سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2012ع (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلو خاص نمبر)

مضمون

صفحو:4

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ      

           (عالم، اديب، محقق، مؤرخ ۽ سندس نظريهء تاريخ)

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (16- ڊسمبر 1917ع- 6 اپريل 2011ع) موجوده دور جو وڏو مؤرخ، عالم ۽ اديب هو، بلڪ دنيا جي هن حصي ۾ کيس ويهين صديءَ جو هڪ وڏو محقق ۽ اسڪالر چئي سگهجي ٿو، جنهن جو ثبوت سندن تحقيقي ڪم جي عالمي سطح تي مڃتا آهي. ڊاڪٽر صاحب جو علمي سرمايو ڇهن زبانن ۾ موجود آهي. جنهن ۾ سنڌي، انگريزي، عربي، فارسي، اردو ۽ سرائڪي شامل آهن. سندن غير معمولي تحقيق جي نوعيت ۽ وسعت جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان ۾ قرآن ۽ حديث، اسلامي فنون ۽ فلسفو، تعليم ۽ تدريس، لغت، لوڪ ادب، تاريخ ۽ جاگرافي، آثار قديمه ۽ ثقافت ويندي موسيقي جهڙا موضوع شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب جو اهو علمي ۽ تحقيقي سفر اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تي ڦهليل آهي. سندن ننڍن وڏن ڪتابن جو تعداد هڪ سؤ کان مٿي آهي ۽ مقالن جو تعداد ان کان گهڻو آهي. مٿي ڏنل عنوان ۾ اسان عالم کي اديب ۽ محقق کي مؤرخ جي صفت طور استعمال ڪيو آهي ته جيئن ڊاڪٽر صاحب جي گهڻ رخي شخصيت جي ان غالب پهلوءَ جي نشاندهي ڪري سگهجي، جنهن مطابق هن ڪنهن به موضوع تي ايستائين قلم نه کنيو آهي جيستائين ان ۾ علم ۽  تحقيق جو ڪو نئون پهلو نه نڪرندو هجي.

هاڻي جيستائين عالمي سطح تي مڃتا جو تعلق آهي ته ان جو ثبوت انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا جي پندرهين ايڊيشن 1974ع ۾ ’سنڌ‘ ۽ ’بلوچستان‘ بابت شامل مواد ڊاڪٽر صاحب جو تحرير ٿيل آهي. اهڙيءَ طرح 1978ع ۾ انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام جي بريل مان شايع ٿيل نئين ايڊيشن جي جلد چوٿين ۾ قديم تاريخي ماڳ ’قندابيل‘ بابت شامل مضمون پڻ ڊاڪٽر صاحب جو لکيل آهي، ان کان سواءِ يونيسڪو وارن جي چوڻ تي ڊاڪٽر صاحب ’وچ ايشيا جو اسلامي علوم جي ترقيءَ ۾ حصو‘ جي عنوان تي پڻ هڪ مفصل مقالو لکيو هو. هن سلسلي جو آخري وڏو ڪم ’اسلامي دنيا جا هڪ سو عظيم ڪتاب‘(Great Books of Islamic Civilization) هو جنهن لاءِ ڊاڪٽر صاحب کي جنرل ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو هو. اهو ڪم ’قومي هجره ڪائونسل‘ تحت ٿي رهيو هو ۽ 76 ڪتابن جي تعارف تي مشتمل انگريزيءَ ۾ ابتدائي ڪتاب 1989ع ۾ ڊاڪٽر صاحب شايع ڪيو. هن اسڪيم تحت ڪجهه ڪتاب منظر عام تي پڻ آيا جن ۾ آلجبرا جي مؤجد الخوارزميءَ جو  ڪتاب ’الجبر والمقابله‘ وغيره شامل آهن.

ڊاڪٽر صاحب جي تحقيقي ڪارنامن کي سرسري طور هيٺئين ريت بيان ڪري سگهجي ٿو:

(1) سال 1951ع ۾ لکيل هڪ مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت اهو نظريو قائم ڪيو ته سنڌي ٻولي سڌو سنئون سنسڪرت مان نڪتل ناهي، جيئن هن مهل تائين سمجهيو ويو آهي. بلڪ اها سنسڪرت کان اڳ واري دور ۾ سنڌو ماٿر جي ڪنهن مقامي پراڪرت يا پراڪرتن مان نڪتي آهي. سال 1957ع ۾ سنڌي ٻولي ۽ اتهاس جو ماهر جئرامداس دولت رام پنهنجي مضمون ’سنڌي ٻوليءَ جو وڪاس‘ ۾ پڻ تقريباً ساڳئي نتيجي تي پهچي ٿو.

(2) سال 1975ع ۾ ’سنڌ صدين کان سيمينار‘ ۾ پڙهيل هڪ عالمانه مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب، ”ڪتاب الهند“ ۾ بيرونيءَ جي ڏنل هڪ حوالي جي آڌار تي ثابت ڪيو ته عربن جي فتح کان اڳ سنڌ کي پنهنجو ڪئلينڊر هو جيڪو شمسي حساب موجب هو ۽ اهو راءِ سيهرس جي موت کان پوءِ سندس پٽ راءِ ساهسي 626 عيسوي يعني 4 هجري کان شروع ڪرايو هو. انهيءَ ڪئلينڊر موجب 2 مارچ 1975ع جنهن ڏينهن اهو سيمينار هلندڙ هو ته سنڌي ڪئلينڊر جي اها تاريخ 12 ڦڳڻ 1348 سنڌي سال بنجي پيو. اهو مقالو پوءِ ”سنڌ: تاريخي مطالعو“ ۾ شامل ڪيو ويو.

(3) ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ ۾ عرب سياحن ۽ تاريخدانن جي حوالي سان ۽ خاص طور البيرونيءَ جي تحريرن جي آڌار تي اهو واضح ڪيو ته عربن جي دور کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جي مستقل ۽ جداگانه حيثيت جو پتو پوي ٿو. بلڪ سنڌي ٻولي جي لکيت جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو نمونو خود البيرونيءَ جي ’ڪتاب الهند‘ ۾ ملي ٿو. ان ڳالهه جي تصديق جرمن مستشرق سخاؤ پڻ ڪري ٿو، جنهن سڀ کان پهرين ان عربي ڪتاب کي 1885ع ۾ ايڊٽ ڪيو.

(4) ’سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي‘ ۾ واضح ڪري ٿو ته موجوده سنڌي الف-ب گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار سالن کان مروج آهي، جنهن کي پوءِ سنڌ جي عالمن وقتاً بوقتاً ڪتاب لکي ترقي وٺرائي. ان ڪري اهو چوڻ صحيح نه ٿيندو ته اها صورتخطي انگريزن ٺاهي يا انهن جي دور ۾ ٺهي.

(5) سنڌي موسيقي يا راڳ جي باري ۾ ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق آهي ته  اها سنڌ جي تاريخ سان ڳنڍيل آهي ۽ ان جو بنياد آرين کان اڳ واري هتان جي دراوڙي تهذيب سان ميل کائي ٿو. سنڌ جو راڳ هندستاني راڳ کان جدا قسم جو آهي جنهن جي پنهنجي شناخت آهي. البت تاريخ جي هر دور ۾ ان تي ڪيترا خارجي اثرات مرتب ٿيا آهن. ڊاڪٽر صاحب اهو سڄو بحث ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘ ۾ ڪيو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ جو ڪتاب سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ جڏهن 1976ع ۾ شايع ٿيو ته ان جي علمي حلقن ۾ وڏي پذيرائي ٿي. خاص طور سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ڄاڻو ۽ ماهر جئرامداس دولترام دهليءَ مان 1978-09-25 تي ڊاڪٽر صاحب کي ٻه خط انگريزيءَ ۾ لکيا جن جي شروعات ۾ هو چوي ٿو(1):

My dear Nabi Baksh Khan

  I am very very sorry for not informing you earlier about the safe receipt of your wonderful book on music which will stand aloft for some centuries as the best book on the subject.

