سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :6

 

آتم ڪٿا قسط ”12“                                       رتنا گوديا ”رولاڪ“

پيڙا جو پڙلاءُ

مون چيومانس، ”هلو، ماني مون وٽ هلي کائو، ته سڄي ڳالهه ٿي ٻڌايانوَ. هتي دڪان تي ماڻهو پيا اچن وڃن.“

مون گهر اچي نوڪر کي مانيءَ لاءِ چئي، وڃي محبوباڻيءَ سان هال ۾ ويٺيس. ڳالهه شروع ڪئي ته ”رات دڪان بند ڪرڻ کان پوءِ جڏهن گهر پهتيس، ته ڪجهه سپاهي گهر جي ٻاهر بيٺا هئا، ته ايتري ۾ هڪ ڪار اچي بيٺي. جنهن مان منهنجو پهرين گهر جو مالڪ ڪوست ۽ ٻيو ماڻهو لهي گهر آيا. مون کين ويهاريو، ته هڪ ماڻهوءَ چيو، ”هيءُ  هتان جو منسٽر آهي. جڏهن کان تون هتي آئي آهين، ته هيءُ تنهنجي پٺيان چريو ٿي پيو آهي. هيءُ توکي شاديءَ جي آفر ڪرڻ آيو آهي. تون ڪيڏي نه خوشنصيب آهين، جو منسٽر توکي خود شاديءَ جي آڇ ٿو ڪري.“ پوءِ هن جي ساراهه ۽ رعب جي ويٺو ساراهه ڪرڻ.

”مون منسٽر ڏانهن نهاريو، جو مشڪي رهيو هو. مون کي لڳو ته هيءُ ماڻهو مالي جو ٿي نٿو سگهي. هيءُ  چوي ٿو، ته منهنجو ڀاءُ آهي. ٻنهي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، منسٽر سهو، ڊگهو ۽ نيرين اکين وارو هو ۽ ڀاءُ ڪارو، بندرو، هتي جي ماڻهن وانگر ئي. ٿي سگهي ٿو، هتي جي زالن جو ڪو ڀروسو نه آهي. ڪنهن وٽ به وڃي رات گذاري اينديون آهن. منسٽر به چُپ چاپ مون ڏانهن نهاريندو رهيو، پر هُن جي ڀاءُ چيو، ”وڏن ماڻهن کي ”نه“ ٻڌڻ جي عادت نه آهي. نه هتي جون ڇوڪريون هتي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ کي ناڪار ڪنديون آهن. هن کي پنهنجا چار بنگلا آهن، هتي مالي ۾ سٺي عزت ۽ هلندي اٿس.“

مون خفي ٿيندي چيو، ”مان شادي ڪيل، ٻارن ٻچن واري آهيان. منهنجا ٻار به شادي وارا آهن.“

هُن وچ ۾ ڳالهه ڪٽيندي چيو، ”اسان کي اُها سڀ خبر آهي. توهان ۾ ڪهڙو رواج آهي، اهي اتي ئي رهيو. پر توهان هتي ٿا رهو، ته توهان کي هُتان جا رواج هنڊائڻا پوندا.“

دل ۾ سوچيم، ”هيءَ چڱي داداگيري آهي. ‘مان نه مان، مان تنهنجو مهمان’ واري ڪار ٿي.“ مون کي چُپ ڏسي منسٽر وڃڻ لاءِ اُٿيو. مون کي چيائين، ”مان مهيني کن ۾ جواب وٺڻ  لاءِ وري ايندس.“ چئي هليو ويو. هاڻي ٻڌايو مان ڇا ڪريان؟

محبوباڻيءَ کي مذاق سجهيو. ”تون هُن سان شادي ڪندينءَ ته اسان سڀني جو ڀلو ٿي پوندو. ٻه چار پوليس وارا تنهنجي اڳيان پٺيان پيا گهمندا. واهه ڀائي واهه! رتنا، تون ته چڙهي پيئينءَ.“

مون چيومانس، ”مهرباني ڪري منهنجي زخمن تي لوڻ نه ٻُرڪيو. واعدو ڪيو، ته جيستائين هتي آهيان، ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪجو. اسان سڀني جي عزت رهجي ايندي.“

