سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1960ع

مضمون

صفحو :14

عثمان علي انصاري (سابق ڊئريڪٽر آف ايڊيوڪيشن، سنڌ)

 

قومي زبان ۽ تعليمي زبان

ڪنهن به ملڪ جي ”قومي زبان“ جي تعين جو حق انهيءَ ملڪ جي سياسي مدبرن، يعني حڪومت هلائڻ وارن کي هوندو آهي، ۽ هجڻ به گهرجي. پوءِ اهي سياستدان انهي مسئلي جا سمورا پهلو اڳيان رکي، عوام جي عام فهم زبان کي قومي زبان قبول ڪندا آهن، ۽ رفتي رفتي انهيءَ قبول ڪيل زبان کي غير محسوس طريقن سان وڌائيندا ۽ مالا مال ڪندا ويندا آهن. ليڪن ”تعليم جي زبان“ جو تعين ڪرڻ فقط ’تعليم‘ جو حق آهي: يعني ته تعليم جي ماهرن جيڪو عام حڪم تعليمي زبان جي باري ۾ ڪيو آهي، ان کي سياست يا حڪومت پٺي نٿي ڏيئي سگهي، ۽ جيڪڏهن ڪن مجبورين جي ڪري ڏيندي، ته قوم جي تعليمي ترقيءَ جون اميدون هڪ خواب جي صورت اختيار ڪري منتشر ٿينديون وينديون. تعليم جي ماهرن جو ساريءَ دنيا جي تعليمي زبان لاءِ هڪ ئي حڪم آهي. ڪهڙو؟ ته ’ٻار کي تعليم فقط انهيءَ زبان ۾ ڏني وڃي، جا انهيءَ ٻار جي نيم شعوري زبان آهي‘— يعني ته اها زبان، جنهن ۾ ٻار خواب لهندو آهي— اها زبان، جا بي اختياريءَ جي حالت ۾ سندس منهن مان نڪري: ڇو ته اهڙيءَ زبان ڳالهائڻ يا سمجهڻ ۾ ٻار جي ذهني قوتن تي بار نه پوندو؛ اهڙيءَ زبان ۾ ڪنهن ماستر يا ڪنهن پنهنجي بزرگ جِي سمجهاڻي بنا ڪنهن تڪليف جي سمجهي سگهندو؛ ڪنهن به مشڪل مسئلي کي، جو اهڙيءَ زبان ۾ لکيل هوندو، ٻار تمام ٿوريءَ ذهني ڪاوش سان ذهن نشين ڪري سگهندو. پر جي تعليم جي زبان سندس خواب جي زبان نه آهي، ۽ ٻي ڪهڙي به دنيا جي بهترين زبان آهي، ته سندس ذهني تازگيءَ جو تمام وڏو حصو فقط انهيءَ زبان جي سمجهڻ ۾ خرچ ٿي ويندو، ۽ معلومات جو نُور سندس ذهن ۾ داخل ڪين ٿي سگهندو. اهو آهي ”تعليمي زبان“ بابت ’تعليم‘ جونظريو، جو بلڪل حتمي ۽ آخرين نظريو آهي، جنهن ۾ ڪابه ردبدل نٿي ٿي سگهي. نيم شعوري زبان جي پڙهيل کي ’تعليم يافته‘ چئبو آهي؛ ۽ ٻين کي ’تعليم زده‘ چوڻ گهرجي، توڻي جو انهن بي.اي. يا ايم. اي. جي ڊگري به پنهنجيءَ صحت جو نذرانو ڏيئي هٿ ڪئي هجي.

نيم شعوري زبان ڪهڙيءَ طرح سکبي آهي، ڪڏهن سکبي آهي، ۽ ڪنهن کان سکبي آهي: انهن سوالن جا جواب به تعليم جي نظرين مطابق هجڻ گهرجن، ڇو ته نيم شعوري زبان کي دنيا جي ’تعليم جي بنيادي زبان‘ قبول ڪيو ويو آهي.

هاڻي پهرئين سوال جو جواب آهي ته اها زبان غير شعوري طرح ٻار سکندا رهندا آهن؛ نه پاڻ سکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ نه ڪو ٻيو کين سيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

ٻيو سوال آهي ته اها زبان ٻار ڪڏهن سکندا آهن؟ تعليم جو جواب آهي ته اُن وقت سکندا آهن، جڏهن کين ڪابه زبان ڪانه ايندي آهي: يعني ته بلڪل صاف سليٽ تي، جا پهرين زبان پنهنجا نشان ڇڏيندي ايندي، ۽ ٻار بنا ڪنهن ڪوشش جي انهن نشانن کي غيرشعوري طور قبول ڪندو ايندو آهي. هيءَ ته هڪ قبول ڪيل حقيقت آهي ته خوراڪ کان ٻئي نمبر ۾ هڪ ٻار جي وندر جو سامان آواز ۾ ٿيندو آهي. هڪ روئندڙ ٻار کي پرچائڻ جا قدرت ٻه طريقا هر هڪ ماءُ کي سيکاريا آهن: هڪ ٿڃ ڏيڻ، ۽ ٻيو ڪنهن به قسم جو آواز ڪرڻ—مثلا، يا ته جهِنجهِڻ جو، يا ڪنهن شيءِ تي ٿَڦ – ٿَڦ ڪرڻ، ۽ يا ٻار سان ڳالهائڻ جو. اهو وقت آهي، جڏهن ٻار غير شعوري طرح سان ڪا زبان سکندو ٿو رهي، ۽ ماءُ زبان سيکارڻ جي ڪوشش کان سواٰءِ فقط ٻار کي پرچائڻ يا مامتا جي محبت ونڊڻ جي ڪوشش ۾ ٻار کي زبان سيکاريندي ٿي رهي. تعليم جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪوبه انسان پنهنجيءَ خوشي سان ۽ قدرتي طرح فقط اهڙي زبان سکندو آهي، جا اُن وقت سندس ذهن تي پنهنجا نقش ڇڏيندي، جڏهن سندس ٻاراڻي ذهن تي ٻيو ڪوبه نقش موجود نه هوندو؛ باقي ٻيون سڀ زبانون زماني جون مجبوريون کيس سکڻ تي مجبور ڪنديون آهن، ۽ اهڙي مجبوريءَ جي موچڙن سان سکيل زبانن ۾ ڪوبه انسان ماهر ٿي ڪين سگهندو آهي، ۽ انهن زبانن ۾ هٿ ڪيل علم  کيس ’تعليم يافته‘ سڏائڻ جو حقدار بنائي ٿو سگهي. جي اوهان کي اهو نظريو مشڪوڪ ٿو نظر اچي، ته پنهنجيءَ ڄاڻ سڃاڻ وارن مان ڪنهن به هڪ کي نظر ۾ رکي، پاڻ منصف ٿي، پاڻ کي ٻڌايو ته انهيءَ شخص کي اوهين ڪنهن ٻاهرينءَ زبان ۾ ماهر سمجهو ٿا؟ اسان مان هزارين شخص انگريزيءَ ۾ تعليم وٺي پنهنجن پنهنجن ڪمن ۾ ماهر ٿيا آهن، وڪيل ٿيا آهن، انجنير ٿيا آهن، ۽ خدا معلوم ٻيو ڇا ڇا ٿيا آهن، پر ڇاڪاڻ ته اهو ڊاڪٽريءَ جو يا وڪالت جو يا انجنيئريءَ جو علم هڪ اهڙيءَ زبان ۾ پرايو اٿن، جا زبان مجبوريءَ هيٺ سکي اٿن، تنهنڪري نه منهنجن تخليقي قوتون پيدا ٿي سگهيون، نه جدت جي واٽ ملي: ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ کڻي چئجي ته ”مجبوريءَ مري ويا، ماهر ٿي نه مئا.“ پري نه وڃو، پنهنجن ڪنهن وڏي کان وڏي ڊاڪٽر جي لياقتن جي ڀيٽ ڪنهن انگريز ڊاڪٽر سان ڪري ڏسو، اوهان کي هڪ نمايان فرق معلوم ٿيندو. اهو فرق ان ڪري نه آهي ته اسان جا جوان ڪنهن به علم پرائڻ ۾ انگريز جوانن کان ذهني قوتن ۾ گهٽ آهن؛ پر اهو فرق هن ڪري آهي ته اسان جا جوان اهو علم هڪ اهڙيءَ زبان ۾ ٿا حاصل ڪن، جنهن زبان جي سمجهڻ ۾ کين پنهنجي سموري ذهني تازگي خرچ ڪرڻي ٿي پوي، ۽ معلومات کي سمجهڻ لاءِ سندن دماغ ۾ باقي بلڪل ٿوري قوت وڃي ٿي بچي.

ٽيو سوال آهي ته نيم شعوري زبان اسان جا ٻار ڪنهن کان سکندا آهن؟ انهيءَ جو ڪجهه جواب ته ٻئي سوال جي جواب ۾ اچي چڪو آهي، باقي هيٺ ٿو ڏجي. ڪوبه ٻار اها نيم شعوري ۽ بنيادي زبان اسڪول ۾ ڪونه سکندو آهي، ڇو ته اسڪول ۾ داخل ٿيڻ واريءَ عمر کان اڳ هرهڪ ٻار اندازا 850 لفظ پنهنجيءَ زبان جا سکي پوءِ اسڪول ۾ داخل ٿي سگهندو آهي (اهو عرصو ڪن ملڪن ۾ 5، ڪن ۾ 6، ۽ ڪن ۾ 7 سال آهي). تنهنڪري، تعليم جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اها نيم شعوري زبان هر هڪ ٻار گهر ۽ گهٽيءَ ۾ سکندو آهي. ’گهٽيءَ‘ مان مراد آهي، راند ڪرڻ جي جاءِ.

مٿئين بحث کان پوءِ هيءُ قطعي فيصلو ٿي چڪو ته هر انهيءَ ٻار کي سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيڻ گهرجي، جنهن جي گهر ۽ ماحول جي زبان سنڌي آهي، ۽ جنهن ٻار جو شعوري ۽ نيم شعوري (سجاڳي ۽ ننڊ) حالتن ۾ سنڌي زبان سان واسطو رهي ٿو، ۽ گهڻي کان گهڻو وقت اها زبان ڳالهائيندو يا ٻڌندو رهي ٿو.

هينئر سوال ٿو پيدا ٿئي ته سنڌي زبان ۾ ڪنهن معقول حد تائين تعليم ڏيڻ لاءِ ڪتاب ۽ معلم موجود آهن؟  سنڌي زبان ۾ ٽيڪنيڪل تعليم ڏيڻ جون صلاحيتون موجود آهن، يا موجود ٿي سگهن ٿيون؟ جواب سڀني سوالن جا بلڪل صاف آهن. ڪجهه ڪتاب آهن، ۽ ڪجهه يا باقي تيار ٿي سگهن ٿا، بشرطيڪ مصنفن جو ارادو پختو هجي، ۽ حڪومت جون همدرديون ساڻ هجن. مثلا، انهيءَ ساڳيءَ سنڌي زبان ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ بي. اي. تائين ڪورس تيار ڪرايا هئا، ۽ انهيءَ وقت جي سنڌ گورنمينٽ سڀ قانون جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايا هئا. سائنس ۽ حسابن جا ڪتاب ته اڄ تائين موجود آهن. فلسفي ۽ سائيڪالاجيءَ جا ڪتاب پڻ موجود آهن. انهن کان وڌيڪ ڪتاب، ضرورت آهر تيار ٿي سگهندا. مطلب ته سنڌي زبان ۾ سڀني تعليمي مضمونن تي ڪتابن لکڻ يا ترجمن ڪرڻ جون صلاحيتون موجود آهن. معلم به ابتدائي ۽ ثانوي حد تائين موجود آهن، ۽ وڌيڪ تيار ٿي سگهندا، جيڪڏهن حڪومت فقط هن هڪ ڳالهه تي همدرديءَ سان غور ڪري ته سنڌ ۾ به فطري لياقت موجود آهي، ۽ سنڌي به قوم جي تعمير ۾ برابر جي حصي وٺڻ جا اهل ثابت ٿي سگهن ٿا.

