سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2۽3/ 2017ع

باب:

صفحو:15 

نظير ملڪاڻي

 

 

 

سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو محسن

حميد سنڌي

 

پراون توڙي پنهنجن جا ڏنگ سهندي هن جو سَنڌ سَنڌ ساڻو ٿي پيو آهي، انهن جو ذڪر ڪندي هُو اڪثر ڏکوئجي پوندو آهي، سندس زبان ۾ ڪڙاڻ اچي ويندي آهي پر وري ٿڌو ساهه ڀري چوندو آهي، ”شل سڀني جو خير هجي!“ هُو پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتي ڌڻين جي سورن جي ڳالهه ڪندي به ڏک ۾ ڀرجي ويندو آهي. اڪثر مهان ڏاهي محمد ابراهيم جويي جو هيءُ چوڻ ورجائيندو آهي ته، ”هر ماڻهوءَ کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ گهرجي!“ جويي صاحب جي انهيءَ قول تي هن پاڻ به عمل ڪري ڏيکاريو آهي ۽ ٻين کي به عمل ڪرڻ جو چوندو آهي. هُو وڏن عهدن تي رهيو، پر پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب سان ناتو سدائين جوڙي رکيائين. ون يونٽ خلاف اديبن جي هلچل ۾ هن پنهنجي رسالي ”روح رهاڻ“ کي انهيءَ هلچل جو ترجمان بنائي ڇڏيو. ”جشن روح رهاڻ“ ۾ جيجي زرينه بلوچ جي ڳايل قومي گيت ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جامِ محبت پيئي سنڌ“ جو پڙاڏو اڄ به سندس ڪنن ۾ گونجندو رهي ٿو. اهي جشن، اهي آواز، اهو جوش ۽ جذبو ياد ڪري هن جي اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ اچي وڃي ٿي. انهيءَ وقت جون ساروڻيون ساريندي هُو ان دور ۾ وڃائجي ويندو آهي، نه رڳو ٻين کان، پر پنهنجو پاڻ کان به وڃائجي وڃي ٿو. پوءِ هڪ سرد آهه ڀري هو موجوده وقت ۾ موٽي ايندو آهي. هُو هاڻ پيرسنيءَ ۾ آهي، پر سندس جذبا اڄ به جوان آهن. هن ڪڏهن به همت ناهي هاري. سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي گهڻو ڪجهه ڏيڻ کانپوءِ به هُو ماٺ ٿي ڪونهي ويٺو، سندس جاکوڙ اڄ به جاري آهي…

سندس حياتيءَ جو سفر عجيب لاهن ۽ چاڙهن جو سفر رهيو آهي. هُو نه رڳو وڪيل بنجي ڪورٽن سان لاڳاپيل رهيو، پر اصيل بنجي به ڪورٽون جا سوين چڪر ڪاٽيائين. هن پورهيو ڪري نه رڳو پنهنجو پيٽ پاليو، پر سنڌي ٻولي ۽ ادب جي آبياريءَ لاءِ به پورهيو ڪيائين. پاڻ ڪاٺ ۽ ڪوئلي جي خريد ۽ فروخت جو ڪم به ڪيائين ته ريتي ۽ بجريءَ جو به ڪاروبار ڪيائين، هن مائٽن تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي پيرن تي بيهڻ چاهيو. 1961ع ۾ جڏهن سندس والد جي بدلي دادوءَ ٿي ته هن سندس ٻانهن خانصاحب عبدالله چنا ۽ بيگم زينت چنا حوالي ڪئي، انهن ٻنهي شخصيتن جو سندس زندگيءَ تي وڏو اثر آهي. کيس اڄ به چٽيءَ طرح ياد آهي ته ڪاٺ ۽ ڪوئلي جي خريداريءَ لاءِ بيگم زينت چنا هن کي اڌارا پنجاهه رپيا ڏنا هئا، جن سان هن پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو. ٽئين نمبر تلاءَ وٽان ڪاٺ ۽ ڪوئلي سان ڀريل بيل گاڏيون خريد ڪري گاڏي کاتي ۾ وڪڻندو هو. ان بعد هن وليج ايڊ ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ورتي. انهيءَ ڊپارٽمينٽ جي هڪ پٽيوالي عبدالحميد بالاديءَ جي مشوري سان هن ڄام شوري ۾ ريتي بجريءَ جو ڪاروبار شروع ڪيو. انهيءَ ڪم لاءِ کيس سياري جي سخت سيءَ ۾ به اڌ رات تائين ڄام شوري ڦاٽڪ کان اتر طرف انڊس هاءِ وي لڳ هڪ جُهڳيءَ ۾ ويهڻو پوندو هو. رات جو ٻارهين وڳي ڦاٽڪ وٽان ايس. آر. ٽي.سي. جي بس ۾ چڙهي حيدرآباد پهچندو هو. انهن مزدوريءَ جهڙن ڪاروبارن ڪرڻ کان سواءِ هن هاري حقدار پريس ۾ به ڪم ڪيو ۽ پريس جي مشين هلائڻ سکيو. ان بعد بيگم زينت چنا جي مدد سان هن پنهنجي پريس خريد ڪئي جيڪا زينت پرنٽنگ پريس جي نالي سان حيدرآباد ۾ هلندي هئي. انهيءَ پريس ۾ به پاڻ مشين تي ڪم ڪندو هو ۽ اڌ رات تائين مشين هلائيندو هو.