”منهنجا پيارا نبي بخش خان

 مون کي ان ڳالهه جو گهڻو ڏک آهي ته آءٌ هن کان اڳ، تنهنجي موسيقي تي لکيل شاندار ڪتاب جي پهچ بابت توکي اطلاع نه ڪري سگهيو آهيان، اهو ڪتاب جيڪو ڪن صدين تائين انهيءَ موضوع تي بهترين تصنيف شمار ڪيو ويندو.“

(6) ڏهين/ سورهين صديءَ ۾ لکيل ’تذڪره قطبيه‘ جي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ ثابت ڪري ٿو ته ڪيئن سنڌ جي قوالن يا ذاڪرن سنڌ کان ٻاهر وڃي سنڌي ڪافي ۽ راڳ کي مقبول بنايو. هڪ حوالي مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌي قوالن هندستان جي مشهور صوفي بزرگ خواجه نظام الدين اولياء جي مجلس ۾ پڻ سنڌي ڪافيون پيش ڪيون. ابوالفضل جي لکڻ موجب اڪبر جي دربار ۾ سنڌ جي شناخت ڪافي راڳ سان هئي جنهن ۾ گهڻو مٺاس هو.

(7) سنڌي ٻولي يارهين/ سترهين صديءَ کان عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ نصابي تعليم جي زبان طور رائج ٿي. ڊاڪٽر صاحب هن سلسلي ۾ تحقيق ڪندي گهٽ ۾ گهٽ اهڙن 138 ڪتابن جي نشاندهي ڪئي جيڪي مڪتبن ۽ مدرسن ۾ پاڙهيا ويندا هئا.

(8) ڊاڪٽر صاحب شاهه عبداللطيف کي اٺين صدي هندستان جي وڏي صوفي شاعر ۽ موسيقيءَ جي ماهر امير خسرو سان ڀيٽ ڪندي، سنڌ ۾ راڳ جي منفرد روايت جو باني ڪوٺي ٿو. جنهن جو آغاز هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڀٽ شاهه تي 1742ع ۾ ڪيو. ڀٽائي جي راڳ جو اهو ادارو اڍائي صدين کان قائم آهي جنهن جو مثال شايد ئي دنيا ۾ ڪو هجي.

(9) سنڌي زبان جي عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام تي هلندڙ تحقيق جنهن جو آغاز ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ڪيو ۽ ان کان پوءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي ان ڪم کي هٿ ۾ کنيو، ڊاڪٽر بلوچ ٽيٽهين سالن جي محنت کان پوءِ ان تحقيق کي ڏهن جلدن ۾ مڪمل ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جو اهو ڪم ادبي دنيا ۾ ڀٽائي جي شاعري جي حوالي سان هميشه زندهه رهڻ وارو آهي. ڊاڪٽر صاحب بيتن جي ڪيترن اهڙين پڙهڻين جي پهريون دفعو صحيح صورت قائم ڪئي جيڪي گذريل ٻن صدين ۾ ڪاتبن جي غلطين سببان مونجهاري جو باعث هيون ۽ ڪير به انهن کي صحيح پڙهي نه سگهيو هو. ان کان سواءِ ’شاهه جو ڪلام‘ ۽ ’رسالي جو ڪلام‘ جي فرق کي واضح ڪري سمجهايو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي هيءَ ڪاوش ڀٽائيءَ جي حوالي سان ايران جي عظيم قومي شاعر فردوسيءَ جي شاهنامه سان ان لحاظ سان مناسبت رکي ٿي جو هن پڻ ان تي ٽيهه سال صرف ڪيا هئا ۽ چيو هئائين:

بسي رنج بردم بدين سال سي

عجم زنده کرده ام بدين پارسي

ترجمو: گذريل ٽيهن سالن ۾ مون گهڻيون تڪليفون ڏٺيون آهن. پر پارسي (شاهنامه) لکڻ سان مون عجم کي جيئرو ڪري ڇڏيو آهي!

ڊاڪٽر صاحب جي هيءَ خالص علمي تحقيق آهي جنهن جي پذيرائي صرف حال سان نه پر مستقبل سان وابسته آهي. دنيا جيئن جيئن ڀٽائيءَ جي شاعري جي علمي اهميت کان واقف ٿيندي تيئن ڊاڪٽر صاحب جي هن لاجواب تحقيق جي افاديت جي صحيح پروڙ پوندي.

(10) سنڌي لغات تي جڏهن 1951ع ۾ سنڌي ادبي بورد پاران ڪم جو آغاز ڪيو ويو ته اهو ڪم ڊاڪٽر صاحب جي حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحب ’جامع سنڌي لغت‘ جو نظريو ڏنو يعني اها لغت صرف ڪتابن ۾ آيل لفظن ۽ انهن جي معنيٰ تائين محدود نه هوندي، بلڪ اها سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڳالهائجندڙ سمورن الفاظن تي مشتمل هوندي. جنهن لاءِ باقاعدي سڄي سنڌ ۾ ان ڪم لاءِ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا. جيڪي زندگيءَ جي هر وهنوار سان لاڳاپو رکندڙ لفظ ۽ معنيٰ گڏ ڪري موڪليندا ۽ تنهن کان پوءِ انهن کي ڇنڊڇاڻ ڪري هڪ مڪمل جامع لغات جي صورت ۾ پيش ڪيو ويندو.

اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ پاران اها لغت پنجن جلدن ۾ پڌري ٿي، جنهن جو صرف پهريون جلد 1960ع ۾ ڊاڪٽر صاحب جي نگرانيءَ ۾ تيار ٿيو ۽ باقي چار جلد مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي نگرانيءَ هيٺ ڇپيا. ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ موجب ’سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري‘ وري کين هن ڪم تي آماده ڪيو ۽ پاڻ سڄي مواد کي نئين سر ايڊٽ ڪري ٽن جلدن ۾ پيش ڪيائين.

(11) ڊاڪٽر صاحب جي ادبي زندگيءَ جو نهايت اهم ڪارنامو سنڌي لوڪ ادب جي ٻائيتاليهن جلدن ۾ جديد تحقيق جي تقاضائن موجب اشاعت آهي. ڊاڪٽر صاحب اهو منصوبو سنڌي ادبي بورڊ کي 1951ع ۾ پيش ڪيو ۽ ان ڪم جو آغاز 1957ع کان ٿيو. لوڪ ادب جي هر صنف تي تقريباً هڪ ڪتاب موجود آهي جنهن ۾ ڪهاڻين ۽ شاعري کان علاوه سنڌي ادب جون مخصوص صنفون، ڏور، ڳجهارتون، سينگار وغيره شامل آهن. لوڪ ادب جي ايڏي وڏي ذخيري جي اشاعت سان جتي سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ قدامت جي خبر پوي ٿي، اتي دنيا جي ٻولين جي صف ۾ سنڌي ٻوليءَ جي امتيازي حيثيت جو تعين ٿئي ٿو.