محبوباڻيءَ چيو، ”چري ٿي آهين ڇا؟ اها ڳالهه ڪنهن سان ڪرڻ جي آهي ڇا؟ ها، پر رڳو جوءِ کي ٻڌائينديس.“

مون چيو، ”پوءِ ته هوءَ مالي ڇڏي ڀڄي ويندءِ.“

”مان به اهو ئي ٿو چاهيان. وڃي ته عيش ڪري وٺون ٿورو.“

”محبوباڻي، ٿورو پنهنجي عمر جو ته لحاظ رکو.“

محبوباڻيءَ چيو، ”ڇو پوڙهن کي عيش ڪرڻ جو حق نه آهي ڇا؟“ چئي هو ويندو رهيو.

هاڻ ٻي ته چنتا نه هئي.  بس مال جيترو وڪڻي سگهان، اوترو سٺو نه ته ڀڳڙن جي اگهه ۾ وڪڻي وينديس. انهن ڏينهن ۾ ممبئيءَ جو سڃاتل ڇوڪرو، جنهن جو نالو اشوڪ نيچاڻي هو، پنهنجي جوءِ ۽ ٻين ڇهن ڄڻن سان گڏ آيل هو. تنهن اچي چيو ته، ”هتي سڀ پيا اوڌر تي مال ڏين. جي تون به ڏين، ته مان توکان به چئن ڄڻن جو مال وٺندس.“

مان به هئس خفي، سو چيم، ”ٺيڪ آ، پر ايمانداريءَ سان رپيا پهچائج. توکي ايشور جو قسم آهي. مون انهن کي اڌ دڪان جو مال وڪڻي ڇڏيو. ٻئي ڏينهن اچي پئسا ڏيئي ويو. چيائين، ”رتنا، مان مهينو کن هتي آهيان. ٻيو توهان کان مال وٺندس. توهان سينگاپور پيا هميشه اچو وڃو، هيءُ پنج هزار ڊالر اٿوَ، منهنجو هيءُ مال پلين ۾ ڏياري موڪلجو.“ سئمپل ڏيکاريائين.

”مان وڃڻي ته آهيان هڪ ٻن ڏينهن ۾، پر مون کي ڇا ملندو؟“

”توهان کي مان ڏهه ٽڪا ڪميشن ڏيندس. تنهن کان پوءِ ٻين ماڻهن لاءِ به توهان وٽان ئي مال وٺندس.“

”ٺيڪ آ.“ ٽڪيٽ چار ڏينهن پوءِ جي ملي.

اشوڪ نيچاڻي روز صبح جو اچي دڪان تي ويهندو هو. دهليءَ وارن جو ڳالهائڻ مٺو هوندو آهي، ڀلي اندر ۾ ڇريون هجن، پر سامهون واري کي پتو ئي نه پوندو آهي. اشوڪ سٺو سيلز مين هو. چئن ڏينهن ۾ هن پاڻ گراهڪن سان ڳالهائي مال وڪيو. اڳ کان ٻيڻو وڪرو ٿيو. مان خوش ٿي ويس. کيس چيم، ته ”منهنجي پٺيان دڪان تون سنڀالج.“

اشوڪ چيو، ”پر رتنا، مان شايد ترويندرم وڃي رهان، جو هتي رهڻ لاءِ مون کي سٺي جاءِ نه آهي.“

مون چيومانس، ”جوءِ سميت منهنجي گهر اچي رهه.“ دڪان جي ۽ گهر جي چاٻي ويندي وقت ڏيئي ويئي مانس.

