سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1966ع

مضمون:

صفحو :16

(ٻ) تاريخي ارتقا دوران، ھڪ آواز مٽجي ٻيو آواز ٿيندو آھي

(ڀ) تاريخي ارتقا دوران، لفظ ۾ ھڪ آواز بلڪل گم ٿي ويندو آھي .

جڏھن ’ميل‘۾ ڪم ايندڙ ٻه آواز پاڻ ۾ سمائجي ھڪ نئون آواز ٿين، يا ھڪٻئي تي اثر ڪري، ھڪ ٽئين، نئين آواز ۾ بدلبا آھن، جو انھن ٻنھي بنيادي آوازن کان نرالو ھوندوآھي ، ته اھڙيءَ تبديل کي ماھرن ”سنجوڳي-سَنڌي“ (coalescend assimilation) سڏيو آهي3.

”سِڌي“ کي ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، اُهي آهن:

(الف) تاريخي سَنڌِي (Historical assimilation).

(ب) نسبتي سَنڌيِ (Contextual assimilation)

(I)  تاريخي سَنڌي (Historical assimilation)

سَنڌي جو هي قسم ٻوليءَ جي ارتقا سان واسطو ٿو رکي؛ يعني ٻوليءَ جي ارتقا دوران جيئن جيئن ٻوليءَ۾ ٻيون رونما ٿين ٿيونم تيئن تيئن ھن قسم واري ”سَنڌي“به پنھنجا اثر ظاھر ڪندي آھي . ھن سَنڌي جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته ڪو لفظ ڪنھن زماني ۾ ھڪ خاص نموني سان اُچاربو ھو، پر جيئن جيئن ٻوليءَ ۾ ترقي ٿيندي ويئي، تيئن تيئن اھڙن آوازن جي اُچارن ۾ فرق ايندو ويو . ھن قسم واريءَ سَنڌيءَ جا، سنڌي ٻوليءَ ۾، ڪيترائي مثال ملن ٿا . مثلاً:

(الف) / ک، گهه ۽ ٿ/ جو/ هه / ۾ بدلجڻ.

i.       مُکَ < مُههَ < مُنهن.

ii.     ميگههَ < ميهه < مينهن.

گاٿا < ڳاها <ڳاها < ڳاهَه

تاريخي سَنڌيءَ جو ٽيون قسم آهي ’تاريخي سنجوڳي_ سَنڌي‘ (Historical coalescent…..) هن سَنڌيءَ جا، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي مثال ملن ٿا. هن قسم واري سنڌيءَ جي حالت ۾، ميل وارا ڪي به ٻه مختلف آواز يا گڏيل آواز پاڻ ۾ سمائجي يا هڪٻئي تي اثر ڪري، هڪ نئين آواز ۾ بدلبا آهن. نئون بدليل آواز، ميل وارن آوازن کان بلڪل الڳ هڪ نئين گروهه وارن آوازن مان هوندو آهي. اهڙا مثال سنڌي زبان ۾ بيشمار آهن:

(الف) گرَ-/ مرڪب آوازن ۾ مليل جوڙ/ گ/ ۽/ر/ پاڻ ۾ سمائجي، بلڪل هڪ نئين گروهه وارو آواز/ڳ/ ٺاهين ٿا؛ مثال طور:

آگرَ < آڳ.

(ب) گيهَ/۾/گ/ ۽/ي/ پاڻ ۾ سمائجي، /ڳ/ ۾ بدلجن ٿا؛ مثلاً:

i.       ڀاگيهَ < ڀاڳ.

ii.     يوگيَه < جوڳ.

(ٻ) /تيه/۾/ت/ ۽/ي/ پاڻ ۾ سمائجي، /چ/ ۾ بدلجن ٿا؛ مثلا:

i.       سَتيه < سَچُ.

ii.     هَتيا < هَچا.

(ڀ) /ديَ/ ۾/د/ ۽ /ي/ پاڻ ۾ ملي /ڄ/ ۾ مٽجن ٿا؛ مثلاً:

i.       ويديَه < ويڄُ.

ii.     آديهَ < آڄ.

iii.  وِديا < وڄا.

(ت) /ڌيَ/ ۾ آيل آواز/ڌ/ ۽ /ي/ پاڻ ۾ سمائجي/جهه/ ۾ مٽجن ٿا؛ مثال طور:

سَنڌ يا < سَنجها.

(ٿ) /ستَ /۾/س/ ۽ /ت/ سمائجي /ٿ/ ٺاهين ٿا؛ مثال طور:

i.       هَست < هَٿ.

ii.     ڪَستوُري < کَٿوُري.

iii.  ستوُن < ٿوڻ < ٿوڻِي.

iv.   ستَن < ٿَڻُ.

(ٽ) /ڪشَ/ ۾ گڏيل آواز/ڪ/ ۽/ش/ سمائجي/ک/ ۽/ڇ/ ۾ بدلبا آهن؛ مثلاً:

i.       ڪشيرَ < کيرُ.

ii.     اَڪشَرَ < آکرُ.

iii.  آڪشَ < آک.

iv.   ڪشار < کار.

v.      لَڪشمِي < لَڇمِي يا لکمِي.

vi.   لَڪشَڻ < لَڇَڻَ يا لَکَڻ.

(ٺ) /شچ/ ۾ گڏيل آواز/ ش/۽/چ/ پان ۾ سمائجي /ڇ/ ۾ بدلجن ٿا؛ مثلاً:

i.       پَشچِمَ < پَڇِم.

(ث) /نيَه/ ۾ گڏيل آواز/ ن/ ۽/ي/ پاڻ۾ ملي، /ڃ/ ۾ مٽجن ٿا؛ مثلاً 1:

   (i)   جَنيهَ < ڄَڃَئ

   (ii)   شونيَه < سُڃَ.

        (پ) /نيَه/ ۾ گڏيل/ڻ/۽/ي/ گڏجي/ڃ/ ۾ مٽجن ٿا؛ مثال طور:

i.       پِڻيَه < پِڃ.

ii.     ڌڻي + آڻي < ڌَڻياڻِي < ڌڃاڻِي.

(ڦ) /درَ/ ۾ گڏيل/د/ ۽ /ر/ گڏجي /ڊ/۽/ڏ/ ٺاهين ٿا؛ مثلاً:

i.       نندرَ < ننڊَ.

ii.     چندرَ < چَنڊُ.

iii.  دُ روهَه < ڏوهُه.

iv.   دُهه + بَل < دُربَل < درٻل < ڏُٻَلُ < ڏُٻرُ < ڏٻرو.

v.      درُ + جَن < ڏُڄَڻ.

اهڙيءَ طرح هن نموني جا ٻيا به ڪيترائي مثال ملن ٿا، جيڪي هن ڏس ۾ ڪافي مدد ڪن ٿا.

(II)   نسبتي سَنڌي (Contextual assimilation)

هن مان مراد اها ’سنڌي‘ آهي، جنهن ۾ جملن يا مرڪب لفظن ۾ ٻن لفظن، ۽ مرتب فظن ۾ ڪم ايندڙ لفظن ۽ صرفين وغيره جي ميل واري هنڌ، پهرئين لفظ يا صرفيه جو پويون آواز، پوئين لفظ يا پوئين صرفيه جي پهرئين آواز کان متاثر ٿيندو آهي، ۽ اهو (پهرئين لفظ يا پهرئين صرفيه جو پويون آواز)، هڪ نئين آواز ۾ مٽبو آهي. هن قسم واري سَنڌي ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي:

(الف) سُرَ _ سَنڌِي ۽ (ب) وِنَنجَنَ _ سَنڌي. اُنهن مان هرهڪ جا تفصيلوار مثال هيٺ ڏجن ٿا:

