري مٿئين سان ملايو. هاڻي سڳو سيري پوءِ وري ساڳي رنگ جو مڻيو وجهو ۽ ڀر واري سڳي سان ملائي ٻير ڏيو. هاڻي چئوڪنڊيون ۽ گهاٽيون ٽڪليون بيهنديون پيون اچن، هن ۾ شروع کان ننڍو مڻيو هلائبو ته جيئن پٽو گهاٽو ٺهندو اچي. هن ۾ ٻه ٻه مڻيا استعمال ڪو نه ڪبا. هاڻ پڇاڙي ۾ لعلون وجهو ۽ انهن مٿان هڪ وچولو موتي ڏيو، موتيءَ مٿان ٽونئر پوئبو، هاڻي انهن ٽونئرن جي منهن ۾ پاسي سوراخ وارا ستارا وجهو ۽ لڪ ڳنڍيون، سئڙي تيار ٿي ويئي.

پٽيدار پوچ مان ڄاريدار پوچ وارو ساڳيو سامان ٺهندو آهي، پر ان هوندي به ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

مس ڪپين جو گول پٽو، مرلين جو پٽو ۽ پٽيدار سئڙيون.

***

 

شاعري

امين اڏيرائي

غزل

اندر ۾ منهنجي لڳي ٿو مون کي، متل ڪا هلچل اڃا آهي،

قرار ڪنهن پل نه آهي دل کي، جگر هي گهايل اڃا آهي.

 

نه ٿي پريشان تون اي مسافر سفر جي پرخار پيچرن کان،

انڌاريون راتيون ۽ هٿ ۾ ٻريل وفا جي مشعل اڃا به آهي.

 

ڪيو هو جنهن بهار رُت ۾ جلاوطن باغبان سان بلبل،

ڏٺم ويچاري غمن جي ماري چمن لئي پاڳل اڃا به آهي.

 

اکين مان تنهنجي ٿو ائين ڀاسي جيئن رنو تون به آهين دلبر،

اگهيا اٿئي لڙڪ پر لڳل ڪجهه ڳلن تي ڪجل اڃا به آهي.

 

خدا جي نالي پڇو نه مون کان هي درد جو داستان يارو،

پسڻ لئي آتو اداس من جو تيار بادل اڃا به آهي.

 

اوهان جون يادون ۽ چنڊ تارا رهن غم ۾ شريڪ مون سان،

اوهان جون راهون تڪيندي گهر جو هي در ته کـُـليل اڃا به آهي.

 

هتي وفائن جي کوٽ ناهي هتي جفائون به کوڙ آهن،

سخائي راءِ ڏياچ ڀي آ صدائي ٻيجل اڃا به آهي.

 

گـُـلن جو ٻهڪڻ ۽ تنهنجو مرڪڻ اڃان مقابل آ گلستان ۾

خبر نه ڪنهن جي ٿئي جيت ان ۾ "امين" ڦاٿل اڃا به آهي.

 

 

حفيظ فائز سومرو

غزل

جڏهن نه توکي ڏسندو آهيان،

پرين ڏاڍو سڪندو آهيان.

تنهنجي فرقت ۾ او سائين،

راتيان ڏينهان لڇندو آهيان.

تنهنجي واٽن تي مان ويهي،

واٽهڙن کان پڇندو آهيان.

توکي هر پل ساري ساري،

پورن ۾ پيو پچندو آهيان.

سندءِ سارن جي ساگر ۾،

ٻڏندي لڏندي بچندو آهيان.

توکي ساهن منجهه سمائي،

گيت سهانا لکندو آهيان.

پيڙا جي پاتار ۾ فائز!

ڳارائڻ ۾ ڳرندو آهيان.

 

 

 

 

پريم پتافي

غزل

رات ستارا جهومن ٿا،

مون سان سارا جهومن ٿا.

ٽي- وي تي ٿو گيت هلي،

۽ مون پارا جهومن ٿا.

هوءَ گهمي ٿي آڳر تي،

وار هي ڪارا جهومن ٿا.

لهرن ۾ ڪو شخص ٻڏو،

سمنڊ ڪنارا جهومن ٿا.

سوچيان ٿو ڪو گيت لکان،

لفظ ويچارا جهومن ٿا.