خيال فرمايو ته جنهن ٻار جي نيم شعوري زبان اردو آهي، ۽ کيس تعليم به انهيءَ زبان ۾ ملي ٿي، اهڙي ’تعليم يافته‘ جي ڀيٽ ۾ هڪ سنڌي ڪيئن اچي سگهندو، جنهن جي نيم شعوري زبان ته آهي سنڌي، ۽ اعليٰ تعليم لاءِ اردو، بنگالي يا انگريزي پڙهي ٿو نڪري؟  نه سندس معلومات مڪمل هوندي، نه زبان، ۽نه وري سندس تندرستي ٺيڪ هوندي؛ ڇو ته ٽئين درجي ابتدائيءَ کان پنهنجيءَ زبان سان سندس تعلق گهٽبو ويندو، ۽ ڀٽائيءَ جي فرمودي موجب—

”ڌُريا ئي ڌار، جي وڍي وڻ جدا ڪِئا،
تن سُڪن ڪيهي سار، ته ڪي اُٺا مينهن ملير ۾!“

 

انهيءَ ٻار کي نه پنهنجيءَ زبان سان پيار رهندو، نه پنهنجيءَ زبان جي جواهرپارن جي ڄاڻ هوندي. هوڏانهن، هڪ مجبوريءَ جي حالت ۾ حاصل ڪيل زبان، ماشا ئي ڦيرائي ڦٽا ڪيا هوندس: ويهن – ٻاويهن ورهين جي ڄمار ۾ اکين تي سٺ سالن جي پوڙهن وارا چشما لڳا پيا هوندس، ۽ لغڙيءَ جهڙو بدن، ٽيٽيهر جهڙين ٽَنگن تي کنيو پيو هلندو. جڏهن به ڪنهن نوڪريءَ لاءِ ويندو، ته بالا آفيسر کيس ڏسي متعدي خطرو محسوس ڪندو ته متان منجهانئس سلهه نه ٿي پوي!-- ۽ ”جاءِ خالي ڪانهي“ جو جواب وٺي، گهر جو پنڌ وٺندو. فوجي ڀرتيءَ لاءِ ويندو ته اتان کتو جواب ملندس، ڇو ته اتي به ڪمزورن ۽ اپاهجن جي جاءِ ڪانهي. باقي رهيون پٽيواليون، سي به يانصيب! هَرَ ڪاهڻ جي همت، يا ڪنهن ٻئي بدني پورهئي جي قوت، ’قومي زبان‘ جي حوالي ڪيائين؛ نوڪريءَ کان جواب، ته باقي رهيو پِنڻ يا لَنگهڻ! سنڌ پاڪستان جو هڪ عضوو آهي، ۽ سنڌي فطرتا وفادار گروهه جا فرد آهن. پاڪستان سٺ لک سنڌين کي پنهنجي اعليٰ خدمتن کان پري نٿو رکي سگهي. تنهنڪري، هڪ تعليم جي ماهر جي حيثيت ۾، منهنجو پاڪستان سرڪار کي عرض آهي ته ملڪ جي جانثار سنڌين جي تعليم تي وڌيڪ توجهه ڏيئي انهن جي فطري صلاحيتن ۽ خدمتن مان پاڪستان جي ترقيءَ جو ڪم ورتو وڃي. اهو سڀڪجهه تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن سڀني پاڪستانين کي سندن نيم شعوري زبان ۾ مڪمل تعليم ملندي. پر، جيڪڏهن ڪن سياسي مصلحتن موجب ائين نٿو ٿي سگهي، ته حڪومت قانون پاس ڪري ڇڏي ته ڪابه ماءُ پنهنجي ٻار سان نه سنڌيءَ ۾ ڳالهائي، نه پشتو ۾، نه بلوچيءَ ۾... يا اڙدوءَ ۾ ڳالهائي، يا بنگاليءَ ۾، يا انگريزيءَ ۾! پاڪستان جي ’تعليمي ماهرن‘ جيڪا رپورٽ تازو ڇپرائي پڌري ڪئي آهي، تنهن موجب علاقائي زبانون تعليم جي ميدان ۾ پٺتي اڇلايون ويون آهن، ۽ نسبتا ’قومي‘ زبانن ۽ انگريزي زبان کي نهايت گهڻي اهميت ڏني وئي آهي. اها اهميت سياسي پهلوءَ کان ڏسڻ وارن کي شايد نهايت شاندار نظر ايندي هجي، پر ٻارن جي بدني ۽ ذهني ترقيءَ جي نقطه نظر سان ڏسڻ وارن کي اهڙي روشني نٿي ڏيکارجي—بلڪ سمجهجي ٿو ته ڪجهه وقت کان پوءِ اسان جي مدبرن کي انهيءَ فيصلي تي مجبورا نظرثاني ڪرڻي پوندي.

اسان کي پنجابي، پشتو يا بلوچي زبانن جي صلاحيتن جِي، يا سندن موجوده عملي ۽ ادبي ذخيرن جي پوري پوري ڄاڻ نه آهي، ۽ نه وري اسان کي اها به خبر آهي ته انهن علائقن جي ٻارن جو اڙدو، بنگالي ۽ انگريزي زبانن سان، اسڪول کان ٻاهر ڪيترو ۽ ڪهڙو واسطو ٿو رهي؛ البت سنڌي زبان لاءِ اسين بنا هٻڪ جي چئي سگهون ٿا ته اسان جي زبان ۾ هرهڪ تعليمي مضمون تي ڪتاب موجود آهي، اسان وٽ پنهنجو ادب آهي، اسان جي زبان هر هڪ موضوع تي هڪ معقول حد تائين خيالن جي اظهار ڪرڻ جي اهل به آهي، ۽ وڏي ڳالهه ته اسان جي زبان ۾ ڪنهن ٻيءَ زبان مان لفظن يا محاورن کي پنهنجو گوديلو ٻار ڪري قبول ڪرڻ جي لياقت به آهي. خبر نٿي پوي ته اڌ ڪروڙ انسانن جي اهڙيءَ نيم شعوري زبان کي اسان جي مدبرن ڇو نظرانداز ڪيو آهي! ڇا، پاڪستان کي سنڌين مان ڪنهن جي به خدمت جي ضرورت نه آهي؟ پاڪستان جي تعليمي ماهرن کي هيءَ ته ضرور ڄاڻ هوندي ته سنڌي ٻارن جي چوويهن ڪلاڪن جي زبان سنڌي آهي. جي ائين آهي، ته اسين پڇڻ ٿا گهرون ته ڪهڙي تعليمي نظريي هيٺ اسانجن ٻارن کي سندن فطري زبان ۾ مڪمل تعليم ملڻ کان محروم ڪيو ٿو وڃي؟

”ترڪِ سبب ز روي شريعت ڪجا روا ست؟“

ڪنهن ٽولي جي تعليم زبان مقرر ڪرڻ لاءِ اسين ٻيو به هڪ تعليمي نظريو پيش ٿا ڪريون، جو پڻ نيم شعوري زبان جو تعليمي حق ثابت ڪري ٿو. ڪنهن به اسڪول يا ڪاليج جي ڪنهن به ڪلاس ۾ جڏهن ڪو ماستر صاحب يا پروفيسر صاحب سبق پاڙهي يا ليڪچر ڪري رهيو آهي، ۽ سندس زبان به شاگردن يا ٻڌندڙن جي ماحول جي زبان جي زبان هوندي آهي، ته به ٻڌندڙَ انهيءَ ليڪچر جو فقط 33 سيڪڙو سمجهي ۽ قبول ڪري سگهندا آهن، ڇو ته ڳالهائڻ واري جي گفتگوءَ ۽ ٻڌندڙن جي فهم جي رفتار ۾ فرق ٿيندو آهي؛ پر جيڪڏهن ليڪچر واري جي زبان ٻڌندڙن جي ماحول جي زبان کان ڪا علحده زبان آهي، يعني سنڌي ٻڌندڙن جي اڳيان جيڪڏهن اردو يا انگريزيءَ ۾ ڪجهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪبي، ته فقط 8 سيڪڙو سندن دماغ ۾ رهي سگهندو، سو به تڏهن، جڏهن کين اڙدو يا انگريزي زبان ايندي هوندي، ۽ سندس فهم (intelligence quotient) اوسطا هڪ سو جي قريب هوندو. انهيءَ جو صاف مطلب هيءُ نڪتو ته سنڌين کي سنڌيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو تعليمي مضمون پاڙهبو، ته 33 سيڪڙو سندن دماغ ۾ ويهندو؛ باقي ٻيءَ ڪنهن به زبان ۾ فقط 8 سيڪڙو. پوئينءَ حالت ۾ ماستر صاحب يا پروفيسر صاحب جو 92 سيڪڙو پورهيو ئي پاڻيءَ ۾، ته شاگردن جو ڏينهن کَريو. اهڙيءَ طرح، جي ناقص تعليم وٺي ۽ پنهنجي تندرستي وڃائي، جڏهن اسان جا نوجوان اچي گريجوئيٽ ٿيا، ته آخر ۾ وري به پاڪستان کي ڇيهو رسيو؛ ڇو ته ’مجبورن‘ جا ٽولن جا ٽولا نڪرندا آيا، جي هوند ٻيءَ صورت ۾ ماهر ٿي ٻاهرن نڪرن ها. پوءِ ڇو ڪين اجائي هٺ ڌرمي ختم ڪري، پنهنجن ٻارن کي سندن ’نيم شعوري زبان‘ ۾ تعليم ڏيئي، پاڪستان لاءِ جانٺا خدمت ڪرڻ وارا پيدا ڪريون؟

هن وقت تائين اسان جي تعليمي ادارن جيڪي جنسون پيدا ڪيون آهن، تن مان اسان جا اڳوڻا ڌاريا حاڪم مطمئن هئا يا نه، سا حقيقت هن ڳالهه مان ظاهر آهي ته 1920ع تائين اسان جي بهترين هستين کي به ڪنهن جوابدار عهدي تي اچڻ جو شرف حاصل ڪين ٿيو هو. بعد ۾، ملڪ جي آزاديءَ ۽ پاڪستان پيدا ٿيڻ کان پوءِ، ڇاڪاڻ ته ’ضرورت ايجاد جي ماءُ ٿيندي آهي‘، اسان کي جيڪي ورثي ۾ مليا، تن کي ڪليڪٽريءَ کان گورنر جنرليءَ تائين کڻي وياسين، ۽ هن مغالطي ۾ رهياسين ته پنهنجا حاڪم اجهي ٿا پنهنجي ملڪ ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نهرون وهائين. پر، واقعي جيڪي ڪجهه ٿيو، سو پاءُ اٽي کائڻ وارن کان ڳجهو نه آهي. ڪن جزوي هستين کي ڇڏي (مستثنيات جو هئڻ ڪُليي کي ثابت ڪندو آهي)، باقي جي لاءِ هن چوڻ ۾ اسين حق بجانب آهيون ته اهو سمورو ’خشتِ اول‘ جو ڪرشمو هو، جنهن بنياد کان چوٽيءَ تائين عمارت کي ڏِنگو رکيو.