سُر_ سنڌي. (الف) جڏهن ڪن به ٻن ڀروارن لفظن يا صرفين مان پهرئين جي آخر ۽ پوئين جي شروعات ۾، يعني ٻنهي حالتن ۾/ آ/ سُر هوندو آهي، تڏهن / آ+آ/ بدلجي/آ/ سُر ٿيندو آهي؛ مثلاً:

i.       پَرَمَ + آرٿَ < پَرمارٿِ        :       آ + آ = آ

ii.     پَرَمَ + آرٿَنا < پَرارٿنا :       آ + آ = آ

(ب) جڏهن ڪن به ٻن ڀروارن لفظن يا صرفين مان، پهرئين جي پڇاڙيءَ ۾ /آ/، ۽ پوئين جي شروعات ۾ /آ/ سُر هوندو آهي، اهڙيءَ حالت ۾ /آ/ گم ٿي ويندو آهي؛ مثلاً:

             i.      سَنگهَه + آسڻَ < سَنگهاسَڻ  :       آ +  آ = آ

           ii.      پَرَم + آنند < پَرمانند         :       آ +  آ = آ

        iii.      لَڄَ + آئِتو < لڄائِتو           :       آ +  آ = آ

         iv.      کيڏَ + آرِي < کيڏارِي        :       آ +  آ = آ

(ٻ) جڏهن ڪن به ٻن ڀروارن لفظن يا صرفين مان، پهرئين جي آخر ۽ پوئين جي شروعات ۾، يعني ٻنهي حالتن ۾ /آ/ سُر هوندو آهي، تڏهن اهڙيءَ حالت ۾ پهريون سُر گم ٿي ويندو آهي؛ مثلاً:

i.       مَها + آتِما < مهاتما :       آ + آ = آ

ii.     وِديا + آلَيَه < وِدياليه   :       آ + آ = آ

(ڀ) جڏهن ڪن به ٻن ڀروارن لفظن يا صرفين مان، پهرئين جي آخر ۽ پوئين جي شروعات ۾، يعني ٻنهي حالتن ۾ /اِ/ سُر ڪم ايندو آهي، اهڙيءَ حالت ۾ ٻئي سر هڪٻيئ تي اثر ڪري/ اِي/ ۾ مٽبا آهن؛ مثال طور:

i.       آتِ + اِت < آتِيت         :       اِ + اِ = اِي

ii.     هَٿِ + اِڪو < هٿيڪو     :       اِ + اِ = اِي

iii.  وَس + اِڪو < وَسِيڪو    :       اِ + اِ = اِي

(ت) جڏهن ڪن به ٻن ڀروارن لفظن يا صرفين مان پهرئين جي پڇاڙيءَ ۾ /اِ/، ۽ پوئين جي شروعات ۾ /آ/ سُرَ ڪم ايندا آهن، تڏهن /آ/ جي اثر کان /اِ/ بدلجي نيم_ سر/يَ/ 1 ٿيندو آهي؛ جيئن:

i.       وِ + آڪَرَڻَ < وياڪرڻ  :       اِ + آ = يا (ي + آ)

ii.     آڀِ + آس < اڀياس   :       اِ + آ = يا

iii.  ڪَرِ + آن < ڪريان 2 :       اِ + آ = يا

iv.   مار + آن < ماريان     :       اِ + آ = يا

(ٿ) مرتب لفظ ٺاهڻ لاءِ جڏهن ڪنهن لفظ جي پويان اهڙي صرفيه ملائبي آهي، جنهن جي شروعات ۾ /آ/ سُر هوندو آهي، ۽ صرفيه جي اڳيان ايندڙ لفظ جي آخر ۾ /اِي/ سُر هوندو آهي، تڏهن اهڙيءَ حالت ۾ /آ/ جي اثر کان /اِي/ بدلجي نيم_ سر/يَ/ ٿيندو آهي؛ مثلاً:

i.       شِيدِي + آڻِي < شِيدياڻي     :       اِي + آ = يا (يَ + آ)

ii.     موتي + آئون < موتيائون     :       اِي + آ = يا

iii.  پاڻِي + آٺو < پاڻياٺو  :       اِي + آ = يا

(ٽ) ساڳيءَ طرح جڏهن ڪنهن به لفظ جي پويان/ اِي/ سُر هوندو آهي، اُن لفظ جي پويان ايندڙ صرفيه جي شروعات ۾ /آ/ سُر هوندو آهي، تڏهن /آ/ جي اثر کان /اِي/ سُر بدلجي نيم_ سر/يَ/ ٿيندو آهي؛ مثال طور:

i.       هارِي + آپَ < هاريَپ :       اِي + آ = يُ

ii.     ڪاٺِي + آرُ < ڪاٺيَرُ :       اِي + آ = يَ

(ٺ) بلڪل ساڳيءَ طرح /او/ جي پويان جڏهن ڪن لفظن جي شروعات ۾ /آ/ يا/ آ/ سر ايندا آهن، تڏهن /او/ بدلجي نيم_ سر/ وَ/ 1 ٿيندو آهي؛ مثلاً:

i.       تَئو + آ < تَوا          :       او + آ = وا

ii.     ٻائو + آ < ٻاوا        :       او + آ = وا

iii.  سائو + آ < ساوا       :       او + آ = وا

iv.   پائو + آ < پاوا        :       او + آ = وا

(ث) اهڙيءَ طرح/ اُو/ جي پويان جڏهن /آ/ سر ايندو آهي، تڏهن /اُو/ بدلجي نيم_ سر /وَ/ ٿيندو آهي؛ مثال طور:

i.       هِندوُ + آڻي < هِندواڻي       :       اُو + آ = وا

ii.     لاڏُو + آن<  لاڏوان    :       اُو + آ = وا

Text Box: 201

(پ) بلڪل اهڙيءَ طرح/اُ/ جي پويان جڏهن /آ/ سر ايندو آهي، تڏهن /اُ/ بدلجي نيم_ سر /وَ/ ٿيندو آهي؛ مثلاً:

i.       ٿانءُ + آ < ٿانوَ                :       اُو + آ = وَ

ii.     ڀاءُ (آگهه) + آ < ڀاوَ  :       اُو + آ = وَ

iii.  ڪانءُ + آ < ڪانوَ    :       اُو + آ = وَ

iv.   گهاءُ + آ < گهاوَ      :       اُو + آ = وَ

وينجن _ سَنڌي. ڳالهاءَ واري ٻوليءَ ۾ جملن، مرڪب لفظن ۽ مرتب لفظن ۾ اهڙا لفظ به گڏجن ٿا، جن جي آخر ۾ نه صرف سُر پر وينجن به هوندا آهن. اهڙا مثال گهڻو ڪري ٻين ٻويلن مان ورتل اُڌارن لفظن (loan-words) ۾ عام طور ملن ٿا 1. سنڌي ٻوليءَ ۾ سَنڌيءَ جي مطالعي ۾ اهڙا مثال گهڻي مدد ڪن ٿا.

مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته آوازن جي ’ميل‘ جي حالت ۾، ڪن صورتن ۾، پويون جز پهرئين جز تي اثر ڪندو آهي؛ انهيءَ اثر جي ڪري پهريون جز ڪنهن ٽئين آواز ۾ بدلجي ويندو آهي. هن قسم وارين تبديلين جا هيٺيان مثال سنڌي ٻوليءَ ۾ عام جام ملن ٿا:

(الف) جڏهن ڪنهن لفظ يا صرفيه جي پڇاڙيءَ ۾ /س/ وينجن هوندو آهي، ۽ ان جي هڪدم پويان ايندڙ ٻئي لفظ جي شروعات ۾ /م/ وينجن هوندو آهي، تڏهن اهڙيءَ حالت ۾ /م/ جي اثر کان /س/ بدلجي /ر/ ٿيندو آهي؛ مثلاً:

نِس + مل < نرمل             :       س < ر

(ب) جڏهن ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ /س/ وينجن هوندو آهي، ۽ اُن جي هڪدم پويان ايندڙ ٻئي لفظ جي شروعات ۾ /ل/ وينجن هوندو آهي، تڏهن /ل/ جي اثر کان /س/ بدلجي /ر/ ٿيندو آهي؛ مثال طور:

نِس + لَج < نرلج < نرلڄ      :       س < ر

(ٻ) اهڙيءَ طرح جڏهن /ت/ جي پويان، ٻئي لفظ جي شروعات ۾ /چ/ هوندو آهي، تڏهن /چ/ جي اثر کان /ت/ بدلجي /چ/ ٿيندو آهي؛ جيئن:

(i) اُت + چارَڻ < اُچچارڻ < اُچارڻ :     ت < چ

(ڀ) جڏهن /ت/ جي پويان، ٻئي لفظ جي شروعات ۾ /ج/ ايندو آهي، تڏهن /ت/ < /ج/ ٿيندي آهي؛ جيئن:

(i) سَت + جَن < سَججَن < سَجن < سَڄَڻ  :    ت < ج

(ت) اهڙيءَ طرح هيٺين لفظن ۾ /ج/ جي اثر کان، ان جي اڳيان ايندڙ/ هه/ بدلجي/ر/ ٿيندو آهي؛ مثلاً:

i.       نِهه + جَل < نِرجَل                     :       هه < ر

ii.     نِهه + بَل < نِربل < نِرٻَل < نِٻَل      :       هه < ر، پوءِ /ر/ گم ٿيو آهي.

iii.  نِهه + ڌن < نِرڌن                      :       هه < ر

iv.   دُهه + بَل < دُربَل < دُرٻل < ڏُٻَل     :       هه < ر، پوءِ در<ڏ

(ٿ) ساڳيءَ طرح /چ/ جي اثر ڪري /هه/ مٽجي /ش/ ٿيندو آهي؛ جيئن:

(i) نِهه + چل < نشچل               :       هه < ش

(ث) بلڪل ساڳيءَ طرح /ڦ/ جي اثر کان /هه/، /ش/ ۾ مٽبي آهي؛ جيئن:

(i) نِهه + ڦل < نشڦل         :       هه < ش.