سينگارپور پهچي ٻن ڏينهن ۾ مال موڪليم اشوڪ جو به ۽ پنهنجو به. فون ڪري چيومانس، ته منهنجو سامان نه وڪڻي، مال انڊيا کڻي وينديس.“

هفتي ۾ واپس آيس، ڏسان ته دڪان ۽ گهر خالي پيو آهي. باقي ٿورو مال نه هئڻ جهڙو ڇڏي. ڪيڏانهن ويو؟ ڪنهن چيو ته هو پنهنجا ماڻهو وٺي انڊيا هليو ويو. چيائين ٿورن ڏيهن ۾ موٽي ايندس. مون ممبئيءَ ۾ هن جي چاچي کي فون ڪري چيو، ته اشوڪ جو فون نمبر ڏيو ۽ کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايم. هن جواب ۾ چيو، ”رتنا، تون مورک جي مورک ئي رهندينءَ. ته پڇين ها ته: هن ٺڳ جي توکي خبر نه آهي. هن کي امير ٿيڻ جو نشو چڙهيل آهي. چوي ٿو ته ڪهڙي به ٺڳيءَ سان امير ٿي ڏيکاريندس. اٿيئي هو دهليءَ جو اول نمبر جو ٺڳ. هاڻ آسرو پلي ويهه.“

مان آسرو پلي ويٺس، ته محبوباڻيءَ به چيو، ”ايڏو وشواس ڌنڌي ۾ ڪرڻ، ڌنڌي جي اصول جي خلاف آهي. هن کان پوءِ تون اهو ياد رک. پر مان نٿو سمجهان ته تون سمجهي سگهندينءَ. ايتري مٺي نه ٿيءُ، جو توکي ڊائبٽيز ٿي پوي.“

مون چيومانس، ”جيڪو ٿيندو، ڏٺو ويندو. هن کان اڳ به هن کان وڌيڪ تڪليفون ڏٺيون اٿم. جيڪو هوندو ڀاڳ ۾، سو پوندو اچي ڀاڳ ۾. هونئن به سڀ هتي ڇڏي وڃان ها. گني کي دڪان ڏيڻ جو وقت ٿي ويو آهي. گني جي ڀيڻ جي گهوٽ اچي، سڄي لک پڙهه ڪري چاٻي گهري. مون چيومانس ته، ”باقي رقم؟“

چيائين، ”گُني جو فون آيو هو سينگاپور مان، ته رتنا هتي ايندي ته رقم ڏيندوسانس ۽  مون سينگاپور ۾ پڻ آفيس کولي آهي. هاءِ اسٽيٽ ۾.“ مون ائڊريس وٺي چُپ چاپ وڃڻ جي تياري ڪئي. جاءِ واري کي چيم، ته ”هاڻ رقم واپس ڪر، مون ٻئي هنڌ جاءِ ورتي آهي.“

ها ها ڪندي، آخر ۾ چيائين، ته ”تو هتي ڏهه سال رهڻ جو واعدو ڪيو هو، سو هاڻ مون کي گراهڪ ملي نه سگهندو. خالي پيئي هوندي. مان ڏيئي نه سگهندس.“

مون چيو، ”خبر اٿم ته توهان ڀولا ڀالا ماڻهو اندر جا ايترا چالاڪ ٿيندا آهيو.“

هو ڏند ڪڍي کلڻ ويٺو. هنن سان مٿو هڻڻ اجايو آهي. هنن جو ڪهڙو ڏوهه؟ سڄي دنيا کان ڪٽيل، اڌ پيٽ ۽ اڌ انگ تي جيون گذاري رهيا آهن. اهو ايمان هو ڪيئن رکندا، ته مفت ۾ آيل رقم اسان واپس ڪريون؟ مورک ته نه آهن. مون چپ چاپ ممبئيءَ وڃڻ جي ٽڪيٽ ورتي. ترويندرم تي ٻيو جهاز بدلائڻو پوندو آهي، جنهن جي انائونسمينٽ ٿي رهي هئي. مسافر جلدي ڪسٽم جي جاچ ڪرائي ممبئيءَ واري جهاز لاءِ روانا ٿين. جهاز تيار آهي. هن جو پائليٽ آهي ”راجيو گانڌي.“ ماڻهن جي سس پس چالو ٿي ويئي. مان به اچي جهاز ۾ پنهنجي ڊائري ڪڍي لکڻ ويٺيس، ”مالي جي جدائيءَ جو داستان.“ ڪلاڪ ڪيئن گذريو، خبر ئي نه رهي. مڌورائي اچي ويئي. ماڻهو سڀ لهي گهمڻ هليا ويا. مان هونئن به گهڻي ڀاڱي لهندي نه آهيان. پهريائين شوق هو، نئين جڳهين ڏسڻ جو ۽ گهمڻ جو، پر هيڏن سالن ۾ ايندي ويندي دل ڀرجي ويئي هئي. آرام سان لکندي رهيس. ايتري ۾ راجيو گانڌي پنهنجي ڪيبن مان نڪري اچي منهنجي سامهون  بيٺو. منهنجي نهارڻ تي چيائين، ”توهان هيٺ نه ويا آهيو؟“

