سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :5

 

شاعري

طارق عالم

هائيڪا

ڏس بادل جي ٽور،

پل ۾ رڇ، پل ۾ ڪتو،

پل ۾ ڊائنا سور،

*

پپر، نم سرنهن،

گهٽا ڏسي گهنگهور چونٽ

موٽي آيا مينهن

*

جوڳيءَ گيڙو ويس

مرلي، والو گودڙي

پٻن هيٺان ديس.

*

هي جو ننڍڙو ٻارُ

ڪل نه جنهن کي ڪالهه

پوندس ڪيڏو بارُ

*

هي جو ننڍڙو ٻارُ

ردي ميڙي ڍير تان

مسقبل جو معمار

*

هيءُ تنهنجي مان مان

ماٺ مٺي ماحول ۾

ڏيڏر جي ٽان ٽان

*

سمجهون سڀڪي ٿا

بس ڪنهن جي خاطر

ڪڇون پڇون نه ٿا.

 

شهيد احمد خان آصف

غزل

 

ڪلجڳ آهي، ٽيڙهو ٽاڻو
ڪانهي مومل ڪونهي راڻو

 

دور ترقي آهي ليڪن،
نفس ٽڙيو روح آ ڪو ماڻو

 

جائز ناجائز ڪجهه ناهي،
ڇا به هجي پر گڏ ٿئي ناڻو.

 

امن و امان ۾ پيڙ پئي آه
ظلم جوهر جا چالو گهاڻو.

 

جنت ۾ حورون ٿيون ڳائن
سنڌي لولي ۽ اوراڻو

 

سنڌي ٻولي فهم فضليت
انڌو حافظ، ڪاڻو راڻو.

 

آصف: تنهنجا نڪتا آهن
اونداهيءَ ۾ ڄڻ ٽانڊاڻو.

 

 

”خادم“ نياز ارباب

حيرت

مون انسانيت جي ڪتاب

جو ايڏو مطالعو

ڪيو آهي، جو منهنجن نيڻن

جون دريون بند ٿي ويون

آهن

منهنجي ذهن جي ڪمري ۾

ٻاٽ اوندهه جو وات ڦاٽل

آهي!

 

آثم ناٿن شاهي

دوها

 

وچولي جون وينگسون، لال گلابي لڱ،
ٻه ٻه چوٽيون چوٽ تي، جهڙا هرڻين سڱ.
وچولي جون عورتون، کوهين تي کوڙي،
هڪ هڪ گهڙو چيلهه تي سينڌ مٿان جوڙي،
وچولي جون ڇوڪريون، سڄر ساماڻيون،
ڪاريون/ سرمائي اکيون تير هڻن، تاڻيون،
منجهند ويلي، ميل جون مايون کيتن ۾.
ڀٽ ڌڻيءَ جون سورميون ڳايل بيتن ۾،
سائي سائي رنگ ڀري ميهڙ جي ميندي،
ڄڻ مڱڻي جي ويس ۾ ڪنهن جي مڱيندي.
سنهڙي ڪنهن سوڍي مڪي کيت منجهان کاري
خيرپور جا ڦاروا کاڌي مکياري،
سنڌ ته سڄي سونُ پَر، ميل علاقو منُ
ٻالپڻو ٻهڪي هتي، جرڪي پيو جوڀن!

 

*-------*-----*

 

 

 

لطيف اياز پنهور

بيت

 

سج رهج ساهه سان، برسن پيا پيادل،
انگ انگ آهن آڳ اُلا، ڳاڙهي ٿي ويا ڳل
ڇهاءُ جو ڪوئي ڇيهه نه آ، آهي عشق آجهل
هاءِ وڇوڙو ابدي آهي، جهل هيءُ پيارو پلَ
ڀيڄ – ڀني مهل چهٽيل رهجان چاهه مان.

 

 

 

بخشڻ  مهراڻوي

محض فيشن طور

تون، هميشه دوستيون،

موسمن۽ هوائن جيان،

مٽائيندي ٿي رهين.

تو وٽ،

روز نئين ميڪ اپ جي ڳڻتي کان وٺي،

نون وڳن،

۽ نئين فيشن جي فڪر تائين

هڪ پل به فرصت ڪٿي آهي،

جو اسان لئه سوچين.

اسان کي ياد ڪرين،

تو وٽ ته جواني جو تخت گاهه آهي

۽ بي  پرواهه بادشاهه جيان،

تو ڇا ڄاڻين،

ته رعايا ڪهڙي حال ۾ آهي.

توکي ته فقط

تنهنجي سونهن جي رياست لاءِ،

ڪارون ۽ بنگلا کپن،

۽ اسين ڪنگلا،

توکي ڇا ٿا ڏئي سگهون،

اسان ته،

پيار جي پراچين سڪا آهيون،

جيڪي تنهنجي بادشاهت ۾،

ڪنهن ميوزيم جو حصو  آهيون،

جن کي فقط تون،

ڪنهن موڪل واري ڏينهن تي،

محض فيشن طور،

ڏسڻ ايندي آهين!!