مٿين مثالن ۽ تجزيي تي غور ڪرڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته سَنڌي، ڪنهن به ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۽ ڪنهن به ٻوليءَ جي تاريخي مطالعي ۾ اهم حصو ادا ڪري ٿي. سَنڌيءَ جي مطالعي مان ئي خبر پوي ٿي ته ٻوليءَ جي آوازن، صوتين ۽ لفظن ۾ ٻوليءَ جي ارتقا سان گڏ ڪهڙي تبديلي ٿي آهي. ڪيترائي لفظ آهن، جن جي اصلي ڌاتوءَ جي خبر تڏهن پئجي سگهندي، جڏهن سَنڌيءَ جي مطالعي جي مدد سان اهڙي لفظ کي ڀڃي، منجهس ڪم آيل آوازن ۽ صوتين ۾آيل تبديلين جو جائزو وٺي، اصلي آوازن ۽ صوتين کي سامهون رکبو. انهيءَ ڪري چئبو ته ڪنهن به ٻوليءَ جي تاريخي مطالعي لاءِ ’سنڌي‘ جو مطالعو نهايت ئي ضروري آهي.

محرم خان ايم .اي .

قديم سنڌي شعر ۽ شاعري

(تاريخي جائزو)

تاريخي پس منظر .

سڀني لکيل تاريخن موجب، عيسوي پنجين صديءَ جي خاتمي کان سنڌ جي باقاعدي حڪومت جو احوال ملڻ لڳي ٿو . انھيءَ کان الڳ جا واقعات سنڌ جي ڪنھن به تاريخ ۾ سلسليوار نٿا ملن. سنڌ جو پھريون دارالحڪومت، جيڪو تاريخي طور اسان کي معلوم آھي، سو الور 1 جو تخت-شھر آھي. انھيءَ شھر ۾ ئي سنڌ جي پھرئين حڪمران خاندان، ”راءِ گهراڻي“ جي حڪومت سن 495ع يعني پنجين صديءَ کان شروع ٿئي ٿي . ’الرور‘جي راڄڌاني ھونئن ته راءِ خاندان جي صاحبيءَ کان به تمام گهڻو اڳي قائم ٿي آھي. ”ايوڌيا جي چندربنسي ۽ کتري راجائن مان (رامچندر جي پوٽي سموترا جي اولاد مان)، يارھن سؤ قبل مسيح ڌاري، راجا بليڪا2 انھيءَ شھر جو بنياد وڌو، ۽ سندس پٽن اتي  حڪومت شروع ڪئي3.“ مھاڀارت جي زماني ۾ ’الروڙ‘تي مھاراجا جئدرٿ ’وير‘جو خاندان حڪمران رھيو1. اتان ھڪڙو پراڻو پراڪرت سلوڪ، پروفيسر سلوين ليويءَ، تمام گهڻيءَ کوجنا کان پوءِ ڳولي  ھٿ ڪيو آھي، جنھن موجب ’اروڙ‘يا ’روڙوا‘(روڙڪ) ’سووير‘ پرڳڻي، يعني بھاولپور، ملتان ۽ (جيسلير) وغيره جي گادي آھي :

Text Box: 205

ونَت پرم ڪلنگا نام، اسڪا نانچه پوٽنم،

ماھستي آونتي نام، ’سؤويرا‘نانچه ’روڙڪم‘.

      انھيءَ قسم جا ٽڙيل پکڙيل پراڻا اھڃاڻ ٻيا به ڪيترائي ملن ٿا، جيڪي تاريخ جو ڪو به سلسلو نٿا جوڙين، ۽ نه وري انھن مان قديم زماني جو ڪو خاطريءَ جھڙو ادبي مواد ئي ملي سگهي ٿو . تنھنڪري، وري به موٽي راءِ گهراڻي جي راڄ  کان ئي هي سلسلو شروع ڪجي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني کان ئي تاريخ جو ڪجهه لاڳيتو احوال ملڻ لڳي ٿو، ۽ شاعريءَ جو ڏس پتو به انهيءَ زماني ۾ ئي ملي ٿو.

        سنڌ ۾ هيءُ ٻڌڌرم جي عروج وارو زمانو آهي. راءِ گهرائي جا چند رونسي راجائون به بڌڌرم جا پوئلڳ هئا. ۽ سندن مائٽي به راجپوتانا جي ٻوڌي راجائن سان هئي3. راءِ خاندان جي بادشاهن جي حڪومت، ڇهين صدي عيسويءَ جي شروع ٿيندي ئي چالو ٿئي ٿي. جا اٽڪل ڏيڍ صدي جاري رهي ٿي ۽ ستين صديءَ جي وچ ڌاري ختم ٿئي ٿي. راءِ ديو جي، راءِ سهاسي راءِ ۽ ٻين جملي پنجن راجائن جا نالا ملن ٿا، جي سڀ پاڻ کي”راءِ“ ڪوٺائيندا هئا. سندن انهيءَ شاهي لقب جي ڪري ئي، سڄي خاندان تي ”راءِ گهراڻي“ جو نالو پيو آهي (راءِ معني راجا ۽ گهراڻو معنيٰ خاندان، يعني بادشاهي خاندان).ستين صديءَ عيسويءَ(632)۾ هيءَ حڪومت برهمڻ_ راڄ به اڌ_مُني صديءَ تائين مس هليو، تان جو اٺين صديءَ جي شروع (712ع) ۾  عرب سنڌ ۾ داخل ٿيا. هن زماني  کان گهڻو اڳي جيڪو چراگاهي دؤر شروع ٿيو هو. سو اڃا به هلندو پئي آيو. چوپايو مال چارڻ ۽ ڌارڻ ماڻهن جو مُک ڌنڌو هو، ۽ تنهن ۾ به ڳائو مال مُک ملڪيت سمجهيو ويندو هو. سنڌ جا مالوند ماڻهو ۽ ڀاڳيا، توڙي ڌراڙ پهنوار، جي اڪثريت ۾ هئا، سي سڀ اڀير، ۽ گجر يا نا گُر، سڀني اڀير(ڳنوار) ڪوٺيا هئا (پهنوار يا پرمار، مارو يا موريه، سانگي يا سانڪلا، اهير يا اڀير، ۽ گجر يا ناگُر، سڀئي ڌراڙ يا مال وند قبيلا آهن.) انهن ڳنوار اهيرن (اڀيرن) جي ٻوليءَ کي ”اڀيرن ڀاشا“ (اپڀرنش) چيو ويندو هو1 ڇاڪاڻ ته تن ڏينهين فقط سرڪاري (علمي) ۽ مذهبي زبان سنسڪرت کي ئي مهذب ۽ شائسته (ادبي) زبان سمجهيو ويندو هو.”سنڌيءَ کي به اڀيرنش دفعي جي ٻولي شمار ڪري سگهجي ٿو“ ۽ اُن جي ڀيٽ ۾ عوامي زبان کي ڌراڙن ۽ ڳنوارن جي ٻولي (اپڀرنش) سڏيو ويندو هو. 2 اڀيرنش زبان ۽ ان جي شاعريءَ جي سنڌ جي تاريخ ۾ تلاش ڪرڻ به، انهيءَ ڪري، قديم سنڌي شاعريءَ جي ڳولا آهي.

مارڪڻڊيه، اپڀرنش جا ٽي نمونا ٻڌايا آهن: وراچڊ-اپڀرنش ۽ اپنا ناگر- اپڀرنش، جن مان وراچڊ-اپڀرنش ته خاص سنڌ جي ئي ٻولي ٺهرائي اٿس. يعقوبيءَ جو چوڻ آهي ته ”وراچڊ ٽنهي ۾ زياده قديم آهي.“ هو ”وراچڊ“کي ”ورج“ لفظ مان نڪتل مڃي ٿو.