انهيءَ دور جو پاڻ هڪ واقعو ٻڌايائين ته هڪ ڀيري سندس گهر واريءَ پنهنجي پيءُ سان شڪايت ڪئي ته مٺو (گهر ۾ سندس لاڏ جو نالو) رات جو ڏاڍي دير ڪري گهر اچي ٿو. ان تي سندس والد هڪ رات کيس پريس ڏانهن وٺي ويو ۽ وڃي انهي دريءَ وٽ بيهاريائين، جتي سندس گهر وارو پريس جي مشين هلائي رهيو هو. هوءَ اهو ڏسي حيران ٿي ويئي ته سندس ور پريس ۾ مزدور وانگر بيٺو مشين هلائي، اهڙيءَ ريت پورهيو ڪندي هڪ طرف ”روح رهاڻ“ کي جاري رکيائين ته ٻئي طرف پنهنجي تعليم به جاري رکيائين. انهيءَ محنت مزدوريءَ سان اڳتي وڌندي آخرڪار هن پاڻ کي هڪ ڪامياب ليکڪ، ڪامياب تعليمدان ۽ ڪامياب منتظم ثابت ڪيو.

جنم ۽ تعليم:

عبدالحميد ولد سيٺ محمد اسماعيل ميمڻ 12 آڪٽوبر 1939ع تي، سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي شهر نوشهروفيروز ۾، هڪ سکئي ستابي گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد روينيو کاتي ۾ ملازم هو، جتي ملازمت جي شروعات هن ڪلارڪيءَ سان ڪئي هئي، جنهن مان ترقي ڪندي هيڊ منشي، مختيار ڪار، ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جا عهدا ماڻڻ کان پوءِ آخر ۾ ايڊيشنل ڪمشنر بنجي رٽائر ٿيو. کيس ٻن پٽن ۽ پنجن نياڻين جو اولاد عطا ٿيو، وڏو پٽ عبدالحميد ۽ ننڍو شمس الحق.

عبدالحميد جي ابتدائي تعليم نوشهرو فيروز جي ملا مڪتب اسڪول کان شروع ٿي. سندس والد جي بدلي مختلف شهرن ڏانهن ٿيندي رهندي هئي، تنهنڪري کيس به پنهنجي تعليم جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي شهرن جي اسڪولن ۾ پڙهڻو پيو. نوشهرو فيروز جي ملا مڪتب اسڪول کانپوءِ هن جوهي، ڳڙهي خيرو ۽ جيڪب آباد جي سرڪاري پرائمري اسڪولن ۾ تعليم جا ڏاڪا ٽپندي نيٺ شڪارپور ۾ وڃي پنهنجي ابتدائي تعليم مڪمل ڪئي. ساڳيءَ ريت پنهنجي ثانوي تعليم کي به شڪارپور، دادو، لاڙڪاڻي، سکر ۽ نوشهرو فيروز مان ٿيندي اچي حيدرآباد پڄايائين، جتي هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول (سوسائٽي) حيدرآباد مان 1956ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو.

اعليٰ ثانوي تعليم جا ٻه سال گورنمينٽ ڪاليج (ڪاري موري) حيدرآباد ۾ پڙهيو، جتان 1958ع ۾ انٽر آرٽس پاس ڪري نڪتو. ان بعد سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو، جتي 1960ع ۾ گريجوئيشن ۽ 1962ع ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. ان کانپوءِ هن قانون ۾ به گريجوئيشن (L.L.B) ڪئي. تنهن کانسواءِ 1975ع ۾ برطانيه جي مانچيسٽر يونيورسٽيءَ مان ”هائر ايڊيوڪيشنل ائڊمنسٽريشن“ جو ڪورس پڻ ڪري آيو.