 

 

 

 

سلميٰ پنهور

غزل

 

سج لٿو آ، سانجهي ٿي، لٿا هن دل تان بار،
ٿڌڙي هير سان دل تي  ڇانئي، ساجن تنهنجي سار،
منهنجا سارا خواب ٽٽي پيا، ڪانچ جي چوڙين جيان،
رهجي پيا، بس رنگ  هٿن تي پوپٽ جيان هو پيار،
ساڳيا ماڻهو، ساڳي منزل، وقت صرف بدليو،
ڪيڏا پنڌ پڇائي پهتس، جڏهن تنهنجي پار،
سالن کان تصوير جا منهنجي دل تي رهندي آ،
ڪيئن نه آسانيءَ سان چوين ٿو تنهن کي تون اتار،
هيل به برکا رت آئي ۽ هيل به آئي بهار،
مان ته خزان جي موسم آهيان، نه ڪندس هٻڪار،
پيار ڪرين ٿي، پوءِ به چري تون پٿر کان گهٻرائين
ماڻهن جا ڪجهه لفظ ئي ڪندا هن دلڙين  کي سنگسار.

 

 

 

 

فياض  چنڊ ڪليري

ڇو نه ٿي پنهنجو ڪرين!

 

شاعري!

تون برف وانگر ڇو نه ٿي مون تي وسين،

مان ازل کان

عشق جي آڙاهه ۾ جلندو رهيو هان،

پاڻ پنهنجو پاڻ کان ڀڄندو رهيو هان

ڇو  نه منهنجيءَ چيچ مان مون کي جهلي

ماءُ جهڙي هنج ۾ تون جاءِ ڏين ٿي،

شاعري!

تون پيار بڻجي، ڇو نه ٿي مون کي ڇهين،

مان پرينءَ جي شهر کان ڏاڍو پري

سانت جي چادر ڍڪي

درد جي ڪنهن زهر جهڙي پيگ مان

ياد کي ڍڪ  ڍڪ ڪري  پيئندو رهان ٿو.

تهمتن جي شهر ۾ جيئندو رهان ٿو،

ساڀيان جو  ساهه بڻجي ڇو نه ٿي مون ۾ گهلين،

شاعري!

تون شور بڻجي،

ڪو نه ٽٽندڙ زور بڻجي

زندگيءَ جي سانت سان،

ڇو نه ٿي الجهي پوين؟

وقت جو ڇڙواڳ گهوڙو،

روز مون کي ٿو ڪري تنها ڇڏي

تنهن جي ٿرندڙ ڇال ۾

ڇو نه ٿي ڏانوڻ وجهين؟

شاعري!

تون نيڻ بڻجي،

ڇو نه ٿي مون کي  ڏسين!

مان  ڏسائن کان،

بنهه ئي بي صبر ٿيندو وڃان ٿو،

مان، جو ڪنهن جي نظر کان،

ڄڻ ته ترڪي هان ويو.

پو ڀي هوءَ روز مون ۾

ڪنهن ٿڌي چشمي جيان،

روح جي پاتال تائين؟

خود بخود لهندي وڃي ٿي

پر هجر جي لامڪان ديوار هڪڙي

ٻن دلين جي درميان ٺهندي وڃي ٿي،

ڪيستائين هي نهارون

واءُ جو پيڇو ڪنديون؟

ڪيستائين آئون آئيني اڳيان

پاڻ کي پنهنجو چوان

ڇو نه ٿي مون کي سڏين!

ڇو ن ٿي پنهنجو ڪرين!

شاعري! او شاعري!

 

ماڻڪ ملاح

غزل

 

چانڊوڪيءَ جو چور ٿو سڏجان،
چاهت منجهه چڪور ٿو سڏجان.
من تي مونجها، تنهنجي رسڻ جا،
سوچن جو شهزور ٿو سڏجان،
تنهنجي آڏو سر جهڪايم،
پنهنجن ۾ ڪمزور ٿو سڏجان
سڀ ڪو سمجهڻ کان ٿيو قاصر
ڏٺ تي ٻڌل ڏور ٿو سڏجان،
توريءَ ماڻڪ سڀ سلامي
آءُ ڦٽل ڀنڀور ٿو سڏجان.

 

 

زوار نقوي

نثري نظم

تنهنجا سنهري وار،

منهنجن هٿن جي آڱرين ۾،

ائين وکريل هن

ڄڻ، زندگيءَ جي ڪينواس تي،

رابيل جا گل ٽريل هن!