مون کي الائي ڇو راجيو اُداس اُداس پئي لڳو. مون هن کي چيو، ”منهنجي من ۾ به توهان جي لاءِ اهوئي خيال آيو آهي.“

راجيو چيو، ”موڊ نه ٿيو.“ اهو چئي، هُو وري وڃي ڪيبن ۾ ويٺو. ان وقت قلم ته هٿ ۾ ئي هوم، لکيم، ”اهڙو ٻالو ڀولو ماڻهو جي هڪ ڏينهن پرڌان منتري ٿئي ته؟ نه نه، هتي جي سياست ۾ دوکيبازي ۽ چالاڪيءَ سان هڪٻئي کي مارڻ جون يا ڪيرائڻ جون سازشون عام ٿي ويئون آهن، اتي هن جي اهڙي ماحول ۾ سياست ڪرڻ جي جاءِ نه آهي.“ پر هڪ  ڏينهن سچ پچ هو پرڌان منتري جي پد تي ويٺو. اندرا گانڌيءَ جو جيل ۾ وڃڻ، هن جي ان ڏينهن جي اداسيءَ جو ڪارڻ هو. ايمرجنسي لڳائڻ هن کي ڀاري پيئي هئي. اندرا گانڌيءَ کي ڇا، مان ته سمجهان ٿي ته هندستان جي سڀني عام ماڻهن لاءِ به ڀاري پيئي هئي. هن ته هندستان جو ڀلو ڪرڻ ٿي چاهيو. جي چار سال کن امرجنسي هلي ها، ته هندستان سر بڻجي وڃي ها. جتي عام ماڻهو اڄ جيان پيڙا نه ڀوڳين ها. خيال پنهنجو پنهنجو آهي. ٿي سگهي ٿو، ته ان وقت سُڪن سان گڏ آلا به سڙي ويا هئا. پر اهو ته ٿيندو رهندو آهي ۽ اڄ نظر ڦيرائي ڏسو، چؤڌاري دوکيبازي، رشوت کان سواءِ ڪنهن به آفيس ۾ هڪ ڪاغذ به اڳتي نٿو وڌي! آفيسر کان پٽيوالو پيو گهُر ڪري. سچا ماڻهو ڦاسيءَ چڙهيو وڃن ۽ ڪميڻا پيا کُليل بازارن ۾ کڳيون هڻن. انصاف جي ڪرسيءَ هيٺان دولت جي لالچ جو ڪارو نانگ اچي ويٺو آهي. جنهن کي دولت جو کير نه پيئاريندا ته سڄو جو سڄو توهان کي ڳڙڪائي ويندو. مان به الائي ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتي آهيان.

گهر پهتيس ته ڏسان ته نيلم گهر ۾ اڪيلي ۽ اُداس ويٺي آهي. مون کي ڏسي اچي ڀاڪر پائي روئي چيائين، ”ممي، مون توکي ڏاڍو ياد پئي ڪيو.“

مون به کيس چُمي ڏيندي چيو، ”تون ياد ڪرين ۽ مان نه اچان؟“

نيلم چيو، ”مون ڪله ڀاڄائيءَ کان ڏهه روپيا گهريا، پر هن چيو ته مون وٽ روپيا نه آهن، وڃي پنهنجي ڀاءُ کان وٺ، وجيه اڌ رات جو ايندو، ته ڇا مان هن لاءِ جاڳي ويهي رهان ڇا؟“

مون چيومانس، ”پر به تنهنجا روپيا بئنڪ ۾ پيا آهن، ڪڍائي ڇو ڪانه آئينءَ؟“

”ممي، تون به! بئنڪ کار ۾ آهي. ڏهن روپين لاءِ کار وڃان ڏهه روپيا آٽو واري کي ڏيئي!“