ان طرح نوشهري فيروز جي ملا مڪتب اسڪول کان شروع ٿيل سندس تعليم جو سلسلو وڃي مانچيسٽر يونيورسٽيءَ ۾ پورو ٿيو.

حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪرڻ:

سال 1955ع ۾ سيٺ محمد اسماعيل ميمڻ کي حيدرآباد ۾ ’اسسٽنٽ ٽو ڪمشنر‘ جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو ۽ هو پنهنجي عيال سميت حيدرآباد لڏي آيو، پهريائين کيس روپ محل ۾ سرڪاري رهائش ملي، ان کانپوءِ ڪجهه عرصي لاءِ لوڪل بورڊ جي ڊاڪ بنگلي ۾ رهيو، بعد ۾ جڏهن G.O.R. ڪالوني ٺهي ته کيس اتي بنگلو الاٽ ٿيو ۽ ان ۾ رهڻ لڳو. 1961ع ۾ سيٺ محمد اسماعيل دادو ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿيو ۽ ٻارين ٻچين دادو هليو ويو، پر نوجوان عبدالحميد کي خانصاحب عبدالله چنا ۽ بيگم زينت چنا جي نگرانيءَ هيٺ حيدرآباد ۾ ڇڏي ويو. پهريائين لطيف آباد ۾ سندس والد جي مسواڙ تي ڏنل بنگلي جي مٿينءَ منزل تي پيل خالي ڪمري ۾ رهائش پذير ٿيو. ان کانپوءِ هن روپ محل ۾ رهائش اختيار ڪئي. 1967ع ۾ شاديءَ ٿيڻ کان پوءِ هُو سندن لطيف آباد 6 واري بنگلي ۾ رهڻ لڳو.

1970ع ڌاري سيٺ محمد اسماعيل نوڪريءَ مان رٽائر ٿيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ هن پنهنجي اصلوڪي شهر نوشهرو فيروز ۾ رهائش اختيار ڪئي، پر عبدالحميد صاحب مستقل طور حيدرآباد کي مسڪن بنائي ورتو. سال 1974ع ۾ سيٺ محمد اسماعيل وفات ڪئي. والد جي وفات کانپوءِ به عبدالحميد ميمڻ پندرهن سالن تائين لطيف آباد واري بنگلي ۾ رهيو. 1989ع واري دور جي دهشت ۽ وحشت سبب ٻين ڪيترن ئي سنڌي گهراڻن وانگر هن گهراڻي کي به، شاهه لطيف جي نالي سان قائم ٿيل لطيف آباد جي وسنديءَ کي ڇڏڻو پيو. عبدالحميد پنهنجو مائٽاڻو بنگلو اوڻو پوڻو وڪڻي وڃي قاسم آباد ۾ گهر ٺهرايو ۽ اُتي سڪونت پذير ٿيو.

وڪالت ڪرڻ:

عبدالحميد ميمڻ 1966ع کان 1970ع تائين وڪالت ڪئي. پهريائين مشهور وڪيل آفتاب آخوند جو جونيئر بنيو ۽ بعد ۾ پنهنجي سر قانون جي پريڪٽس جاري رکيائين. چئن سالن تائين وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل رهڻ کانپوءِ هو ٻيهر سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو، جنهنڪري وڪالت ڇڏي ڏنائين.

سرڪاري نوڪري ڪرڻ:

سال 1960ع ۾ هن پنهنجي سرڪاري نوڪريءَ جي شروعات سنڌ حڪومت جي وليج ايڊ کاتي (Village Aid Department) ۾ پبلسٽي آفيسر بنجڻ سان ڪئي. سال کن اها نوڪري ڪرڻ کانپوءِ وري سندس لاڙو بئنڪ جي نوڪريءَ ڏانهن ٿيو. 1963ع کان 1966ع تائين مختلف بئنڪن ۾ بئنڪ آفيسر، مئنيجر ۽ جنرل مئنيجر جي عهدن تي رهيو. ان بعد هن نوڪري ڇڏي ڏني ۽ جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي، چئن سالن تائين وڪالت ڪندو رهيو.