ڌارين حاڪمن، جن اسان تي هيءُ موجوده تعليم جو سرشتو مڙهيو هو، تن تي ڏوهه نٿو رکي سگهجي، ڇو ته انهن اهو تعليم جو سرشتو هڪ خاص منصوبي ماتحت سٽيو هو. اهو سرشتو لارڊ ميڪاليءَ جاري ڪرايو، ۽ ماستر صاحبن کي کليل حڪم ڏنو هئائين ته ’جِي حضوري‘ (courtiers) قسم جا تعليم يافته پيدا ڪريو، جي حاڪمن جي اڳيان ذرڙن جو ڪم ڏين. ظاهر آهي ته هو انهيءَ ڪم ۾ ڪامياب ٿيا، ۽ دنيا ڏٺو ته اسان ’بابُو‘ پيدا ڪيا. پر هينئر ته حالتون نراليون آهن، اسانجن بزرگن کي اکيون کولڻ گهرجن. صوبائي تعصب جا مهڻا ڏيئي اسان کي خاموش ته ڪري سگهبو، پر قوم جي ٻچن کي آخر ڪيستائين پنهنجين صلاحيتن وڌائڻ کان محروم رکي سگهبو؟ ساڍن ٽن ڪروڙ پاڪستانين جي مشترڪ ذهني سرمايي مان پورو پورو فائدو نه وٺڻ، قوم کي ذهني ڏيوالي ۾ وجهڻ جي برابر ٿيندو. اپاهج ۽ نيم خواند نه ڪڏهن قوم کي مضبوط بڻائي سگهندا، ۽نه ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ ڪو دلگهريو حصو وٺي سگهندا. تنهنڪري، سرڪار کي گهرجي ته ملڪ جي تعليمي زبانن کي قومي زبانن کان علحدو وجود ڏئي، ۽ انهن جي مڪمل ترقيءَ جا وسيلا نهايت فراخدليءَ ۽ محبت سان مهيا ڪندي رهي—تان جو اسان جون علاقائي زبانون ٻين ترقي يافته ملڪن جي تعليمي زبانن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي پنهنجي جاءِ وٺن بيهن، ۽ اسين ڌارين جي ويڻن ٻُڌڻ کان ڇٽون. هينئر اغيار اسان تي چٿرون ڪري رهيا آهن ته پاڪستاني ٻارن جي ’گهر ۽ گهٽيءَ جي زبان‘ هڪ آهي، ته ’اسڪول ۽ ڪاليج جي زبان‘ ٻي: سوچين هڪ زبان ۾، ته پڙهن ٻيءَ زبان ۾: تفريح جي زبان ۾ ڪچهريون ڪن، ۽ مجبوريءَ جي زبان ۾ علم پرائين! ’تعليم‘ ٿي چوي ته ”ٻارن کي علم اهڙن ذريعن سان ڏيو جو هو اسڪولي ڪم کي تفريح ڪري سمجهن، نه عذاب“-- ۽ علم پرائڻ جو وڏي کان وڏو ذريعو زبان آهي.

”مئيءَ جو وس واڪا، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو!“

(روزانه ’مهراڻ‘ ڪراچي، جي سالگرهه   نمبر – 1960ع تان شڪريي سان ورتل)

 

لساني وحدت جو نظريو

 

سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي زبان رائج ڪرڻ جو مسئلو اسان وٽ ڳچ وقت کان هلندڙ آهي. ان بابت گهڻي کان گهڻا رايا اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ذريعي پيش ٿي چڪا آهن. انهيءَ موضوع تي ’علامه ڪربلائيءَ‘ جو هيءُ مضمون، ڪراچيءَ جي روزانه اخبارن ”ڊان‘ انگريزي ۽ ”جنگ“ اڙدو جي انقلابي نمبرن ۾، 27 – آڪٽوبر 1960ع تي شايع ٿي چڪو آهي، ۽ غالباً لاهور جي روزانه انگريزي اخبار ”پاڪستان ٽائيمس“ ۾ پڻ ساڳئي وقت ڇپيو آهي. ’ڊان‘ ۾ “Concept of One Language: Danger to Pakistan Nationalism” (واحد زبان جو نظريو، پاڪستاني قوميت کي خطرو) جي عنوان سان، ۽ ”جنگ“ ۾ ”لساني وحدت اور پاڪستان“ جي عنوان سان ڇپيل انهيءَ مضمون جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، ڪراچيءَ جي هفتيوار اخبار ”جدوجهد“ جي 14- نومبر 1960ع جي اشاعت ۾، ”پاڪستان ۾ قومي زبان“ جي سرخيءَ سان شايع ٿيو آهي، ۽ اسين ’جدوجهد‘ جي شڪريي سان انهيءَ مضمون کي، ان جي عام افاديت ۽ اهميت کي خيال ۾ رکندي، ’مهراڻ‘ جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون—ادارو

”واحد زبان هجڻ اسان لاءِ نهايت ضروري ۽ لازمي آهي، ۽ هڪ زبان کان سواءِ اسان جو هڪ قوم بنجڻ ناممڪن آهي!“ هي آهن اُهي زرين لفظ، جيڪي هڪ پروفيسر صاحب ميز تي زور سان مُڪ هڻندي، پنهنجيءَ زبان مبارڪ مان ڪڍيا.

صاحب موصوف جي زبان مان اهي لفظ ٻڌي مون کي سخت صدمو پهتو، ڇاڪاڻ ته اهو خيال ڪنهن عام ماڻهوءَ جو نه پر هڪ معزز ۽ مفڪر پروفيسر صاحب جو هو. ان جي باوجود، مون پروفيسر صاحب کي تنبيهه ڪندي چيو ته ”اوهين جيڪو نظريو رکو ٿا، سو پاڪستان لاءِ نهايت خطرناڪ آهي.“ پروفيسر صاحب جڏهن پنهنجيءَ راءِ خلاف منهنجو رايو ٻڌو، ته کيس سخت تعجب ٿيو، ڇو ته جنهن شي کي هو پاڪستان لاءِ مفيد سمجهي رهيو هو، تنهن کي آءٌ نهايت خطرناڪ ۽ نقصانڪار سمجهي رهيو هوس.

پروفيسر صاحب فرمايو ته ”اوهين مهرباني ڪري پنهنجي نظريي جي حمايت ۾ ڪي دليل دلائل ۽ سبب اسباب پيش ڪندا ته آءٌ اوهان جو نهايت شڪر گذار رهندس.“ پر مون کيس عرض ڪيو ته ”براه ڪرم اوهين پهرين پنهنجيءَ راءِ جي وڌيڪ وضاحت ڪريو ته اوهين ڪهڙي سبب ائين سمجهي رهيا آهيو ته واحد قوم بنجڻ لاءِ هڪ زبان جو هئڻ ضروري آهي؟ ڇا، اوهان جو ائين چوڻ مان هيءُ مقصد آهي ته اسين اڃا هڪ قوم نه بنيا آهيون، ۽ هاڻي واحد قوم بنجڻ خاطر اسان کي اول مشترڪ زبان بنائڻ گهرجي؟ جيڪڏهن اوهان جي راءِ درست آهي، ته پوءِ ڀلا اوهين ئي ٻڌايو ته اسان کي (پاڪستان کي) ’انجمن اقوام متحده‘ جو ميمبر ڇو بنايو ويو آهي؟“

جڏهن مون هن کي ايترو سوڙهو گهُٽيو، تڏهن هو هڪدم حواس باخته ٿي پنهنجيءَ راءِ تان دستبردار ٿيڻ وارو هو، ته مون کيس وري سوڙهو گهُٽيندي چيو: ”اسان کي هن اهم قومي مسئلي تي پنهنجو بحث اڌورو نه ڇڏڻ گهرجي، پر ڏسڻ گهرجي ته اوهين جيڪا راءِ رکندڙ آهيو سا صحيح آهي يا غلط. اوهين ان ڳالهه جي تشريح ته ڪريو: آخر اوهين ڪهڙي سبب اسان جي هڪ قوم بنجڻ لاءِ هڪ ٻوليءَ جو هئڻ ضروري ٿا سمجهو؟“

جڏهن صاحب ممدوح ڏٺو ته آءٌ سندس جند نه ڇڏيندس، تڏهن هن لَڄون ڪَڄون ۽ طُوعا ڪَرها فرمايو، ”جناب عالي، هڪ قوم بنجڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان جو مشترڪ ملڪ هجي، هڪ تاريخ هجي، ۽ واحد قومي زبان هجي، ۽ ان کان سواءِ ٻه – چار ٻيون به هڪجهڙيون ۽ مشترڪ شيون هئڻ گهرجن. اسان جي وچ ۾ گهڻو ڪري ٻيون هڪجهڙيون شيون ته موجود آهن، پر واحد زبان جيڪا قوميت لاءِ نهايت ضروري آهي، سا اسان وٽ موجود نه آهي. تنهنڪري منهنجو غور شده رايو آهي ته اسين اڃا تائين هڪ قوم نه بنجي سگهيا آهيون.“

مون کيس جواب ڏنو، ”فرض ڪريو ته اوهان جي اها ڳالهه صحيح آهي، ته پوءِ ان جي معنيٰ اها ئي ٿي ته جيئن ته پاڪستان ۾ واحد مشترڪ زبان ڪانه هئي، تنهنڪري اهو قائم ڪري وڏي غلطي ڪئي وئي آهي!“ پروفيسر صاحب انهيءَ تي جواب ۾ فرمايو ته ”جڏهن پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد پئي ڪئي وئي، تڏهن اسان جي ملڪ لاءِ واحد مشترڪ زبان وارو نظريو به قبول ڪيو ويو هو. هندستان جي مسلمانن جي واحد زبان اول ئي موجود هئي، تنهنڪري اها ئي زبان پاڪستان جي زبان ٿيڻي هئي.“ پر، افسوس جو پروفيسر صاحب کي هيءَ ڳالهه معلوم نه هئي ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ هن ملڪ جي مختلف حصن ۽ علائقن جي باشندن جي زبان هڪ نه هئي. نه شهرن ۾، ۽ نه وري ڳوٺن ۾، ان جي باوجود پاڪستاني قوم وجود ۾ آئي. ان وقت هڪ مشترڪ زبان جي عدم موجودگي اسان جي قوميت کي وجود ۾ اچڻ کان روڪي نه سگهي؛ ۽ جيئن ئي اسان جي قوم وجود ۾ آئي، تيئن ’اقوام متحده‘ کيس هڪ نئون ملڪ تسليم ڪري ان کي پنهنجو ميمبر بنايو. تنهنڪري ائين چوڻ ته جيستائين هيءَ ڳالهه يا هوءَ شي نه ٿي آهي تيستائين اسين هڪ قوم نه بنجي سگهنداسين، سو ائين آهي، گويا اسين خود پنهنجي قوميت جي وجود کان انڪار ڪري رهيا آهيون-- ۽ اها ڳالهه اهڙي ته خطرناڪ ۽ مجرمانه آهي، جنهن کي ڪابه عدالت هن ملڪ سان غداري ڪرڻ جي مترادف قرار ڏيئي سگهي ٿي.