’ورج‘معني ڳنوارن جو مسڪن1. (سنڌيءَ ۾ ڳنوارن جو مسڪن معني وراڙي، وٿاڻ، واڙي، واڙ، واڙو، ويڙهو يعني ڳوٺ، جنهن جي معنيٰ واهڻ يا وسينءَ به آهي، ۽ ’وراڙي‘جي معني ويجهي ڇِڪ، جُوءِ، تَرُ، ويڙهه، وغيره. مٿان سڀ لفظ اچار ۾ ’ورج‘ وانگر ئي شروع ٿين ٿا، ۽ معنيٰ پڻ ساڳي ورج واري اٿن.) ”ورج“ لفظ جي اشتقاق جي ’برج ڀاشا‘ جي نالي  مان به تائيد ٿئي ٿي 2. (برج-ورج-پرڳڻي يا بندرابن جي معنيٰ به وراڙي يا مال جي جوُءِ، وڏي هُڙي، ٻيلو يا جهنگل آهي.) ڊاڪٽر وولنر جي راءِ آهي ته ’اڀير ڀاشا‘ يعني اڀيرن جي ٻولي ، اهائي ’وراچڊ‘(براچڊ) اپڀرنش آهي3. ڊنڊڻ ته هن کي ’ادبي ۽ ڪتابي زبان تسليم ڪري ٿو 4 پنهنجي ڪتاب ”ڪاويه درش“ ۾ به ڄاڻايو اٿس ته سنڌ جا اهير، هن ٻوليءَ (وراچڊ) ۾ گيت جوڙيندا هئا ۽ اهي ٻهِ- تُڪا هوندا هئا5. ناگر يا گوجر اپڀرنش جو آستان گجرات آهي. ناگر گيتن جي ثابتي ڊاڪٽر ڀنڊارڪر جي ڪتاب، ”ولسنس فلالاجيڪل ليڪچرس“ (Wilson’s Philogiral Lectures) مان ملي ٿي6. اپنا گر- اپڀرنش، شام سندر جي راءِ ۾، ”هيءَ سنڌ جي وراچڊ-اپڀرنش ۽ گجرات جي ناگر_ اپڀش جي گاڏڙ صورت آهي، جا ڏکڻ _ پنجاب، اتر_ گجرات ۽ الهندي_ راجسٿان جي وچ واري ٻولي آهي“ 1. ٿر جي علائقي (جيسلمير_ بيڪانير) ۾ هن کي’ پونگل ڀاشا‘ به چيو ويندو هو. قديم زماني جا سانگي ۽ ڀاٽ، پنگل ۾ به گيت جوڙيندا هئا، جن مان ڪي ”پراڪرت پنگل“ نالي ڪتاب ۾ به ملن ٿا. هيءَ ڪتاب راجستاني اپڀرنش ٻولين ۾ ڄڻ ڇند (عروض) جو ڪتاب آهي 2 پروفيسر جهمٽمل ڀاوناڻيءَ جو چوڻ آهي ته ”اهو ڪتاب“ ’پنگل‘ نالي‘ جيسلمير جي هڪ آڳاٽي عالم جو جوڙيل آهي 3.“ دراصل ’پنگل‘ يا ’پوڳل‘، جيسلمير جو هڪ ڪهنو شهر آهي، ۽ اڳي هن سڄيءَ رياست تي اهو نالو پيل هو. مٿيون ڪتاب، انهيءَ شهر  جي ڪنهن جهوني اديب جو مرتب ڪيل آهي، جنهن مان هيمچندر به شايد اپڀرنش جا مثال ورتا آهن.

اپڀرنش ڪوتائون ستين صدي عيسويءَ کان ملن ٿيون 4. سنڌ جي تاريخ ۾ اهو راءِ گهراڻي جي حڪومت جو زمانو آهي. اپڀرنش دؤر جي شاعريءَ جا موضوع ڌرم ۽ رزم هئا. درٻار سان وابسته شاعري رجزيه رنگ ۾ رڱيل هئي. درٻار کي، سياسي اقتدار سان گڏ، مذهبي اهميت پڻ حاصل هوندي هئي، مذهب زندگيءَ جو هرشعبي تي پنهنجي ڇاپ هڻي رهيو هو1. اپڀرنش جا پراڻا ٻول(گاٿا) هيمچندر108-1172ع پنهنجي ڪتاب ”سڌ هيمچندر“ ۾ اڳئين زماني جي تصنيفن مان گڏ ڪيا آهن2. اوائلي اپڀرنش جو نمونو هيءَ آهي:

ڀلا هَئَه جُه ماريه، ڀيڻ مَهارو ڪانڌ،

لَڄِي جِيئن ته وئِڻ سَئَهَن، جِئِه ڀڳا گهرانڌ .

عرب حڪومت 712ع کان شروع ٿي آهي، جڏهن اڪثر عوام صلح پرست ٻڌڌرم جو پيرو هو ، پر حڪومت برهمڻن جي هئي ، ”چچنامي“ موجب، سما قبيلي جي ماڻهن، محمد بن قاسم وٽ اچي ڳايو وڄايو هو. انهيءَ مان ان وقت جي شاعريءَ جو پتو پوي ٿو. ڪي لسانيات جا ماهر هن دؤر کي به اپڀرنش واري دؤر ۾ شمار ڪن ٿا، ۽ ”ياد رهي ته سنڌي  ٻوليءَ جي شروعات پڻ اپڀرنش مان ٿي آهي“4.

     عربن جي عهد حڪومت ۾ پهريون ئي دفعو هڪ اهڙي شاعر جو تذڪرو ملي ٿو، جنهن کي تاريخي اهميت به حاصل آهي، هيءَ هباري اميرن جي واري جي ڳالهه آهي. عرب حاڪمن ۾ هباري قبيلو سنڌ جو پويون حڪمران گهراڻو آهي، جنهن جي بانيءَ، عمر هباريءَ (854ع)، بانيه ۾ پنهنجي خود مختار حڪومت جو بنياد وڌو. سندس پٽ، عبدالله(892ع)، بانيه کي ڇڏي، اچي منصوره تي قبضو ڪيو. انهيءَ عبدالله هباريءَ کان اروڙ جي راءِ‎، 883ع ۾ ، اسلامي  عقائد جي سمجهاڻي گهري، ۽ منصوره جي مذڪور شاعر کيس قصيدي ۾ منظوم ڪري اُها سمجهاڻي ڏني. جيتوڻيڪ انهيءَ شاعر جو نالو يا سندن ڪلام معلوم ناهي، ته به شعر جي ميدان ۾ هو هڪ تاريخي شخصيت آهي، ۽ سنڌ ۾ شاعريءَ جي جاري هجڻ جو اهو به هڪ تاريخي ثبوت آهي، عبدالله 915ع ۾ وفات ڪئي، ۽ پٽس ابومنذر (عمر) منصوره جو والي ٿيو. هيءُ سنڌ جو آخرين عرب حاڪم آهي . هن کان پوءِ  به ممڪن آهي  ته ڏهين صديءَ جي ڪجهه حصي تائين، منصوره ۾ هبارين جو وجود باقي رهيو هجي؛ پر تاريخن ۾ هن بعد، ڪنهن به عرب امير جو نالو ڪو نه ٿو ملي. ڏهين صديءَ جا سياح، منصوره جي والين جي وضع قطع هندن جهڙي، يعني لباس ۾ گوڏ، ڊگها وار ۽ ڪنن ۾ ڊگها والا وغيره ٻڌائين ٿا. هي پرڪار سومرن جا ئي لڳن ٿا، ۽ هن بعد سگهوئي سومرن جو وارو اچي ٿو.

مٿي تمهيد طور، سنڌ جي قديم ترين دؤر جي شاعريءَ جا اهڃاڻ پيش ڪيا ويا آهن. پراڪرت توڙي اپڀرنش واري زماني جي شاعريءَ جا ڪي نمونا ڪتابن مان مهيا ڪري، ادبي تاريخ کي علمي طور ماضي بعيد سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئ ويئي آهي . پر انهيءَ جو نج سنڌي شاعريءَ سان لاڳاپو نه آهي؛ خالص سنڌي شاعري، سومرن جي عهد حڪومت سان ئي واسطو رکي ٿي، سومرا حڪومت جو آغاز ئي اصلي ديسي شاعريءَ جي شروعات آهي. سومرا حڪومت جو سڄو ئي عهد، قديم مقامي شاعريءَ جو بنيادي ۽ اوائلي دؤر آهي. سندن حڪومت جي پڄاڻيءَ سان گڏ ئي، پراڻي سنڌي شاعريءَ جي دؤر جي به پڄاڻي ٿئي ٿي . مطلب ته جهوني سنڌي شاعريءَ جو دائرو، سومرا راڄ جي اُسرڻ  کان وٺي، سندن زوال جي حدن تائين پکڙيل آهي. اهڙيءَ حقيقت جي بناءَ تي، ’قديم سنڌي شاعريءَ‘ جي تحقيق خاطر، سومرن جي مڪمل معلومات هئڻ به هڪ بنيادي شيءَ آهي.