1970ع ۾ وڪالت ڇڏي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملازمت ۾ داخل ٿيو، اُتي پاڻ مختلف عهدن تي رهيو، جيئن ته: ائڊمنسٽريٽوِ آفيسر، اسسٽنٽ ڪنٽرولر آف ايگزامينيشن، ڊپٽي ڪنٽرولر آف ايگزامينيشن، ايڊيشنل ڪنٽرولر آف ايگزامينيشن، ايڊيشنل ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ رجسٽرار. اٽڪل ڇهن سالن تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملازمت ۾ رهڻ کانپوءِ 1976ع ۾ کيس سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر ڪاليج ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن مقرر ڪيو ويو. ٻه سال کن انهيءَ عهدي تي رهڻ کانپوءِ 1978ع ۾ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسيپال بنيو ۽ لاڳيتو يارهنِ سالن تائين اتي خدمتون سرانجام ڏنائين. 1989ع ۾ کيس هڪ ڀيرو ٻيهر ڊائريڪٽر ڪاليج ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن مقرر ڪيو ويو. ٻن سالن کان پوءِ 1991ع ۾ مختصر عرصي لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو وائيس چانسيلر بنيو. ساڳئي سال، يعني 1991ع ۾ کيس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسيلر مقرر ڪيو ويو. 1995ع تائين وائيس چانسيلر رهڻ کانپوءِ 1996ع ۾ بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪسٽينشن، ڄام شوري جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1997ع ۾ کيس سنڌي لينگئيج اٿارٽي حيدرآباد جو چيئرمين بنايو ويو. 1998ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، ڄام شورو جو چيئرمين بنيو، جتان آڪٽوبر 1999ع ۾ سٺ سالن جي ڄمار کي پهچي رٽائرمينٽ ورتائين.

عبدالحميد ميمڻ هيٺين ادارن جو اعزازي ميمبر به رهي چڪو آهي:

* سينيٽ (SENATE)، سنڌيونيورسٽي، ڄام شورو.

* فنانس ڪميٽي، سنڌيونيورسٽي، ڄام شورو.

* بورڊ آف انٽرميڊئيٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن، حيدرآباد.

* بورڊ آف انٽرميڊئيٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن، سکر.

* بورڊ آف گورنرز پبلڪ اسڪول سکر.

* ائڊوائزري بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
ڄام شورو.

* سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.

* ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز.

* سنڌ ڪائونسل آف اسڪائوٽس ائنڊ نيشنل ڪائونسل آف پاڪستان اسڪائوٽس.

* فيڊرل سوشل ايڪشن پروگرام (SAP)، ڪميٽي آف پلاننگ ائنڊ ڊولپمينٽ ڊويزن، گورنمينٽ آل پاڪستان.

ان کان سواءِ پاڻ هيٺين ادارن جو اعزازي چيئرمين پڻ رهي چڪو آهي:

* ائڊوائزري ڪميٽي سچل اڪيڊمي، خيرپورميرس.

* بورڊ آف گورنرز فار لا ڪاليجز اِن سنڌ.

غير ملڪي دورا:

عبدالحميد ميمڻ کي سرڪاري طور تي مختلف پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي غير ملڪي دورا ڪرڻ جو موقعو مليو. ان سلسلي ۾ پهريون ڀيرو 1975ع ۾ هُو برطانيه ويو، جتي مانچيسٽر يونيورسٽيءَ ۾ ”هائر ايڊيوڪيشنل ائڊمنسٽريشن“ جو ڪورس ڪيائين. ان بعد هڪ پاڪستاني وفد سان گڏ ميري لينڊ يونيورسٽي آمريڪا ۾ اعليٰ تعليمي ۽ يونيورسٽي منتظمين جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين. وري هڪ ڀيرو ٻيهر يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي منتظمين جي هڪ ٽريننگ پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ميري لينڊ يونيورسٽي آمريڪا ويو. ان کانپوءِ، ”ايسوسيئيشن آف يونيورسٽيز آف ڪامن ويلٿ ڪنٽريز“ پاران دهليءَ ۾ منعقد ڪيل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين. ان بعد هڪ ڀيرو ايران حڪومت جي دعوت تي تهران ۾ رٿيل ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. هڪ دفعو وري، ”ايسوسيئيشن آف يونيورسٽيز آف ڪامن ويلٿ ڪنٽريز“ پاران منعقد ڪيل وائيس چانسيلرز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين. هن ڀيري اها ڪانفرنس برطانيه جي شهر سوان سي (Swan Sea) ۾ منعقد ٿي.