 

***

 

 

 

حبيب ساجد

تون ڪيڏو نه مصروف رهندي آهين،

توکي خبر ئي نه پوندي آهي.

ته هڪ شام ڪيئن صبح بڻجي وڃي ٿي.

۽ هڪ مکڙي ڪيئن گلاب بڻجي وڃي ٿي.

۽ هڪ دل ڪيئن خون خون ٿي وڃي ٿي، تنهنجي انتظار ۾.

۽ هڪ رات ڪيڏي، رني هئي، منهنجي تنهائي،

توکي بلڪل به احساس نٿو ٿئي،

ته مان هر منٽ جي هر سيڪنڊ ۾،

توکي ڪيڏو نه ياد ڪندو آهيان،

۽ ڪيئن پريس ڪندي،

استري ڪپڙن تي وساري ڇڏيندو آهيان،

۽ ڪيئن- توکي خط لکندي،

هڪ پورو عربي سمنڊ

منهنجن نيڻن مان ٽمي- ڪاغذ تي جمع ٿي ويندو آهي،

۽ ڪيئن- تنهنجو نانءُ وٺي،

هڪ صليب کڻندو آهيان- پنهنجي ڪلهن تي،

۽ ٽنگي ايندو آهيان پاڻکي،

تنهنجي گهر اڳيان-

تون بلڪل به ڄاڻي نه ٿي سگهين- پياري دوست،

مان ڪيڏو توکي مس ڪندو آهيان،

۽ ڪيڏي تون- مصروف رهندي آهين.

 

 

 

اعجاز جعفري

افسوس آ...!

 

هن مهانگائيءَ سان ڪري روز روز فائٽنگ،

فيصلو ڪيو ته زندگي ڀر ڪرڻي آ ڊائيٽنگ،

گهر واري کي رهيو ضد، ته ڪجي اڄ شاپنگ،

ڪيو انڪار ته ٿي وئي سڄي مـُـنهن جي ڊينٽنگ.

عاشق ڏسي، هن جي خط ۾ لکيل رائيٽنگ،

تصور ڪيو، ممڪن آ هجي اها ڪا نئين پينٽنگ،

بجليءَ جي بل تي لڳي آئي آهي نئين نوٽنگ،

ٽي هفتا ته هن ڀيري ڪٽيل رهي آهي لائيٽنگ.

ڪڏهن ٿي نه سگهندي هن مهانگائي سان سيٽنگ،

فيصلو ڪيو آ ته قبر ۾ ڪبي آخري آئوٽنگ.

 

***

 

"تبسم" شوڪت

غزل

ڪينجهر ۾ ڪشتي ته ڏس،

مهراڻ ۾ مستي ته ڏس.

توکي چنڊ بڻايو جنهن،

قدرت جي هستي ته ڏس.

مان مسافر پيارجو راهي،

منهنجي پيار پرستي ته ڏس.

پيار تنهنجي ۾ سڀ ڪجهه لڳايو،

نوٽن جي دستي ته ڏس.

ڇا تنهنجا محل محلات "تبسم"،

ڪجهه"ڪنڀر" جي بستي ته ڏس.

 

***

 

 

ممتاز سراج عباسي

غزل

سک لئه هاڻي ڪي صدائون ناهن،

سنگدل تو ۾ جو رهيون وفائون ناهن.

وک وک تي تو ستايو آهي مون کي،

ڀلا ٻڌاءِ ڇا اهي جفائون ناهن؟

سندر سپنن کان وحشت ڇو نه لڳي؟

منهنجي سندر سپنن جون ساڀيائون ناهن.

پنهنجي منزل لئه جاکوڙيندس پيو هميشه،

تيز طوفانن اڳيان جهڪڻيون ڪويتائون ناهن.

لوڪ سڄو سـُـکيو سمجهي ٿو مون کي،

پر ڪنهن ٻڌيون منهنجون دانهون ناهن.

"سراج" لڙڪ هاري ڳل نه پساءِ پنهنجا،

هميشه بي اثر ٿينديون هي دعائون ناهن.