”ساري ساري“ مون ڪنن تي هٿ رکي چيو ۽ هن کي وٺي وڃي سمنڊ واري دريءَ تي ويٺيس. هن جو ڌيان لهرن ڏانهن ڇڪائي چيم، ”واه نيلم! تون ته لستن ۾ ويٺي آهين. گهر ويٺي سمنڊ توسان پيو روز خوش ٿي مسڪرائي. کل هاڻ نه ته سمنڊ جي هوا بند ٿي ويندي. کلندينءَ ته لهرن سان سمنڊ به پيو ٽهڪ ڏيندو.“

اهو ٻڌي هوءَ کلي، منهنجي گود ۾ سر رکي ليٽي پئي. چيائين، ”تون ويٺي ڏس سمنڊ کي، مون کي ته ڏاڍي ننڊ ٿي اچي.“

سڀني ٻارن کي اها عادت هئي، مان ويٺي نه آهيان، ته هي تڪڙ ۾ اچي منهنجي گود ۾ پنهنجو سر رکندا ۽ منهنجو هٿ پاڻ ئي هنن جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندو رهندو هو، تان جو ننڊ نه اچي وڃين. نيلم کي به ننڊ اچي ويئي. در تي کڙڪو ٿيو. مون اُٿي در کوليو ته منهنجي نونهن اچي پيرين  پيئي. چيائين، ”مان سڀاڻي وڃان ٿي پيڪي، جو ڀاءُ جي شادي آهي. هان  ڏسو هيءَ چين ڀاءُ کي ڏيڻ لاءِ وٺي آئي آهيان. پنجن هزارن جي آهي، سٺي آهي نه؟“

مون چيومانس، ”سٺي آهي، پر تون هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ، تو وٽ نيلم جي اسڪول لاءِ ڏهه روپيا نه هئا ته هي پنج هزار تو وٽ ڪٿان آيا؟“

بس منهنجو اهو چوڻ ککر ۾ ڄڻ کلو هڻڻ. وڏي واڪي دل کولي گارين جي ڳٺڙي جيڪا مائٽن وٽان کڻي آئي هئي، کولي رکيائين. سامهون واري ماڙواريءَ جي ڌيءَ نڪري آئي، ”ڇا ٿيو آنٽي؟“

”ڪجهه نه پٽ“ در بند ڪري وڃي گروءَ تي ويهي گرنٿ صاحب پڙهڻ ويٺيس. ڪلاڪ کن کانپوءِ من سيتل ٿي ويو. هونئن به هر ڳالهه ۾ ايشور جو ڀاڻو ڪري زهر جا ڍڪ ڀريندي رهي آهيان. هڪ ٻيو وڌيڪ. نڪتيس ته نيلم اُٿي آئي. تنهن پڇيو، ”مان پنهنجي ساهيڙيءَ سان وڃان ڪالهه هن سان هلڻ جو واعدو ڪيو هوم.“

مون چيومانس، ”ڀلي وڃ. هل ڪيڏانهن ويندينءَ؟“

”مون کي سانتا وٽ سانتاڪروز وڃڻو آهي. توهان کي ڇڏيندي ٿي وڃان.“

مون به چاهيو ٿي ته گهر مان نڪران ته سٺو. نيلم کي ايلڪو مارڪيٽ لاهي وڃي ساهيڙيءَ سان ڳالهيون ڪري دل وندرائي. هوءَ به ابي جان، ويسٽ انڊيز ۾ رهندي هئي، پر هاڻ گهڻو ڪري انڊيا ۾. هن سان ئي ڪجهه دل جون ڳالهيون ڪري سگهندي هئس. هفتو کن ٻارن سان رهيس ۽ پوءِ سينگاپور هلي ويس. منهنجي لاءِ ڪو نئون شهر ڪانه هو. خريداريءَ لاءِ هميشه ايندي رهندي هئس. هاڻ به اهو سوچيم ته دڪان جي کٽ پٽ نه ڪنديس. پنهنجو روم آهي، اتان ئي سئمپل ڏيکاري ڪم چالو ڪنديس. گني لاءِ پڇا ڪئي ته خبر پيئي ته هن ڪنهن سان پارٽنرشپ ۾ آفيس کولي آهي ۽ خود انڊيا ويو آهي. سوچيم، ‘آهي ته سهين. مان به هتي آهيان. ڪڏهن ته ملنديسانس.’ ان وقت آمريڪا مان منهنجي ڌيءَ شوڀا جو ڏير آيو هو. پڇا ڪري مون سان ملڻ آيو. ڳالهه ڳالهه تي چيائين، ”ممي، اسان جو به ويچار آهي هتي ڪم ڪرڻ جو، پر اسان وٽ ڪو ماڻهو نه آهي. توهان اسان سان ڪم ڪندا؟“

