سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1967ع

مضمون:

صفحو :12

سهجان: ۽ ملوڪ، انهيءَ محبت جي سهاري آءُ توکي روڪيان ٿي. پر آءُ سمجهان ٿي ته تون منهنجي چئي تي نه ترسندين! ڇاڪاڻ ته تنهنجي عادت آهي ته تون جڏهن ڪوانجام ڪندو آهين، تڏهن تون پنهنجي ساهه جي سَٽ هڻي به اُن جي پورائي ڪندو آهين!

ملوڪ: جڏهن تون انهيءَ عادت کان واقف آهين، ته پوءِ توکي، مون کي خوشيءَ سان اجازت ڏيڻ گهرجي!

سهجان: ڪيئن اجازت ڏيان! دل چئي نٿي. منهنجو خواب ۽ تنهنجو سفر، ڌڻي ڄاڻي ڇا ٿيڻ وارو آهي...!

[موسيقي جو تاثر، پاڻيءَ جي لهرين ۽ ماڻهن جي هلڪي گوڙ جو تاثر]

ملوڪ: هاڻي کِليِ موڪل ڏي، سهجان! ڌڻيءَ جي در دعا گهر ته سفر سلامتيءَ سان گذري_ جنهن ڪم لاءِ وڃان پيو تنهن ۾ ڪاميابي نصيب ٿئي...!

سهجان: منهنجي دل ۾ تو لاءِ فقط دعائون آهن، ۽ اهي دعائون آءُ سنجهه صبح پئي ڪنديس! تنهنجي ورڻ جون ته مون سکائون باسيون آهن_ تنهنجي تات ۽ طلب ۾ آءُ تنهنجن واٽن تي نيڻ وڇايو ويٺي هونديس. تنهنجون خوشيون اسان لاءِ فراق! شل اسان جا گوندر گهٽجن، اگوندرئي اچي!

ملوڪ: سڀ ٺيڪ ٿيندو... آءُ موٽندس، منهنجي دل چئي ٿي.

سهجان: تون ضرور ورندين، پر الائجي ڪيئن، مون کي خوف آهي!

ملوڪ: خوف جي ڳالهه ڪانهي، آءُ خوشيءَ جي سفر تي پيو وڃان. هن سفر جي ڪاميابيءَ کان پوءِ اسان جي حياتيءَ جا ڏينهن ڦري ويندا.

سهجان: پر ملوڪ  منهنجو خواب...

ملوڪ: (کِليِ) تنهنجو خواب ڪوڙو ٿيندو! سهجان!

سهجان: شل ڌڻي ائين ئي ڪري. مون ته انهيءَ لاءِ سکا باسي آهي.

ملوڪ: گڏجي ڏينداسين، سهجان!... همراهو! هاڻي الله توهار_ سهجان، ڌڻيءَ کي پرتينءَ!

سهجان: ڌڻي توکي خير سلامتيءَ سان واپس وطن تي واري.

ملوڪ: الله توهار_ ٻيڙي جا پاسا ڇڏايو. آواز: الله توهار_ ٻيڙي جا پاسا ڇڏايو.

[ٻيڙي جي هلڻ جو آواز، پاڻيءَ جون لهرون، غمزده موسيقي اُڀري ٿي جنهن ۾ وداعيه تاثر آهي]

سهجان: سامونڊيءَ سان پريت جو پيچ پائي اسان کي ڇا مليو_ ورهه ۽ فراق_ اوسيئڙو ۽ انتظار_! منهنجا مالڪ! تون منهنجي ملوڪ کي سفر جي هر مصيبت ۽ آزار کان بچائج_ کيس واپس وطن تي وارج_ آءُ سندس انتظار ۾ اتي ئي عمر گذاري ڇڏينديس...

(موسيقي سان منظر مٽجي ٿو)

[سمنڊ جو تاثر، جنهن ۾ ٻيڙي جي هلڻ جو تاثر پس منظر ۾ رهندو]

آواز: سردار...

ملوڪ: چئو ادا.

آواز: اسان اونهي سمنڊ تي پهچي چڪا آهيون... واءُ به هتي سڻائو آهي!

ملوڪ: اسان اڳئين سال هتان ئي موتي حاصل ڪيا هئا... هتي سپون گهڻيون هونديون آهن_ هاڻي سڙهه لاهيو... آءُ پاڻيءَ ۾ لهندس!