 

 

***

 

غلام محمد غازي

غزل

زندگي گذري ٿي پيئي تو سوا،

جيئن ٽانڊاڻو ڪو ٽمڪي رات ۾،

تو سوا اهڙو تو ڀانيان پاڻ کي،

جيئن جهڳو ڪنهن جو جهري برسات ۾،

نقش تنهنجي ياد جا سڀ ڌنڌلا،

ٿا لڳن پوري پرين ڪائنات ۾.

ڪين مون اهڙي ڏٺي ڪا مهه لقا،

جا ڏٺي مون سونهن تنهنجيءَ ذات ۾.

ڇا ته مٺڙا ٻول ٿو ٻولين پيو،

ڄڻ ته ٻولن ٿا پکي پرڀات ۾.

ڏينهن ٿا گذرن ڏکن ۾ ڇا چوان،

هر گهڙي هر رات تنهنجي تات ۾،

مون کي غازي لطف ڪو ناهي مليو،

جهڙو هوندو آهي تنهنجي مات ۾.

 

***

 

عادل عباسي

غزل

ڌرتيءَ ۾ دوستيءَ جي روشني،

ڄڻ ته رڻ ۾ زندگيءَ جي روشني.

ها! ڏکن ۾ ڀي ڦٽن رابيل ٿا،

جي ملي ٿي ڪا خوشيءَ جي روشني.

ميڪ- اپ کان ڪيتري آهي اُتم،

سونهن ۾ ڪا سادگيءَ جي روشني.

اُڀ- جوڀن، چنڊ- عاشق ٿو لڳي،

چاندني ڄڻ عاشقيءَ جي روشني.

سونهن تنهنجيءَ جا اکين تي اولڙا.

عڪس تنهنجو آرسيءَ جي روشني.

چنڊ، روشندان مان مــُـرڪي ڏٺو،

مون جهٽي پئي سانوريءَ جي روشني.

ٻاٽ ۾ جا لاٽ ٿي عادل ٻري،

سا ته منهنجي شاعريءَ جي روشني.

 

***

 

شيخ فرازي

غزل

هوءَ مري وئي ساڙ ۾،

هو مري ويو تاڙ ۾.

سونهن جو ۽ پيار جو،

ڪال ڪونهي لاڙ ۾.

ڳوهجان اٽي جيان ٿو،

جاڳ ۾ ۽ جاڙ ۾.

جا ڪئي هئي وقت مون تي،

دل ٽٽي، اُن واڙ ۾.

عشق واري مهڪ جاني!

ڪيئن لڪندي واڙ ۾.

لوڪ جي آڏو فرازي!

آ ملئون ڪنهن آڙ ۾.

***

 

شمن صابر

غزل

دوستي توسان ڪئي، جڳ دشمن جان ٿي ويو،

زندگي دشوار ٿي وئي، موت آسان ٿي ويو.

ڇا اهو انصاف آه، ڪو ڪري ۽ ڪو ڀري؟

هئي نگاهن جي خطا ۽ سينو ويران ٿي ويو.

واقعي ڪڏهن لڪي سگهندو آه عشق و مشڪ،

جو گهڻو مخفي رکيم سو راز افشان ٿي ويو.

دوستو! هي ضد ڏسو، جو پنهنجي مذهب کي ڇڏي،

مان ٿيس ڪافر ته هو ڪافر مسلمان ٿي ويو.

شمس اُن جي لئه حقيقت ۾ اهو معراج آ،

آدمي ڪوئي اگر، دنيا ۾ انسان ٿي ويو.

 

 

 

***

 

سميع ڪنڌر

وائي

ڪيڏو آ اڻ ڄاڻ، منهنجي من جو ماڻهو.

 

هڪڙي گوري گجر کي،

ارپي آيو پاڻ، منهنجي من جو ماڻهو.

سڏڪي ساري رات ۾،

روئي ٿو ڇاڪاڻ، منهنجي من جو ماڻهو.

هاڻي ريجهي ويو آ،

دوست درد ساڻ، منهنجي من جو ماڻهو.

ڪيڏو آ اڻ ڄاڻ، منهنجي من جو ماڻهو.

 

 

***

غلام مصطفيٰ مشتاق

غزل

گيتن ۾ ٿو کولين ويٺو ڏاڍا تون اسرار نوان،

لفظن جا ٿو خلقين هر دم ڪيڏا تون شهڪار نوان.

