سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1969ع

مضمون:

صفحو :6

اسان جي سينگار جي شاعريءَ ۾ اظهار مرد جي زباني هوندو آهي، پر هندي ۾ عشقيه شاعريءَ جو وڏو حصو اهڙو آهي جنهن ۾ عورت عشق جو اظهار ڪري ٿي. البت سينگار رس واري شاعريءَ ۾ مرد جي طرفان پڻ جذبات ۽ احساسات جو اظهار ڪيو ويندو آهي. اهڙي شاعريءَ ۾ به هندي شاعريءَ جي محبوب جو تصور سنڌي شاعريءَ جي محبوب کان ڪجهه جدا آهي ۽ هن مضمون ۾ هندي شاعريءَ جي محبوب جي هڪ جهلڪ ڏيکاري ٿي. انهيءَ لاءِ نه هندي ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ مبالغي جو ڪمال ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر شاعر ان کي اهڙي ريت ڪم آڻي ٿو جو انهيءَ سان شاعريءَ جي لطف ۽ اثر ۾ واڌارو ٿي ويندو آهي. اسان جي سنڌي شاعري رڳو هندي شاعريءَ کان متاثر نه آهي. پر انهيءَ تي فارسي ۽ عربي شاعريءَ جو پڻ گهڻو اثر پيو آهي. انهيءَ ڪري اسان جي شاعريءَ ۾ هنديءَ شاعري واري مبالغي يا وڌاءُ جي گنجائش گهٽ آهي. هندي شاعري محبوب جي حسن جي لطافت سان ڀريل آهي. ۽ انهي شاعريءَ جي تاثر ۾ وڏو دخل مبالغي جو به آهي. محبوب جي حسن جي نزاڪت ۽ لطافت جو بيان ئي هندي شاعريءَ ۾ جدا نموني ۾ هوندو آهي. ۽ ڪڏهين ڪڏهين محبوب جي سونهن جي لطافت انهيءَ منزل تي وڃي رسي ٿي، جتي هو نظرن جي ڪثافت کي به نه سهندي آهي. مثال طور:

مالو بَتَ تن اڇّ ڇَبُ سوچ رابي ڪاج،

درگ پگ پونڇن ڪو ڪِٻي ڀوشن پاپنڌاج.

(جيئن قدرت محبوب جي جسم جي صفائيءَ جا ڪم سٺا رکڻ چاهي ٿي. هن اکين جي بپر صاف ڪرڻ لاءِ زيور کي باانداز بنايو آهي).

محبوب سهڻو هوندو ان کي ڏسڻ وارا به گهڻا هوندا ۽ انهن جي نظرن جون آرائشون هن جي سونهن جي لطافت تي بار هونديون، اهڙي حسن کي ڪثافتن ۽ آلائشن کان پاڪ رکڻ جي ڪا تدبير ته لازمي طرح هوندي، سا هندي شاعريءَ جي هڪ دوهي ۾ بيان ڪئي ويئي آهي. جيڪا پنهنجو مٽ پاڻ آهي. شاعر چوي ٿو ته محبوب ايترو ته حسن وند آهي جو کيس سينگارڻ ۽ زيورن پارائڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي پر تڏهن به ان کي زيورن سان سينگاريو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته زيور ”باانداز“ جو ڪم ڪندو آهي، ته جيئن ڏسڻ وارن جون نگاهون پنهنجا پير انهن ”بااندازن“ تي صاف ڪري محبوب جي چهري تائين پهچي سگهن، ۽ ان جي سونهن جي پاڪائي ۽ لطافت قائم رهي. اها مصلحت به هوندي ته اهڙي حسن واري محبوب کي زيور ڪير پهرائيندو ۽ ان جي نزاڪت زيورن جي بار کي ڪيئن برداشت ڪري سگهندي. انهي نزاڪت ۽ لطافت بابت هڪ شاعر پنهنجي مشهور دوهي ۾ چوي ٿو:

ڀُوشن ڀار سنڀارهي ڪيون آهه تن سُڪمار،

سوڌي يا وٽ ناپڙي سو ڀاهي ڪي ڀار.