(12) ڊاڪٽر صاحب 1973ع ۾ البيرونيءَ جي هڪ هزار ساله جنم جي موقعي تي سندس ڪتاب ’غرة الزيجات‘ جي عربي متن کي ايڊٽ ڪيو ۽ ان جو انگريزيءَ ۾ عالمانه مقدمو لکيو. اهو ڪتاب اصل ۾ بجيانند بنارسي جي علم هيئت بابت ’ڪرانا تلڪ‘ جو عربي ترجمو هو جيڪو البيروني 427هه/ 1036ع ڌاري ڪيو هو. اهو ڪتاب يونيسڪو جي تعاون سان سنڌالاجي طرفان شايع ٿيو.

ڊاڪٽر صاحب مقدمي ۾ نهايت اهم تحقيقي انڪشاف ڪري ٿو ته سنڌ فتح ٿيڻ کان بعد منصوره جي قيام سان علمي سرگرمين جو آغاز ٿيو. مشهور هندو هيئتدان برهما گپتا جي ڪتاب ’کنڊاکڊيڪ‘ جو پهريون ترجمو 117هه/735ع سنڌ جي گاديءَ وارو شهر منصوره ۾ ’زيج الرڪنڊ‘ جي نالي سان ٿيو. اهو ترجمو بيرونيءَ جي نظرن مان گذريو هو. ان ترجمي ۾ مثال ۽ سمجهاڻي خاطر جن شهرن جا نالا ڏنا ويا. جئن ’بهمنوا‘ ان سان پڪ ٿئي ٿي ته اهو ترجمو سنڌ ۾ ٿيو. وڏي ڳالهه ته ان ۾ سنڌي ڪئلينڊر جو حوالو پڻ ملي ٿو. ان جو مترجم ابراهيم الفزاري هو. برهما گپتا جي ٻئي ڪتاب ’برهما سڌانتا‘ جو عربيءَ ۾ ترجمو ’السندوالهند‘ جي نالي سان پڻ اندازو آهي ته سالن 156هه/117ع-764هه/735ع دوران ٿيو ۽ ان جو مترجم پڻ ساڳيو هو. ياد رهي ته عباسين بغداد جو شهر 154هه/762ع ۾ ٻڌرايو. ’ڪتاب الهند‘ ۾  بيروني ڇهه دفعا ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو آهي ته عباسي دور حڪومت ۾ سنڌ مان علم هيئت جا ماهر ۽ ڄاڻو بغداد ويندا رهيا آهن. البيرونيءَ کي اهي حوالا انهن ڪتابن ۾ مليا جيڪي پوءِ بغداد جي عالمن لکيا ۽ بيرونيءَ جي وقت تائين اهي ڪتاب ضرور موجود هئا.

هتي پهچڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب اهو نتيجو قائم ڪري ٿو ته بغداد ۾ بيت الحڪمة جو قائم ٿيڻ ۽ اتي يوناني علوم جو ترجمي ٿيڻ دراصل ٻيو مرحلو آهي. ان کان اڳ پهرين مرحلي ۾ خاص طور علم هيئت جي حوالي سان عربن وٽ پهريان ٻه ڪتاب جيڪي پهتا هئا، سي ’کنڊا کڊايڪ‘ يعني ’الرڪنڊ‘ ۽ ٻيو ’برهماسڌانتا‘ هو. جيڪو ’السندوالهند‘ جي نالي سان مشهور ٿيو، هونئن به هن نالي مان پڻ اهو واضح اشارو ملي ٿو ته اهو ڪتاب سنڌ مان ئي عرب ۾ پهتو هو. ياد رهي ته برهما گپتا 598ع ۾ ڀلمال ۾ ڄائو ۽ اهو شهر ڇهين ستين صديءَ ۾ گجرات جي گاديءَ جو هنڌ هو. هن برهما سڌانتا 628ع ۾ لکيو. جيئن ته گجرات سنڌ جو پاڙيسري ملڪ هو، تنهنڪري ان ڪتاب جو سنڌ ۾ پهچڻ وڌيڪ قرين قياس هو.

ڊاڪٽر صاحب جي هيءَ علمي تحقيق جڏهن ترڪيءَ تائين پهچي ته پروفيسر عيدن سيلي 1980ع ۾ هڪ خط ۾ ڊاڪٽر صاحب کي هيئن لکيو:

"You seem to be a unique master researcher on such intricate subjects concerning which Beruni has supplied us with otherwise non-existent information of vital importance (2)."

’توهان هڪ لاثاني ماهر محقق جي حيثيت ۾ البيروني جي ڪيترن اهڙن مشڪل ۽ پيچيده موضوعن بابت تحقيقي انڪشاف ڪيا آهن، جن بابت بيروني پاڻ تمام گهٽ يا بنهه نه هئڻ برابر معلومات فراهم ڪئي آهي.

انهيءَ خط ۾ هو اڳتي لکي ٿو ته توهان جي بيرونيءَ جي ’غرة الزيجاة‘ جي انگريزيءَ مقدمي جو ترڪيءَ ۾ ترجمو ڊاڪٽر دوست ڪري رهيو آهي جيڪو پڻ ’ارڊم‘ (Erdum) رسالي ۾ جلد شايع ڪيو ويندو.

اهڙيءَ طرح سال 1983ع ۾ اسلام آباد ۾ هڪ بين الاقوامي سيمينار ۾ ڊاڪٽر صاحب ’بيروني ۽ نندنه ۾ سندس تجربو‘ جنهن ۾ هن ڌرتيءَ جي قطر ۽ گهيري جي ماپ ڪئي هئي، بابت مقالو پڙهيو. ڊاڪٽر صاحب بيرونيءَ جي اصلي ماخذ کي سامهون رکندي. رياضي ۽ ٽرگناميٽري جي اصولن کي نئين سر بيان ڪيو ۽ ان سرزمين جو معائنو پڻ ڪيو جتي اهو تجربو ممڪن طور ڪيو ويو هو.

جرمنيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر ايڊئارڊ ويٽي ڊاڪٽر صاحب جي هن مقالي پڙهڻ کان پوءِ تعريف ۽ تصديق جو خط لکيو جنهن ۾ چيائين ته البيرونيءَ جي ماپ ۾ 0.2 سيڪڙو تائين مس غلطيءَ جو امڪان هو. يعني اهو ايتريقدر صحيح ۽ درست هو(3).

 

بيروني ۽ محمود غزنويءَ جي تعلقات بابت تحقيق:

اسلامي دنيا جو وڏو سائنسدان ۽ ماهر علم هيئت ابو ريحان محمد ابن احمد البيروني (362هه/ 973ع- 442هه/1048ع) ترڪستان جي تاريخي شهر خوارزم جي پسگردائي يعني بيرون شهر جي هڪ معمولي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي جوانيءَ جا ڪيترا قيمتي سال خوارزم جي حڪمران ساماني خاندان سان وابستگيءَ ۾ گذاريا. ليڪن جڏهن ان خاندان ۾ خانه جنگيءَ جو آغاز ٿيو ته هو خوارزم ڇڏي جرجان هليو آيو جتي هن پنهنجي پهرين مشهور تصنيف- ’آثار الباقيه عن قرون الخاليه‘ 390هه/1000ع ۾ مڪمل ڪئي ۽ ان کي وقت جي حڪمران شمس المعالي قابوس بن وشمگير ڏانهن منسوب ڪيائين جيڪو سندس سرپرست ۽ قدردان هو. بيروني جرجان ۾ ڏهن سالن کان وڌيڪ نه رهي سگهيو ۽ خوارزم ۾ حالتن جي بهتر ٿيڻ سان واپس آيو جتي پوءِ علي بن مامون حڪمران بڻيو، ليڪن 398هه/1008ع ۾ جڏهن هو وفات ڪري ويو ته سندس ڀاءُ العباس جي لقب سان خوارزم جو حڪمران ٿيو. هو وڏو علم دوست هو ۽ ڪيترا عالم سندس دربار سان وابسته هئا جن ۾ ڪجهه وقت لاءِ ابن سينا پڻ شامل هو. العباس سال 407هه/1017ع ۾ اندروني خلفشار ۽ بدانتظامي سبب قتل ٿي ويو. جيئن ته هو محمود غزنويءَ جو ڀيڻويو هو تنهنڪري محمود بنا دير خوارزم تي حملو ڪري ان کي فتح ڪيو ۽ اتي پنهنجي نائب التونتاش کي مقرر ڪيائين.