 

قلب سومرو

پنجڪڙا

 

محبت جو مينار اڏي وڃجي،
پنهنجائپ جي پرچار هجي جنهن ۾
مڃتا جي مهڪار هجي جنهن ۾
سو قربائتو ڪردار ڇڏي وڃجي
محبت جو مينار اڏي وڃجي.
پاپي آن ته ڇا ٿيو، معافي ملندئي
پر ڪنهن جي دل آزاري نه ڪر،
دل ته آهي ڌڻيءَ جو گهر
توکي ماڻهن ۾ ئي شافي ملندئي
پاپي آن ته ڇا ٿيو، معافي ملندئي.
منهنجي گيت کي اهڙو آواز کپي
جو گونجي ته ٻوڙا به ٻڌن
جو ٻڏجي ته ڳوڙها به وهن
سرور ۽ سوز ڀريو ساز کپي،
منهنجي گيت کي اهڙو آواز کپي
اي موت آ توتي ميار
جن کي دنيا جا دور اڃا ڏسڻا ها
جن جي مرڪن سان ڏک ڏرڻا ها
سي پڻ گهٽين ٿو تون معصوم ٻار
اي موت آ توتي ميار
ٿو ڏکندي ڏينهڙا گهاريان
بسنت رت ۾ اڪيلو مان
سڙيل ڄڻ ڪو ٻيلو مان
بس توکي ئي ويٺو ساريان
ٿو ڏکندي ڏينهڙا گهاريان

 

 

آغا سجاد زائر

غزل

بي وسي توکي سڏي ٿي،
۽ خوشي توکي سڏي ٿي.
رات ٿي توکي پڪاري
روشني توکي سڏي ٿي.
جا کٽي منهنجي اڱڻ تي،
سا گهٽي توکي سڏي ٿي.
دربدر ڀٽڪي رلي ٿي،
زندگي توکي سڏي ٿي،
مان جڏهن سامهون وڃان ٿو.
آرسي توکي سڏي ٿي.
ٿو لڪي زائر انا ۾،
بي رخي توکي  سڏي ٿي.

 

وشال

وائي

 

روئي چوڙيون ٽوڙي،
سڏڪي سڳيون ڇوڙي،

 

ور جو لاش ڏسي!

 

ڪنهن هنئين گولي هن کي؟
هيڏي هوڏي ڊوڙي

 

ور جو لاش ڏسي!

 

بي خوديءَ، بي وسيءَ مان،
سڏي اوڙي پاڙي

 

ور جو لاش  ڏسي!

 

پٽ تي پاڻ ڇڏي چئي،
اٿ کڻي تون اوڙي

 

ور جو لاش ڏسي!

 

ٻچڙا سيني لائي،
خواب جيئڻ جا جوڙي

 

ور جو لاش  ڏسي!

 

 

 

 

محمد بشير ٻٽ

آخر ڇو؟

منهنجا بابا، منهنجي امڙ!

منهنجي جنم  تي

توهان جين اکين ۾، شرم ۽ ندامت جا لڙڪ ڇو؟

پر ڀاءُ جي ڄمڻ تي فخر ۽ خوشيءَ جي مرڪ ڇو؟

منهنجا بابا، منهنجي امڙ،

منهنجي جنم تي!

ڏک جو شوڪارو ڇو؟

ڀاءُ جي جنم تي شهپرن کي تاءُ ڇو؟

منهنجا بابا، منهنجي امڙ!

منهنجي جنم تي

ڪنڌ کي لڙڪائڻ ڇو؟

پر ڀاءُ جي جنم تي ڳيچ خوشيءَ جا ڳائڻ ڇو؟

منهنجا بابا، منهنجي امڙ!

آءُ گهر تي بار، اوهان لئه آزار ڇو؟

پر ڀاءُ دل جو ٺار، هينئين جو هار، ڇو؟

منهنجا بابا، منهنجي امڙ!

مون لاءِ لوڙها، ڪوٽ چوڌاري ڇو؟

۽ڀاءُ لاءِ دنيا ساري ڇو؟

منهنجا بابا منهنجي امڙ!

آءُ ساري ڄمار لاچار بيڪس بي وس ۽ بي اختيار ڇو؟

۽ ڀاءُ حاڪم ۽ با اختيار ڇو؟

منهنجا بابا، منهنجي امڙ

آخر ڇو؟

 

مشتاق بخاري

آزاد نظم

مجبوري آ

تو سان ملڻ به

مجبوريءَ هئي

۽ هينئر دور رهڻ به

مجبوري آ

توکان  جو دوري آ

منهنجي مجبوري آ

۽ دل جي

هر تمنا اڻ پوري آ،

ڄڻ زندگي به

اڌوري آ

وک وک تي تنها

مان ۽ مون سان ڪا

مجبوري آ،

پوءِ به

تنهنجي لاءِ،

مجبورين جو زهر  پيئڻ،

۽ تولاءِ جيئڻ

ضروي آ،

مجبوري آ!

 

اشرف علي حسرت

غزل

عجب يار آهي ادائن جي دنيا،
حجابن جي دنيا، حيائن جي  دنيا.