حقيقت هيءَ آهي ته جيڪي حضرات پاڪستان جي واحد مشترڪ زبان جي ضرورت تي اصرار ڪري ۽ زور ڏيئي رهيا آهن، اهي شايد نئشنلزم (قوميت) جي هڪ ۽ فقط هڪ تشريح ۽ تعريف کان ئي باخبر آهن، جيڪا کين اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائي ۽ سيکاري ويئي آهي، جنهن کي عام طور تي ’لساني قوميت‘ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، ۽ جيڪا زبان جي وحدت لاءِ نهايت ضروري سمجهي ويندي آهي، جنهنڪري هڪ قوم کي ٻيءَ قوم کان الڳ سمجهيو ويندو آهي. اهڙيءَ قوميت جو بنياد ’هڪ قوم ۽ هڪ زبان‘ واري نظريي تي رکيل هوندو آهي. هن قسم جي قوميت يورپي ملڪن ۾ عام طرح ڏسڻ ۾ ايندي—جهڙوڪ جرمني، فرانس، انگلنڊ وغيره مختلف قومون سڏيون وينديون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن جون زبانون ۽ ڪي ٻيون شيون مختلف ۽ جداگانه آهن. ان جي باوجود، هڪ زبان هجڻ واري بندش هروڀرو ۽ هر حالت ۾ ضروري ڪانه آهي، جنهن لاءِ اسان کي ڪيترائي مثال ملي سگهندا. انگلنڊ ۽ آمريڪا جي هڪ ئي انگريزي زبان هجڻ جي باوجود، اهي ٻئي جدا جدا رهنديون. ساڳيءَ ريت، جيتوڻيڪ سعودي عرب، عراق، مصر، اردن، شام وغيره عرب ملڪن جي واحد قومي زبان عربي ئي آهي، پر تڏهن به اهي سڀئي ملڪ جدا قومون ۽ جدا ملڪ ٿا سڏجن، جنهن مان هن ڳالهه جو ثبوت ٿو ملي ته جيتوڻيڪ مشترڪ زبانَ واحد قوميت لاءِ تمام ضروري آهي، پر تنهن هوندي به ان سموريءَ ڳالهه جو دارومدار ڪو هروڀرو انهيءَ هڪ شي تي نه آهي. هڪ زبان هئڻ لاءِ هيءَ ڳالهه ضروري نه آهي ته ڪو ان جا زبان جا ڳالهائيندڙ بهرصورت هڪ قوم پڻ هئڻ گهرجن؛ پر حقيقت هيءَ آهي ته ٻه – چار قومون به هڪ زبان ڳالهائينديون آهن—جيئن مٿي عرب ملڪن جو مثال آيو. حقيقت هيءَ آهي ته ڪابه وڏي قوم مشترڪ زبان ڳالهائڻ جي باوجود ٻن، ٽن ۽ چئن قوميتن ۾ تقسيم ٿي سگهي ٿي؛ تنهنڪري هيءَ ڳالهه ضروري نه آهي ته جيڪڏهن اسان جي فقط هڪ ئي زبان هوندي، تڏهن اسين هڪ قوم ضرور بنجي سگهنداسين، يا اُنهيءَ حالت ۾ پوءِ اسين چار قومون نه بنجي سگهنداسين.

هن سلسلي ۾ جيڪڏهن اسين دنيا جي ڪن ٻين ملڪن مٿان نظر ڊوڙائينداسين، ته اسان کي معلوم ٿيندو ته جهان ۾ ڪيترا اهڙا واحد ملڪ به آهن، جن جي جيتوڻيڪ هڪ مشترڪ زبان نه آهي، پر تنهن هوندي به هو واحد قومون ٿيون سڏجن ۽ ليکجن: جهڙوڪ سئٽزرلنڊ (چار زبانون)، ڪئناڊا (ٻه زبانون)، فنلئنڊ (ٻه زبانون)، لبنان (ٻه زبانون)، فلپائين (ٻه زبانون)، ڏکڻ آفريڪا جي يونين (ٻه زبانون)، سلون (ٻه زبانون)، افغانستان (ٻه زبانون)، ۽ روس ۽ ڀارت ۾ ٻارهن کان زياده مُکيه ٻوليون ٿيون ڳالهائيون وڃن. انهن سڀني ملڪن ۾ اهي ٻوليون سرڪاري طور تسليم ٿيل آهن. اهڙين قومن کي عربيءَ ۾ ”متفرق اللسان“، يعني ’جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندڙ‘ قومون سڏيون ويندو آهي. انهن چند مثالن مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي ته واحد زبان جو وجود ڪنهن به واحد قوميت لاءِ هروڀرو ۽ هميشه لاءِ ضروري ۽ لازمي نه آهي. انهيءَ ڳالهه مان هيءُ نتيجو نڪتو ته جڏهن اسين ائين ٿا چئون ته ’اسين مشترڪ زبان کان سواءِ پاڻ کي واحد قوم نٿا سڏي سگهون‘، تڏهن اها اسين عظيم غلطي ٿا ڪريون.

گفتگو ۽ بحث مباحثي جي دوران، پروفيسر موصوف کي جنهن ڳالهه جوسڀ کان گهڻو فڪر هو، سا هيءَ هئي ته جيڪڏهن اسان پاڪستانين جي ڪا مشترڪ زبان نه هوندي، ته اسين هڪٻئي جي جذبن، خيالن ۽ احساسن کان ڪهڙيءَ ريت باخبر ٿي سگهنداسين. انهيءَ نُڪتي تي زور ڏيندي ۽ اصرار ڪندي، هن چيو: ”جيڪڏهن اسين هڪٻئي کي سمجهي ئي نه سگهنداسين، ته پوءِ اسين ڪهڙيءَ ريت همخيال ٿي سگهنداسين، ۽ وري ان حالت ۾ اسان جي قومي وحدت ڪيئن قائم رهي سگهندي؟“

مون کيس عرض ڪيو، ”آءٌ قبول ٿو ڪريان ته اها هڪ وڏي مشڪلات آهي، پر اسان جي راهه ۾ آهي به فقط اها ئي هڪ رنڊڪ، جنهن کي دُور ڪرڻ جا حل ڪرڻ، منهنجي خيال موجب ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. حقيقت هيءَ آهي ته هن دنيا ۾ ڪابه اهڙي مشڪل نه آهي، جيڪا حل نه ٿي سگهي.“ ان بعد مون پروفيسر صاحب کي عرض ڪيو ته ”جنابِ من، هن مشڪل جي حل تلاش ڪرڻ کان اڳ اوهان کي هيءَ ڳالهه ضرور ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته جڏهن اوهين چئو ٿا ته اسان جي مشترڪ زبان هئڻ گهرجي، تڏهن ان ڳالهه مان اوهان جومطلب ۽ مقصد ڪهڙو آهي؟“

پروفيسر صاحب منهنجي هن سوال جي جواب ۾ وري به ائين فرمايو ته ”پاڪستان جي مختلف حصن ۽ علائقن جي باشندن جي هڪ، ۽ صرف هڪ ئي زبان هئڻ گهرجي.“ يعني، سندس خيال موجب، سمورا پاڪستاني پنهنجون اهي جدا جدا زبانون ڳالهائڻ ۽ استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏين، جيڪي هو هزارن ۽ لکن سالن کان ڳالهائيندا ۽ استعمال ڪندا آيا آهن، ۽ انهن جي عيوض هو هڪ نئين زبان سکڻ شروع ڪن. شايد پروفيسر صاحب ائين سمجهي رهيو هو ته سندس اها تجويز يقيناً ڪامياب به ٿي سگهندي، ڇاڪاڻ ته سندس خيال هو ته اها ’نئين زبان‘ اسڪولن، ڪاليجن، اخبارن، ريڊين ۽ ٻين اهڙن طريقن وسيلي ڦهلجي سگهندي.

پروفيسر صاحب ته پاڪستان ۾ هڪ نئين زبان کي رائج ڪرڻ جو حامي ۽ قائل آهي؛ پر سوال آهي ته ”ڇا، پاڪستان ۾ هڪ نئين زبان مروج ڪري سگهجي ٿي؟“

اسانجين ڪچهرين، مجلسن ۽ محفلن ۾ زبانن جي مسئلي تي اهڙيءَ طرح گفتگو ڪئي ويندي آهي، ڄڻ ته زبان ڪا انجمن، جاءِ يا رانديڪو وغيره آهي، جنهن کي ختم ڪري، ڊاهي، يا ڀڃي ڀروڙي، نئين سر ٺاهي سگهجي ٿو! گهڻو ڪري اسان جا ڪيترا تعليم يافته شخص به ائين چوندا آهن ته اسين زبان کي تمام آسانيءَ سان بدلائي سگهون ٿا. اهي صاحب وڌيڪ ائين به چوندا رهندا آهن ته ’ڪهڙو چڱو ٿئي جو اسين سڀئي پاڪستاني، عربي زبان يا ان کان به بهتر انگريزي زبان کي کڻي پنهنجي قومي زبان بنايون؛ ۽ پنهنجي موجوده ۽ آئينده نسلن کي نئين زبان سيکاري، قديم فرسوده زبان کي ترڪ ڪري ڇڏيون!‘ اهڙي قسم جون غلط ۽ بي معنيٰ ڳالهيون صرف ان ڪري ڪيون وينديون آهن، ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جي ماڻهن هن مسئلي تي ڪڏهن به سنجيدگيءَ ۽ ٿڌي سيني سان غور ڪرڻ جي تڪليف نه گوارا ڪئي آهي، ۽ نه ان ڏس ۾ ڪا ڪوشش ئي ورتي اٿن. ٻيو سبب هي آهي ته اڄڪلهه جي تعليم يافته طبقي ۾ سنجيدگيءَ ۽ گهرائيءَ سان سوچڻ واري جوهر جي البت اڻاٺ آهي. اسان کي اهڙي قسم جون بيسود ۽ بيهوديون ڳالهيون ٻڌي نه فقط حيرت ٿيندي آهي، پر سخت ڏک به ٿيندو آهي، ڇو ته ڪن حالتن ۾ ڪيترو سارو قيمتي وقت اهڙي قسم جي بحث مباحثي پويان وڃايو ويندو آهي، ۽ پوءِ به ڪوبه شخص هن مسئلي جي بنيادي نُڪتن کي سنجيدگيءَ سان سمجهڻ، پُرجهڻ ۽ پرکڻ جي ذري ماتر به ڪوشش ڪونه ڪندو آهي. ڪڏهن ائين سمجهيو ويندو آهي ته ان قسم جون ڳالهيون ڀوڳ چرچي ۾ ٿيون ڪيون وڃن؛ پر جڏهن ڏسبو آهي ته ڪيترا فهميدا ۽ عقلمند، عمر رسيدا ۽ معزز اڪابر به اهڙي قسم جي راءِ پيش ڪرڻ لڳن ٿا، تڏهن ان کي مسخري ۽ مذاق نه بلڪ سچ سمجهيو ويندو آهي—ايتريقدر جو هڪ دفعي ’پاڪستان پلئننگ ڪميشن‘ جي هڪ چيئرمين صاحب نهايت سنجيدگيءَ سان هيءَ تجويز پيش ڪئي ته پاڪستان جي مشترڪ زبان عربيءَ کي بنائڻ گهرجي!

جيڪي ماڻهو پاڪستان ۾ هڪ نئين زبان رائج ڪرڻ جا حامي ۽ مويد آهن، سي ڪن ٻين ملڪن جا مثال پيش ڪندا آهن: مثلا، انگلنڊ، جتي ويلس ۽ اسڪاٽلنڊ جون زبانون انگريزيءَ ۾ مدغم ٿي ويون، آخرڪار سموري ملڪ جي زبان انگريزي ٿي وئي. ان کان پوءِ هو آمريڪا جو مثال ڏيندا آهن، جتي مختلف زبانون – جهڙوڪ جرمني، اطالوي، فرانسيسي، اِسپيني، وغيره— آخرڪار انگريزي زبان ۾ جذب ٿي وييون، ۽ هينئر اُتي فقط هڪ ئي زبان، يعني انگريزيءَ کي ئي قومي زبان جو درجو حاصل آهي. اهڙيءَ طرح، هو مصر جو پڻ مثال ڏيندا آهن، جتي عربي زبانَ قبطين (مصر جا اصلوڪا عيسائي باشندا) جي زبان کي ختم ڪيو، ۽ سموري ملڪ جي زبان عربي بنجي ويئي.