Text Box: 211

سومرا ڪير هئا، سندن سماجي ۽ سياسي لاڙا ڪهڙيءَ ڪيفيت جا هئا، سندن مذهبي ۽ معاشرتي رغبت جي ڪهڙي شڪل هئي، ڪڏهن ۽ ڪيئن اُسريا ۽ ڪيئن اقتدار حاصل ڪيائون، وري ڪيئن سندن زوال آيو ۽ ڪڏهين خاتمو ٿيو، وغيره-انهن ۽ ٻين اهڙن سوالن جا ڪي علمي ۽ تاريخي انگ- اکرئي صحيح جواب پيش ڪري سگهندا، سومرن جي اصل نسل جي باري ۾  کوجنا ڪندي، تاريخدان تمام پري نڪري ويا آهن. مولانا حڪيم نجم الغني صاحب، تاريخ ”وقائع راجستان“ ۾ هنن کي هزارين سالن جي قديم کترين جي ’سورج ونسي‘ گهراڻي سان وڃي ملايو آهي، پر وري کين آئوڌ جي راجا رامچندر جي پٽ سپومتر جي شاهي نسل مان، ’چندر بنسي‘ کتري به ثابت ڪيو اٿس1 محترم مولائي شيدائيءَ جي دعوا آهي ته سومرن متعلق مولانا جي مٿين راءِ  ايبٽ صاحب کاب به وڌيڪ محققانه آهي2 مولوي صاحب جي راءِ جي ٻين تاريخن مان به تائيد ٿئي ٿي. علام سيد سليمان ندويءَ به لکيو آهي ته ”سومرن کي ’اصل سوم-راءِ‘چوندا هئا، هنديءَ ۾ ’سوم‘ معني ’چنڊ‘. اهڙيءَ طرح، ’سنگهار‘ کي ’سنگهه_ راءِ‘، ۽ ڀنگا_ راءِ‘ سمجهڻ گهرجي“1. سيد نجـــم الغني جو به اهو ئي چوڻ آهي ته ’سومرا‘ لفظ اصل ۾ ’سوم _ راءِ‘ آهي، جيئن ’دود راءِ‘، دلو راءِ‘ پاٿوراءِ‘ ۽ ’کنراءِ‘ وغيره2 ڪن وري سومرن کي مهاراجا چندر گپت موريا جي شاهي خاندان مان شمار ڪيو آهي3 ڪرنل جيمس ٽاڊ جو چوڻ آهي ته ”موريا“ چندر گپت جا پويان آهن، جن کي ’موري‘ يا ’مارو‘ به چوندا آهن، ۽ انهن تان ئي ’مارو‘ ديس تي (مارو_ويڙهه، مارو_ واڙا)’مارواڙ‘نالو پيو آهي، راجستان ۾ رهندڙ سڀئي کتري ’مارو‘ سڏبا آهن4. کترين کي ’اپنشد‘ جڳ ۾’راجنيه‘ (راءِ_ڄڻيه) يعني راجائي ڄڻ، راجائن جا ڄڻيل (اولاد) چيو ويندو هو. اهو لفظ پوءِ ڦري ’ راءِ پوترا‘يا ’راجه پوت‘ (راجائن جا پٽ) ۽ ”راجپوت“ ٿيو آهي5، انهيءَ ڪري سومرن کي به ’راجپوت‘ يعني شاهي خاندان جا فرد چيو ويو آهي. پر راجپورتن جا به ڪئين گهراڻا آهن: انهن مان سومرن جو ڪهڙو گهراڻو آهي، تنهن باري ۾ ڪن جو چوڻ آهي ته ”سوڍا راجپوتـــن ۾  ’امرا سؤمرا‘ جي نسل واريءَ شاخ کـــــي سومرن جو خانــــــدان چيو وڃي ٿو“6. ڪـــــن وري سومرن کي يــــادو راجا بلند جــــــي پٽ ’ساما‘ جو اولاد‘ ڀٽي راجپوت، ڄاڻايو آهي1. پر،”سنڌ گزيٽيئر“ (صفحو179)، ڪرنل ٽــاڊايبٽ صاحب، مرزا قليچ بيگ، ۽ ٻين ڪيترن ئي سومرن کي پرمار راجپوت مڃيو آهي، ۽ گهڻو ڪري سڀ  تاريخون  انهيءَ تي منتفق آهن. راجپوتن جا ڇٽيهه گهراڻا آهن، جن مان چار وڏا گهر_ پرمار‘ پڙهيار، سولنگي، ۽  چوهاڻ _ بنيادي  ۽ اصل آهن. وري انهن چونڊ چئن گهرن ۾  به ، اوچي ذات پرمارن جي آهي2. سورٺ سورمِي به پرمار شهزادي هئي، جنهن لاءِ چيو اٿن ته :

Text Box: 213

سورٺ ساگر ديپ جي، جات اوچي پرمار،

ٻيٽي راجا ڀوڄ ڪِي، پالي رتن ڪنڀار،

پرڻيو  راءِ  کنگهار، مڱ انيراءِ  چوهاڻ جي.

پرمارن  جا وري پنجٽيهه پاڙا آهن_ اومرا سمرا، مارو يا موريا، ڀٽي ۽ سوڍا وغيره. جن مان ’اومرا‘ سمرا‘ پهريائين مسلمان ٿيا3. راجسٿان ۾ پرمارن جون عرصي دراز تائين وسيع حڪومتون رهيون.”پرٿوي پرمارن جي آهي“_هيءَ سندن عروج واري زماني جي گونج آهي.ھنن ستلج کان وٺي دکن تائين چوڏھن حڪومتن قائم ڪيون : اُجين، ڌارا، آبو، چتور، مالوا، پٽن، لوڌرو، اومرڪوٽ ۽ بکر سندن مشھور تختگاھ ھئا. منجھائن ’امره سمره‘جي خاندان اسلام قبول ڪيو، جي سومرا ڪوٺجن ٿا4. سرھينري ايلئٽ، تاريخ طاھريءَ جي حوالي سان، سومرن کي اروڙ جي شاھي خاندان جا حڪمران راجپوت ثابت ڪيو آھي، جي پوءِ مسلمان ٿيا آھن .1 اروڙ جي ’راءِ خاندان ‘وارا به ’چندر ونسي‘ھئا، جيئن مٿي آيو آھي . ممڪن آھي ته اھي به پرمارن مان ھجن ! سومرن متعلق مٿي پيش ڪيل حقيقتن مان ايترو ته معلوم ٿيو ته اصل ھو سنڌ کان اڀرندي طرف راجسٿان جا پرمار راجپوت آھن، جي پوءِ مسلمان ٿيا ۽ عربن کان پوءِ سنڌ جا حاڪم ٿيا آھن . پر اھي ڪيئن مسلمان ٿيا ۽ ڪڏھن حڪومت ھٿ ڪيائون ؟ سا ڳالھه به غور طلب آھي .