آواز: سڙهه لاهيو ڀائرو... لنگر ڪيرايو... [وقفو]      الله توهار سردار!  

ملوڪ: الله توهار (پاڻيءَ ۾ ڪِرڻ جو تاثر)

آواز: ڌڻي ٻاجهه ڪئي. توکي تنهنجي ڪم ۾ ڪاميابي نصيب ٿي!

ملوڪ: پالڻهار جا ڪوڙين ڪرم، جنهن هن مشڪل ڪم ۾ اسان کي فتح ڏني!

آواز: اِهو ڪم تون ئي ڪري سگهين ٿو. اسان جي وس جي ڳالهه ڪانهي.

ملوڪ: حقيقت ۾ دوست، انسان ۾ سڀڪنهن ڪم ڪرڻ جو جذبو هئڻ گهرجي_ جيڪڏهين ارادو پڪو آهي ته پوءِ دنيا جي ڪابه طاقت انسان جي ارادي آڏو بيهي نه سگهندي انسان جو ارادو سمنڊ جي لهرن ۽ طوفانن کي ختم ڪرڻ وارو آهي_ پهاڙن کي پنهنجي واٽ تان هٽائڻ وارو آهي!... ۽ مون لاءِ هن مهم ۾ سڀ کان وڏي خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته آءُ پنهنجي ملڪ جي امير جي ڪم پيو اچان_ اُن جي خوشي اسان جي خوشي آهي، دوست!

آواز: بيشڪ... همت مردان مدد خدا!

ملوڪ: اسان جي منزل هاڻي ٺٽو آهي. سفر شروع ڪيو_ ڏينهن رات ڪري هلي منزل تي رسون! جتي اسان لاءِ خوشيون آجيان ڪرڻ لاءِ آتيون آهن...

آواز: پر سردار_ هڪ ڳالهه ته ڏِس!

ملوڪ: چئو.

آواز: جڏهن اسان ٺٽي مان روانا ٿيا هئاسين! تڏهن مون بکر جي حاڪم سلطان محمود جي جنگي تيارين جي خبر ٻڌي هئي ۽ مون اِهو به ٻڌو هو ته امير عيسيٰ ترخان انهيءَ بغاوت کي ختم ڪرڻ لاٰءِ بکر تي ڪاهڻ لاءِ روانو ٿيڻ وارو آهي.

ملوڪ: ها اِها مون به خبر ٻڌي هئي! مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي، آخر اهو جهيڙو ۽ جنگ ڇاجي لاءِ آهي... هر ماڻهوءَ کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي جيڪا حيثيت حاصل آهي، اها قائم رهڻ گهرجي. امير عيسيٰ ٺٽي جو حاڪم آهي_ سلطان محمود بکر جو! ٻئي پنهنجن حڪومتن جا اڳواڻ آهن، پوءِ جنگ جي تياري ڇو!؟ امن امان ته انسان کي خوشيون ڏئي ٿو!...

آواز: شايد ملڪ گيريءَ جي هوس.

ملوڪ: شايد، پر اسان جو انهن ڳالهين سان ڪهڙو واسطو. اسان کي سکيو ٽڪر ملي وڃي ٿو. انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه گهرجي.

آواز: ها اسان لاءِ اهي ڳالهيون سوچڻ جهڙيون نه آهن!

ملوڪ: سفر تيز ڪريو ته هلي پنهنجي وطن جون جايون پسون.

[موسيقي ۽ فقط سمنڊ جي ڇولين جو تاثر ۽ پس منظر ۾ فراقيه موسيقي]