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته محمود غزنوي پيءُ جي مرڻ کان بعد 387هه/997ع ۾ تخت نشين ٿيو ۽ ايندڙ ويهن سالن ۾ هن هندستان جي دور دراز مهمن ۾ مسلسل ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. ليڪن هن پنهنجي طاقت جو اصل مرڪز خراسان ۽ وچ ايشيا کي ئي سمجهيو هو. ان ڪري جڏهن خوارزم ۾ حالتون خراب ٿيون ته ان کي فتح ڪرڻ کان سواءِ وٽس ٻيو چارو نه هو. ان ريت هن ايلخانن سان ممڪن چپقلش ۽ خطري جو خاتمو ڪرڻ گهريو ٿي.

سلطان محمود، علوم ۽ فنون جو سرپرست ۽ دلداده هو. ’تذڪره دولتشاه‘ موجب سندس دربار سان چار سؤ کان وڌيڪ عالم، طبيب ۽ شاعر وابسته هئا. هڪ روايت موجب محمود خوارزم فتح ڪرڻ بعد البيرونيءَ سميت ڪيترن عالمن کي گهرائي پنهنجي دربار ۾ رکيو، تڏهن بيرونيءَ جي عمر پنجيتاليهه سال هئي. ليڪن تاريخ ۽ تذڪرن جي ڪن روايتن موجب سلطان محمود خوارزم فتح ڪرڻ کان پوءِ بيروني توڙي ٻين عالمن کي زبردستيءَ قيد ڪري غزني وٺي آيو؟ بيرونيءَ جي باري ۾ چيو ويو آهي ته ان کان پوءِ هو مسلسل نظربنديءَ جو شڪار رهيو. بلڪ جيترو وقت هو هندستان يعني موجوده پاڪستان جي ايراضيءَ ۾ رهيو جيڪو ڏهن سالن کان وڌيڪ عرصو آهي ته اهو سمورو وقت هن نظربنديءَ ۾ گذاريو! هڪ لحاظ سان غزنيءَ پهچڻ کان پوءِ بيرونيءَ جي زندگيءَ جو نهايت ڪامياب تخليقي دور شروع ٿئي ٿو. جتي هو هڪ رصدگاهه قائم ڪري ٿو. جنهن ۾ هو پنهنجي سائنسي کوجنا ۽ تحقيق کي جاري رکي ٿو ۽ انهيءَ دوران هو افراد المقال، ڪتاب التحديد، ڪتاب التفهيم، قانون مسعودي ۽ ڪتاب في تحقيق ماللهند جهڙيون يادگار تصنيفون ڇڏي وڃي ٿو.

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو لڳي ته نظامي عروضي سمرقندي جنهن پنهنجو ڪتاب ’چهار مقاله‘
سال 552هه ۾ تصنيف ڪيو يعني بيروني جي غزنيءَ اچڻ کان هڪ صدي کان به گهڻو پوءِ، تنهن هن سلسلي ۾ وري عجيب روايت بيان ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته جڏهن ابوالعباس خوارزم جو حڪمران هو ته سلطان محمود کيس فرمائش ڪئي ته هو پنهنجي دربار جي پنجن نامور عالمن البيروني، ابن سينا، ابونصر عراق، ابوالخير خمار ۽ ابو سهل مسيحي کي غزنيءَ جي شاهي دربار موڪلي ڏئي ته جيئن انهن جي علم و فضل کان فيضياب ٿي سگهجي. البيروني، ابوالخير ۽ ابونصر وڃڻ لاءِ آمادگي ڏيکاري پر ابن سينا ۽ ابو سهل وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ اتان ڀڄي نڪتا.

علمي دنيا ۾ بيرونيءَ جي خدمتن کي جن عالمن روشناس ڪرايو آهي، انهن ۾ سرفهرست جرمن مستشرق ڊاڪٽر سخاؤ آهي، جنهن بيرونيءَ جي ٻن ڪتابن- ’آثار الباقيه‘ ۽ ’ڪتاب في تحقيق ماللهند‘ تي وڏي محنت ۽ جانفشاني سان ڪم ڪيو. ڪتاب ماللهند جو عربي متن ايڊٽ ڪري 1885ع ۾ شايع ڪيائين ۽ ان کان پوءِ ان جا جرمن ۽ انگريزي ترجما 1888ع ۾ شايع ٿيا. انگريزي مقدمي ۾ سخاؤ هڪ غير جانبدار محقق هجڻ بدران سلطان محمود جي ڪردار سان انصاف نه ڪري سگهيو ۽ اهو تاثر ڏئي ٿو ته هن بيرونيءَ سان سٺو سلوڪ نه ڪيو ۽ هو علم دوست نه هو. وڏي ڳالهه ته ان لاءِ هو بيروني جي تحريرن کي استعمال ڪري ڇڪي تاڻي انهن مان منهنجو مقصد حاصل ڪري ٿو ۽ بيرونيءَ کي مسلسل سلطان محمود جي نظربنديءَ هيٺ ڏيکاري ٿو. بيروني ڏهاڪو سالن کان مٿي عرصو سنڌ ۽ پنجاب جي ايراضيءَ ۾ رهيو جتي هن سنسڪرت ۽ هندن جي علوم بابت مهارت حاصل ڪئي. سخاؤ چوي ٿو ته اهو سمورو عرصو بيروني قيد جهڙي حالت ۾ هو، بلڪ پنهنجي طرفان اهو نتيجو قائم ڪري ٿو ته بيروني ملتان ۾ نظربند رهيو. سخاؤ وڌيڪ چوي ٿو ته بيرونيءَ کي آزاديءَ جو ماحول محمود جي وفات کان پوءِ مليو، جڏهن سلطان مسعود تخت نشين ٿيو. سندس چوڻ مطابق: هو علم جو قدردان ۽ سرپرست هو ۽ هن ئي بيرونيءَ جي سرپرستي ڪئي، جنهن ڪري بيروني پاڻ علم هيئت بابت پنهنجي مشهور تصنيف ’قانون مسعودي‘ ڏانهس منسوب ڪئي.

سخاؤ جي ان ڄاڻي واڻي ڦهلايل غلط فهميءَ جو بنياد ’ڪتاب ماللهند‘ جي پهرين باب ۾ اهو مختصر اقتباس آهي جيڪو هن انگريزي ۾ هيئن ترجمو ڪيو آهي:

"I have found it very hard to work my way into the subject, al though I have a great liking. I do not spare either trouble or money on collecting Sanskrit books from place where I Supposed they were likely to be found. what scholar, however, has the same favorable opportunities of studying this subject as I have? That world be only the case with one of whom the grace of God accords, what it did accord to me, a perfectly free disposal of his own doings and goings, for it has never fallen to my lot in my own doings and goings to be perfectly independent, nor to be invested with sufficient power to dispose and to order as I thought best. However, I  thank God for that which he has bestowed upon me, and which must be considered as sufficient for the purpose (4)."