درد- محبت ٿيندو ڇاهي، ويهي ڪجهه تون سوچ ذرا،

گلڙن جي ٿا ڇا لئه پلجن دامن ۾ هي خار نوان.

ساوڻ جي وسڪاري ۾ ڇو هر ڪو جهومي ڳائي ٿو،

جذبن جي ڪا جوت جلي ٿي، وٺجن جي اقرار نوان.

شهر سڄي ۾ ڪوئي ناهي ڪنهن جو محرم حال هتي،

تڙپن ويٺا گلي گلي ۾ ڪيڏا ٿا بيمار نوان.

ڪاڏي ويو انصاف اُڏامي، منصف خود حيران ٿيو،

پيدا ٿي پيا تڏهن آهن، گهر گهر ۾ تڪرار نوان.

سوچڻ خاطر ڪوئي ناهي ليڊر ڪو تيار هتي،

قومن پنهنجي جاڳرتا لئه، ٺاهيا هن معيار نوان.

ڪهڙي ڪئي ٿي خدمت هي ته ذرا مشتاق ٻڌا”،

شهرت خاطر جوڙين ويٺو، هيڏا ٿو اشعار نوان.

 

***

 

مشتاق گبول

وائي

ڀانيان ٿو آئي هوندي،

سيج رستن تي جو، پيرا ڀڻڪن ٿا پيا

هوءَ ٿا ٻڙ جي آئي ٿي،

آئون ڏسان پيو، پيرا ڀڻڪن ٿا پيا-

هـُـتان هلي وئي آهي،

ڏس! او هو پيچرو، پيرا ڀڻڪن ٿا پيا.

ڇا لاءِ آئي هوندي!

موٽي وئي آ ڇو؟ پيرا ڀڻڪن ٿا پيا-

 

***

 

نادر

جياپي جو نظم

 

جڏهن ڀي ستارن جو سنگم ٿئي،

ڪو چندرما ساگر کي هر هر چـُـمي،

۽ پايل جي آواز تي دل نچي،

تڏهن دل جي ڌڙڪن کي آهستي رکجو،

پيارن کي پنهنجي وساري نه ڇڏجو.

اُهي چنڊ راتين جون ڪي حسرتون،

۽ ساحل چنڊ تي گذري ويل ساعتون،

اوهان ڏانهن اچڻ جي کڻي قربتون،

تڏهن گيت ڪوئي وفا جو ته چئجو،

پيارن کي پنهنجي وساري نه ڇڏجو.

جڏهن ڀي گهٽا ڪائي گهنگور برسي،

بوندن جي مالها تي هر ڪوئي خوش ٿي،

۽ رنگين يادن جي رم جهم ڦهلجي،

جڏهن لڙڪ خوشين جا هاري نه ڇڏجو،

پيارن کي پنهنجي وساري نه ڇڏجو.

جڏهن رات ڪاري لڳي رُڃ ڪائي،

۽ دردن جي چوڏس وڄي ڪائي جهانئي،

انڌيرن ۾ ڀٽڪي جڏهن ڪا سهائي،

تڏهن آس هرڪا مٽائي، نه ڇڏجو.

پيارن کي پنهنجي وساري نه ڇڏجو.

جڏهن ڀي ملن جي ڪا هولي رَچي،

ڪورن ڪا ڳورن تي ڪا ڪوتا اچي،

۽ مڏ جي ڳرن پيالن سان محفل مچي،

تڏهن دل تان ڪنهن کي هٽائي نه ڇڏجو،

پيارن کي پنهنجي وساري نه ڇڏجو.

جڏهن ڀي ڪا شبنم گلن تي وسي،

۽ ڇيرن جي ڇم ڇم تي ديوي نچي،

وفائن جو نغمو جي ڪويل چوي،

تڏهن چاهتن جا ڪي سر ڇيڙجو،

پيارن کي پنهنجي وساري نه ڇڏجو.

جڏهن ڀي صليبن تي سچ کي ڏسو جي،

منصور- هيمون ۽ سرمد پسو جي،

سـُـڪل ٺوٺ چهرا وري ڪي ڏسو جي،

تڏهن نعرا حق جا توهان ڀي ته هڻجو،

پيارن کي پنهنجي وساري نه ڇڏجو.