اگرچ هن مضمون ۾ انهيءَ مسئلي تي تفصيلي بحث ڪرڻ البت ڏکيري ڳالهه آهي، تاهم هتي هيءَ ڳالهه ٻڌائڻ نهايت ضروري آهي ته انگريزي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن جو ويلس مٿان جيتوڻيڪ صدين کان تسلط پئي رهيو آهي، تنهن هوندي به هو ’ويلش‘ (ويلس جي زبان) کي اڃا تائين ختم ۽ نيست نابود ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن، ۽ اها زبان اڃا تائين انگلنڊ ۾ سرڪاري طور هڪ ’قومي زبان‘ تسليم ٿيل آهي—حالانڪ ويلس جي پنجهتر فيصدي ماڻهن جي گهرن ۾ انگريزي ٻولي پيئي ڳالهائي وڃي. نه رڳو ايترو، بلڪ اُتي جا وطن پرست اڃا تائين ويلش لاءِ خود – حڪومت جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري ۽ لڙي رهيا آهن. جيڪڏهن ويلش زبان کي ٿورو گهڻو نقصان پهتو آهي، ته ان جو سبب انگريزي زبان جي هردلعزيزي ۽ مقبوليت نه، پر انگريزي زبان ڳالهائيندڙن جو ڪثير تعداد آهي، جيڪي ويلس جي باشندن جي گڏجي مسجي ويا آهن ۽ ڪافي عرصي کان مٿن غالب آهن. جيئن ته انگريزي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن جو تعداد شروع کان وٺي اڄ تائين ويلس ۽ اسڪاٽلنڊ جي باشندن جي تعداد کان ڪافي وڌيڪ پئي رهيو آهي، تنهنڪري، ڪثير تعداد سبب، انگريزي ٻولي به ويلش ۽ اِسڪاچ زبانن مٿان غالب پئي رهي آهي. ازنسواءِ، سياسي ۽ ثقافتي ميدانن ۾ پڻ انگريزي زبان ڳالهائيندڙ ماڻهو کانئن مٿانهان، برتر ۽ بالا پئي رهيا آهن.

ساڳيءَ طرح، انگلنڊ مان جيڪي انگريزي زبان ڳالهائيندڙ ماڻهو آمريڪا ڏانهن ٿي لڏي ويا، سي شروع ۾ آمريڪا جي اُڀرندي ڪناري تي آباد ٿي اُتي جي سياسي ۽ اقتصادي زندگيءَ تي مسلط ٿيا ٿي، ۽ انهن جو تعداد يورپ جي ٻين حصن – جهڙوڪ فرانس، اٽلي يا جرمنيءَ—مان لڏي ويل ماڻهن جي تعداد کان ڪافي گهڻو هو، تنهنڪري انگريزيءَ کان سواءِ جيڪي ٻيون يورپي قومون آمريڪا جي اُڀرندي ڪناري تي پوءِ اچي آباد ٿيون، تن کي لاچار انهن ماڻهن (انگريزن) جي زبان سکڻي پيئي، جن جو اتي جي سياسي ۽ اقتصادي، صنعتي ۽ ڪاروباري زندگيءَ مٿان اول ئي تسلط ۽ غلبو هو. ان کان پوءِ جڏهن اُهي يورپي قومون (جرمن، فرينچ، اطالوي، وغيره) آمريڪا ۾ زياده تعداد ۾ اچڻ لڳيون، تڏهن اهي اتي جي دوردراز هنڌن تي وڃي آباد ٿيون، جنهنڪري انهن جو شيرازو منتشر ٿي ويو، ۽ آهستي آهستي اهي پنهنجي انفراديت وڃائي ويٺيون. انهيءَ وچ ۾ انگريزي زبان ڳالهائيندڙ ماڻهن جو وڏو تعداد اتي جي سياسي، اقتصادي ۽ معاشرتي ميدانن ۾ ڪافي وڌي چڪو هو، ۽ هر طرف ڇانئجي، زندگيءَ جي هر شعبي مٿان مسلط ٿي ويو. اهڙيءَ طرح انگريزي زبان ڳالهائيندڙ ماڻهن جي اها فوقيت ۽ برتري، انگريزي زبان جي قائم هجڻ جوسبب بني، ۽ اها ئي ٻولي سموري آمريڪا جي سرڪاري زبان تسليم ٿي وئي.

اهڙو ئي مثال مصر ۾ عربي ۽ قبطي زبانن جو آهي. جيڪڏهن اتي قبطي ڀاشا جي جاءِ تي عربي زبان مروج ٿي، ته ان جي معنيٰ اها هرگز نه آهي ته ڪو عربيءَ جي فتح ان ڪري ٿي جو ان قبطي زبان کي شڪست ڏني؛ دراصل عربيءَ کي اُتي فوقيت، مقبوليت ۽ برتري ان ڪري حاصل ٿي جو مصر ۾ آباد ٿيندڙ عربن قبطين کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ شڪست ڏني. اسلامي تاريخ جي ورق گرداني ڪندي معلوم ٿو ٿئي ته عربستان جا عرب اسلام جي ظهور کان گهڻو عرصو اڳ ڪيترين صدين کان واديءَ نِيل ۾ اچي آباد ٿيا هئا، ۽ آخر ۾ جڏهن حضرت عمر رضه جي خلافت واري دور ۾ مسلمانن مصر فتح ڪيو، تڏهن ته عرب ويتر تمام وڏي تعداد ۾ اچي مصر ۾ آباد ٿيڻ لڳا. هو مصر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلجي ويا، ۽ اتي جي قبطي آبادگارن کان هر هنڌ زرعي زمينون خريد ڪري اتي جي اقتصادي زندگيءَ مٿان قابض ۽ مسلط ٿيڻ لڳا. آخرڪار مصر ۾ سندن تعداد ۽ زرعي ملڪيتون ايتريقدر ته وڌي ويون جو لاچار حضرت عمر رضه عربن جي مصر ۾ وڌيڪ زرعي زمينن ۽ ٻين غيرمتحرڪ ملڪيتن خريد ڪرڻ تي بندش وجهڻ جو حڪم ڪيو؛ پر ٿوري عرصي بعد حضرت عمر شهيد ٿي ويو، جنهنڪري اهو حڪم عمل ۾ نه اچي سگهيو. ان کان پوءِ عرب، مصر ۾ هر هنڌ پکڙجي، اتي جي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي زندگيءَ تي حاوي ٿي ويا. ان بعد هو مصر جي اصلوڪن باشندن مان وڏي پيماني تي شاديون ڪرڻ لڳا، جنهنڪري ڏينهون ڏينهن سندن تعداد ۽ آبادي وڌڻ لڳي، ۽ اٽڪل هڪ هزار سال کان پوءِ مصر ۾ قبطي باشندن ۽ قبطي زبان جي جاءِ عرب باشندن ۽ عربي زبان ورتي. مصر ۾ موجوده وقت عربي زبان کي جيڪا ممتاز ۽ منفرد حيثيت حاصل آهي، سا ڪا سندس مقبوليت ۽ برتريءَ سبب نه آهي، بلڪ ان جو سبب فقط اهو آهي ته عرب تمام وڏي تعداد ۾ اتي اچي آباد ٿيا ۽ اتي جي زندگيءَ جي هر شعبي مٿان بتدريج غالب ٿيڻ لڳا - ۽ کين مصر کي خالص عرب ملڪ بنائڻ ۾ هڪ هزار سالن لاءِ مسلسل ۽ متواتر جدوجهد ڪرڻي پيئي، جنهن لاءِ تاريخ جا ورق گواهه آهن.

مٿئين بحث مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي ته ڪابه زبان يا ٻولي ڪنهن ٻيءَ زبان يا ٻوليءَ مٿان فتح نٿي حاصل ڪري، پر دراصل جڏهن ڪنهن زبان جا ڳالهائيندڙ اصلوڪن باشندن تي هر پهلوءَ کان مسلط ٿين ٿا، تڏهن مغلوب ماڻهن جي تهذيب، تمدن ۽ زبانون ختم ٿيڻ جو رخ ٿيون اختيار ڪن، ۽ انهن ۾ آهستي آهستي تبديليون ٿيون اچڻ لڳن پر اهڙي قسم جي ڦيرگهير ۾ ڪافي عرصو ٿو لڳي وڃي، جيڪو ڪڏهن سوين سال ٿو ٿئي ته ڪڏهن هزارين سال. تنهنڪري، جيڪڏهن هينئر ائين چيو وڃي ته پاڪستاني باشندا به هڪ زبان ترڪ ڪري ٻي زبان اختيار ڪن، ۽ اها ڳالهه حڪومت جي فيصلي سان يا ڪن فاضل پروفيسرن، اخبارنويسن ۽ ريڊئي جي ناشرن جي ڪوشش سان ڪامياب ٿي سگهندي، سو ائين آهي جيئن ڪنهن ناممڪن ڳالهه کي ممڪن بنائڻ جي بيڪار ۽ بيسود ڪوشش ڪرڻ.

دنيا جي تاريخ ۾ ڪٿي به ڪو اهڙو مثال نٿو ملي جو ڪنهن به قوم پنهنجيءَ زبان، تهذيب ۽ تمدن کي پنهنجي سياسي آزاديءَ وڃائڻ کان سواءِ قربان ڪيو هجي؛ ۽ نه وري عالم جي تاريخ ۾ اهڙو به مثال ملي سگهي ٿو جو ڪنهن به ملڪ پنهنجي سياسي آزاديءَ کي شڪست، غلاميءَ ۽ ظلم و تشدد کان سواءِ ترڪ ڪيو هجي. انهن حالتن جي مدنظر، جيڪي ماڻهو ائين ٿا چون ته اسان کي پنهنجي زبان هِن يا هُن عام ٻوليءَ خاطر قربان ڪرڻ گهرجي، سي گويا ائين فرمائي رهيا آهن ته چنڊ کي ڌرتيءَ تي آڻي رکجي ۽ ڌرتيءَ کي مريخ ڏانهن کڻي وڃڻ کپي! اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته ڪا نئين زبان ٺاهي نه ويندي آهي؛ تنهنڪري اسان کي مختلف زبانن جي موجودگيءَ ۾ ئي هتي رهڻو آهي. انهيءَ فرق يا اختلاف ۽ امتياز جي باوجود، اسين پاڪستاني، دنيا جي ٻين ’متفرق اللسان‘ قومن وانگر، هڪ قوم آهيون. هيءَ ڳالهه به اظهرمن شمس آهي ته ڪابه هڪ زبان تيستائين ٻيءَ زبان جي جاءِ تي نه اچي سگهندي آهي، جيستائين پهرين زبان ڳالهائيندڙ ماڻهن کي تاريخي، معاشري ۽ اقتصادي قوتون مجبور نه ڪنديون آهن- جنهن ۾ ڪئين صديون لڳي وينديون آهن. انهن حالتن ۾، ۽ حقيقتن جي روشنيءَ ۾، هينئر اسان کي اهي بيڪار ۽ بيسود ڪوششون ترڪ ڪري ڇڏڻ گهرجن ته اسان کي فلاڻيءَ يا فلاڻيءَ زبان خاطر پنهنجي زبان تان دستبردار ٿي وڃڻ کپي.