 اصل عربي عبارت جنهن جو سخاؤ ترجمو ڪيو آهي، هن ريت آهي:

”ولقد اعيتني المداخل فيہ مع حرصي الذي تفردت بہ في ايامي، وبذلي الممکن غير شحيح عليہ في جمع کتبهم من المظان واستحضار من يهتدي لها من المکامن، ولمن غيري مثل ذالڪ الا من يرزق من توفيق الله ما حرمتہ في القدرة علي الحرکات عجزت فيها عن القبض والبسط في الامر والنهي طويٰ عني جانبها، والشکرلله عليٰ ما کفيٰ منها(5).“

ترجمو: حقيقت هيءَ آهي ته انهن راهن تي هلي هلي آءٌ ٿڪجي پيس. باوجود ايڏي حرص جي جنهن ۾ مان يگانه روزگار آهيان. مون پنهنجي وت آهر پيسو پڻ خرچ ڪيو ۽ ان ۾ مون بخل کان ڪم نه ورتو، ان ڪري جتي به سجهي پيو، لڪل جاين تان انهن جا ڪتاب هٿ پئي ڪيم ۽ اهڙن ماڻهن سان واسطو ٿي رکيم، جن کي ان ڪم جو ڏانءُ هو.

مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير به ائين ڪري نه سگهندو؟ ها اهڙو ڪو خاص ماڻهو هجي جنهن کي الله تعاليٰ جي توفيق سان ايڏي چرپر جو اختيار مليل هجي، جنهن کان مان محروم هيس. مان ته (هٿ) کولڻ ۽ بند ڪرڻ، روڪڻ ۽ ٽوڪڻ ۾ به عاجز ٿي پيس، تان جو اهي سڀ راهون بند ٿي ويون. وري به الله جو شڪر آهي جو منهنجو مقصد پورو ٿيو.‘

ڊاڪٽر صاحب سخاؤ جي پيدا ڪيل غلط فهمين ۽ اعتراض جو نهايت تحقيقي ۽ تنقيدي انداز ۾ جائزو ورتو آهي ۽ پنهنجو تجزيو هيٺئين ريت پيش ڪيو آهي:

(الف) ڇا بيروني خوارزم فتح ٿيڻ کان پوءِ قيديءَ جي صورت ۾ غزنيءَ آيو هو، جيئن سخاؤ چوي ٿو؟ ڊاڪٽر صاحب هن سلسلي ۾ متعلقه تاريخي مواد ۽ تذڪرن جو آڌار تي چوي ٿو ته بيروني پاڻ ڪٿي به اهڙي ڳالهه ته ڇا بلڪ اشارو به نه ڏنو آهي. اهو وري به نظامي عروضي سمرقندي هو جنهن ”چهار مقاله“ ۾ هڪ ٻي حڪايت آندي آهي ته هڪ دفعي بيروني غزنيءَ ۾ سلطان محمود جي خاص مجلس ۾ موجود هو جو سلطان کانئس هڪ سوال جي جواب تي ڪاوڙجي پيو ۽ کيس ڇهن مهينن لاءِ نظر بند ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. ليڪن هن روايت مان خود هن ڳالهه جي ترديد ٿئي ٿي ته سلطان محمود بيرونيءَ کي خوارزم مان ئي قيد ڪري وٺي آيو ۽ هو سلطان جي وفات تائين يعني باقي تيرنهن سال ئي شاهي نگراني يا نظربنديءَ ۾ رهيو. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته ”چهار مقاله“ ۾ ٻيون به اهڙيون ڪيتريون حڪايتون آهن جن ۾ واقعي افسانوي رنگ ڀريل آهي.

ڊاڪٽر صاحب جو هڪ ٻيو اهم دليل اهو آهي ته البيروني خوارزم جي حڪمران ابوالعباس جو خاص معتمد هو ۽ ان جي دربار سان ستن سالن کان وڌيڪ وابسته رهيو. اهو ابوالعباس محمود جو ڀيڻويو هو جنهن ڪري ٻنهي وچ ۾ تحفن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي.

مطلب ته ان ريت بيرونيءَ کي محمود غزنويءَ جي علم پروري ۽ هندستان ۾ سندس فتوحات بابت ضرور خبر پئي هوندي. بلڪ محسوس ائين ٿو ٿئي ته بيرونيءَ کي علم هيئت ۽ رياضيءَ جو جيترو شوق هو ۽ ان باري ۾ هندن جي علم ۽ ڄاڻ متعلق جيڪي ڪجهه ٻڌو يا معلوم ڪيو هئائين، هن چاهيو پئي ته ڪنهن ريت غزنيءَ جي دربار ۾ سندس پهچ ٿئي. خاص طور جڏهن سندس سرپرست ۽ قدردان ابوالعباس قتل ٿي چڪو هو ته ان صورت ۾ غزنيءَ اچڻ هن لاءِ يقيناً وڌيڪ فائديمند هو.

بهرحال سخاؤ جي ان پيدا ڪيل غلط فهميءَ جو شڪار سيد حسن برني جهڙو عالم پڻ ٿيو، جنهن/سال 1915ع ۾ علي ڳڙهه منجهان البيروني جي زندگي ۽ ڪارنامن بابت تحقيقي ڪتاب شايع ڪيو. اهو پڻ ان ڳالهه جي تهه تائين نه پهتو جو ان جو ازالو ڪري سگهي. بلڪ ان ڪتاب جو 1927ع ۾ جيتوڻيڪ ٻيو نظرثاني ايڊيشن شايع ٿيو پر ان ۾ به ڪا نئين تحقيق سامهون نه اچي سگهي. ڊاڪٽر صاحب جو هيءُ ڪتاب مطالعو ٿيل هو جنهن جا حوالا پڻ بيروني تي لکيل مقالي ۾ آڻي ٿو.

هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن محمود غزنوي عالمن جو قدردان نه هو ته ڇا بيرونيءَ لاءِ اهو ممڪن هو ته هو غزنيءَ کان هلي ۽ لڳ ڀڳ تيرهن سال هندستان جي هن علائقي ۾ گذاري. سو به وري هندن جي پنڊتن ۽ ۽ عالمن سان ملندو وتي ۽ هر قسم جا ڪتاب گڏ ڪندو وتي؟ بيروني پاڻ لکي ٿو ته هن پنهنجي طرفان ڪتابن خريد ڪرڻ تي جيترو پيسو ٿي سگهيو خرچ ڪيو؟ جيڪڏهن ائين آهي ته اهو پيسو ڪٿان آيو؟ البيرونيءَ جي آمدنيءَ جو ڪهڙو ذريعو هو؟

ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ آهي ته  ڪتاب الهند جي جملن ۾ بيروني هڪ محقق عالم وانگر پنهنجي اڻ کٽ علمي اڃ جو ذڪر ڪري ٿو. بلڪ انهن جملن ۾ در پرده اها به شڪايت آهي ته هندو عالم ساڻس سهڪار گهٽ ڪندا هئا، ايتريقدر جو کيس جادوگر به سڏيو ويو. هتي هيءَ حقيقت سامهون رکڻ گهرجي ته اهڙي وقت ۾ جڏهن محمود غزنوي هندستان جي ڪيترن علائقن ۾ فتوحات ڪري رهيو هجي ته هڪ مسلمان عالم اتي اچي سالن جا سال رهي ۽ اتان جا عالم ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ان سان علمي تعاون ڪن، اهو ڪيڏو ڏکيو معاملو هو. ان ڪري بيروني چوي ٿو ته مان پنهنجي وس آهر، ڪهڙيون به حالتون هيون، اهو ڪجهه ڪري سگهيو آهيان. ان کان وڌيڪ ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ جي خاص عنايت کپي، جنهن مان مراد اڻ کٽ دولت ۽ اڻ کٽ جسماني ۽ ذهني قوت به ٿي سگهن ٿيون.