سهجان: (افسردگي) جڳن جا جڳ گذري ويا. اسان جون حياتيون ورهه ۽ وڇوڙي ۾ گذرنديون رهيون آهن. سامونڊين سان سڱ ڪري اسان کي ڇا پلئه پيو، فقط وڇوڙو_ لڙڪ ۽ واٽون، اوسيئڙو ۽ انتظار... اڄ آيا سڀاڻي وري سفر تي سنڀيا! اهو سفر جو سلسلو اڻکٽ آهي... ٻيڙياتا! تنهنجي لاءِ واٽن تي وار وڇايو ويٺي آهيان. ڪڏهن تنهنجن ٻيڙن جو وائنٽيون ڏسبيون، جو دل کي خوشي ملي. تنهنجي سڪ منهنجي دل ۾ باهه ٻاري ڇڏي آهي. تون آئين ۽ وري وئين، تنهنجو اهو دستور آهي ۽ اسان لاءِ فقط تنهنجون يادگيريون! تون پنهنجي سفر کان نه ترسندين. سڀ وريتيون پنهنجن ورن سان خوشين ۾ حياتي گذارينديون آهن، ۽ اسان، سامونڊين جون ونيون، رات ڏينهن ورهه جا لُڙڪ لاڙينديون رهنديونسين!... آه ملوڪ! ڌڻيءَ کي ٻاجهه پئي ۽ توکي خير سلامتيءَ سان موٽائي. تنهنجي نينهن مون کي نسنگ ڪري ڇڏيو آهي، پر منهنجو خواب آه... آءُ ڇا ڪريان... ڇا ڪريان...

[موسيقيءَ جو تاثر اڀري ٿو ۽ مينهن ۽ گوڙ جو تاثر. پس منظر ۾ سارنگ جي لئه  نهايت حزنيه]

سهجان: سانوڻ وري وس ڪئي. آسمان تان ڪڪر پيا وسن ۽... ملوڪ تنهنجي اوسيئڙي ۾ منهنجي نيڻن جا لڙڪ نٿا بيهن... موسمون اچن ٿيون، ۽ وڃن ٿيون... پر تون نه آئين. هن سارنگ جي مُد ۾، ننڍا وڏا، پکي پکڻ، انسان حيوان، سڀ خوشيءَ ۾ نچن ڪڏن پيا، آءُ آهيان جا ورهه جي ماريل، دل جي ميراث لٽايو، ايامن کان هن بندر جي ڪنڌيءَ تي تنهنجي اوسيئڙي ۾ بيٺي آهيان. هي بندر ۽ بازاريون توهان سامونڊين کان سواءِ مون کي سُڃيون پيون لڳن... هوائون خوشيءَ ۾ نچن پيون... ڪڪر موتين جي ورکا ڪري زمين جي اڃايل ۽ سڪايل سيني کي خوشيون بخشي رهيا آهن، پر آءُ انهن جي خوشين ۾ شريڪ نٿي ٿي سگهان... ڇاڪاڻ ته آءُ... آءُ اڪيلي اهيان... مون سان ڪير به ساٿي ڪونهي! پرين جي پسڻ ڪاڻ اڄ اکڙين به آگم ڪيا آهن... وسو اکيون... جيئن دل کي لڙڪ لاڙي ڪا گهڙي سامت ملي...

[سڏڪو ۽ موسيقيءَ جي لهر.]

[سمنڊ جون لهرون ۽ ٻيڙين جي هلڻ جو تاثر.]

ملوڪ: باقي ڪيترن ڏينهن جو پنڌ آهي؟

آواز: اسان هڪ مهينو سمنڊ تي سفر ڪيو آهي، اڃا به پندرهن سورنهن ڏينهن جو پنڌ آهي.

ملوڪ: پندرهن سورنهن ڏينهن ڪيئن گذرندا. عمر ۾ پهريون ڀيرو آءُ ائين محسوس ڪري رهيو آهيان ته آءُ جلد از جلد گهر پهچان. منهنجي سهجان جو الائجي ڪهڙو حال هوندو!

آواز: سردار! تون سامونڊي آهين، جنهن جي حياتيءَ ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي آهي! ۽ سفر پنهنجي وقت تي کٽندو. ايترو اتاولو ڇو ٿو ٿئين؟

ملوڪ: آءُ نٿو ڄاڻان، دوست! پر دل ۾ بيحد سڪ ساهه پٽيو آهي. مون کي پَر هجن ته ڪر اُڏامي وڃي هن وٽ پهچان. (کلي) خبر نه آهي ته مون کي ڇا ٿي ويو آهي!

(ماڻهن جو هلڪو گوڙ)

ملوڪ: هي گوڙ ڇا جو آهي...؟

آواز: هو ڏس ملوڪ، هو ڏس، ٻيڙَنِ جو دس پيو اچي!

ملوڪ: ٻيڙن جو دس، ۽ هن گس تي! ڪير آهن؟

Text Box: 167

 

آواز: سمجهه ۾ نٿو اچي! وائنٽيون به لٿل آهن. شايد لاهري بندر جي ڪنهن وڏي وڻجاري جو ٻيڙو هوندو!