هيءَ ڳالهه ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته زبان بذات خود هڪ هنڌان ٻئي هنڌ نٿي وڃي سگهي. اهي ان زبان جا ڳالهائيندڙ ماڻهو ئي آهن، جيڪي انهيءَ زبان کي سياسي، معاشرتي يا تمدني ۽ اقتصادي ذريعن سان ٻين ماڻهن تائين ٿا پهچائين؛ ۽ جيئن اهي هڪٻئي سان لهه وچڙ ۾ ٿا اچن، تيئن سندن زبانون ۽ تهذيبون به هڪٻئي سان دوچار ٿيون ٿين. مثال موجود آهن، هٿ جي ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪهڙي ضرورت. هندستان ۾ پارسي زبان کي ست سو سال برتري ۽ فوقيت رهي، پر جڏهن اتان ايراني حاڪم هليا ويا تڏهن پنهنجي پارسي ٻولي به پاڻ سان کڻي رمندا رهيا. ساڳيءَ طرح، فرينچ زبان جي حالت ڏسو، جيڪا ٿورو عرصو اڳ يورپ جي متمدن ۽ مهذب زبان سمجهي ويندي هئي، پر جڏهن فرانس جو سياسي اقتدار، عظمت ۽ برتري ختم ٿي، تڏهن سندن ٻوليءَ جي مقبوليت ۽ هر دلعزيزي به ختم ٿي وئي. آئرلنڊ تي انگلنڊ اٽڪل هڪ هزار سالن تائين حڪومت ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو خود اتي جي گهرن ۾به انگريزي ٻولي ڳالهائجڻ ۾ ايندي هئي، پر جڏهن آئرلنڊ آزادي حاصل ڪئي، تڏهن انگريزي زبان به اتان پنهنجا ٽپڙ سهيڙڻ شروع ڪيا، ۽ هينئر اتي انگريزيءَ کي ڪا خاص حيثيت حاصل ڪانه آهي. تنهنڪري، اها ڳالهه ظاهر آهي ته جيئن ته اسين پاڪستاني ’هڪ قوم ۽ هڪ زبان‘ واري نظريي ماتحت هڪ قوم نه آهيون، تنهنڪري اسان کي ڪنهن به هڪ عام زبان کي پنهنجي قومي ٻولي بنائڻو نه آهي: اسان کي حقيقت بِين ٿي، حقيقتن جي روشنيءَ ۾، صحيح حالتن جو اقرار ڪري ۽ انهن جو قائل بنجي، هڪ عام زبان جي قوميت واري تخيل تان دستبردار ٿي، ’مختلف اللسان قوم‘ بنجڻو پوندو.

وڏي افسوس ۽ ارمان جي ڳالهه آهي جو قيام پاڪستان کان پوءِ اسين هن بنيادي حقيقت کي پٺيءَ پٺيان اُڇلائيندا ۽ نظرانداز ڪندا رهيا آهيون، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ملڪ ۾ نهايت نازڪ ۽ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي پئي، ۽ اسان اصل حقيقت کان منهن موڙي، قوميت جي بنيادي تخيل کي نظرانداز ڪري، هڪ نئينءَ نوعيت واريءَ قوميت جي بنياد رکڻ جي بيسود ۽ ناڪام ڪوشش شروع ڪئي، ۽ انهيءَ خبط ۾ هيءَ بنيادي ڳالهه به وساري ڇڏيسين ته پاڪستان فقط هڪ عام ديني تمدن ۽ مشترڪ مذهبي بنياد تي قائم ٿيو آهي- يعني ’هڪ الله ۽ هڪ رسول‘. بس، اهائي هڪ مشترڪ ڳالهه هئي، جنهن سنڌين، بلوچن، پنجابين، پٺاڻن ۽ بنگالين کي، مختلف زبانن ۽ مختلف تهذيبن هوندي به، هڪ پليٽفارم تي جمع ڪيو. پر پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان فورا پوءِ، اهي نام نهاد مغربي تعليم يافته عالم ۽ فاضل، جن فقط ’لساني قوميت‘ واريءَ قوميت بابت تعليم ورتي هئي، سي خود پنهنجيءَ قوميت تي شڪ شبهي جو اظهار ڪرڻ لڳا؛ جنهنڪري هو پنهنجي ملڪ (پاڪستان) لاءِ به قوميت جي نئين بنياد رکڻ جا پُورا پچائڻ لڳا: يعني سندن غورشده رايو هو ته پاڪستان جو بنياد به ’هڪ قوم ۽ هڪ زبان‘ واري تخيل تي رکڻ گهرجي، جنهن جو ظاهر ظهور ۽ عملي طور مطلب ۽ مقصد پاڪستان جي بنيادي نظريي جي انحرافي ڪرڻ جي مترادف هو. ان جي معنيٰ اها هئي ته پاڪستان هيتري ساري تاريخي دور ۾ جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو آهي، ان کان منڪر ۽ منحرف ٿي وڃجي ۽ ان جي تهه ۾ اها ڳالهه سمايل هئي ته پاڪستان لاءِ هڪ اهڙو نئون نظريو قائم ڪيو وڃي، جيڪو پاڪستان جي حفاظت جي راهه ۾ سڀ کان زياده مضر ۽ خطرناڪ هو. (ٿي سگهي ٿو ته ان تخيل جا محرڪ ۽ حامي انجي خطرناڪ نتيجن کان باخبر نه هجن.)

انهن ۽ اهڙي قسم جي ٻين خطرن ۽ خدشن جي باوجود، هن نظريي کي معقول ۽ مقبول سمجهي، تجربي طور، اوڀر بنگال ۾ ان کي عمل ۾ آڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي، جتي ان جي شديد مخالفت ڪئي وئي، ڇاڪاڻ ته بنگالين سمجهيو ته انهيءَ تخيل تي عمل پيرا ٿيڻ سان اسان جي سياسي ۽ تعليمي ترقيءَ ۽ واڌاري جي راهه ۾ وڏيون رنڊڪون حائل ٿينديون. بنگالين طرفان سخت مخالفت ڪرڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو ڊاڪا ۾ شاگردن مٿان گوليون هلايون وييون، جنهنڪري ساري ملڪ کي حد کان زياده صدمو پهتو. پر افسوس جو ملڪ جي ڪن چند ماڻهن کان سواءِ ٻين ان واقعي مان سبق حاصل ڪرڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي، ۽ نه وري ماڻهن ان ڳالهه جي سمجهڻ جي ئي تڪليف ورتي ته اهو واقعو ڪهڙيءَ موتمار ڪارروائيءَ سبب ٿي گذريو! ان هوندي به، انهيءَ حادثي جو هڪ احسن نتيجو هيءُ نڪتو جو اسان جي ملڪ مان ’هڪ قوم ۽ هڪ زبان‘ واري ان تخيل جون پاڙون هميشه لاءِ پٽجي وييون، جيڪو تخيل اسان جي ملڪ جي بنياد کي ڪمزور ڪري رهيو هو. اوڀر بنگال جي انهيءَ واقعي آخرڪار اسان جي ڪوتاهين ۽ ناعاقبت انديش سياسي فيلسوفن کي پنهنجي ان نظريي تان دستبردار ٿيڻ تي مجبور ڪيو، ۽ اهڙيءَ طرح انهن پاڪستان جي آئين ۾ ٻن سرڪاري ٻولين – بنگالي ۽ اردو – وارو نظريو قبول ڪيو.

پر افسوس جو اهڙي افسوسناڪ حادثي جو اثر اولهه پاڪستان اندر صحيح معنيٰ ۾ ۽ شدت سان محسوس نه ڪيو ويو، جتي ڪيترن نام نهاد مفڪرن وٽ ’مشترڪ زبان‘ واري نظريي جو قائل ۽ حامي هجڻ هڪ قسم جو فيشن بنجي چڪو هو. بنگال ۾ پيش آيل حادثي مان مليل سبق يڪلخت وساريو ويو، ۽ جيتوڻيڪ آئين ۾ ’هڪ ٻوليءَ‘ واري نظريي کي ترڪ ڪيو ويو هو، پر تنهن هوندي به ڪيترا نالي ۾ نهال قسم جا سياسي مفڪر ان جي تائيد ۽ حمايت ڪندا رهيا. ’ون يونٽ‘ سرڪار انهيءَ (هڪ زبان واري) نظريي جي سرڪاري طرح حمايت ڪرڻ شروع ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هن مسئلي تي ڪافي ڪشيدگي، ڪشمڪش ۽ تلخيءَ جي فضا پيدا ٿي. البت اها اوڀر بنگال جهڙي شديد ۽ خطرناڪ نه هئي، تنهنڪري ’ون يونٽ‘ سرڪار کي اندروني اختلافن ۽ نااتفاقين سان دوچار ٿيڻو پيو.

اسان کي پنهنجي گذريل تيرهن سالن جي تازيءَ تاريخ مان ان ڳالهه جو ڪافي ثبوت ملي ٿو ته ڪهڙيءَ طرح مختلف مرحلن ۾ منزل تي ’هڪ زبان‘ واري تخيل اسان جي قومي وحدت کي ڪمزور بنايو آهي، ۽ ڪيئن مشترڪ زبان ذريعي ملڪ کي مستحڪم ۽ مضبوط بنائڻ وارين ڪوششن، عملي طرح، اٽلو اسان جي قومي وحدت جي شيرازي کي منتشر ۽ درهم برهم پئي ڪيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ گذريل چند سالن ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، تنهن مان اسان کي شايد اڃا ڪافي سبق نه مليو آهي!

’لساني وحدت‘ واري نظريي جي حمايت ڪرڻ سبب اسان جي ملڪ ۾ جيڪو مونجهارو ۽ ڪشيدگي پيدا ٿي، تنهن اسان جي سموريءَ قومي زندگيءَ تي خراب اثر وڌو آهي؛ تنهنڪري هينئر ضروري آهي ته اسين هن اهم مسئلي تي نئين سر غور ۽ ويچار ڪرڻ شروع ڪريون. اچو ته اسين سچائيءَ ۽ اخلاص سان اها ڳالهه قبول ڪريون ته پاڪستاني قوميت هڪ حقيقت آهي، پر ان ۾ ’مشترڪ زبان‘ لاءِ ڪابه ضرورت ۽ گنجائش ڪانه آهي. جيڪڏهن اسان کي اڃا به ڪي شڪ شڪوڪ نظر اچن ٿا، ته اسان جو فرض آهي ته ان حالت ۾ اسين ’نئشنلزم‘ (قوميت) جي مختلف قسمن، ان جي طبعي خصوصيتن، معنيٰ وغيره جو مطالعو شروع ڪريون، جنهن جو لازمي نتيجو اهو نڪرندو ته اسان کي پنهنجي باري ۾ جيڪي شڪ شبها آهن، تن جي اصلاح ٿيندي ويندي.