(هن ناز ڀريءَ جو نازڪ جسم زيورن جو بار ڪيئن سهي سگهندو. پنهنجي جوڀن جي بار ئي سان هن جا پير سڌا نٿا پون). محبوب جو نرم ۽ نازڪ جسم زيورن جو بار ڪيئن سهي سگهندو. هو ته پنهنجي حسن جو بار ئي کڻي نٿو سگهي. ۽ هن لاءِ انهيءَ بار سان سڌو پير کڻڻ ئي مشڪل ٿي پيو آهي، هن دوهي ۾ نزاڪت سان گڏ محبوب جي ٽور جي دلڪشي ۽ سونهن کي به ظاهر ڪيو ويو آهي.

محبوب جو حسن ڏينهون ڏينهن بدلجندڙ آهي؛ اڄ ان جي حالت هڪڙي آهي، سڀاڻي ٻي هوندي، سندس حسن ۾ هر روز اضافو ٿي ويندو آهي. اردو ۾ انهيءَ مضمون کي ’داغ‘ جهڙو شاعر بيان ڪندي رڳو ايترو مبالغو ڪم ۾ آڻي ٿو:

يه روز روز ترقّي يه حسن هي ان ڪا،

ڪہ صورت ان ڪي مجهسي ڀول ڀول جاتي هي.

پر هندي شاعريءَ جو سڀاءُ جدا اهي. ساڳئي مضمون کي هندي شاعر هن ريت لکي ٿو:

بار بار درجن گهر جهگڙت ٺاڙه،

جوئي جوئي انيگيار سيوت سوئي ڪاڙه.

محبوب پنهنجي انگي ٺاهڻي ڏئي ٿي، ته وري تنگ ٿي پوي ٿي. وري محبوب انگيءَ جي نئين سر ماپ ڏيئي صحيح نموني ۾ ٺاهڻ لاءِ چوي ٿي. پر ٻئي ڏينهن ساڳي طرح انگي تنگ ٿي پوندي آهي. هوءَ پنهنجي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ حسن کان بيخبر هوندي درزياڻيءَ سان جهڙو ڪري ٿي. انهيءَ ڳالهه کي شاعر پنهنجي بيت ۾ هينئن بيان ٿو ڪري ته محبوب هر هر درزياڻيءَ جي گهر ان سان بحث ۽ جهيڙو ڪري ٿي، ته روز توکان ئي انگي ٺهرايان ٿي ۽ تون روز انگي تنگ ڇو ٿي ٺاهين؟ انهي قسم جو مبالغو هندي شاعريءَ جي مزاج مطابق عام آهي. حُسن کان سواءِ دوهي ۾ محبوب جي ناداني ڏانهن به اشارو آهي. هندي شاعريءَ ۾ محبوب اڻڄاڻ به آهي. جنهن جو هڪ دلچسپ مثال هن دوهي ۾ آهي:

ڀئي مڌرتا اڌر مل مکُ سِي ديني ڊار،

لائي دا تن اوک ڪي لُوکي ڪہ سُگار.

(هن جي چپن سان ملي مٺو ٿي ويو آهي. انهيءَ ڪري محبوب ڏندڻ کي اڇليو آهي.  جو نوڪرياڻي ڪمند سمجهي کڻي آئي آهي).

محبوبه صبح جو پنهنجي نوڪرياڻيءَ کان ڏندڻ گهري ٿو، ۽ هوءَ کيس نم جو ڏندڻ ڏئي ٿي. پر محبوبه جي چپن ۾ ايترو ته ميٺاج آهي. جو نِم جو ڏندڻ کيس مٺو معلوم ٿيڻ لڳو. هوءَ اڻڄاڻائيءَ کان ان جي سبب تي غور ڪرڻ کان سواءِ، نوڪرياڻيءَ کي ڪاوڙجي چوي ٿي، ته مون توکان ڏندڻ گهريو هو. پر تون ته ڪمند جي ڇڙي کڻي آئي آهين! ايئن چوندي ڏندڻ کي ڀڃي ٿي ڇڏي. ناداني جو اهڙو دلچسپ مثال هندي شاعريءَ کان سواءِ ملڻ مشڪل آهي. محبوبه جي جسم جو رنگ ۽ ان جي لطافت جي صفائي ۽ پاڪيزگيءَ جي مثالن سان هندي شاعريءَ جو ڀنڊار ڀريل آهي. محبوبه جو رنگ هندي شاعريءَ ۾ اڇو به آهي، ته سونهري ۽ سرخ به آهي، ته سانورو به. ۽ انهن سڀني رنگن جو بيان نهايت دلچسپ نموني ۾ ملي ٿو. هڪڙو شاعر پنهنجي اڇي رنگ جي محبوبه جو بيان وڏي شاعراڻي نموني ۾ ڪري ٿو:

”مل چندن بيندي رهي کوري مک نه سُهاءِ،

جيون جيون مڌ لالي چڙهي تيون تيون اڀرت جاءِ.“

چندن جي تلوڪڙي اڇي چمڙي سان ملي ويئي آهي، ۽ نظر نٿي اچي پر جيئن جيئن شراب جي لالاڻ چڙهندي ٿي وڃي، چندن جي تلوڪڙي اڀرندي ٿي وڃي. سينگار ڪرڻ مهل به محبوبه پنهنجي پيشانيءَ تي چندن جي تلوڪڙي لڳائي ٿي، چندن جو رنگ اڇو آهي – انهيءَ ڪري محبوبه جي پيشانيءَ جي اڇي رنگ ۾ ملي نظر نه ايندي آهي. البت جڏهن هو شراب جو هڪ – ٻه ڍڪ پيئي ٿي ۽ شراب جي اثر کان جيئن جيئن سندس چهري جو رنگ سرخ ٿيندو وڃي ٿو، تيئن تيئن چندن جا اها تلوڪڙي ظاهر ٿيندي ويندي آهي. هي آهي محبوبه جي اڇي رنگ جو بيان، هاڻي محبوبه جي گلابي رنگ جي تعريف ٻڌو.

محبوبه جي سينگار ۾ ”مهادر“ هڪ ضروري شئي هوندي آهي. هي مينديءَ جي بدران استعمال ڪئي ويندي آهي. گلابي رنگ کي پاڻيءَ ۾ ملائي ڪپڙي يا ڪپهه کي اُن ۾ پُسائي ان سان پيرن جي چوڌاري آڱرين کي رڱبو آهي - ۽ انهيءَ عمل کي ’مهادر‘ ڏيڻ چوندا آهن.

محبوبه کي سينگارڻ لاءِ دائي ويٺي آهي ۽ پيرن ۾ مهادر ڏيڻ جي خيال سان ”مهادريءَ“ (گلابي رنگ ۾ ٻڌل ڪپڙي) وٽ ڌيان ڪري ٿي، پر محبوبه جي کُڙيءَ جو رنگ خود ايترو گلابي آهي جو سندس هٿ مهادري کي ڇڏي بار بار محبوبه جي کُڙيءَ ڏانهن ويندو آهي - ۽ هوءَ سڃاڻي نٿي سگهي ته مهادري ڪهڙي آهي ۽ کڙي ڪهڙي آهي! جيڪڏهن محبوبه جي کڙيءَ جو اهو حال هوندو ته سندس جسم جي حالت ڇا هوندو؟ انهيءَ جو اندازو هن دوهي مان لڳائي سگهجي ٿو:

”هُتي ڪَپُور من ۾ رهي مِل تن دُتي مڪتال

چن چن کَڙي يَرَ کِيٿو من ڇُوائي ترنال“

ڏسڻ ۾ ته هي ڪپور ڪهريا (پيلي) آهي يا ”هن جي جسم جي عڪس سان اهڙي ٿي لڳي. وري وري محبوب جي ساهيڙي ڪک سان پرکي ٿي ته متان ڪهربا هجي!“ محبوب جو رنگ سونهري (پيلو) آهي ۽ هن اڇن موتين جي مالها پاتي آهي، پر ان جي رنگ جي عڪس سان موتين جو رنگ بدلجي ويو آهي ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪهربا هار پايو ويٺي آهي. محبوب جي ساهيڙيءَ کي شڪ پوي ٿو ته شايد ڪهربا پيلي رنگ جو هار آهي ۽ هوءَ آزمائڻ خاطر هڪڙو ڪک کڻي موتين کي پرکي ٿي، ڇو ته ڪهربا جي اثر کان ڪک ان سان چنبڙي پوندو آهي. عڪس سان شين جي رنگ بدلجڻ جا مثال هندي شاعريءَ ۾ عام آهن. هاڻي انهيءَ قسم جي لطافت جو اثر گلن تي به ڏسو.

مال مالتِي ڪِي گَهُون سون جُهي ڇَب ديت،

ميرو من هولسي رهي هَرا نه پَهنون سُويت.

مالتي سفيد گل جي مالا پاتي آهي، پر هو سون (پيلي) جُهي بنجي ويئي آهي. منهنجي دل چاهي ته ڪڏهن آءٌ به اڇن گلن جو هار پايان.