 

ملوڪ: ٿي سگهي ٿو، پر... منهنجي سامونڊي زندگي ۾، مون لاهري بندر جي وڻجارن جا ايترا غوراب ڪڏهن به نه ڏٺا آهن... مون کي شڪ آهي ته هي ڪي ٻيا وڻجارا آهن، جيڪي گس ڀلجي هن پاسي نڪري پيا آهن...

آواز: هو نهايت تيز پيا اچن_ (حيران ٿي) هي هيڏانهن ئي پيا اچن_!

ملوڪ: اجهو ٿي خبر پئجي وڃي... مون کي هنن جا ارادا چڱا نٿا ڏسڻ ۾ اچن... هو ڏس، جهازن ۾ توفون به لڳل آهن.

آواز: (رڙڪري) هي... هي ته سامونڊي ڦورو آهن... هاڻي ڇا ٿيندو!...

[ماڻهن جو گوڙ اُڀري ٿو]

ملوڪ: دوستو! حيران ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. جهڙي به صورت بڻي اسين مقابلو ڪنداسين. جيڪڏهن هو ڦورو آهن ته هو اسان جو جيئري هن ٻيڙي تي قبضو نه ڪري سگهندا. پر جي دوست آهن ته اسين سندن دل سان آجيان ڪنداسين.

آواز: پر... (ڊڄندي) هاءِ، اسان جو قسمت ۾ هيءُ موت لکيل هو... گهر کان پري... سمنڊ ۾ مڇين جو کاڄ...

ملوڪ: دل نه لاهه_ منهنجا دوست! مهلون مڙسن تي اينديون آهن...

[ماڻهن جو گوڙ وڌي ٿو، گهڻن ٻيڙن جو اچڻ]

آواز: هي مصيبت تنهنجي آندل آهي، ملوڪ!... ڏس هنن ٻيڙن اسان جي ٻيڙي کي پنهنجي گهيري ۾ قابو ڪري ورتو. پر هي... هي...

ملوڪ: اوهه... هي ته فرنگي آهن... فرنگي سامونڊي ڦورو... هنن جا ارادا نيڪ نٿا ڏسجن... هوشيار ٿيو ساٿيو! مڙس ٿي مقابلو ڪريو!

[ماڻهن جو گوڙ]

وليم بريٽو پيڊور: (پريان) وڙهڻ ۽ ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪريو... اوهان جي ٻيڙي مڪمل طرح سان اسان جي گهيري ۾ اچي چڪي آهي. اسان سان مقابلو ڪرڻ ٻين لفظن ۾ موت سان مقابلو ڪرڻو آهي...

ملوڪ: فرنگي! تون اسان کي ائين موت جو ڊپ نه ڏي_! مسلمان لاءِ موت برحق آهي، موت سان وڙهڻ اسان کي سيکاريو ويو آهي...

پيڊرو: (پريان) (ٽهڪ ڏئي) نوجوان، تنهنجي زبان نهايت تيز آهي! توهان جو سردار ڪير آهي؟

ملوڪ: آءُ هن ٻيڙي جو اڳواڻ آهيان_

پيڊرو: جيڪڏهين تون انهيءَ ٻيڙي جو سردار آهين ته پوءِ يقين آهي ته تون دانائيءَ کان ڪم وٺي، پنهنجن ساٿين جي ۽ پنهنجي حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪندين. اجائي خون خرابي مان ڇا حاصل ٿيندو!

آواز: اسان کي جان جي امان ملي... اسان کي جان جي امان ملي...

(گهڻو ماڻهن جو گوڙ)

ملوڪ: مون کي اها خبر ڪانه هئي ته اسان ۾ ڪي اهڙا به گيدي آهن، جو مقابلي ڪرڻ جي طاقت نٿا رکن_ گهيرو سوڙهو پيا ڪن... ۽ هي فرنگي...