 

الائي انهن جي اکين منجهه ڇاهي،
اندر مان اٿيو پئي صدائن جي دنيا.

 

اسان سان مرڪي جڏهن ملن ٿا،
مريو ڄڻ وڃي ٿي، ميارن جي دنيا.

 

هر پل هر گهڙي انهن کان سواءِ،
لڳي ٿو سارو عذابن جي دنيا.

 

محبوب جي هڪ جلوي پسڻ لئه،
جلندي رهي ٿي قرارن جي دنيا.

 

اصغر علي سنڌي

غزل

 

گهايل گهٽائون ڇڏيون ٿا وڃون،
رٺل هوائون ڇڏيون ٿا وڃون.
برکا، ستارا، چانڊوڪيون نظارا،
رئندڙ ڪٿائون، ڇڏيون ٿا وڃون.
اوهين جيئن اڪيلا نه ٿيو پرين،
ڪجليون وفائون ڇڏيون ٿا وڃون.
اوهان سان گڏجي هلنديون پيون،
گسن ۾ نگاهون  ڇڏيون ٿا وڃون.
اوهين مرڪو مهڪو سدائين جيئو،
اهي ئي دعائون ڇڏيون ٿا وڃون.

 

 

 

فقير لعل محمد  جمالي

غزل

منهنجو پوڙهي سان ٿيو پنارو،
رلي زندگي ٿيو، جيون ڏکارو.
مور نه ٿي قبوليم هن مڙهه کي،
مون تي مائٽن ڪيو مارو.
نه ڏهڻ جو نه ڪهڻ جو،
وڌيڪ ڪڇڻ آهي منهن ڪارو.
سو اندر جا ويٺي سڻايان،
ٻيو ته نه اٿم ڪو ئي چارو.
هي ظلم اسان سان ڪيسين رهندو،
ڪيسن ٽرندو لکيو رسمن وارو!

 

 

 

  خط

مان واري ادي.

توهان جي مهرباني جو، منهنجا ترجمو ٿيل نظم ”سرتيون“ ۾ هلايو ٿيون، هڪ ڪهاڻي (ترجمو) موڪلي رهي آهيان انهي اميد سان ته پسند ايندي ۽ شايع ڪنديون.

امام راشدي

 

 

محترمه ڀيڻ،

تتل واريءَ سندي ڀٽن ۽ پارڪر جي پٿريلي ڌرتي جي سنگم  ماڳ ويرا واهه ننگرپارڪر  ڪارونجهر جي هنج ۾ اڃايل وادي ۾ سرتيون بوند بنجي مليون، روح جون سڀئي ريکائون رچيل ڀانيم، اوهان جي محنت ۽ ڪاوش کي جس آ، مئنيجر صاحب کي لکيو اٿم من ٽپال رستي هر مهيني پرچا اماڻي!

آس جو آئينو اکين سان ملائي پنهنجون لکڻيون اماڻيان پيو، همت افزائي ڪندا، مايوسيءَ کان بچائي آئنده لکڻ جي سگهه بخشيندا: مهرباني

رعايت  ڪپري، ويرا واهه ننگرپارڪر

 

محترمه ايڊيٽر!

هن ڀير وارو ”سرتيون“ نظرن جي سامهون آهي جنهن ۾ کوڙ ساري سٺي مواد سان گڏ منهنجو مضمون به شامل آهي. جنهن کي پڙهي بيحد خوشي ٿي، خطن جي سلسلي ۾ هڪ فاش ٿيل راز پڙهيم، جنهن تي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ اهو  محسوس ٿيو ته اڃا سچ  چوڻ وارا ماڻهو هن دنيا ۾ موجود آهن، ادي ان راز تان وڌيڪ مان ٿو چادر هٽايان واقعي اها صحيح ڳالهه آهي  ته 95 ۾ مئي واري شماري ۾ منهنجو هڪ غزل ڇپيو هو جنهن جا بند هي هئا:

جيون ٽٽل ڪنهن ٽاريءَ جيئن،
ڄڻ ٿر جي سڪل واري جيئن،
نيڻ ۽ جذبا خاموش منهنجا،
مظلوم نماڻي ڪنهن ناريءَ جيئن

 

اهو منهنجو غزل امر اوڏ نالي دوست بلڪل ڪاپي ڪري ڪجهه وقت اڳ سرتيون ۾ ڇپرايو هو، جڏهن اهو غزل سامهون آيو ته پهريان ته ڏاڍي کل آئي، سوچيم ته ان ڳالهه تي، قلم کڻان، پر اهو سوچي قلم نه کڻي سگهيس ته اجايو بحث ڇڙندو، جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو، پر انهن دوستن نالي آدم لاشاري، ۽ داد لغاري وارن انهي راز تان پردو هٽايو آهي، جنهن ڪري مان انهن جو نهايت ٿورائتو آهيان.