(ب) سخاؤ پنهنجي مقدمي ۾ البيروني کي هڪ سياسي ڪردار ڏيڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي ۽ اهو به الزام هڻي ٿو ته هو سلطان محمود جو درپرده دشمن هو. هو محمود کي پسند نه ڪندو هو، جنهن ڪري هن پنهنجو ڪوبه ڪتاب محمود ڏانهن منسوب نه ڪيو آهي. سخاؤ چوي ٿو ته سلطان محمود جي مقابلي ۾ البيروني سلطان محمود جي پٽ مسعود سان عقيدت رکندڙ هو جنهن ڪري هن هيئت بابت پنهنجو مشهور ڪتاب ’قانون مسعودي‘ هن جي نالي معنون ڪيو آهي.

ڊاڪٽر صاحب جي تجزيي موجب سخاؤ اها غلط فهمي ڄاڻي واڻي پيدا ڪئي آهي ته جيئن بيرونيءَ جي نظربنديءَ جو جواز سمجهه ۾ اچي سگهي. ٻيو سخاؤ کي اها غلط فهمي هن ڪري پيدا ٿي آهي، جو هو بيرونيءَ کي ابوالعباس جو اهڙو سياسي مشير سمجهي ويٺو آهي. جيڪو بيرونيءَ جي مشوري کان سواءِ ڪو ڪم نٿو ڪري. اها حقيقت آهي ته آخري وقت ۾ ابوالعباس ۽ محمود جي وچ ۾ هن ڳالهه تي اتفاق نه هو ته ايلخانن سان ڪهڙي پاليسي هلڻ گهرجي. پر ان لاءِ بيرونيءَ کي ذميوار سمجهڻ ان ڪري غلط ٿيندو ته ابوالعباس ۽ بيرونيءَ جي وچ ۾ جيڪي صلاح مشورا ٿيندا هئا، اهي بيروني پنهنجي يادگيرين ’المسامرة‘ طور تحرير ڪيا هئا جيڪي ’تاريخ بيهقيءَ‘ ۾ جيئن جو تيئن شامل آهن. جنهن به محقق تاريخ بيهقيءَ جو ان لحاظ کان مطالعو ڪيو آهي، اهو هرگز البيرونيءَ کي ان صورتحال لاءِ ذميوار قرار نٿو ڏئي سگهي. حقيقت اها آهي ته البيروني اول کان آخر تائين هڪ صحيح سائنسدان ۽ علم جو متلاشي انسان هو. هن پنهنجي تحريرن ۾ ڪڏهن ڪٿي به اهڙي دعويٰ نه ڪئي آهي ته هن ڪنهن کي ڪهڙا مشورا ڏنا. البت ايترو ضرور آهي ته هو وقت جي حڪمرانن آڏو سچ ڳالهائيندو رهيو آهي ۽ صحيح راءِ جو اظهار ڪيو آهي. اهڙن واقعن جو ذڪر سندس تحريرن ۾ ملي ٿو. بلڪ هڪ حساس سوچ ۽ فڪر رکندڙ عالم وانگر پنهنجي تصنيفن ۾ ڪيترا اهڙا اشارا ڪيا آهن يا جيڪي کيس پسند نه آيو، ان بابت ڪنهن نه ڪنهن ريت ڪجهه چئي ويو آهي.

(د) سخاؤ چوي ٿو ته بيرونيءَ کي ملتان ۾ نظربند رکيو ويو ۽ حسن برني ’قانون مسعودي‘ جي مقدمي ۾ چوي ٿو ته بيرونيءَ کي نندنه ۾ نظربند رکيو ويو!؟

سخاؤ ”ڪتاب الهند“ جي مقدمي ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”خوارزم فتح ڪرڻ کان پوءِ شاهي خاندان جا ڪيترا فرد غزنيءَ ۾ ۽ بيرونيءَ کي ملتان ۾ شاهي قيديءَ جي حيثيت ۾ رکيو ويو.“ اهو گمان هو ان ڪري قائم ڪري ٿو جو بيروني ان ڪتاب ۾ ملتان جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي ۽ اتي جي پنڊت دَرلڀَ سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪري ٿو. پر ”ڪتاب الهند“ ۾ هڪ عبارت هن ريت پڻ آهي(6):

”مون پاڻ قلعه لاهور جي عرض البلد جي ماپ ڪئي جيڪا 34 درجا ۽ 3 منٽ آهي. ڪشمير ۽ لاهور جي وچ ۾ 54 ميلن جو فاصلو آهي، اڌ رستو آسان آهي پر اڌ رستو بيمار ڪري ٿو. ٻيا عرض البلد جيڪي مون پاڻ معلوم ڪيا انهن ۽ غزني، ڪابل، ڪندي، لمغان، پرشاور، واهند، جهلم، دنپور ۽ قلعه نندنه شامل آهن. نندنه ۽ ملتان جي وچ ۾ 200 ميلن جو فاصلو آهي. ان کان پوءِ سيالڪوٽ، منڊا ڪاڪر ۽ ملتان جا عرض البلد به ڏئي ٿو.“ بيروني آخر ۾ لکي ٿو:

”اسان انهن ماڳن کان اڳتي هنن جي ملڪ ۾ نه ويا آهيون ۽ نه وري هندن جي ڪتابن ۾ ٻين شهرن جي عرض البلد بابت اسان کي خبر پئي آهي.“

مٿين بيان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي وضاحت ٿي سگهي ته بيروني کي پنهنجي مرضيءَ مطابق گهمڻ ڦرڻ، مشاهدا ۽ تجربا ڪرڻ جي مڪمل آزادي هئي.

نندنه جي مقام تي تجربي جي باري ۾ بيروني جيڪي الفاظ استعمال ڪري ٿو، اهي هن ريت آهن:

ولما اتفق الي المقام بقلعة نندنه

يعني: ’جڏهن اسان کي نندنه قلعه واري مقام تي پهچڻ جو اتفاق ٿيو.......‘

بيروني ’نندنه‘ جو ذڪر هڪ دفعو نه بلڪ مختلف موقعن تي چار دفعا ڪيو آهي ۽ اهو عرصو سورهن سالن تي ڦهليل آهي.