(تيز موسيقيءَ جو تاثر ۽ سمنڊ جون ڇوليون)

سهجان: جي وڻجارا ويا سي وريا! واهوندا لڳا_ پرين نه موٽيا. اڄ تڙ تي ٻيڙيون آهن ۽ نه ئي وڻجارن ڳالهيون_ سامونڊين جي ڏنل ڏهاڳ ۽ فراق جا چاڪ چڪجي چڪا آهن_ هنن جو فراق هاڻي منهنجي سهڻ کان ٻاهر آهي. شايد، هنن کي کارو وڻي ويو آهي، جو مون کي وساري ڇڏيو اٿن... پر آءُ ته سامونڊي ساري، تڙ تي پئي گذاريان. منهنجي ترسائڻ تي به نه ترسيا، شايد منهنجو نينهن نٻر هو. اڄ منهنجو هنيون ٻيڙيءَ وانگر پيو اولجي. اڄ من ۾ ڪا آنڌ آهي... اڄ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. هاڻي...  هاڻي سامونڊي نه ورندا، شايد ايندا، پر اچن... ڪير کين چوي ته آءُ سندن لاءِ واٽون پئي نهاريان_ (کلي) وڻجارن کي ڇا! هنن جو ته کاري سان نينهن آهي... سمنڊ سندن ساڻيهه آهي_ (زور سان) شايد ملوڪ کي کارو کائي ويو، تڏهين ته اڃان نه آيو آهي... هيترا ڏينهن ٿيا، جي اوهريا هئا سي وريا! نه وريو ته منهنجو ملوڪ! شايد اچي... نه اچي، ڪير ڄاڻي... مون کي پڪ آهي ته هو ڪونه موٽيندو_ هن مون کي وساري ڇڏيو آءُ اڪيلي آهيان، منهنجو ڪير به نه آهي، ڪير به نه آهي. منهنجو ملوڪ هليو ويو. هليو ويو، وري نه ايندو، نه ايندو... (کلي ٿي)

...           ...           ...

[تيز موسيقيءَ جو تاثر ۽ سمنڊ ۽ ٻڙين هلڻ جو تاثر]

پيڊرو: ٻڌو، توهان سڀ اسان جي قيد ۾ آهيو. اوهان جون حياتيون هاڻي اسان جي وس ۾ آهن اسان جيڪو پڇڻ گهرون ٿا، اوهان ٻڌايو ته اوهان جون حياتيون محفوظ رهنديون، ٻيءَ صورت ۾ اوهان جا لاشا سمنڊ ۾ مڇين جو کاڄ ٿيندا.

آواز: اسان کي جان بخشيو، صاحب... اسان کي جان بخشيو!

پيڊرو: اها عقل جي ڳالهه آهي... ٻڌو، آءُ پيڊرو وليم بريٽو آهيان. آءُ پورچو گيزن جي هن سامونڊي ٻيڙي جو ڪپتان آهيان. اسان کي توهان جي امير عيسيٰ ترخان دعوت ڏئي سڏايو آهي! اسان جي منزل ٺٽو آهي. اوهان اُتي جا رهواسي آهيو، انهيءَ ڪري آءُ ضروري ٿو سمجهان ته مون کي ٺٽي بندر بابت پوري ڄاڻ هجي! ۽ شهر بابت به سڄي خبر هجي!

ملوڪ: جيڪڏهن توهان کي امير عيسيٰ سڏايو آهي ته پوءِ انهيءَ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

پيڊرو: (ٽهڪ ڏئي) بيوقوت شخص، توکي خبر نه آهي...ٺٽو ايشيا جو سڀ کان شاهوڪار شهر آهي! اتي دولت ۽ مال جا انبار آهن! اسان کي انهن جو ڏس گهرجي!

ملوڪ: اسان غريب ماڻهو، اسان کي ڪهڙي سڌ ته دنيا ۾ دولت ڪٿي آهي!

پيڊرو: (ٽهڪ) توکي خبر نه آهي! (ڪاوڙ ۾) جيڪڏهن توهان شرافت سان خبر چار نه ٻڌائيندؤ ته پوءِ مون کي ٻيو رستو اختيار ڪرڻو پوندو!

Text Box: 171

 

آواز: ڪپتان، توکي اهو شخص سڀڪجهه ٻڌائي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هيءُ بادشاهه جي خاص ڪم سان هن سفر تي آيو هو، ۽.... ۽....

 

ملوڪ: خاموش، وطن جا دشمن! هيءُ اسان جي ملڪ تي حملو ڪرڻ آيا آهن آءُ هنن کي ڪجهه به نه ٻڌائيندس!