ادي حقيقت ۾ ته ڪنهن به ننڍي توڙي وڏي شاعر جا خيال چورائڻ يا انهن جي ڪاپي ڪرڻ مان سمجهان ٿو ته اهو صحيح ناهي.

ستار سومرو سعيد آباد

 

 

محترمه ايڊيٽر صاحبه!

هن کان اڳ به هڪ لفافو ارسال ڪري چڪو آهيان، جنهن  ۾ هڪ مضمون ”سنڌي ادب ۾ قلمڪار عورتن جو ڪردار“ ۽  ڪجهه نڪور شاعري موڪلي اٿم، مون ان مضمون ۾ ڪنهن حد تائين قلمڪار عورتن جا نالا شامل ڪرڻ جي  ڪوشش ڪئي آهي. انهي باوجود به ڪي قلمڪار عورتون مون کان رهجي ويون آهن،  جن جا نالا آءُ نه ڏئي سگهيو آهيان. اوهان پنهنجي وسيع مطالعي جو ثبوت ڏيندي ان تحقيقي مضمون کي جامع ڪري انهن قلمڪار عورتن، (جن جا نالا نه آهن) تصويرن سان اهو سرتيون ۾ شامل ڪندا ته اوهان سان اڳتي لاءِ به ساڳيو ئي سهڪار رهندو، اوهان جي ڪهاڻي نمبر مون پڙهيو هو، جنهن ۾ اوهان اعلان ڪيو هو ته هاڻي ”شاعري نمبر“ ڪڍيو ويندو پر آءُ ڪجهه مصروف هيس، جنهن سبب شاعري نمبر لاءِ پنهنجي شاعري موڪلي نه سگهيس، هاڻي پنهنجي ۽ هڪ دوست جي شاعري موڪلي رهيو آهيان، ان اميد سان ته نااميد نه ڪندا.

غلام مصطفيٰ سولنگي، ڀان سيد آباد

 

محترمه ايڊيٽر!

پرچي ۾ محرم الحرام جي حوالي سان تحرير سٺي هئي، شاهه سائين جي ڪلام جي حوالي سان جائزو معياري  رهيو، ڪرم سنڌي جي ڪهاڻي درد پکي جيان هئي، باقي ناول ۾ ڪابه پختگي نه آهي. بند ڪري ڇڏيندا. شبنم گل جي ڪتاب جو تبصرو سٺو هو. فهميده سحرش ۽ ايوب کوسي جي شاعري معياري هئي. آءُ پنهنجو هڪ غزل اماڻي رهيو آهيان، اوهان مون ننڍڙي اديب جي همت افزائي ڪندا ته مهرباني.

اصغر علي سنڌي، جهڏو

 

 

جواب: محترم ڀاءُ رسالي پسند ڪرڻ لاءِ لک لائق، ناول بابت اوهان جي تجويز نوٽ ڪئي آهي، ڪوشش ڪنداسين ته اوهان کي سٺي  کان سٺو مواد پڙهڻ لاءِ ڏيون.

 

مان واري ڀيڻ!

”سرتيون“ رسالو پڙهي اهو احساس پيدا ٿيو ته  پنهنجي معاشري مان براين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه ٿي رهيو آهي. ”سرتيون“ رسالو ڏاڍو پسند آيو ۽ ان جو شدت سان انتظار رهندو. ”سرتيون“ مواد جي لحاظ کان بهترين ۽ ڪامياب رسالو آهي ۽ اميد ته ان ڳالهه کي برقرار رکندا. مون به ڪجهه ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ انشاالله تمام جلد ڪهاڻين جو مجموعو ڇپجي پڌرو ٿيندو مان  پنهنجي اها ڪهاڻي توهان ڏانهن موڪلي رهيو آهيان، جيڪا قلم  جي مدد سان پني تي لکي ۽ مون سمجهيو ته اها ڪهاڻي شايد ”سرتيون“ رسالي لاءِ بهتر رهي. هي رسالو شايد اهو رسالو آهي جنهن لاءِ مان پنهنجي پهرين ڪهاڻي لکي موڪلي رهيو آهيان. اميد ته اسان جي جذبن ۽ احساسن جو قدر ڪندي همت افزائي ڪندا.

محمد خان تونيه، لاڙڪاڻو

 

محترمه ايڊيٽر!

ادي  اوهان جو مئي 96ع وارو پرچو مليو، بلڪل ٺيڪ لڳو،  وڌيڪ ڪهڙي تعريف ڪريان، باقي هي چوٿون پرچو آهي جو منهنجو مواد ڪونهي، حالانڪه اوهان وٽ پهتل آهي، بهرحال هي تازو نظم  پيو اماڻيا، مهرباني ڪري شايع ڪندا.

حاڪم گل مهر، شڪارپور

 

مانواري ايڊيٽر!