(د) بيرونيءَ جي قصيدي مان شاهدي:

 بيروني جا پنهنجا تمام گهٽ شعر مليا آهن پر انهن ۾ هڪ اهڙو قصيدو شامل آهي جنهن ۾ هو پنهنجن سڀني محسنن کي ياد ڪري ٿو. جرمن مستشرق سخاؤ جي ”ڪتاب الهند“ جي مقدمي مان پتو پوي ٿو ته هن جو سمورو ڌيان، بيرونيءَ جي هند بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ علم هيئت تي مرڪوز هو ۽ بيروني جي زندگيءَ بابت ڪيترو مواد هن جي نظرن کان اوجهل رهيو، جنهن ۾ هيءُ قصيدو به شامل آهي. جيئن مٿن ذڪر ٿي چڪو ته ڊاڪٽر صاحب کان اڳ حسن برني جنهن 1915ع ۾ علي ڳڙهه ۾ بيروني بابت هڪ تحقيقي ڪتاب لکيو، تنهن ۾ هو اهو قصيدو ته آڻي ٿو، پر ان مان هو سلطان محمود ۽ بيرونيءَ جي تعلقات بابت ڪو مثبت نتيجو قائم ڪري نه سگهيو. ڊاڪٽر صاحب ان قصيدي کي سلطان محمود سان بيرونيءَ جي تعلقات بابت ناقابلِ ترديد شاهديءَ طور پيش ڪري ٿو. هتي اسان ان قصيدي جا اهي بند پيش ڪريون ٿا. جن ۾ هو محمود غزنويءَ جي تعريف ڪري ٿو. شروعاتي بندن ۾ آل عراق خاندان ۽ خوارزم جي حڪمرانن: منصور ۽ مامون جي تعريف ٿيل آهي(7).

ان کان پوءِ هو. سڌو سنئون محمود غزنويءَ جي تعريف ڪندي چوي ٿو:

ولم ينقبض محمود عني بنعمته

فاءغني واقني مغضياً عن مکاسباً

عفا عن جهالاتي وابدي تکرماً

وطري بجاہ رونقي ولباسياً

عفاءَ عليٰ دنياي بعد فراقهم

واواحزني انّ لم اءزر قبل آسياً

ترجمو: محمود ڪنهن به نعمت کان مون کي محروم نه رکيو. هن مون کي مالا مال ڪيو ۽ خوش رکيو ۽ منهنجي اوڻاين کي ڍڪيو. هن منهنجي غلطين کي معاف ڪيو ۽ منهنجي عزت افزائي ڪئي. هن جي شان و شوڪت سبب منهنجي رونق ۽ لباس (فاخره) ۾ اضافو ٿيو. هنن جي فراق ۽ جدائيءَ کان پوءِ منهنجي زندگيءَ ۽ جيئڻ ته حيف آهي. اهو ڪيڏو نه الميو آهي پر هنن کان پوءِ مون کي ڪو همدرد ۽ غمگسار نه گڏيو آهي!

اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر صاحب بيرونيءَ جي ٻين ڪيترين تصنيفن ’ڪتاب التحديد‘ ۽ ’ڪتاب الجماهر‘
۾ آيل شاهدين جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو جنهن سان پڻ اها ثابتي ملي ٿي ته بيروني جي سلطان محمود وٽ وڏي عزت هئي، جنهن جو اظهار بيروني مٿين قصيدي ۾ کليءَ ريت ڪيو آهي.

 

ايران جي وڏي عالم فروز انفز جي شاهدي:

هتي اها ڳالهه دلچسپيءَ کان خالي ناهي ته ڊاڪٽر صاحب سلطان محمود ۽ بيروني جي تعلقات بابت جرمن مستشرق سخاؤ طرفان ڦهلايل غلط فهميءَ متعلق اها تحقيق مڪمل ڪئي ته ٻئي طرف ايران جي وڏي عالم بديع الزمان فروزانفر پنهنجي ليکي مشهور تصنيف ’تاريخ ادبيات ايران‘ بعد از اسلام تا پايان تيموريان‘ ۾ پڻ ساڳيو نتيجو قائم ڪيو. هو پڻ ساڳئي قصيدي جا بند پيش ڪري ٿو ۽ عروضي سمرقنديءَ جي ”چهار مقاله“ ۾ آندل روايت بابت هيئن لکي ٿو(8):

”مطابق روايت چهار مقاله سلطان محمود به واسطهء چند حڪم که ابو ريحان کرد و صحيح درآمد او را مدت شش ماه محبوس داشت تابه وساطت احمد بن حسن خلاصي يافت، ولي صحت اين حکايت مورد ترديد است. ظاهراً محمود به ابو ريحان لطفي داشته و او را هميشہ از انعام خود بهره مند مي کرده.“

ترجمو: فروز انفر چوي ٿو:

”چهار مقاله“ ۾ جيڪا روايت آهي ته سلطان محمود، بيرونيءَ کان چند سوال ڪيا ۽ هن انهن جا صحيح جواب ڏنا، تنهن کان پوءِ سلطان هن کي ڇهن مهينن لاءِ نظربند ڪرڻ جو حڪم ڏنو، تان جو احمد بن حسن جي وچ ۾ پوڻ سان بيروني آزاد ٿيو. ليڪن هن پوري حڪايت ۾ ڪا سچائي ڪونهي. بلڪ ظاهري طور محمود البيرونيءَ تي گهڻو مهربان هو ۽ کيس انعام و اڪرام سان نوازيندو هو.

 فروزانفر ’ڪتاب الهند‘ جي حوالي سان هڪ ٻيو انڪشاف به ڪري ٿو ته بيروني سومناٿ جي سفر ۾ سلطان محمود سان گڏ هو. هو لکي ٿو:

”ابو ريحان در سفر هاي که محمود به هندوستان کرده حضور داشته و بواسطهء اين سفر ها در عقايد و آراو جغرافياي هند تحقيقات زيادي کرده، از جمله در  اضمن کتاب تحقيق ما للهند مي گويد: الا اني شاهد تهم في سنة قلعه سومنات وهي اربعة مائة وست عشرة للهجرة. دربسياري از جاهاي ديگر به مسافرت هاي که به حدود هند کرده اشاره نموده است(9).“

يعني: ابو ريحان هندستان جي ڪيترن سفرن ۾ سلطان محمود سان گڏ هوندو هو. اهو انهيءَ جو نتيجو هو جو هو هندن جي مذهب ۽ اتان جي جاگرافيءَ بابت وڌيڪ تحقيقات ڪري سگهيو. مثلاً: ”ڪتاب ما للهند“ ۾ هڪ هنڌ چوي ٿو: ”مون کي پاڻ سومناٿ جي قلعي کي ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ اهو سال 416 هجري هو.“ ٻين ڪيترين جاين تي جتي بيروني هندوستان ۾ ويو آهي، انهن بابت اشارا ڪيا اٿس.

 

سلطان محمود جي تاريخي ڪردار بابت تحقيق:

محمود غزنوي (دور حڪومت: 998 کان 1030ع يا 387--- 421 هجري) جي تاريخي شخصيت کي ڪنهن حد تائين وچين دور جي مؤرخن جنهن ۾ ’تاريخ فرشته‘ جو مصنف محمد قاسم هندو شاهه فرشته شامل آهي ۽ پوئين دور جا تاريخدان جن ۾ وري خاص طور برطانوي راڄ جا مؤرخ ايليٽ ۽ ڊائوسن اچي وڃن ٿا، غلط رنگ ڏئي پيش ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. غالباً اهو تاريخ فرشته جو مصنف ئي هو جنهن ڇهن صدين کان پوءِ محمود جي باري ۾ ’بت فروش‘ جي بجاءِ ’بت شڪن(10).‘ جو افسانو گهڙي پيش ڪيو ۽ هن جي سمورين جنگي فتوحات کي ’اسلامي فتوحات‘ جي عاليشان لفظن يا ’مقدس جهاد‘ جهڙن مخالف جذبات ڀڙڪائيندڙ نعرن سان پيش ڪيو. انهيءَ جذباتي انداز سبب ’تاريخ  نويسيءَ‘ کي اهو نقصان پهتو جو واقعن پٺيان اصلي پس منظر ۽ اسباب غائب ٿي ويا.