تاريخن ۾ عام طرح 1050ع کان سومرن جي حڪومت ليکجي ٿي، جا ڳالھه صحيح نه آھي ھن سلسلي ۾ اڳاٽي ۾ آڳاٽو احوال شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرحوم ’تاريخ قديم سنڌ‘۾ ڏنو آھي ته ”سومرا عيسوي اٺين صديءَ کان سنڌ جا والي بنيا“ (ص413). وري ٻئي ھنڌ ساڳي ڳالھه وڌيڪ چٽي ڪري لکي اٿس ته ”بني آميه خليفن جي وقت (712-749ع) ۾ راجا دلوراءِ سومرو اروڙو جو حاڪم ھو، اروڙ کي ان ڪري دلور به سڌيندا ھئا“ 2. ھن سلسلي ۾ مٿي پيش ڪيل ايلئٽ صاحب جي تحقيقات مان به ساڳيو مطلب ٿو نڪري . مرزا قليچ بيگ جي اھا دعوا ٻيءَ طرح به تاريخ مان ثابت ٿئي ٿي . ”غازي محمد بن قاسم ثقفيءَ کان پوءِ، ڏھ-پندرھن سال اروڙ ۾ اموي امن سان رھيا، پر خليفي ھشام (723ع) جي ڏينھن ۾ دارالخلافت دمشق ۽ ان جي ماتحت علائقن ۾ فساد ٿيا. اروڙ ۾ ان وقت تميم بن زيد عتبي Text Box: 215
ناظم مقرر ٿي آيو، ۽ بد قسمتيءَ سان اروڙ ۾ به يمني حجازي عربن جي باھمي نا اتفاقيءَ ڪري خانه جنگي شروع ٿي ويئي. تميم پنھنجي ڪمزور جماعت يمنيءَ جو طرفدار ٿيو، پر حجازي (نزاري) غالب پئجي ويا ۽ ملڪ ۾ بدنظمي پکڙجي ويئي . تميم عتبي ٻي ڪا واھ نه ڏسي، اروڙ خالي ڪري عراق ڏانھن روانو ٿيو. پٺيان اروڙ سڄيءَ سنڌ ۾ بدامني پکڙجي ويئي سنڌ جي باغين ھرطرف غلبو ڪرڻ شروع ڪيو؛ عرب پنھنجا مرڪز خالي ڪري سنڌ مان ھجرت ڪرڻ لڳا. اھي مرڪز بقول بلاذريءَ جي وري آباد نه ٿي سگهيا. گهڻا نو مسلم مرتد ٿي ويا ۽ باجگذار خود مختار ٿي ويا“1. ھيءُ سن 729ع جو واقعو آھي، جنھن ۾ اروڙ خود مختياري حاصل ڪئي. انھيءَ ڪري عمرو بن محمد ثقفيءَ، عربن جي علحده رھائش لاءِ منصوره شھر جو بنياد وڌو، جو پڇاڙيءَ تائين سنڌ ۾ عربن جو دارالحڪومت رھيو. ھن وقت کان ئي ملتان ۽ منصوره جون ٻه علحديون عرب رياستون قائم ٿيون، ۽ ٻني جي وچ ۾ اروڙ جي ڏيھي رياست قائم ٿي. مٿينءَ بدنظميءَ مان ناجائز فائدو وٺي، چندرونسي راون، اروڙ تي قبضوڪري ورتو. انھيءَ وقت کان ئي سندن اڳواڻ دلوراءِ پھريون (723-729ع)، اروڙ جو خودمختار راجا ٿيو. دلوراءِ ٻئي يا ٽئين جا نالا به تاريخن ۾ ملن ٿا، جن ٽنھي جو تعلق ڏومڻ سوناري، مورڙي ملاح، سيف الملوڪ ۽ ڇُٽي ھمراڻي وارن قصن سان آھي. ھڪڙي دلوراءِ جي حڪومت جي سرحد اتر ۾ ديري غازي خان کان، ڏکڻ ۾ نيرو ن ڪوٽ تائين ھئي (ابوظفر ندوي ص 308). ھن کان پوءِ سومرن جا ڪي نه ڪي نالا ۽ حالات ملندائي رھن ٿا: ۽ جڏھن سندن سياسي طاقت يا سلطنت ۾ ڪو اضافو ٿيندو رھيو آھي ، جداجدا تاريخن اھوئي سال سندن ابتدا جو ٺھرايو آھي. تحفته الڪرام ھن کان ھڪ صدي پوءِ(846)، سندن حڪومت کي تسليم ڪيو آھي (جملي حڪومت جا 505 سال 1351ع تائين ڳڻيا اٿس)، مولانا سيد ابوظفر ندويءَ جي تحقيق مطابق، عمر ھباريءَ جي ڏينھن ۾،860ع ۾، حڪومت شروع ڪيائون ۽ 1010ع ۾ منصوره تي قبضو ڪيائون1. پر منصوره ۾ شايد اروڙ واري زلزلي (952-962ع)جي تباھيءَ بعد اچي قبضو ڪيائون. ڍولا مارو جي قصي مان معلوم ٿئي ٿو ته 967ع ۾ ٿر ۾ ’اومرو‘نالي تمام ڪو زبردست سومرو راڄ ڪندو ھو2. اھڙيءَ طرح 1020ع ۾ سنڌ جو مشھور معروف سومرو بادشاھ ’ھمير‘منصوره جو حاڪم ھو، جنھن پونڳل جي راجا کان اومرڪوٽ کسيو، وير ويھاس گجر کي ماريو، پونئري ڄام جي ڌيءَ پرڻيو ۽ جاسل کي ڀڄائي آيو. محمود غزنويءَ جي ڏينھن (1024ع) ۾ جيڪو ’خفيف‘سومرو منصوره جو والي ھو، سو ھن ئي راءِ جو حرفتي نالو ھو-ڇاڪاڻ ته سومرن کي قرامتي شيعن کان سبق مليل ھو ته ڳجھه ڳوھ ۾ ئي ھرطرف قبضو ڪجي، ۽ وڏين سلطنتن اڳيان پاڻ ڏٺو نه ڪجي ۽ نڪي ڪنھن سان کليو مقابلو ڪجي، متان رھندو ھٿ آيل طاقت کسجي وڃي. قرمط لفظ جي معني ئي آھي ’ڳجھي سٽاءَ‘، اڻلکو ليڪو، يا خفيف نشان. انھيءَ ڪري ڏھين صديءَ جي پڇاڙيءَ سوڌو، جڏھن ھبارين جو قبضو فقط منصوري جي شھر تي وڃي رھيو، ته به اٽڪلي (قرامطي) سومرا، مٿينءَ دليان، پاڻ کي بغداد جي سُني خليفن جو حواري چوائيندا آيا. ھيءَ به قرامطين جي ھڪڙي رمز ھئي. مٿئين ھمير(1020-1050ع) جو رمز وارو نالو خفيف ھو. مٿيان انگ اکر انھيءَ ڳالھه جي چٽائيءَ لاءِ پيش ڪياويا آھن ته سومرن جي حڪومت دراصل 723ع کان شروع ٿي آھي، نه ڪه 1051ع کان، جيئن عام طرح سمجھيو وڃي ٿو .

سومرن جي اوائلي مذھبي ڪيفيت به ھڪ دلچسپ ڳجھارت آھي. سومرا مسلمان ھئا يا ھندو، جي مسلمان ھئا ته ڪڏھن ۽ ڪيئن ٿيا۽ اسلام جي ڪھڙي گروھ ۽ فرقي جا پوئلڳ ھئا؟ انھيءَ جو ڪجھه اندازو ته مٿئين بيان مان به معلوم ٿي وڃي ٿو. ۽ باقي سوالن جا سڀ جواب قرمط لفظ جي ’تقيه‘ھيٺ ڍڪيل آھن. اروڙ واي حادثي مان پڌرو آھي ته اول قرامطي شيعن سان ئي سندن واسطو پيو. ان بعد فاطمي خلافت جو دائي عبدالله اشتر (علوي)سنڌ ۾ عباسين جي خلافت کي ڪمزور ۽ بي اثر بنائڻ جي منصوبي سان 758ع ۾ بصري کان آيو. ھيءُ گرفتاريءَ جي خوف کان يا سندس سازش ظاھر ٿيڻ جي انديشي کان، درياھ (پُراڻ) جي اڀرندي پار جنوبي ريگستان (ڍٽ) جي راجا وٽ (768ع تائين)ڏھ سال سام رھيو. اتي ڳجھه ڳوھ ۾ عباسين خلاف چار سؤ راجپوتن سندس ھٿ تي بيعت ڪئي1. غالباً اھو راجا به سومرو ئي ھو. تنھن کان سواءِ عبدالله ميمون (900ع) جا ”ڳجھا خط“ به عباسين خلاف بغاوت اٿارڻ لڳا. اھڙي ھنگامي ماحول ۾ سومرن جو سياسي مذھب، قرامطي يا اسماعيلي ھجڻ لازمي ھو، ۽ سياسي مصلحت جي بناءَ تي ھو اھڙو اظھار به ڪندا رھيا. سومرن کي پڪو مسلمان بنائڻ وارو بھاءُ الدين زڪريا ملتاني ھو. ھن موقعي جي نسبت ۾، سومرن کي رڻ پٽ ۾ پاڻي پيارڻ واري، غوث جي مشھور ڪرامت آھي. انھيءَ ڪري حڪمران قوم جي ڪيترن ئي خاندانن تي، اسلام جي حقيقت ۽ سچائيءَ جو پختو يقين ويھي ويو، پر خاص پڳدارگهراڻو، دودي –چنسير واريءَ جنگ (1300-1313ع)تائين به، وڏن جي پرِ تي قائم رھيو. اُچ جي فرمانروا سومري، گستاخي ڪري مخدوم جھانيان (1397ع) کي مسجد مان لوڌائي ڪڍيو. مخدوم فرمايو ته ”سومرو ديوانو آھي !“ بادشاھ سچ پچ چريو ٿي پيو، جنھن جي والده مخدوم کان معافي ورتي ۽ سومرو ھوش ۾ اچڻ کان پوءِ اسماعيليت کان تائب ٿيو[1]. وري 1471ع ۾ گجرات جي محمود بيگڙي سلطان، ڍٽ ۽ ٿر جي سومرن کي گهيري ۾ آڻي تنگ ڪيو، تڏھين سندن قوم جي مُکي (پڳدار)عاجز ٿي اعتراف ڪيو ته ”اسين آھيون ته مسلمان، پر جاھل ھئڻ ڪري، مرڻي پرڻي ھندن سان رلي ملي ويا آھيون.“ سلطان بيگڙي کي مٿن قياس آيو ۽ ھڙان خرچ ڪري، سندن تعليم لاءِ علماءَ مقرر ڪيائين2. اھڙي طرح سومرن جا مختلف قبيلا جدا جدا وقتن تي اسلام قبوليندا پئي آيا آھن، جن مان پوءِ جنھاڻي شھر جا سومرا علماءَ مشھور ٿيا آھن. پوءِ ته سنڌ جي سومرن، اسلام جي اشاعت ۽ تبليغ ۾، سڄيءَ سنڌ جي رھبري ڪئي آهي ۽ عوام کي زبردست روحاني فيض رسايو اٿن. مخدوم نورالله، مخدوم، اسماعيل، درويش صادق فقير صوفي، شيخ رھاڻ ۽ ٻيا ڪيترائي مشھور اولياءَ ۽ خدا رسيده بزرگ ۽ علماءَ ڪرام، سومرا خاندان مان ٿيا آھن، جن جو ملتان کان ڪڇ تائين وڏيون درگاھون ۽گاديون آھن.