پيڊرو: (ٽهڪ ڏئي) اسان کي ته توهان جي بادشاهه ميرزا عيسيٰ خان ترخان دعوت ڏئي سڏايو آهي، ته اسين سندس پاران، سلطان محمود خلاف جنگ ڪريون!

ملوڪ: ميرزا عيسيٰ اسان جو بيشڪ بادشاهه آهي، پر هن توهان ڌارين کي دعوت ڏئي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان جنگ ڪرڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي، سو غلط آهي. توهان به اسان جا دشمن آهيو... توهان جون نظرون اسان جي ملڪ ۽ اُن جي دولت تي آهن... توهان فرنگين جي دوستيءَ کان سلطان محمود جي دشمني اسان کي قبول آهي!

پيڊرو: (ڪاوڙ ۾) بس ڪر... توکي وسارڻ نه گهرجي ته تون هن وقت قيدي آهين ۽ تنهنجي حياتي منهنجي هٿ ۾ آهي!

ملوڪ: بيشڪ، آءُ قيدي آهيان، پر منهنجي زبان تنهنجي قيد ۾ نه آهي، فرنگي! آءُ سچ چوندو رهندس، چاهي مون کي موت ڇو نه نصيب ٿئي!

آواز: ملوڪ، تون ٻڌائين ڇو نٿو، آخر انهيءَ ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه... ۽ ٻيءَ ڪندي هيءُ اسان جي بادشاهه جي دعوت تي پيا هلن!

ملوڪ: چپ ڪر، غدار... تون به هنن فرنگين جهڙو آهين! مون کي خبر نه هئي ته اسان ۾ به ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جن کي وطن کان وڌيڪ حياتي پياري آهي...

پيڊرو: هن کي ٻَڌو، ۽ اهڙي سزا ڏيوس جو هيءُ سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏي... تون...

آواز: جي سائين!

پيڊرو: تون اسان کي راهه ڏيکار، اسان انهيءَ جي بدلي ۾ توکي اجورو ڏينداسين.

آواز: توهان جي وڏي مهرباني، ڪپتان، وڏي مهرباني.

(موسيقيءَ جو تاثر ۽ وري لهرون ۽ ٻيڙيءَ جي هلڻ جو آواز).

آواز: ملوڪ... ملوڪ...

ملوڪ: (تڪليف ۾) ڪير آهين... تون... تون مون کي هٿ نه لاءِ.

آواز: تنهنجو جسم رتورت ٿي ويو آهي!

ملوڪ: منهنجو جسم زخمي آهي، اُن مان رت پيو وهي، مون کي انهيءَ تي ارمان ڪونهي. آءُ انهن زخمن تي فخر ڪري سگهان ٿو، جيڪي فرنگين ظلم ڪري منهنجي جسم تي ڏنا آهن:

پر تون پنهنجي حال تي ڪَڙهه، جو تنهنجو ضمير مري چڪو آهي... تو دشمن کي پنهنجي وطن جو گس ڏيکاريو آهي!

آواز: اجايون ڳالهيون نه ڪر، ملوڪ! اسان ڇا ٿا ڪري سگهون، جڏهن وقت جي امير هنن کي نينڊ ڏئي ڪوٺيو آهي.

ملوڪ: وقت جو امير! (غمزده کِل) امير عيسيٰ پنهنجي لاچاريءَ بيوسيءَ جي خبر پورچوگيزن کي ٻڌائي آهي، ۽ هو کيس انهيءَ مصيبت مان ڇڏائيندا، (کِلي ٿو) اجايو خيال آهي! هن پنهنجي لاءِ هاڻي ٻه دشمن پيدا ڪيا آهن... سلطان محمود ٺهي به ويندو، پر هي فرنگي اسان جي خون جو آخري ڦڙو به چوسي وٺندا.

Text Box: 173

آواز: اجايون ڳالهيون نه ويچار، هروڀرو دل تي بار ٿيندءِ، تون بکيو آهين ڪجهه کائي وٺ.

ملوڪ: پري ڪر اهي ناپاڪ هٿ! آءُ بک ۽ اُڃ وگهي مرڻ پسند ڪندس، پر تو جهڙي غدار جي هٿان ڪجهه به نه کائيندس.

آواز: جيڪڏهن کائين نٿو ته مون کي پنهنجا ڦٽ صاف ڪرڻ ڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com