جڏهن ڀي ادائن جي بجلي ڪا ڪڙڪي،

۽ محبوب ڀاڪر اوهان جي ۾ ڇرڪي،

ڪڏهن ٿورو روئي ڪڏهن ٿورو مـُـرڪي،

تڏهن نيڻ پنهنجا وڇائي ته ڇڏجو،

پيارن کي پنهنجي وساري نه ڇڏجو.

جڏهن آشا ڪائي نراشا سان سنگ ٿئي،

جياپي جي جهولي توهان لاءِ تنگ ٿئي،

۽ قاتل اوهان لاءِ ڪائي اُمنگ ٿئي،

تڏهن سوچ جو ڏيئو ٻاري ته رکجو،

پيارن کي پنهنجي وساري نه ڇڏجو.

جڏهن ڪائي ناري ته چرخي کي گهيڙي،

جڏهن مورني ناچ لئه پر پکيڙي،

جڏهن ڪو ڀٽائيءَ جي راڳن کي ڇيڙي،

تڏهن پاڻ کي ٿورو پرکي ته ڏسجو،

پيارن کي پنهنجي وساري نه ڇڏجو.

 

 

***

 

 

معصوم بخاري

ڏيڍوڻا

خواب ساڀيان ٿيو،

هوءَ اچي ٿي پئي، ڦول! آجيان ٿو.

رنگ سهڻو لڳو،

چاڪيليٽي سکي، چاڪليٽي وڳو.

مون تي الزام آ،

منهنجي چپ تي، نه آيو اڃان جام آ.

ائين ادائون نه ڪر،

منهنجو گهر آ ڪچو، تون گهٽائون نه ڪر.

سانوري! سيج تي، سانورو ڪيئن لڳئي؟

ڇانورو ڪيئن لڳئي؟

رنگ آڪاس جو.

سج ڄڻ ڪو ننگو، انگ آڪاس جو،

اک جهڪائي وئينءَ.

پنهنجي پوتي ڏئي، ڇا لڪائي وئين؟

نم موريءَ مٿان.

منهنجو ائين ٿو جهلي، چاهه ڇوريءَ مٿان،

ٻن پهاڙن مٿان،

ويڙهه پوتي ڪري، انگ اُگهاڙن مٿان.

***

 

عاشق ڪلهوڙو

سرائڪي ڪلام

 

مئڏي دلڙي ٽوڙين نا، يار اڪيلا ڇوڙين نا.

اکيان ويکڻ کيتي آتيان، ول وک ٻيٺا، پاوان جهاتيان،

سانول منهڙا موڙين نا.

هر دم تئي ياد ستاوي، اکيان ڪون آرام نه آوي،

ماس هڏان تون روڙين نا.

تئڏي جدائي وچ مرويسان، درد ديان ڪنهن ڪون دانهان ڏيسان،

سيني ڪات اي کوڙين نا.

ياري لاوين توڙ نڀاوين، عاشق دي تون دل پرڀا وين،

آس دي ٻيڙي ٻوڙين نا.

 

***

منظور قادر

چئوسٽا

ڪيو ٿا پيار ۽ لڪايو ٿا مـُـرڪون،

اوهان جون ادائون ڀلا ڪير سمجهي،

ملڻ کان روڪي پنهنجي منهن ٿا سڏڪو،

اوهان جون وفائون ڀلا ڪير سمجهي!

 

چڙهي چنڊ آيو آ سانئڻ!

اوهان اچڻ ۾ ڪئي دير ڇو آ،

خيالن جي لـَـتڙَ ۾ چيڀاٽجان ٿو،

اوهان ڇو ڀلا لاتي ايڏي دير ڇو آ.

 

اوهان جي اکين ۾ رکيل ڇاهي ساقي،

پياريو نه پياريو اوهان جي آ مرضي،

چڙهن خمار ساڳيا ٿا اوهان کي ڏسندي،

جياريو يا ماريو اوهان جي آ مرضي..

 

نه آسمان مان تارا لاهڻ جي ڳالهه ڪئي اٿم!

نه ئي برغلائڻ وڃائڻ جي ڳالهه ڪئي اٿم،

بس هيءَ دل جي صدا آ يا آرزو کڻي سمجهو،

اوهان سان زندگي گذارڻ جي ڳالهه ڪئي اٿم!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com