Text Box: 219

ھيءَ به عجيب ۽ حيرت انگيز حقيقت آھي ته سومرن جو اسلام سان عقيدت ۽ صداقت جو عين اھو زمانو آھي، جيڪو سندن ڪمال عروج وارو زمانو پڻ آھي . سندن سلطنت جي وسعت ۽ عظمت جو اندازو ڪجھه ته ذڪر ڪيل حدود اربع مان ٿي چڪو ھوندو ۽ ڪجھه ايندڙ احوال مان به ثابت ٿيندو، ته اتر ۾ ديرو غازي خان، ملتان، ، اُچ، پٽن،سبي، اروڙ، سيوھڻ، بکر وغيره؛ ۽ اڀرندي ڏي راجسٿان، لوڌيرو (لڊاڻو) جيسلمير، ڍٽ، پونڳل،بيڪانير،ٿر، برھمڻ آباد ۽ عمر ڪوٽ وغيره ؛ ڏکڻ ڏي گجرات، مالوه، ڪاٺياواڙ، ڪڇ، سورت، وڳھه ڪوٽ ۽ روپاھ ماڙي وغيره؛ الھندي ڏي ڪڇ، مڪران، لسٻيلو، قلات، جھالاوان، ڪاڇي؛ ۽ اتر اڀرندي بلوچستان سبيءَ کان ڦري ديري غازي خان تائين؛ جيئن ھيٺ ڏنل احوال مان به ثابت ٿيندو. ايترا پرڳڻا ۽ انھن جا ايترا تختگاھ معلوم ڪرڻ کان پوءِ، ممڪن نٿو لڳي ته ڪو ھڪڙو ئي بادشاھ، ساڳئي وقت ايڏي ساري سلطنت سنڀالي سگهيو ھوندو؛ جيڪا ڏکڻ پنجاب کان وٺي، ھيٺ سمنڊ تائين ۽ مشرقي بلوچستان جي روھه کان وٺي، اڀرندي رڻ ۾ ڪنھن نامعلوم رڃ جي حدن تائين پکڙيل ھئي. ٿي سگهي ٿو ته جدا جدا وقتن تي مختلف بادشاھن ڪي پاسا ولاريا ۽ خالي ڪيا ھجن ؛ يا ساڳي وقت ھڪ کان گهڻا سومرا بادشاھه ھڪٻئي جا دنگئي يا پاڙيسري ھجن. پرائبٽ صاحبَ، تاريخ طاھري، چچنامي، تحفته الڪرام ۽ منتخب تواريخ وغيره کان علاوه گجراتي تاريخن جي خوب ورق گرداني ڪئي آھي ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو اٿس ته ڪو زمانو ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، ۽ سورت تي جيڪا راجپوت قوم حڪمران ھئي، سا سومرن جي قوم ھئي. منگرڀينءَ واري قصي ۾ ڀيم درويش جي بيگناھه قتل ٿيڻ واري واقعي مان به پڌري پٽ ثابت ڪيو اٿس ته ان وقت ڪڇ، گجرات، سورت ۽ ڪاٺياواڙ تي اھڙو ھڪ زبردست سومرو حاڪم راڄ ڪندو ھو، جنھن جي مڃتا ڪيچ مڪران کان ويندي، بکر ۽ ملتان تائين ھوندي ھئي1. ازان سواءِ قلات ڏي ڪڇي ۽ جھالاوان به سندن ماتحت ھئا2. مطلب ته ريگستان جي علائقي کان وٺي بلوچستان جي ڪيچ ۽ مڪران، ڪاڇي ۽ جھالاوان تائين سومرن جي حڪومت پکڙيل ھئي3.

ايڏي وسيع ۽ عظيم سلطنت ڪيئن ۽ ڪڏھن ختم ٿي ؟ ان جو ٿُلھي ليکي جواب آھي ته اُھا 13507ع ۾ سمن جي ھٿان ختم ٿي . ھيءُ ڄام انڙ جي ھٿان، سيوھڻ جي ملڪ رتن جي مارجڻ جو واقعو آھي؛ جڏھن انڙ ڄام درياھه جي الھندي، ٺٽي ۽ دادو ضلعن ۾ سمن جي طاقت جو بنياد رکيو. ھيءُ ڪو سومرن جي خاتمي جو قطعي واقعو نه آھي. ھن واقعي کان پوءِ سومرن پنھنجي حڪومت جو ڪجھه حصو ئي ڇڏيو آھي. Text Box: 221

ھن کان پوءِ به ھڪ ٻه صديون سومرن جي حڪومت اڀرندي  سنڌ ۽ راجسٿان ۾ باقائدي ھلندي رھي آھي. سومرا حڪومت جو پھريون دور ڄام انڙ جي سوڀ کان ڪجھه اڳڀرو پورو ٿيو ھو، جڏھن ھن الھندي لاڙ واري مرڪز کي ڇڏي ڏنو ۽ سمن کي اُسرڻ جو موقعو مليو. ھن کان پوءِ سومرن ۽ سمن جون ٻه متوازي حڪومتون الھندي ۽ اڀرندي سنڌ تي گڏو گڏ ھلنديون رھيون آھن (پر سومرن جي ڀيٽ ۾ سما حڪومت فقط صدي-ڏيڍ صدي ھلي آھي، سا به اولھه-ڏکڻ سنڌ تي.)سومرن جا تختگاهه هميشه ڦرندا ئي رهيا آهن. محمد طور سومري (1254-1271ع)1 جي وسايل شهر”محمد طور“ کي ڇڏي، هُنن وري ٻيو ڀيرو عمرڪوٽ گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو . سومرا حڪومت جي هيءَ ٻيو دؤر 1355ع کان شمار ٿئي ٿو. عمر_ مارئي، ليلان_ چنيسر، مومل_ راڻو، نيرل راڻي، عمر ۽ گنگا وغيره جا واقعا به هن ٻئي دؤر ۾ ٿي گذريا آهن. عمرسومري (1355-.1390ع) کان پوءِ  ڀونگر ٽئين ، ڏهه سال عمرڪوٽ تي حڪومت ڪئي  ۽ 1400ع ۾ وفات ڪيائين. پوءِ همير (راڻي مينڌري جو ڀيڻويو) تخت تي ويٺو، جنهن کان همير سوڍي (1439_1440) ۾ عمرڪوٽ هٿ ڪيو2. هي واقعو ڄام انڙ کان هڪ صدي پوءِ جو آهي ۽ اهڙي صدي کن پوءِ به سومرا حڪومت تاريخن مان ثابت ٿئي ٿي. گجراتي محمود بيگڙي سومرن جي مذهبي روش کان خفا ٿي ساڻن ٿر ۽ ڍٽ ۾ لڙايون ڪيون، جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي_ هيءُ سن 1471ع جو واقعو آهي . ان کان ڏهه_ ويهه سال پوءِ، معروف نالي بکر جي قاضيءَ (جو سومرن جي حڪومت ۾ هو) ڄام سنجر وٽ شڪايت ڪئي ته سومرن مون کي گذران لاءِ معقول وظيفو نه ڏنو آهي، تنگدستيءَ سبب ڌرين کان ’بخثش‘ وٺڻي پوي ٿي. ڄام سنجر جو زمانو 1484-1490ع تائين آهي1، تنهن کان  پوءِ جا به ڪي سومرا حاڪم پنهنجن مرڪزن ۾ قلعن جي مرامت ڪرائيندا معلوم ٿين ٿا. بيڪانير_ بهاولپور سرحد وٽ، هاڪڙي جي  ڪناري تي، مروٽ جو قلعو به سومرن جو مرڪز هو. ان جي مرمت سومري حاڪم سنبت 1548 بڪرمي(1491ع) ۾ ڪرائي آهي. انهيءَ سال جو هندي ڪتبو قلعي جي دروازي تي لڳل آهي2 سورهين صديءَ جي اوائل ۾ به محمد نالي سومرن جو ناليرو سردار هو، جو مصر ۽ شام تائين مشهور هو. انهيءَ محمد سومري وٽ، مصري  امام جو داعي، شام کان بچائيندو بچائيندو اچي سنڌ ۾ پهتو هو. پر محمد سومري کيس پير ئي نه کوڙڻ ڏنا3. مٿين حوالن مان ثابت آهي ته سنڌ ۾ سومرن جو زور پندرهن صديءَ جي پچاڙيءَ تائين، بلڪ سورهين صديءَ جي شروع تائين باقي رهيو آهي. عام معلومات وارو سال 1350ع سومرن جي خاتمي جو نه، پر سندن انتهائي عروج وارو زمانو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ سومرا دراصل هڪ اهڙي پراسرار قوم آهي، جن جي حڪومت. زماني جي ڪنهن خفيف نشان وٽان شروع ٿئي ٿي، سندن عروج ۽ ڪمال جي


1         ساميءَ جي سلوڪن ۾ مرب آواز/ نيه/ جا مثال ملن ٿا.