محبوب جو رنگ سونهري يا چمپا جي گل وانگر پيلو آهي ۽ ان کي رابيل جي گلن جي هار پائڻ جو شوق آهي، پر جڏهن به هوءَ اڇن گلن جو هار پائيندي آهي، تڏهن سندس سيني جي عڪس سان رابيل جا اڇا گل پيلا نظر ايندا آهن، اها حالت ڏسي محبوب چوي ٿو ته منهجني سدائين آرزو رهي آهي ته آءٌ به ڪڏهن اڇن گلن جا هار پايان، پر پنهنجي انهيءَ رنگ کي ڇا ڪريان، جنهن جي اثر سان اڇن گلن جو رنگ بدلجي ويندوآهي ۽ منهنجي آرزو پوري نٿي ٿئي. ۽ ڪڏهن ائين به هوندو آهي، چمپا جا گل محبوب جي سونهري رنگ ۾ ملي نظر به نه ايندا آهن ۽ جيڪڏهن نظر ايندا آهن ته به هن ريت:

رَلچ نه لَکِيَت پير هَت ڪَچن سي تن بال،

ڪُملاني هِي جان يَرَت اَرهَمپي ڪِي مال.

حسين عورت، چمپا (پيلي گلن) جي مالا پاتي آهي، جسم جي رنگ ۾ ملي اصل نظر نٿي اچي. ڪومائڻ کان پوءِ ئي هيءَ مالا ڏسجي ٿي. محبوب چمپا جي گلن جو هار پائيندو آهي هار جو رنگ ان جي سيني جي رنگ ۾ گم ٿي ويندو آهي ۽ ڏسڻ ۾ ئي نٿو اچي. ڪنهن کي خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته هوءَ گلن جو هار پايو ويٺي آهي. پر جڏهن هار جا گل ڪومائجي ويندا آهن ۽ انهن جو رنگ بدلجي ويندو آهي. تڏهن هار ظاهر ٿي پوندو آهي. محبوب جي سونهري رنگ جو بيان ڪڏهن ڪڏهن هندي شاعرن وٽ اهڙي نموني ۾ هوندو آهي جو پڙهي يا ٻڌي حيرت وٺي ٿي وڃي.

لي ڇُڊڪي چَلي جات هَي جِت جِت کيل اَڌِير،

ڪِبجت ڪيسر نير سُون نت نت ڪيسَر نِير.

پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي محبوبه بيقراريءَ ۾ هيٺان وڃي ٿي پر ان جي جسم جو ڪيسري رنگ رفتار ۾ ڪيسري ليڪ وانگر ڏسجي ٿو. هن دوهي ۾ محبوبه جي رنگ کي هڪ نئين ۽ نادر نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي، محبوبه درياءَ تي تڙ ڪرڻ لاءِ ويل آهي ۽ پنهنجي ساهيڙين سان گڏ درياءَ ۾ راند پئي ڪري ۽ راند ۾ هڪٻئي کي ڳولي رهيون آهن. ساهيڙيون پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي غائب ٿي وينديون آهن ۽ محبوبه انهن کي ڳولي نه سگهندي آهي پر هن لاءِ پاڻ لڪائڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. انهيءَ ڪري جو ٽٻي هڻي پاڻيءَ جي تر ۾ جيڏانهن جيڏانهن ويندي آهي، سندس سونهري جسم جي تيز رنگ هئڻ سبب ساهيڙين کي هڪ ليڪ ڏسجڻ ۾ ايندي آهي ۽ اهي سمجهي وينديون آهن ته اها محبوبه ئي ٿي سگهي ٿي – ڇاڪاڻ ته سندس رنگ نهايت شفاف ٿيندو آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو ساهيڙين کي پاڻيءَ جي تر ۾ هُن جي اچڻ وڃڻ جو پتو پئجي ويندو آهي. اها ته هئي محبوبه جي سونهري ۽ ڪيسري رنگ جي تعريف ۾ گلابي رنگ جي لطافت جو حال به اهڙو ئي دلچسپ آهي. اردو جو مشهور شاعر مير تقي ”مير“ محبوب جي رنگ کي گلاب سان تشبيہ ڏيندي چوي ٿو ته:

نازڪي اس ڪي لب ڪي ڪيا ڪهيئي،

پنکڙي اڪ گلاب ڪي سي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com