مون چيومانس، ”توهان مالي اچي به مون کي چيو هو ته مالي ۾ منهجي ننڍي ڀاءُ کي ڪو ڪم کولي ڏيڻو آهي. مون کي آسري ۾ رکيوَ ۽ مون نقصان پاتو. هاڻ مان وڏو ڪم نه ڪنديس. گهر مان ئي او ڪي آهي. چوندا آهن ته الله رسي ته مت کسي.“ مون سان به اها ڪار ٿي. ڪنڌ ڪڍائي نه سگهيس. هو ٿوري رقم ڏيئي هليو ويو. ائين چوندو ته باقي رقم وقت تي ملي ويندي. ٽي مهينا اڳ دڪان ڳولهي ۽ ٺهرائڻ ۾. مهينو کن ليسن ۽ ويزا وٺڻ ۾ لڳي ويو ڌيءَ شڪوءَ جي به ويزا گڏ وڌي ته ان کي به ويزا ملي ويئي. سوچيم ته گهر وٺي پوءِ ڌيءُ کي گهرائينديس نيل ڪمل نالي سان دڪان کلي ويو. گراهڪ ته جتي وڃ، هئا ئي هئا. انڊيا ۾ مال جي کوٽ هئي. هر ڪنهن کي ولائتي مال کپندو هو. اهو ڪيئن انڊيا ۾ اچي؟ دڪاندارن بس ماڻهو موڪلي، جيترو الائونس ملي اوترو مال گهرائڻ، اهوئي رستو ڳولهي ڪڍيو. جن جو بندوبست هو، تن جو سڀ ڪم راس پئي ٿيو. پر هڪ ڳالهه هئي ته مال ڪم جو هجي. واپاري چٺيون لکي موڪليندا هئا ته هي نه هي مال کپي. جيستائين دڪان کلي ته گهر مان ئي ڪم چالو ڪيم، جنهن ۾ هڪ شانتي هئي، ٻيو خرچ به گهٽ هو. پر هاڻ ليسن جي في، وڪيل جي في، ماڻهن جون پگهارون، انهن جي لاءِ سرڪار وٽ جمع ڪجهه رقم هر مهيني موڪلڻي منهنجو جيڪو ناڻو هٿ ۾ هو خلاص ٿي ويو. مون سيڻ کي فون ڪيو ته چيائين اسان جي رقم فلاڻي وٽ پيئي آهي، ان کان گهرائي وٺ. هن ماڻهوءَ کي فون ڪيم ته هزار هزار ڪري مهيني کن ۾ ڇهه هزار ڏنائين. دڪان تي مال اوڌر ملڻ لڳو. ڪم هلايم پئي. دڪان تي رش هئڻ ڪارڻ ٽي ماڻهو پورا نه پئي پيا. ڌيءُ کي گهرايم. تيستائين هاءِ اسٽيٽ ۾ ئي دڪان جي ڀرسان جاءِ ملي ويئي. هڪ ڪمرو هو، وڏو هال هو. ڪوئي پراڻ نالي جاڪرتا جو ماڻهو دڪان تي مال وٺڻ ايندو هو. هن سان ڳالهه ڪئي ته چيائين ته منهنجي جاءِ آهي، مسواڙ تي ڏيندس. پر هڪ شرط آهي. هڪ ته مان ڇهين ڇهين مهيني سينگاپور ايندو آهيان، جنهن لاءِ ٻه ڏينهن هتي اچي رهندس. مونکي به سخت ضرورت هئي، جنهن لاءِ مون هن جو شرط قبول ڪيو. ٺيڪ آهي، ٻه ڏينهن مهمانن جيان رهي ويندو. دڪان سٺو پئي هليو. اُها سڀني واپارين کي خبر هئي ته نئون دڪان سال کن اسانجو کائيندو آهي ۽ پوءِ پيو اسان کي کارائيندو آهي، جنهن لاءِ صبر نه آيو ۽ چوائي موڪليائين ته منهنجو هاڻ ويچار نه آهي. سو حساب ڪتاب مون کي ڏياري موڪليو. هنن جي رقم ڏيئي جان ڇڏائي. چوڻ جو مطلب ته مان گهر ۾ خوش هئس. اڌ ڏينهن ڪم ڪندي هئس ۽ اڌ ڏينهن آرام. جنهن جي مونکي سخت ضرورت هئي. پوءِ به مان خوش هئس. ڪڏهن ڪڏهن سڀ واپاري رات جو گڏجي ڪنهن ڪنهن جي گهر ماني کائي راند ڪندا هئاسين. مالي وانگر هتي به ڪجهه پل خوشيءَ جا گذري ويندا هئا. خريداري ڪرڻ لاءِ هر مهيني مان هانگ ڪانگ ۽ بئنڪاڪ ويندي هئس. هڪ ڏينهن اچڻ وقت جهاز ليٽ ٿي پيو، سو اڌ رات جو گهر پهتيس. در کولي اندر وڃي ڏسان ته هال ۾ ڪو ماڻهو سمهيو پيو آهي. وائڙي ٿي بتي ٻاري، هن جو منهن  ڏٺم ته ياد آيو ته هو سترام روهڙا هو، جو ڀڳونتي ناواڻيءَ سا گڏ ڌڪڙ وڄائيندو هو. ٻه دفعا ڪلياڻ ۾ هنن جي پروگرام تي ويئي هئس. منهنجي ڪمري جو در ٻيڪڙيل هو. اندر جهاتي پائي ڏٺم ته ڀڳونتي ناواڻي صوفا تي ستي  پيئي هئي ۽ منهنجي پلنگ تي ڪو مرد پٺي ڏيئي سمهيل هو. ڪير هوندو سوال اٿيو پر ٻئي کن سوچيم ته ڪير به هجي، منهنجو ڇا؟ ڀڳونتيءَ جو ئي ماڻهو هوندو. در ٻيڪڙي باٿروم ۾ سنان ڪرڻ هلي ويس. هڪ جهاز ليٽ ٻيو سڄي ڏينهن بئنڪاڪ جي گرميءَ ۾ پئي واپارين سان مليس. ٿڌي پاڻيءَ جو ڦوهارو کولي ڏهه منٽ هيٺان بيهي رهيس ۽ ٿڌڪار جو آنند ماڻيم. وار گهم سان ڀرجي ويا هئا. اُهو صبر نه رهيو ته سڀاڻي ڌوئان، نه نه، پوءِ ويهي رهيس ٽب ۾ ڏهن منٽڻ کانپوءِ وارن کي ٽوال ۾ ٻڌي، گائون پائي جاپ ڪندي ٻاهر اچي نڪتيس ته ڪو اچي مون سان ٽڪرايو. مون ٽوال اکين کان مٿي ڪيو ته پاڻي ڳرندا وار کلي ويا. سامهون ڀڳونتي بيٺي هئي، جا مون کي ڏسي اکيون ڦاڙي هڪ ٽڪ نهارڻ لڳي. ڪجهه ڊنل به هئي ته مان ڀوت آتما ته نه آهيان. مون هن کي لوڏي چيو ته، ”مان آهيان ڀڳونتي. رتنا ڊبيءَ واري.“