”سرتيون“ پڙهيم تمام گهڻو وڻيو، اصل ۾ هي رسالو سنڌي ڀينرن لاءِ امله ماڻڪ آهي، پنهنجي ڪهاڻي ارسال ڪريان پيو، اميد اٿم ته شايع ڪنديون.

عبدالخالق سنديلو، ٽنڊوڄام

 

مان واري ڀيڻ

”سرتيون“ جو تسلسل سان نڪرڻ ۽ سٺو مواد سهيڙڻ سٺي وک جي عڪاسي ڪري ٿو، شال اهو سفر ائين جاري رهي، ۽ سڦل ٿئي، مئي شماري ۾ نظم شايع ڪرڻ لاءِ وڙ، شاعري سٺي شايع ڪريو ته بهتر، صفا وڌائي تخليقي ادب کي جاءِ ڏيو ۽ ڪجهه وڏن نالن جون تخليقون شامل ڪيون وڃن. ڇپائي ڏاڍي سٺي رهي ٿي، سٺين ڪاوشن، سهيڙڻ تي جس لهڻي، ساڳين جذبن سان مواد اماڻجي ٿو. طويل نظم لکڻ جي سلسلي ۾ گذارش ڪريان ته سنڌي طويل نظم لکڻ تجربي جي هڪ ڪوشش آهي. بهرحال”سرتيون“ انهن کي ڀليڪار چوندو رهيو آهي، جنهن لاءِ آئون ٿورائتو آهيان.

ايوب کوسو، جهڏو

 

محترمه ڀيڻ!

مئي جي پرچي ۾ هڪ خط ڇپيو ويو آهي جنهن ۾ ”ادا امر اوڏ“ تي الزام هنيو ويو آ، جيڪو سرار غلط آهي، حقيقت ڪجهه هي آهي ته امر اوڏ جو اهو ئي غزل 94ع جي آخر ۾ سنڌ سجاڳ اخبار ڪراچي مان ڇپيو آهي، 95ع ۾ اهڙي نوعيت جو غزل ستار سومري جي نالي سان ”سرتيون“ ۾ ڇپيو آهي، اخباري ادب ضايع ٿي وڃڻ ڪري ادا امر اوڏ ساڳيو غزل سرتيون ۾ ڇپرايو، ان ڪري اهو الزام بلڪل غلط آهي، ڪنهن ٻئي تي الزام هڻڻ کان اڳ ڪجهه سوچڻ گهرجي.

بخت عابد، ڄام شورو

مانواري ايڊيٽر!

عرض ته هر ڀيري توهان جو ماهوار سرتيون نهايت شوق سان پڙهندو آهيان، سرتيون هر لحاظ کان من موهيندڙ ۽ دلچسپ آهي، مواد ۾ شاعري توڙي ڪهاڻيون معياري ۽ دلچسپ آهن  پڙهي دل کي خوب راحت وٺائيندو آهيان، توهان جي هن سرتيون ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تقريبن 4، 5 مهينن کان پنهنجي شاعري ۽ ڪجهه ڪهاڻيون به موڪليون اٿم پر خبر ناهي ته ڇو اسان جو مواد  توهان شامل نه ٿا ڪريو، جيڪڏهن معياري نه هجي ته براءِ مهرباني اسان کي واپس  ڏياري موڪليندا ته جيئن اسان ٻيهر ان کي اوهان جي معيار مطابق ٺاهي اوهان کي موڪلي سگهون. هن ڀيري ڪجهه مواد موڪليان  ٿو مهرباني ڪري سرتيون ۾ ڇاپي اسان جي همت افزائي ڪندا ته اوهان جي مهرباني ٿيندي، ٿي سگهي ٿو ته اسان توهان جي مدد سان اڳتي هلي انهي کان وڌيڪ سٺو لکي سگهون، منهنجي دعا آهي ته هن رسالي کي وڌيڪ معياري بنايو.

مقبول احمد گوپانگ ڪنڊيارو

 

جواب: محترم ڀاءُ رسالو ”سرتيون“ پڙهي خط لکڻ لاءِ ٿورائتا آهيون، بهرحال مواد نه ڇپجڻ جي صورت ۾ واپس ڪرڻ اسان جي پاليسي ۾ ڪونهي، ڇو ته اسان ڪيترائي دفعا گذارش ڪري چڪا آهيون ته مواد موڪلڻ وقت هڪ ڪاپي ليکڪ کي پاڻ وٽ رکڻ گهرجي. هينئر تائين توهان جي ڪا معياري لکڻي نه پهتي آهي، محنت ڪري سٺي تحرير موڪليندا.

 

محترمه ايڊيٽر!

مان شروع کان توهان جو ماهوار  رسالو”سرتيون“ وٺي پڙهندو آهيان، ۽ گذريل ٽن مهينن کان ماهوار سرتيون جو ساليانو ميمبر به آهيان، جيئن ته گهڻو وقت اڳ مان توهان کي اهو لکيو هو ته اوهان جو مواد با مقصد ۽ معياري هوندو آهي. پر هاڻي اوهان کان ڪجهه شڪايت  به آهي، شايد اوهان پنهنجي گهڻي تعريف ٻڌي ڪجهه لاپرواهي به ڪري رهيون اهيون، اُها اها ته گذريل ٻن مهينن جي شماري ۾ فقير شهمير جي ڪهاڻي(جنين ڪاڻ مياس) مسلسل ڪونه ڇاپي رهيا آهيو، سو مهرباني ڪري اها ضرور ڇاپيندا، رسالي جي شروع وارن  پيجن کي اڃا وڌيڪ خوبصورت ڪري پيش ڪندا.

 

محترمه ايڊيٽر

آئون”سرتيون“ جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، اوهان  شاعري نمبر شايع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن جو انتظار آهي، اميد ته شاعري نمبر جلد شايع ڪندا.

پرويز شمس، ڪلوڙ، روهڙي

 

محترمه ايڊيٽر

ماهوار ”سرتيون“ مهيني جي پڇاڙڪين تاريخن ۾ وڏي انتظار کانپوءِ پهتو. بهترين لکڻين سان هڪ شي وڌيڪ اثرائتي نظر آئي ”خط“ هن سلسلي کي  هلائڻ لاءِ هر پڙهندڙ جي گهرج پوري ٿئي ٿي. رسالي جي آخري صفحي تي بهترين تصوير  سان گڏ لطيف سرڪار جو بيت هجي جنهن سسئي پنهونءَ جي داستان کي اکين سان  ڏسندي حقيقي پس منظر پيش ڪيو، ههڙي سٺي ۽ سهڻي رسالي ڪڍڻ تي منهنجي پاران مبارڪباد قبول ڪندا.

جاويد تاثير سومرو، لاڙڪاڻو

 

محترم ايديٽر

آئون ”سرتيون“ ڪافي وقت کان پڙهندو اچان، گذريل پرچو ٿورو دير سان مليو، پرچي جو ٽائيٽل خوبصورت هو.  عورتن تي خوبصورت تحرير هئي، ڪهاڻي پڇتاءُ سٺي هئي، شاعري ۾ ايوب کوسي ۽ ساگر ڀٽي جي شاعري انمول  تحفو رهيو، ناول سٺو  هو، تجويز آهي ته محترم امر جليل جي ڪا ڪهاڻي شايع ڪندا.

اصغر علي، ڳوٺ احمد خان کوسو، جهڏو

 

محترم ايڊيٽر

”سرتيون“ جو مطالعو جيڪو پابنديءَ سان ڪندو آهيان، هر ڀيري ”سرتيون“ نت نوان پيغام کڻي ايندو آهي، هن ڀيري ”سرتيون“ هٿن ۾ آهي، ڏاڍو خوبصورت  سهيڙيل آهي. هونئن به سرتيون ادبي رسالن ۾ ائين آهي جيئن آسمان جي ستارن ۾ سهڻو چنڊ، هن ڀيري اسلامي معاشري ۾ عورت جا حق، عورتن جي مرتبي واري تقرير ۽ خاص  ڪري شاعري ته بيحد پسند آئي.

عورت جيڪا خدا پاڪ جو ڏنل تحفو آهي، ان عظيم تخليق جو هن معاشري ۾ قدر ناهي، جنهن کي صدين کان وٺي مرد جو غلام تسليم ڪيو ويو آهي. مان سمجهان ٿو ته ”سرتيون“ انهن غمگين عورتن جي چٽي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اڃا به توهان ۾ سٺي توقع آهي ته ان ميدان ۾ پاڻ ملهائجو، اهڙي عظيم ڪاوش تي توهان جس جي لائق آهيو.

ستار سومرو نصير آباد

 

محترمه ايڊيٽر

”سرتيون“ جو هي پرچو ڪنهن به تعريف جو محتاج نه آهي. من موهيندڙ ڪهاڻيون پڙهي دل کي ڏاڍي راحت آئي، شاعري به لاجواب هئي. خطن جو سلسلو ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ توهان جا ٿورائتا آهيون.