شادي ۽ اولاد:

عبدالحميد ميمڻ جي شادي 1967ع ۾ عبدالرحيم ميمڻ جي نياڻيءَ سان ٿي. سندس سهريجا هالاڻيءَ جا رهاڪو آهن ۽ سيٺ محمد اسماعيل جن سان پري جي مائٽي هئنِ. 1968ع ۾ هن کي پٽ جو اولاد عطا ٿيو، جنهن جو نالو ارشد حميد رکيائين. ان بعد کيس ٻه نياڻيون ٿيون. اولاد جي تعليم ڏانهن هن خصوصي ڌيان ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽيئي ٻار اعليٰ تعليم يافته بنيا. ارشد حميد سنڌيونيورسٽيءَ جي ٽيليفون واري شعبي ۾ انجينئر آهي ۽ ننڍي نياڻي هڪ خانگي بئنڪ ۾ مئنيجر آهي، وڏي نياڻي ايم. بي. بي. ايس. ڊاڪٽر آهي.

ادبي سرگرميون:

عبدالحميد ميمڻ ۾ اسڪولي پڙهائيءَ وارن ڏينهن کان ئي ادبي جيوڙا داخل ٿي چڪا هئا. اهي جيوڙا وقت سان گڏ وڌندا ۽ ويجهندا رهيا، جن جي نتيجي ۾ هُو عبدالحميد ميمڻ منجهان حميد سنڌي بنجي ويو. هن لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. اسڪول ۾ پڙهڻ واري دور ۾ هن اردوءَ ۾ ٻارن لاءِ ڪهاڻي لکي، جيڪا دهليءَ مان شايع ٿيندڙ ٻارن جي رسالي ”کلونا“ ۾ شايع ٿي. انهي ڪهاڻيءَ ۾ بطور ليکڪ هن پنهنجو نالو ”مٺونوشهرائي“ لکيو. 1958ع ۾، اڻويهن ورهين جي ڄمار ۾ هن سنڌي ادب جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيائين. سندس لکيل پهرين سنڌي ڪهاڻي ”سيمي“ آهي ۽ پهرئين شايع ٿيل ڪهاڻين جي مجموعي جو نالو به ”سيمي“ آهي، يعني ان مجموعي جي ٽائٽل ڪهاڻي ”سيمي“ آهي. اڳتي هلي حميد سنڌي صاحب جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي سرموڙ ڪهاڻيڪارن ۾ ٿيڻ لڳو. سندس ڪهاڻين جا اَٺ مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جن منجهان ڪي ته ٻه ڀيرا ۽ ٽي ڀيرا به ڇپيا آهن. ڪتابن جا نالا هن ريت آهن:

(1) سيمي

(2) اداس واديون

(3) ويريون

(4) راڻا جي رجپوت

(5) جاڳ به تنهنجي جيءَ سان

(6) درد ونديءَ جو ديس

(7) سو مون سڀ ڄمار

(8) ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

ان کان سواءِ سندس اردو ڪهاڻين جو مجموعو ”سوکي ڌرتي“ جي عنوان سان ۽ جپاني لوڪ ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي جو مجموعي ”سوني زنجير“ جي عنوان سان پڻ شايع ٿيل آهن. ان کان علاوه سچل سرمست تي لکيل تحقيقي مقالن کي سهيڙي مجموعو ترتيب ڏنائين، جيڪو ”آري اچين شال“ جي عنوان سان شايع ٿيو.

حميد سنڌي صاحب ڀٽائي سائينءَ جي عرس جي موقعي تي هر سال ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ مختلف سرن تي پڙهيل تحقيقي مقالن کي سهيڙي ۽ سنواري هر هڪ سر کي الڳ ڪتابي صورت ڏني. سندس مرتب ڪيل اهڙا يارنهن ڪتاب شايع ٿيل آهن. سرن جا نالا آهن:

(1) سُر ليلا چنيسر

(2) سُر گهاتو

(3) سُر ڪاموڏ

(4) سُر مارئي

(5) سُر ڪاپائتي

(6) سُر بلاول

(7) سُر رامڪلي

(8) سُر کاهوڙي

(9) سُر ڪارايل

(10) سُر بروو

(11) سُر سارنگ

صحافتي سرگرميون:

حميد سنڌي صاحب پنهنجي صحافتي سرگرمين جي شروعات مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ ۽ لکڻ سان ڪئي، جن ۾ ان دور جي مشهور اخبار روزانه ”هلال پاڪستان“ ۽ ڪي ٻيون اخبارون شامل آهن. 1960ع ۾ هن پنهنجو ماهوار رسالو ”روح رهاڻ“ پنهنجيءَ ادارت هيٺ جاري ڪيو. اهو دور سنڌ لاءِ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ وارو دور هو. هڪ طرف مارشل لا هو ته ٻئي طرف ون يونٽ، اهڙي دور ۾ هن ”روح رهاڻ“ کي سنڌ جي مزاحمتي تحريڪ جو ترجمان بنائي ڇڏيو. 1961ع ۾ حڪومت سڀني ماهوار، پندرنهن روزه ۽ هفتيوار اخبارن ۽ رسالن (Periodicles) جا ڊڪليئريشن رد ڪري ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ ”روح رهاڻ“ بند ٿي ويو. ان جو نئون ڊڪليئريشن وٺڻ لاءِ درخواست ڏني ويئي ۽ گهڻي جاکوڙ کانپوءِ 1963ع ۾ نئون ڊڪليئريشن جاري ٿيو. هڪ ڀيرو ٻيهر ”روح رهاڻ “ پنهنجي آب ۽ تاب سان سنڌي ادب ۽ صحافت جي افق تي چمڪڻ لڳو. ان دور جي ادبي لڏي ۾ ”روح رهاڻ“ کي وڏي مقبوليت حاصل ٿي ۽ هن جي ذريعي ڪيترائي نوان ليکڪ سنڌي اديبن جي صف ۾ شامل ٿيا، جن ۾ ناميارو ڪهاڻيڪار امرجليل، ناصر مورائي، شوڪت حسين شورو ۽ غلام نبي مغل شامل آهن. ”روح رهاڻ“ جي هڪ ٻي خاص ڳالهه هئي، ان جو ساليانو جشن ملهائجڻ. اهو جشن حيدرآباد جي مشهور عمارت ”بيسنت هال“ ۾ ”جشن روح رهاڻ“ جي نالي سان ملهائبو هو، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان شاعر ۽ اديب اچي شريڪ ٿيندا هئا. شيخ اياز پڻ هن جشن ۾ اچي شريڪ ٿيندو هو.

1969ع ۾ مارشل لا حڪومت ٻيهر ”روح رهاڻ“ تي وار ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو ان جو ڊڪليئريشن رد ٿيو، پر ايڊيٽر کي پنجٽيهه هزار رپيا ڏنڊ ڀرڻ جو نوٽيس پڻ مليو. رسول بخش پليجي جي مشوري تي حميد سنڌي صاحب اهو نوٽيس کڻي شيخ اياز سان ملڻ لاءِ سکر پهتو. پنهنجي دوست وڪيل ۽ شاعر فتاح ملڪ کي ساڻ ڪري هو وڃي شيخ اياز سان مليو. شيخ صاحب نوٽيس پڙهڻ کانپوءِ چيو ته پهريائين ان جي تاريخ وڌرائڻ لاءِ تار موڪلين، پر ان سان گڏ اهو به چيائين ته تار سکر مان نه موڪليو ته جيئن ڪنهن کي مٿس شڪ نه ٿئي. ان کانپوءِ حميد سنڌي ۽ فتاح ملڪ خيرپور ويا ۽ اُتان تاريخ وڌرائڻ جي تار موڪلي سکر موٽيا. رات جو شيخ اياز انهيءَ نوٽيس جو نهايت معقول ۽ مدلل جواب لکي ڏنو. ٻئي ڏينهن تي حميد سنڌي حيدرآباد موٽيو ۽ اهو جواب ٽپال رستي لاڳاپيل اختيارين کي موڪلي ڏنائين. بعد ۾ انهيءَ ڏنڊ جي رقم کي هاءِ ڪورٽ (ون يونٽ دور جي هاءِ ڪورٽ) ۾ چئلينج ڪيو ويو. انهيءَ اهم نوعيت جي ڪيس ۾ حميد سنڌي جو وڪيل جناب عبدالحئي قريشي هو، جيڪو اڳتي هلي هاءِ ڪورٽ جو جج ۽ چيف جسٽس بنيو.

ڪيس جي ٻڌڻي شوڪت حسين نالي پنجاب کان آيل جج ڪئي. ڪيس جي هر ٻڌڻيءَ تي حميد سنڌي کي ڪراچي وڃڻو پوندو هو، جنهن ڪري ڀاڙي ڀتي جو چڱو خرچ ٿيندو هو. حميد سنڌي ٻڌايو ته ڪيس جي سلسلي ۾ هڪ دفعو ڪراچيءَ وڃڻ لاءِ وٽس ڀاڙي جا پئسا به نه هجن. انهيءَ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سحر بلوچ (جيڪا بعد ۾ سحرامداد بني) هڪ ٽين جو ننڍو دٻو کڻي ان جي مٿان سوراخ ڪرائي، ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد جي اڳيان بيهي ماڻهن کان چندو گهرڻ لڳي. سحر کي انهيءَ چندي ۾ مُنو سو کن مليو، جيڪا رقم هن حميد سنڌي جي حوالي ڪئي ۽ هو ڪيس جي ٻڌڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪراچيءَ روانو ٿيو.