اسان کي قوميت جي مختلف قسمن جي تعريف ۽ تشريح کان اڳ، ان جي صحيح معنيٰ ۽ مطلب سمجهڻ گهرجي. حقيقت هيءَ آهي ته نئشنلزم هڪ ذهني ڪيفيت جو نالو آهي. جڏهن اسين هڪ قوم هجڻ جو فيصلو ٿا ڪريون، تڏهن اسين واقعي هڪ قوم ٿا بنجي وڃون. اسان جي سماجي ۽ معاشرتي زندگيءَ ۾ ڪي اهڙيون طاقتون ۽ قوتون ظاهر ٿيڻ لڳن ٿيون، جيڪي اسان کي لازمي طور هڪ قوم بنجڻ تي آماده ٿيون ڪن. ڪي مشترڪ رجحان، مشترڪ احساس، مشترڪ جذبا ۽ خيال، اسان کي هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو ٿا آڻين، ۽ درجي بدرجي اسان کي ان ڳالهه کان آگاهه ٿا ڪن ته اسان کي پاڻ ۾ هڪ ٿيڻ گهرجي. ڪڏهن اهڙي قسم جا مشترڪ رجحان ۽ احساسَ، ڪافي عرصي تائين گڏجي مصيبتن ۽ تڪليفن سهڻ سبب ٿا پيدا ٿين—جيئن گڏيل هندستان جي حالت ۾ ٿيو، جتي جا باشندا هڪ هزار سالن کان وڌيڪ عرصي تائين سامراجي حاڪمن جي غلاميءَ هيٺ رهيا. ڪڏهن اهڙي قسم جا رجحان مشترڪ تمدني ورثي سبب پيدا ٿيندا آهن—جهڙيءَ طرح اسرائيل جي يهودين ۾ پيدا ٿيا، پاڪستان جي مسلمانن ۾ اُڀريا، ۽ شهنشاهي نظامَ خلاف روس جي عوام ۾ پيدا ٿيا، جتي اهو نظام ختم ڪري، مزدورن جي حڪومت قائم ڪئي وئي، جنهن نظام موجب ڪوبه طبقو ٻئي طبقي کان ممتاز ۽ مٿانهون نٿو رهي. ڪڏهن ڪڏهن اهڙي قسم جا احساس ۽ رجحان مشترڪ نسلي، مشترڪ علاقائي، ۽ مشترڪ لساني جُزن سبب پڻ اُپڙندا آهن. تنهنڪري، ’نئشنلزم‘ جو احساس، رجحان ۽ جذبو، مختلف قسم جي اجراء ۽ عوامل جي گڏجڻ سببان پيدا ٿيندو آهي؛ ۽ اهو ڪنهن هڪ گروهه ۾ ’هڪ قوم هجڻ‘ جو جذبو پيدا ڪري، کين ڪنهن مخصوص ايراضيءَ تي سندن حقن جي دعويدار بنجڻ تي آماده ڪندو آهي. انهن حالتن جي روشنيءَ ۾ هيءَ ڳالهه ثابت ٿي ته هڪ قسم جي نئشنلزم جي نوعيت ٻئي نوع جي نئشنلزم کان بلڪل مختلف ۽ جداگانه ٿئي ٿي. نئشنلزم جي تعريف ۽ تشريح لاءِ اهو بيان بلڪل مختصر آهي، ۽ انهن صاحبن لاءِ ڪافي نه ٿيندو، جيڪي هر مسئلي جي مختلف پهلوئن بابت وڌيڪ وضاحت  صفائيءَ جا طالب هوندا آهن؛ اهڙي قسم جي ماڻهن کي اسان جو مشورو آهي ته کين هن موضوع جو نهايت ڳُوڙهو مطالعو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته نئشنلزم جو موضوع تمام اهم ۽ وسيع آهي.

پاڪستاني نئشنلزم جو صحيح قسم سمجهڻ ۽ معلوم ڪرڻ بعد، اسان کي پروفيسر صاحب جي ان بنيادي سوال بابت ڪو فيصلو ڏيڻو آهي، جنهن ۾ هن فرمايو هو ته ’جيڪڏهن اسان کي مشترڪ زبان نه هوندي، ته پوءِ ڀلا اسين پنهنجو قصو ڪيئن هلائي سگهنداسين؟‘ انهيءَ مان سندس مقصد اِهو هو ته جيڪڏهن اسان وٽ هڪ ’عام ٻولي‘ نه هوندي ته پوءِ اسين پنهنجي حڪومت فوج، تجارت، صنعت، وغيره سان تعلق رکندڙ ڪاروبار ڪهڙيءَ ريت هلائي سگهنداسين؛ ۽ جيڪڏهن اسان جي ملڪ جي مختلف حصن جون ٻوليون جدا جدا هونديون، ته پوءِ اسين هڪٻئي جي قريب ڪيئن اچي سگهنداسين؟ انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي راهه ۾ جيڪي مشڪلاتون ۽ رنڊڪون پيش اچي سگهن ٿيون، تن جي اهميت کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي؛ پر ان جو حل اسان کي جذباتي طور نه، بلڪ حقيقت پسندانه طور تلاش ڪرڻو پوندو.

هن سلسلي ۾ مون کان سئٽرزلنڊ جي هڪ پروفيسر صاحب جا اهي معقول ۽ منطقي گفتا نٿا وسرن، جيڪي هن منهنجي هڪ سوال جي جواب ۾ چيا هئا. مون کانئس پڇيو هو ته ”ڪهڙي سبب اوهان جي ملڪ ۾ چار زبانون، سرڪاري ۽ قومي زبانون تسليم ٿيل آهن؟ ڇا، ان ڪري اوهان جون قوتون زائل نٿيون ٿين؟ اوهان جي سرڪار کي چئن زبانن ۾ مٿو کپائڻو ٿو پوي، تنهنڪري ڇو نٿا ڪنهن به هڪ زبان کي سڄي ملڪ لاءِ قومي ۽ سرڪاري زبان ٺهرايو؟“ هن ڀلي مانس جواب ڏنو، ”سرڪار جي معنيٰ آهي پنهنجيءَ رعيت جي خدمت ڪرڻ: جيڪڏهن سرڪار پنهنجي مفاد کي عوام جي مفاد کان بالا ۽ برتر سمجهي ته اها حڪومت نه پر عوام لاءِ ظلم، استبداد ۽ تشدد آهي! جيڪڏهن اسين پنهنجي ملڪ ۾ فقط هڪ زبان مروج ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ته گويا اسين پنهنجن هٿن سان پنهنجي قومي ۽ ملڪي وحدت کي ٽڪر ٽڪر ڪنداسين. ڇا، اها حقيقت نه آهي ته اسان وٽ چئن زبانن جي هڪجهڙيءَ حيثيت هوندي به اسان جو ملڪ گذريل ستن سوَن سالن کان نهايت امن امان ۽ صلح سانت سان برقرار رهندو ۽ ترقي ڪندو رهي ٿو؟“

مطلب ته جڏهن اسين چئون ٿا ته هِن يا هُن زبان کي ملڪ جي قومي زبان بنائڻ گهرجي، تڏهن اسان جي ائين چوڻ جو مقصد ۽ مطلب دراصل هيءُ آهي ته ماڻهن جو هيءُ يا هُو گروهه، ٻين ماڻهن مٿان ذهني ۽ فڪري، تعليمي ۽ سياسي، انتظامي ۽ ڪاروباري ميدانن ۾ حڪومت ڪري: ڇو ته انهن کي پنهنجي زبان ذريعي فقط پنهنجن غرضن ۽ مفادن کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ لازمي ۽ قدرتي موقعا فراهم ٿي سگهندا، ۽ ٻئي طرف جن گروهن جي زبانن کي نظرانداز ڪيو ويندو، تن کي زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ پهرئين گروهه جي معيار تي پهچڻ لاءِ صدين جون صديون لڳي وينديون: تنهن جي معنيٰ اها ٿي ته جن گروهن جي زبانن کي ختم ڪيو ويندو، تن لاءِ ترقيءَ جون سموريون راهون ۽ رستا بند ڪيا ويندا؛ ۽ جنهن گروهه جي زبان کي سڄي ملڪ لاءِ ’قومي زبان‘ جو سرڪاري درجو ملندو، تنهن کي ٻين سڀني جو حاڪم ۽ ليڊر تسليم يا مقرر ڪيو ويندو!

ڪي صاحب وري هيءَ تجويز پيش ڪندا آهن ته نڪا ’هيءَ‘ نڪا ’هوءَ‘، پر وچان ئي ڪا ’ٽي‘ زبان، ڪا غير ملڪي زبان، قومي ۽ سرڪاري زبان بنائڻ گهرجي، ته جيئن ڪنهن به ڌر کي شڪايت جو موقعو نه ملي سگهي. اسان جو خيال آهي ته انهيءَ رٿ مان پوري پوري فيض حاصل ڪرڻ لاءِ، هِتي جي ڪنهن به هِن يا هُن گروه کي ملڪ ۾ رهڻ ئي ڇو ڏجي، بلڪ ڇو نه انهن مڙني کي ملڪ مان نيڪالي ڏيئي، جلاوطن ڪري، پاڪستان جي سموري آبادي ئي ڪنهن اهڙي ٻاهرئين ملڪ مان گهرائي هِتي رهائجي، جنهن جي زبان لازمي طرح مشترڪ هجي؟-- ته جيئن ’نه رهي بانس نه وڄي بانسري‘! جيتوڻيڪ اسان جي هيءَ تجويز واقعي عجيب غريب ڏسڻ ۾ ايندي، پر سچ پچ ته ڪنهن غير ملڪي زبان کي پنهنجي قومي ٻولي بنائڻ واريءَ رٿ کان اها صدبار وڌيڪ معقول، مناسب ۽ منطقي آهي. اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته ڪنهن به ٻوليءَ کي پير يا پَرَ ڪونه ٿيندا آهن جو اها سفر يا پرواز ڪري ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي پهچي، پر هرهڪ زبان جا ڳالهائيندڙ ئي ان کي ٻين ملڪن تائين نيندا آهن.

مطلب ته اسين هينئر هن نتيجي تي پهتاسين ته اسان جي مسئلي جي نوعيت نظرياتي نه پر عمل هيٺ آڻي سگهڻ جهڙي آهي. اسان کي ڪو اهڙو مناسب ۽ موزون رستو ۽ طريقو ايجاد ڪرڻو پوندو، جنهن کي عمل ۾ آڻڻ سان اسين هڪٻئي سان خيالن جي ڏي – وٺ ڪري سگهون: ٻين لفظن ۾، جيڪڏهن ڪو پنجاب جو رهواسي ملازمت يا تجارت وغيره جي سلسلي ۾ سنڌ ڏانهن وڃي ته سنڌين سان آسانيءَ سان تبادله خيال ڪري سگهي، ۽ ساڳيءَ طرح جيڪڏهن سنڌ جو رهواسي پنجاب ڏانهن وڃي ته هو به اُتي جي ماڻهن سان پنهنجن خيالن جي ڏي – وٺ آسانيءَ سان ڪري سگهي. ان ريت، ڪو اهڙو ذريعو تلاش ڪرڻ گهرجي، جيئن ملڪ جي مختلف حصن سان تعلق رکندڙ مرڪزي سرڪار جا ملازم هڪٻئي کي آسانيءَ سان سمجهي پُرجهي سگهن. اسان جي هن مسئلي جي نوعيت مشڪل ۽ منجهيل نه، پر بلڪل آسان ۽ محدود آهي. حقيقت هيءَ آهي ته ان مسئلي جو تعلق فقط چند سو سرڪاري ملازمن ۽ ٻه – ٽي هزار تاجرن سان آهي: ڇا، ان جو حل هيڏي ساري قوم نٿي تلاش ڪري سگهي؟

آءٌ پنهنجي بحث ختم ڪرڻ کان اڳ هيءُ مشورو ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان ته پاڪستان جي ٻين زبانن کي ختم ڪري فقط هڪ زبان کي قومي زبان ۽ سرڪاري زبان جي درجي ڏيڻ واري تخيل کي بعيد از قياس، غلط، بي معنيٰ، غير منطقي، ناممڪن، ۽ قوم ۽ ملڪ لاءِ هاڃيڪار ٺهرائي، ان تي پنهنجين مجلسن ۽ ميٽنگن ۾ بحث مباحثي ڪرڻ جو سلسلو هڪدم بند ڪرڻ گهرجي؛ بلڪ جيئن ته اهڙي قسم جو فضول پرچار اسان جي ثقافت ۽ قوميت لاءِ نهايت مهلڪ ۽ موتمار آهي، تنهنڪري ان تي قانوني طرح بندش پوڻ گهرجي. هن مسئلي سبب انتظامي، تجارتي ۽ معاشرتي نقطه نگاهه کان اسان جي راهه ۾ جيڪي ناهمواريون ۽ دشواريون حائل آهن، تن جي حل ڪرڻ لاءِ ان جو انهيءَ تائين مطالعو ڪرڻ گهرجي، جنهن حد تائين اهو قابل عمل هجي.