اتي هي سڀ ڪلاڪار مونکي رتنا ڊبئي واري ڪري سڃاڻندا هئا، سو سينگاپور ۾ اڌ رات جو مون کي  ڏسي شايد هيءَ ڊڄي ويئي هئي. هاڻ هن اکيون ڇنبي چيو ته، ”مون سمجهو ته ٻاهر ٽنگيل مورت واري اڏامندڙ پري ٻاهر نڪري اچي سامهون بيٺي آهي. مان ان مورتيءَ جي باري ۾ رات سوچيان پئي ته هيڏن وڏن وارن واري ۽ سهڻي ڳاڙهي، سچ پچ ڪا هوندي ڇا؟ يا ڪنهن ڪلاڪار جي ڪلپنا هوندي.“

مون چي، ”او ڀڳونتي، وڃ اندر نه ته....“

پوءِ اسان ٻاهر اچي صوفا تي ويٺيونسين. مون پڇيومانس، ”اندر ٻيو ڪير سمهيو آهي، سترام ته نه ٿو لڳي.“

ڀڳونتيءَ ٻڌايو ته دادا گوبند مالهي آهي. تون هن کي سڃاڻين؟

”سامهون ته نه، پر ڪتابن تي هن جو فوٽو ڏٺو اٿم، جو مان آهيان ڪتابي ڪيڙو. اُن ناتي گوبند مالهي منهنجو سڃاتل ئي آهي. دير ٿي آهي، تون وڃي ليٽ، منهنجو ته اڄ سمهڻ ڇُٽو.“

مان تڪڙ ۾ اٿي گلاس ڀري کڻي آيس. هن واڪو ڪري چيو، ”رتنا، هيتري دوا ڇو ٿي پين؟“

”نه بابا نه“ ائين چئي ڀڳونتي اندر وڃي ليٽي.

مون گلاس خلاص ڪري، واپارين جا بل ڪڍي، سنواري فائيل ۾ وجهي رکيا ته صبوح جي سوجهري اچي روم کي روشن ڪيو. ڀڳونتيءَ کي به ننڊ نه آئي، سو ٻاهر اچي ويٺي. مون هن کان پڇيو، ”چانهه پيئندينءَ؟“

هن ”ها“ چئي پڇيو، ”تون هن گهر ۾ ڪيئن؟ اسان کي ته ڪنهن جاڪرتا واري چاٻي ڏني هئي ته منهنجي گهر پيو آهي خالي، وڃي رهو.“

مون پوءِ هن کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. ”هيءَ ته تون سڃاتل هيئنءَ، نه ته مان ڇا ڪريان ها؟ سڀني کي ڪڍي ٻاهر ڪريان ها. هن پراڻ کي اچڻ ته ڏي.“

ڀڳونتيءَ چيو، ”رتنا، اسان توکي اچي تڪليف ڏني آهي.“

ايتري ۾ گوبند مالهي کنگهندو ٻاهر آيو، مون کي ڏسي ڪجهه سوچي چيائين، ”مون توهانکي ڪٿي ڏٺو آهي، سڃاڻو ٿا؟“

مون دل ۾ چيو، ”صرف فوٽي ۾.“

مالهيءَ چيو، ”اڙي ها، توهان کي مون ٺارو شاهه سنڌ ۾ ڏٺو هو. توهان جي ساڙهي پائڻ جي ڍنگ جي ڏاڍي ساراهه ٿيندي هئي.“

ڀڳونتي مون ڏانهن نهاري ڪجهه چوڻ واري هئي، پر مون هنن کي ٻڌايو ته، ”اها مان نه، منهنجي ماءُ هئي، مونکي ساڙهي پائڻ گهٽ ايندي آهي، جنهن لاءِ هاڻ شرٽ ۽ پئنٽ پائيندي آهيان.“

مالهي تڪڙ ۾ اٿي، باٿروم مان ٿي اچي چيو، ”هاڻ ياد آيو ته هوءَ توهان کان رنگ ۾ ٿوري جهڪي هئي، پر تمام وڻندڙ هئي.“

”برابر، اها منهنجي جيجل ماءُ هئي جا هاڻ هن لوڪ ۾ نه ٿي رهي.“

ڀڳونتيءَ پوءِ پراڻ جي ڳالهه ٻڌائي چيو، هيءُ هن جو گهر آهي.“

”پوءِ ته توکي سٺي ڪمپني ملي ويندي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com