آخرڪار ڪيس جو فيصلو حميد سنڌي جي حق ۾ ٿيو ۽ ڏنڊ ختم ٿيو. انهيءَ سان گڏ ”روح رهاڻ“ جو نئين سر ڊڪليئريشن جاري ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جي ڊي.سي کي لکيو ويو. ان دور ۾ عبدالڪريم لوڌي حيدرآباد جو ڊي.سي هو، جنهن حميد سنڌي کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کيس رسالي جو نئون ڊڪليئريشن جاري ڪري ڏنائين، پر ان وقت سندس مالي حالت ايتري تنگ هئي جو رسالو جاري نه ٿي سگهيو.

اٽڪل چاليهن سالن جي عرصي کانپوءِ سال 2009ع ۾ هڪ دفعو وري ”روح رهاڻ“ شايع ٿيڻ لڳو، پر رڳو ست پرچا نڪري سگهيا ۽ پوءِ مٿي ڄاڻايل ساڳي مجبوريءَ سبب بند ٿي ويو.

”روح رهاڻ“ کان علاوه حميد سنڌي صاحب ماهوار ”ماروي“، هفتيوار ”ماروي“، ”لطيف ڊائجيسٽ“ ۽ ماهوار ”نئين زندگي“ جو ايسوسيئيٽ ايڊيٽر ۽ صلاحڪار رهي چڪو آهي.

مليل اوارڊ ۽ اعزاز:

حميد سنڌي صاحب کي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن تي ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. ان سلسلي ۾ مارچ 1990ع ۾ کيس حڪومت پاڪستان طرفان ”تمغهِ امتياز“ عطا ڪيو ويو. آگسٽ 1993ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان حڪومت کيس ”اعزازِ فضيلت“ سان نوازيو. ان کان علاوه مختلف ادارن پاران پڻ حميد سنڌي کي ڪيترائي اوارڊ ڏنا ويا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي:

* پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد پاران سندس ڪتاب ”ويريون“ تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي اوارڊ.

* انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران ڪتاب ”ويريون“ تي سنڌالاجي ادبي اوارڊ.

* ”ويريون“ تي پاڪستان رائٽرس گلڊ طرفان اوارڊ.

* لطيف ادبي سنگت، ڪراچي پاران تعليمي خدمتن تي گولڊ ميڊل.

* ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان ادبي خدمتن تي لطيف اوارڊ.

* نيشنل بوڪ فائونڊيشن طرفان ڪتاب ”راڻا جي رجپوت“ تي اوارڊ ۽ انعام.

* سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ

سنڌ ثقافت کاتي طرفان لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ

جيل ياترا:

وڏا سرڪاري عهدا ۽ اوارڊ/ اعزاز ماڻيندڙ حميد سنڌي ڇهن مهينن لاءِ جيل به وڃي چڪو آهي. اهو 1972ع جي شروع وارو دور هو، جڏهن ملڪ تان اڃا مارشل لا نه لٿو هو، حميد سنڌي کي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين سان پيار جي پاداش ۾ گرفتار ڪيو ويو. ساڻس گڏ ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر عمر ميمڻ، پروفيسر ارجڻ لال، پروفيسر اشوڪ ڪمار، ڊاڪٽر نندلال ورياڻي، نواز ڀٽو، انور مري ۽ ڪي ٻيا به گرفتار ٿيا، کين سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ واڙيو ويو، جتي ان وقت جو شاگرد اڳواڻ ۽ هاڻوڪو ايم.اين.اي. نواب يوسف ٽالپر اڳ ئي موجود هو. هنن تي ڪيس داخل ڪرائيندڙ عزيز نالي هڪ ڊپٽي ڪليڪٽر هو. پهريان ٽي مهينا ته هو بي دريافتا پيا رهيا ۽ سندن ڪا به شنوائي نه ٿي. ان بعد مٿن ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. ٽي مهينا کن ڪيس هلڻ کانپوءِ جڏهن هنن تي ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو ته کين باعزت بري ڪيو ويو.