مجاهد قادر سيال، ڳوٺ فقير يار محمد سيال، جهڏو

 

 

دهليءَ ۾ دل وارن وٽ

مريم پليجو

ماڻهو جهازن جي ساراهه ڪندا آهن، پر مون کي بند دٻليءَ وانگر لڳو، نه شور، نه هل، نه گانو بس اها هڪڙي خاصيت  اٿس ته اڏام کٽولي هل راجا اندر جي محل ۾، سو جهاز جي به گلا ڪانهي، سالن جا سفر ڪلاڪن ۾ ٿو ڪري، جهاز جا وڏن ماڻهن تي ڪروڙين اربين ٿورا آهن، مون کي اوڏيءَ مهل  ڳوٺ جي ڀيڻ فاطمه ياد اچي وئي. جيڪا سڄو ڏينهن پنهنجي سڪيلڌي جنڊ جون واکاڻيون ڪندي هئي ته ادي آءُ ڪو گلا ڪريان ته جنڊ مون سان ڪونه ڪيو. جنڊ ته منهنجو ابا هو، منهنجو ڌڻي هو، منهنجا سڀ سک ساڻس هئا. مون کي ڪمائي کارايائين. امان ۽ ابا  به ڪر ايڏا جوڳ  ڪونه وجهن! ڪڏهن به ڪونه چيائين ته مون سڄي عمر  پراوا جنڊ ڪڍيا يا عمر تڪليفون ڪاٽيم، تنهن وانگر جهاز کي به لکين شابسون هجن جو ايڏا جوڳ ٿو وجهي، ادي فاطمه جي جهاز ۾ چڙهي ته ڪر سڄي عمر جهاز جي ٻانهه ٻڌي ٻانهي ٿي گذاري. بس اک ڇنڀ ۾ اچي دهليءَ جي اندرا گانڌي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿاسين.

ايئرپورٽ تمام شاندار ۽ ڪشادو هو، وري به چيڪنگ جو ڏچريو، قطارن ۾ ماڻهو بيٺا آهن. اسين ٽين قطار ۾ بيٺل هئاسين. دل ۾ چيم ته مري وياسين، هتي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهڻو پوندو منهنجي پويان ٽي وي جي مشهور اداڪارا روحي بانو بيٺل هئي.آپا شمس عباسي ٻي قطار ۾ بيٺل هئي، (جهاز ۾ ساڻس سلام دعا ٿيو هو) اڃا قطار ۾ بيٺا هئاسين ته هڪڙو ماڻهو آيو ان جي هٿ ۾ وڏو ڪارڊ هو ان ڪارڊ تي اياز لطيف پليجو، شمس عباسي، مريم پليجو لکيل هو. ان ماڻهوءَ اسان کان پاسپورٽ ورتا ۽ ڪائونٽر تان فارم وٺي ڀرڻ لاءِ ڏنائين. قطار مان هتي ٿورو پريان هڪڙي بينچ پيل هئي، اتي فارم ڀرڻ لاءِ ويس، اتي عربي لباس ۾ ٻه صحتمند گول مٽول ڪٽيل وارن واريون نوجوان ڇوڪريون اڳ ئي برجمان هيون، هڪ ٻئي سان عربيءَ ۾ ڳالهايائون، جهڙيون ڪر ڄاتل سڃاتل، پڇيومان ڪٿان آيون آهيو؟ چيائونن ته عمان کان آيون آهيون، مون کي عمان ٽي وي جون اداڪارائون ياد آيون، ڇو ته اسان وٽ عمان ٽي وي ڪليئر  ايندي آهي. مون کي اوڏي مهل مرهيات علي چريو ياد اچي ويو. سڄو ڏينهن ڪنوار جي آسري تي ڳوٺ جا ماڻهو کيس ونگار وهائيندا هئا ڳوٺ جون ڇوڪريون هڪ ٻئي کي کل ڀوڳ ۾ علي گهوٽ آڇينديون هيون. علي جو نالو بي ضرر هو. ڪنهن کي به ٽوڪ، ڪاوڙ يا مهڻو نه لڳندو هو. البت علي گهوٽ جي آڇ تي ٽهڪڙا مچي ويندا هئا. ماحول رنگين ٿي  ويندو هو. علي پنهنجن ٻن مائٽياڻين کي گهڻو ڀائيندو هو. انهن کي عرب هئڻ جو خطاب بخشيو هئائين، ساراهه يا گلا مهل  چوندو هو، ته سليمت عرب جي هيءَ ڳالهه يا زينب عرب جي هوءَ ڳالهه. ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙبو هو ته وڏي آواز ۾ درود پڙهندو هو. عرب عرب، عرب علي وجد ۾ اچي ويندو هو. ۽ سڄو ڳوٺ عرب جو درود ٻڌندو هو. الائي ڇو هنن عربياڻين کي ڏسي (جيڪي الائي عرباڻيون هيون يا نه) مون کي عليءَ جون عربياڻون ياد اچي ويون. دل ۾ آيم ته جيڪر عليءَ جون عربياڻيون به اچي ڪرڪيٽ ميچ ڏسي وڃن. پر عليءَ جي عربياڻين ۽ عمان جي عربياڻين ۾ وڏو فرق هو. عمان جون کوهه جي خزانن واريون ۽ علي جون عرباڻيون مسڪين ماروئڙيون ۽ پيٽ گذر ۾ جهليون پيون آهن. سو ڪٿي ٿيون عمان جي عربياڻين سان ٽڪر هڻن. (ٽي مسافر ٽي شهر تان ورتل)

 

*---------*-------*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com