جيئن ٻيڙيءَ پور، تيئن لوڪ ڪٽنب جا،

جنين سُنيا پنهنجا، سي ٿيا چڪناچور؛

ڇڏي لوڪ لجا، عاشق چڙهيا اڇ تي،

منيائون محبوب جي، سامي سڀ رَجا؛

کوڙي کاموشيءَ ۾، ويٺا ڌيان ڌجا،

ملي ڪرن مجا، ستـﮧ سڌ سروپ جي.

حوالي لاءِ ڏسو: ڪلياڻ آڏواڻي: ”سامي“، چرچ گيٽ، بمبئي 1، 1953ع، ص ص 88 ۽ 136

1  خواجا غلام علي الانا: ”سنڌي صورتخطي“، ڇاپو ٻيو. سنڌي زبان پبليڪيسن، حيدرآباد، 1964ع، ص 28.

2  سنڏ ۾ مقيم پنجابي ماڻهو ڪران اُچاريندا آهن.

1  چپ ۽ ڏندن گاڏئون گهڪيدار آواز (وَ) ۽ نيم_ سر (وَ) جي اُچار ۾ فرق آهي. نيم_ سُر جي اُچارڻ لاءِ ٻئي چپ گول ڪبا آهن. ڏسو: خواجا غلام علي الانا: حوالو مٿي ڏنل، ص 28.

      سنڌي الف _ ب ۾ مٿين ٻنهي آوازن_ چپ_ ڏندن گاڏائون گهڪيدار آواز (و v= ۽ ٻن چپن واري نيم_ سر [w=] _ کي هڪ ئي حرف جي صورت ۾ لکيو ويندو آهي. عربيءَ جي صوتياتي نظام ۾ چپ_ ڏندن گاڏئون گهڪيدار آواز ٿئي ئي ڪونه، تنهنڪري عربيءَ ۾ صرف ٻن_ چپن واري نيم_ سر لاءِ ئي حرف مقرر ڪيل آهي، جو اُهي و اهو حرف w جي لکيل صورت آهي ۽ نه v جي. هن لاءِ وڌيڪ بحث جي ضرورت آهي.

1  الور، الرور، الروڙ، اروڙ، روڙ، روڙوا، روڙڪا ۽ روڙڪ، ساڳئي نالي جون بدليل صورتون آهن.

2  راجا بليڪا جو زمانو تيرٿ وسنت ڇين صدي ق.م ٻڌايو آهي ”چڻنگون“: ص 30.

3  ”تاريخ جنت السنڌ“: رحيمداد خان مولائي شيدائي، ص 69 ۽ ”تاريخ راجسٿان“: ڪرنل جيمس ٽاڊ جلد پهريون، ص 61.

1  ”قديم سنڌ“: مرزا قليچ بيگ ص 201. ”قديم سنڌ“: مولوي نور محمد نظاماڻي ص 27. ”قديم سنڌ“: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ص 245 ۽ ٻيا.

2  ”آريه ورت“: گنگارام سمراٽ، ص 366 ۽ ”سنڌ جو پراچين اتهاس“: دوارڪا پرشاد روچيرام شرما (ڀاڱو ٻيو) ص 157.

3  ”تاريخ تمدن سنڌ“. مولائي شيدائي ص 126.

1  ”اردو زبان ڪا ارتقا“: ڊاڪٽر شوڪت سبزواري ص 36 ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“: ڀيرمل مهرچند اڏواڻي، ص 65.

2  ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص 18.

1  ”اردو زبان ڪا ارتقا“: ڊاڪٽر شوڪت سبزواري، ص 37.

2 -3 ”اردو زبان ڪا ارتقا“: ڊاڪٽر شوڪت سبزواري ص 37.

4  ”سنڌي ٻوليءَ جيمختصر تاريخ“: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ص 13.

5 -6 ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ص 65-66

1  ”اردو زبان ڪا ارتقا“: ڊاڪٽر شوڪت سبزواري، ص 37.

2  ”اردو زبان ڪا ارتقا“: ڊاڪٽر شوڪت سبزواري، ص 38.

3  ”ڇند سڳنڌ“: جهمٽمل خوبچند ڀاوناڻي، ص 1.

4  ”هندي ادب جي تاريخ“: ڊاڪٽر محمد حسن، عيلڳڙهه يونيورسٽي، 1955ع ص 16، 17 ۽ 25

1 -2 ”هندي ادب جي تاريخ“: ڊاڪٽر محمد حسن، علي ڳڙهه يونيورسٽي، 1955ع ص 16، 17 ۽ 25.

3  ”هندي ادب جي تاريخ“: ڊاڪٽر محمد حسن، ص 24، ”قصو ڍولا مارو“: پروفيسر جهمٽمل خوبچند ڀاوناڻي، ص 76.

4  مضمون ”هندي ۽ سنڌي شاعريءَ جو لاڳاپو“: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، رسالو مهراڻ“ سيارو، 1-1955ع، ص 108.

1  ”وقائع راجستان“: مولانا حڪيم نجم الغني، ص 51-52.

2  تاريخ ”جنت السنڌ“: مولائي شيدائي، ص 307.

1  ”تاريخ و سياست“ (اردو): سيد سليمان ندوي، ص 22.

2  ”تاريخ سنڌ“ (اردو): مولانا سيد ابو ظفر ندوي، (ريسرچ اسڪالر ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي) ص 284.

3  ”وقائع راجستان“: مولانا حڪيم نجم الغني، ص 51-52.

4  ”ڍولا _ مارو“: پروفيسر جهٽمل ڀاوناڻي، ص 7.

5 ”تاريخ ريگستان“: رائچند هريجن، ص 28-30-54.

6  ”ڍولا_ مارو“: پروفيسر جهٽمل ڀاوناڻي، ص 7.

1  ۽ 2 ”تاريخ ريگستان“: رائچند هريجن، ص 28، 30-54.

3  ”تاريخ ريگستان“: رائچند هريجن ص 28-29.

4  ”تاريخ جنت السنڌ“: مولائي شيدائي ص 307-308.

1  ”هسٽري آف انڊيا“: حوالو، جلد 1 ص 484 ”تاريخ سنڌ“: عبدالغني ميمڻ“ مسلم ادبي سوسائٽي، ص 95.

2  ”قديم سنڌ“ (ان جا شهر ۽ ماڻهو) مرزا قليچ بيگ ص 309.

1  ”تاريخ سنڌ“ (اردو) مولانا سيد ابوظفر ندوي ص 136-137 ۽ ”تاريخ سنڌ“، عبدالغني عبدالله ميمڻ ص 44 ۽ ”جنت السنڌ“ مولائي شيدائي ص 118.

1  ”تاريخ سنڌ“ مولانا ابوظفر صاحب ندوي ص 285.

2  ”قصو ڍولا مارو“ پروفيسر جهٽمل خوبچند ڀاوناڻي ص 5.

1  ”تاريخ جتن السنڌ“: مولائي شيدائي ص 123-170 ۽ ”تاريخ سنڌ“ (اردو): مولانا سيد ابوظفر ندوي، ص 150-156.

[1]  ”تاريخ سنڌ“: مولانا ابوظفر ندوي ص 317 ۽ ”تاريخ جنت السنڌ“: مولائاي شيدائي ص 312.

2  ”تاريخ سنڌ“: سيد ابوظفر ندوي ص 323 ۽ ”تاريخ ريگستان“: رائچند ريجن ص 59.

1  ”تاريخ سنڌ“: عبدالغني ميمڻ، مسلم ادبي سوسائٽي، ص 96 ۽ ايبٽ صاحب جي ”سنڌ“: ص 89 ۽ ”جنت السنڌ“: مولائي شيدائي، ص 318.

2  ۽ 3 ”تاريخ جنت السنڌ“: رحيمداد خان مولائي شيدائي ص 313-330.

1  ”قديم سنڌ“ (ان جا شهر ۽ ماڻهو) شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ص 372.

2  ”تاريخ ريگستان“ رائچند هريجن، ص 69.

1  ”تاريخ سنڌ“ عبدالغني ميمڻ سنڌ مسلم سوسائٽي ص 161.

2  ”سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ص 82 (۽ فوٽ نوٽ ص 96 جي هيٺان).

3  ”تاريخ سنڌ“ (اردو) مولانا سيد ابوظفر ندوي ص 324.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com