بزم روح رهاڻ:

سال 2000ع کان حميد سنڌي پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي تحفظ ۽ واڌاري لاءِ ”بزم روح رهاڻ“ جي نالي سان پنهنجي گهر ۾ دونهين دکايو ويٺو آهي ۽ سڀني کي ويٺو سڏي ته، ’اچو پنهنجي ٻوليءَ کي سنواريون، اچو پنهنجي ادب کي اجاريون، اچو پنهنجي ثقافت جي رکوالي ڪريون!‘ ڪيترائي ادب جا اڃارا هر آچر تي وٽس اچي پنهنجي اُڃ اُجهائيندا آهن ۽ کانئس اُتساهه وٺندا آهن. سندس در سڀني لاءِ کليل هوندو آهي ۽ اتي اچڻ لاءِ ڪنهن به اجازتنامي جي گهرج نه آهي.

پاڻ ٻڌايائين ته ”بزم روح رهاڻ“ نالي تنظيم جو پهريون قيام 1960ع واري ڏهاڪي ۾، تڏهوڪي حيدرآباد ضلعي ۽ هاڻوڪي بدين ضلعي جي شهر تلهار ۾ عمل ۾ آيو هو. انهيءَ دور ۾ ان بزم جي ڪنهن فنڪشن ۾ حميد سنڌي پاڻ به تلهار وڃي شريڪ ٿيو هو. انهيءَ ”بزم روح رهاڻ“ ڪجهه عرصي تائين پنهنجون ادبي سرگرميون جاري رکيون ۽ پوءِ ڪن اڻڄاتل سببن ڪري غير فعال بنجي ويئي.

سال 2000ع ۾ ”بزم روح رهاڻ“ حميد سنڌي جي سرواڻيءَ هيٺ حيدرآباد ۾ نئون جنم ورتو. هن تنظيم جي قيام لاءِ پروانو ڀٽي، حميد جو ٻانهن ٻيلي بنيو. حميد سنڌي صاحب تنظيم جو تاحيات صدر ٿيو ۽ پروانو ڀٽي صاحب ان جو پهريون سيڪريٽري بنيو. اڳتي هلي اڻڄاتل اختلافن سبب پروانو ڀٽي بزم کان ڌار ٿي ويو ۽ سندس جاءِ تي الهداد جاويد ميراڻي سيڪريٽري ٿيو. ميراڻي صاحب جي وفات کانپوءِ مختصر عرصي لاءِ علي اڪبر ”شائق“ بزم جو سيڪريٽري بنيو. 2011ع کان اهو فرض راقم سر انجام ڏيئي رهيو آهي.

”بزم روح رهاڻ“ ۾ نه رڳو گذري ويل اديبن، شاعرن ۽ سنڌ جي گهڻ گهرن کي ياد ڪيو وڃي ٿو، پر حال حيات اديبن ۽ شاعرن سان به رهاڻيون رچايون وڃن ٿيون. هن ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ جناب مراد علي مرزا سان سندن حياتيءَ ۾ ادبي رهاڻيون ٿي چڪيون آهن. انهن کان سواءِ ولي رام ولڀ، شاهنواز ”مسافر“، نصير مرزا ۽ سليم چنا سان به ادبي رهاڻيون رچايون ويون آهن. ان کان علاوه هن بزم ۾ مختلف نون ڪتابن جي پڌرائيءَ جون تقريبون پڻ ٿينديون رهيون آهن. نامياري ليکڪ ڊاڪٽر قاضي خادم جي اَٺ عدد ڪتابن جون پڌرايون هتي ٿي چڪيون آهن، جن ۾ ڊاڪٽر قاضي خادم جي يادگيرين تي مشتمل سندس پنج ڪتاب شامل آهن.

اهڙيءَ ريت حميد سنڌي جي ٻاريل هيءَ علمي، ادبي ۽ ثقافتي شمع، هڪ اڪيڊميءَ طور لاڳيتو ٻرندي رهي ٿي ۽ پروانا ان جي چوڌاري مڙندا رهن ٿا.

لکت جي پڄاڻي:

حميد سنڌي گذريل ڳچ عرصي کان ٻين مختلف بيمارين سان گڏ دل جي عارضي سان به جهيڙيندو ٿو اچي. سندس دل جو باءِ پاس آپريشن ۽ ان کانپوءِ هڪ ڀيرو اينجيوگرافي به ٿي چڪي آهي. پاڻ ٻڌايائين ته اڃا به کيس دل جي هڪ ميجر آپريشن جي ضرورت آهي، پر وسائل نه هئڻ سبب هُو اِهو آپريشن ڪرائڻ کان لاچار آهي.

دعا آهي ته شل هو صحت ۽ وڏي ڄمار ماڻي ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي گهڻگهرن جي سرواڻي ڪندو رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org