اسان جو فرض آهي ته اسين پنهنجيءَ روزمره جي گفتگو ۽ بحث مباحثي مان ”پاڪستان جي قومي زبان“ وارا لفظ هميشه هميشه لاءِ ترڪ ڪري ڇڏيون، ۽ انهن بدران اسان کي ”پاڪستان جون قومي زبانون“ جا لفظ فقط استعمال ڪرڻ گهرجن. ان جو اهو نتيجو نڪرندو جو اسان جي روزاني گفتگوءَ مان ’پاڪستان جي قومي زبان‘ جي مقابلي ’علاقائي زبانن‘ واري ترڪيب رفتي رفتي متروڪ ۽ مفقود ٿي ويندي؛ ڇو ته جڏهن ’واحد قومي زبان‘ واري نظريي کي ناپسنديده ۽ ناقابلِ عمل قرار ڏنو ويندو، تڏهن سڀاويڪ طور پاڪستان ’علاقائي زبانن‘ کي ’پاڪستان جون قومي زبانون‘ سڏيو ويندو.

اچو ته غلط قياس آرائيون ۽ مفروضا، بي معنيٰ تشريحون ۽ ترڪيبون، ۽ بي بنياد مشابهتون ۽ تمثيلون ترڪ ڪريون، ۽ پنهنجي ذهني ۽ تعليمي، سياسي ۽ ثقافتي ترقيءَ کي روڪجڻ کان بچايون. اسان کي فقط پنهنجي سرڪاري ۽ قومي زبان، يا سرڪاري ۽ قومي زبانن، کي مقرر ۽ مروج ڪرڻ، يا هڪٻئي سان خيالن ۽ جذبن جي ڏي – وٺ ڪرڻ لاءِ ڪي ذريعا ۽ طريقا ئي تلاش ڪرڻا آهن، جا ڳالهه اسان لاءِ تمام مشڪل نه، پر بلڪل آسان آهي—جنهن سلسلي ۾ سوويت روس، سئٽرزلنڊ، ۽ دنيا جي ٻين سڀني ’متفرق اللسان‘ ملڪن جي حالتن جو مڪمل طور ۽ وسيع مطالعو اسان جي رهبري ڪندو.

 

(سنڌ جو آڳاٽو ادب)

قلندر جو ميلو

سنڌي جي آڳاٽي ادب جي سلسلي ۾، هن کان اڳ اسين ’مهراڻ‘ ۾ ٻه جهونا ۽ناياب ڪتاب، نئين سر ڇاپي، پيش ڪري چڪا آهيون—(1) ”سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه“، لکيل سيد ميران محمد شاهه اول، ۽ (2) ”وئتپتي ڪوش“. هن ڀيري سنڌ جي مشهور شاعر ۽ اديب، طنز نگار ۽ بذله سنج، مرحوم رئيس شمس الدين ’بلبل‘ جو لکيل ”قلندر جو ميلو“ پيش ڪجي ٿو.

مرحوم ’بلبل‘ جي هر تحرير مزاحيه ۽ ظرافت آميز آهي، پر سندس مزاح ۽ ظرافت، ابتذال ۽ اعتدال کان ڪنهن به طرح ڪريل نه آهي. طنز سان گڏ سنجيدگي، رنج سان گنج، لڙڪ سان مرڪ، سندس شيوه بيانيءَ ۽ انشاپردازيءَ جي خاص خصوصيت آهي. ”قلندر جو ميلو“ سندس نهايت ناياب تحرير آهي، جا اڄڪلهه ڪٿي به لڀي نٿي سگهي.

مرحوم ’بلبل‘ هن رسالي ۾ تجنيس حرفي تمام سهڻي نموني ۾، روانيءَ ۽ مولانيءَ سان ڪم آندي آهي. مسجع ۽ مقفيٰ نثر ۾، ميلي جو پورو چشم ديد احوال آيل آهي، ۽ اُتي جي رونشن ۽ تماشن، تماشبينن ۽ تماشين جو پورو تاثر روپرتاز ڏنل آهي.

هن ڪتابچي جي مطالعي مان واضح ٿئي ٿو ته اڄ کان 50 – 60 سال اڳ اسان جا اهو قلم ۽ اديب پنهنجو تاثر ۽ رپورتاز ڪيئن لکندا هئا، ۽ اهو به معلوم ٿيندو ته اڄ کان ساٺيڪو سال اڳ واري دور ۾ ڪلام جي ظاهري سجاوٽ، مسجع ۽ مقفيٰ عبارتن، ۽ رنگينن ۽ دلنشين انشائي بندشن تي ڪافي  توجهه ڏنو ويندو هو. ناظرين ڪرام، هن جديد دور جي رپورتاز ۽ تاثر جي معيار ۽ قدرن کي اڳيان رکي، پرکي ۽ پروڙي سگهندا ته ’ادب ۽ فن‘ هميشه ارتقا پذير آهن. اڄ کان سٺ سال اڳ جنهن چيز کي ’جديد ادب‘ ۽ ’حال جو ادب‘ سڏيو ٿي ويو، اهو اڄڪلهه ’ڪلاسيڪي ادب‘ سڏيو وڃي ٿو. بلڪل ان طرح، هن دور جو جديد ادب پڻ، اڳتي هلي ڪلاسيڪي ادب ٿي ويندو؛ ڇاڪاڻ ته ادب جو اسلوب ۽ ان جا قدر، سڀ زماني جي انقلاب ۽ اثر سان بدلبا رهيا آهن، بدلجي چڪا آهن، ۽ بدلبا رهندا. اميد ته مرحوم ’بلبل‘ جي هيءَ رنگين تحرير موجوده ادب ۾ هڪ شاندار ڪلاسيڪي اضافو شمار ڪئي ويندي.

هيءَ تحرير محترم احمد خان ’آصف‘ اصل نسخي تان نقل ڪري موڪلي، ۽ محترم حافظ محمد احسن مٿس مختصر طور تعارف لکيو آهي. اداره ’مهراڻ‘ ٻنهي صاحبن جو شڪر گذار آهي—غ. م. گ.

 


 

تعارف

 

محترم احمد خان ’آصف‘، اديب فاضل، جو احسان چئبو، جنهن پنهنجي پراڻي ادبي مشغلي ۾ هينئر ’بلبل‘ مرحوم جي تصنيفات ڏانهن توجهه ڪرڻ جو اضافو ڪيو آهي، جنهن ڳالهه جي اشد ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته موجوده وقت ۾ ’بلبل‘ مرحوم جي تصنيفات جي وري نه ڇاپجڻ ڪري سندس اعليٰ ۽ بيمثال فن، هنر ۽ ادبي خدمت کان بيخبري ڇانئجي رهي آهي.

هن ڪتابچي، ۾ پهرئين دفعي سنڌ جي ادبي دنيا ۾ ’بلبل‘ مرحوم سماج ۾ رائج بدعتن، بيهودگين ۽ خرافات تي اهڙي ته ڪمال فن سان تنقيد ڪئي آهي، جو عقيدتمندن جي جذبات کي به نه ڏکويو ويو، ۽ قوم جو ڌيان به انهيءَ طرف ڇڪايو ويو، جنهنڪري انهن جي اصلاح طرف قومي لاڙو ٿيڻ لڳو. ياد رکڻ جهڙي ڳالهه آهي ته هيءُ اهو زمانو هو، جنهن ۾ اهڙيءَ طرح هن مخصوص ميلي جي تصوير چٽڻ ۽ ان تي، ذوقِ سليم کي ثابت رکندي، تنقيد ڪرڻ فقط ’بلبل‘ مرحوم جو ڪمال هو.

ان کان پوءِ ”تيرهن ڄار، مڪرن جا مار“ ڪتاب لکي، ان وقت جي تيرهن بُتن سان ٽڪر کائي، انهن جي طلسم هوشربا کي ٽوڙي، قوم کي ذهني غلاميءَ کان نجات ڏياريائين؛ ۽ ٽئين مرحلي ۾، ظاهر ظهور، سياسي مضامين ذريعي، ڪتاب ”جام جم“ ۽ ”ٿياسافي نيچري“، پڻ انگريز پرستي، هوم رولي چال، وغيره جي خلاف جهاد کڙو ڪري، انهيءَ سنڌي سياستدانن جي گروهه جي سرڪردگي ڪيائين، جنهن ۾ ’جداگانه ۽ اُتم مسلماني حقوق‘ جو خاص خبط مضبوط ٿي چڪو هو، ۽ جنهن جا سيد اَلهندو شاهه ۽ سر غلام حسين جهڙا هيرا حامي هئا.

اهڙيءَ طرح، انهن ٽنهي درجن تي، انهن ٽنهي نمونن ۾، ’بلبل‘ مرحوم جيڪا سنڌي نظم ۽نثر، طنز ۽ مزاح ، ۽ ادب، فن ۽ سياست جي خدمت بجا آندي، سا هن حد تي وري غور هيٺ آڻڻ ۽قدر ڪرڻ جي لائق آهي. افسوس آهي جو هن تائين رڳو جناب پير حسام الدين صاحب راشديءَ ۽ ٻيو ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم صاحب ’خليل‘ سنڌي ادب جي هن بي بها سرمايي تي خامه فرسائي ڪرڻ فرمائي آهي، ۽ بس. اسان کي جناب مير علي احمد صاحب ٽالپر جي راءِ سان ڪُلي اتفاق آهي ته ”بلبل مرحُوم جو ڪلام ۽ پيغام، جو ڪنهن وقت ۾ هرڪس و ناڪس کي زبان زد هو، سو وري تازو ڪرڻ گهرجي.“ جناب مير صاحب جي تازو هڪ محفل ۾ مٿئين اظهار راءِ جو شايد هيءُ اثر آهي، جو ’آصف‘ صاحب ڪمر بسته هيءَ پهرئين ڏاڪي واري پهرين سوکڙي وري نئين سر پيش ڪري رهيو آهي. ’گر قبول افتد زهـــــ عزو شرف.‘

14- ڊسمبر، 1960ع          -- حافظ محمد احسن چنا

(جنرل سيڪريٽري، ’انجمن آفتاب ادب‘، دادو)

 

هيءُ ننڍڙو ڪتاب، لاجواب ۽ مستطاب، جنهن ۾ حضرت بابرڪت مخدوم لعل قلندر شهباز، غريب نواز، بلند پرواز، جي ميلي جا چشم ديد احوال، بلڪ نرالا خدوخال، ۽ چند ظريفانه ڳالهيون، نت نيون ۽ نراليون، ڏنل آهن، سو مرحوم مغفور شمس الدين ’بلبل‘ جي تصنيف لطيف آهي.

مرحوم ’بلبل‘ جو نام، توڙي سندس ڪتاب ۽ ڪلام ڪنهن به تعارف ۽ تعريف، تذڪري ۽ توصيف جا محتاج نه آهن. مرحوم جا سوانح حيات ۽ ٻيا حالات سندس فرزند دلبند، ارجمند، بخت بلند، رئيس ضياءُالدين  صاحب ”ضيا“، هڪ ڪتاب ”بلبلِ سنڌ“ ۾ شايع ڪرايا آهن. مرحوم ’بلبل‘ عجيب و غريب اديب، قابل ماهر شاعر، ۽ سرتاپا شريف، زنده دل ظريف، ۽ همدان انسان هو؛ بقول حسام الدين صاحب راشدي، سنڌ جو ’اڪبر اله آبادي‘ هو.

هن ننڍڙي ڪتاب ۾ مرحوم مقفيٰ نثر، ظرافت جي چاشنيءَ سان معنيٰ خيز لفظن ۾ پيش ڪري، پنهنجيءَ قابليت ۽ همه دانيءَ جو ڪافي ۽ وافي ثبوت ڏنو آهي. سچ پچ ته مرحوم جو هر هڪ ڪتاب، ننڍو خواهه وڏو، بحرِ علم و ادب جو ناياب گوهر آهي.

هيءُ ڪتاب ٻه دفعا اڳ ۾ به شايع ٿي چڪو آهي، پر هن وقت ناياب آهي. پڙهندڙن جي سهوليت لاءِ ڏکين لفظن جي معنيٰ به ڏني وئي آهي.

مٺو ڳوٺ،                              -- احمد خان ’آصف‘،

18- نومبر، 1969ع                           اديب فاضل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com