محمود غزنويءَ جي ڪردار کي وڌيڪ مسخ ڪرڻ ۾ بهرحال مغربي جديد تاريخ نويسن يا نو آبادياتي نُڪتهء نظر (Colonialist View Point) رکندڙ مؤرخن جو وڏو هٿ آهي. هنن ايئن ڇو ڪيو؟ ان سوال جو جواب ڏيڻ ڏکيو ناهي. پهريون ته هنن جئن برصغير ۾ قدم رکيو ته مسلمان هتي حڪمران هئا. گويا هنن جو مقابلو مسلمانن سان هو ۽ انهن سان هنن کي جتي ڪٿي لڙايون ڪرڻيون پيون. ٻيو ته هنن کي هندن جي غالب اڪثريت جي همدرديءَ جي سخت ضرورت هئي. هنن هندن کي هر طرح باور ڪرائڻ ٿي چاهيو ته انگريز کين مسلمانن جي صدين جي محڪوميءَ کان نجات ڏيڻ وارا آهن. انهيءَ ڪري هنن هر اهڙو قدم کڻڻ ٿي چاهيو جنهن سان هو هندن جي نظرن ۾ وڌيڪ عزت بلڪ هنن جو اعتماد حاصل ڪري سگهن. آخر ۾ ائين چئجي ته ’ورهايو ۽ حڪومت ڪريو‘، واري سونهري اصول  تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪن اهڙن تاريخي واقعن کي استعمال ڪرڻو هو جنهن سان هڪ طبقي ۾ مذهبي قوم پرستيءَ واري شعور ۽ جذبي کي جاڳائي سگهجي.

نو آبادياتي تسلط تحت تاريخ کي مسخ ڪرڻ جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو تاريخي مثال ٿي سگهي ٿو ته 1842ع ۾ هندستان جي وائسراءِ لارڊ ايلنبرو هڪ شاهي فرمان جاري ڪري افغانستان ۾ برطانوي فوج جي ڪمانڊر جنرل ناٽ کي حڪم ڪيو ته هو غزنيءَ ۾ محمود غزنويءَ جي مقبري ۾ لڳل صندل جي ڪاٺ جا اهي دروازا پٽي هندستان کڻي اچي جيڪي محمود غزنوي سومناٿ جي مندر کي ٽوڙڻ وقت پاڻ سان گڏ کڻي ويو هو(11).

هن مسئلي تي 1843ع ۾ برطانوي دارالعوام (House of Commons) ۾ وڏو گوڙ ٿيو ۽ ڪيترا ڏينهن وڏو بحث هليو، جيڪو تاريخ جو حصو آهي، جنهن ۾ مخالف ڌر ڪيترا اعتراض اٿاريا هئا. هنن جو چوڻ هو ته آخر ايلنبرو جي ان ڪاروائي جو ڇا مقصد هو؟ ڇا هو هندن جي مذهبي ۽ قومي جذبات سان کيڏي همدرديون حاصل ڪرڻ گهري ٿو؟ ليڪن حقيقت اها آهي ته ايلنبرو واقعي هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ گهر يا ٿي. هڪ ته افغانستان ۾ برطانوي فوج جي ذلت آميز شڪست جو هن بدلو وٺڻ گهريو ٿي ۽ ٻيو ته هن هندستان مٿان محمود غزنويءَ جي سترهن ڪاهن جي جوابي ڪاروائي ڪري هندستاني عوام جي وڏي طبقي ۾ انگريز قوم جي عزت ۾ ان ريت اضافو ڪرڻ گهريو ٿي. حالانڪ تاريخ جي ڪنهن به ڪتاب ۾ سومناٿ مان صندل جا دروازا پٽي کڻي وڃڻ جو ذڪر ته ڇا پر ڪٿي اهڙو اشارو به نٿي ملي.

ڊاڪٽر بلوچ هڪ مؤرخ جي حيثيت ۾ سڀ کان پهرين سلطان محمود جي هندستان تي حملن بابت اصل پس منظر کي نهايت وضاحت سان بيان ڪري ٿو جيڪو ڪجهه هن ريت آهي:

چوٿين/ ڏهين صدي جي وچ ڌاري الپتگين (وفات: 352هه/963ع) جيڪو اصل ۾ ترڪ غلام هو ۽ ساماني خاندان طرفان خراسان جو مقرر ڪيل اعليٰ عملدار هو، تنهن پاڻ کي غزنيءَ جو خودمختيار حاڪم بنائڻ جو اعلان ڪيو. هن اٺ سال حڪومت ڪئي ۽ 963ع ۾ وفات ڪري ويو. اهو وقت هو جڏهن پنجاب ۾ راجا جئپال جهڙو مضبوط حڪمران تخت نشين هو ۽ هن جي حڪومت جون سرحدون پشاور ۽ ڪابل تائين ڦهليل هيون. سال 977ع ۾ ابو علي جيڪو ابوبڪر لاوق جو پٽ هو ۽ جنهن کان الپتگين غزني کسي ان تي قبضو ڪيو هو، تنهن راجا جئپال جي پٽ جي مدد سان غزنيءَ تي لشڪر ڪشي ڪئي. غزنيءَ جي لشڪر جي اڳواڻي سبڪتگين ڪري رهيو هو. جيڪو الپتگين جو نياڻو به هو. لڙائي ۾ ابو علي ۽ جئپال جو پٽ مارجي ويا. انهيءَ فتح جي نتيجي ۾ سبڪتگين جنهن جو واسطو پڻ  ترڪ نسل سان هو، سال 366/977 ۾ غزنيءَ جو حڪمران بنجي ويو. ائين سبڪتگين غزنوي خاندان جو پايو وجهندڙ بنجي ويو، جنهن پوءِ ڏهه سال حڪومت ڪئي.

مطلب ته ان ريت غزنيءَ جي حڪمران غزنوي خاندان ۽ پنجاب جي حڪمران جئپال وچ ۾ هٿيار بند لڙائي جو آغاز ٿي ويو. ٻي لڙائي 376هه/986ع ۾ ٿي جڏهن جئپال پاڻ لشڪر جي اڳواڻي ڪئي ۽ لمغان ۽ غزني جي وچ تي غزڪ وٽ ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا. هن لڙائي ۾ نوجوان محمود  به شامل هو جنهن جي عمر ان وقت پندرهن سال هئي. جئپال جڏهن شڪست کائڻ تي هو ته هن صلح جي آڇ ڪئي جيڪا سبڪتگين قبول ڪئي جنهن ۾ هن ڪيترو تاوان ۽ هاٿي ڏيڻ قبول ڪيا پر جڏهن جئپال واپس پنهنجي راڄڌاني پهتو ته پنهنجي عهد کان ڦري ويو. هاڻي جئپال هڪ وڏي جنگ جي تياري ڪرڻ لڳو ۽ دهلي، اجمير، قنوج، ڪالنجر جي هندو راجائن کان مدد وٺي هڪ لک فوج جي تياريءَ سان غزنيءَ طرف پيش قدمي ڪئي پر هن ڀيري به جئپال شڪست کائي ويو ۽ سبڪتگين وري به صلح کي قبول ڪيو. هن دفعي جئپال لمغان کان پشاور تائين جو علائقو سبڪتگين جي حوالي ڪيو. هن لڙائي ۾ پڻ محمود شامل رهيو ۽ هينئر سندس عمر سترنهن سال هئي. اهڙي طرح جئپال ۽ سبڪتگين جي وچ ۾ چار دفعا مقابلو ٿيو ۽ هر دفعي جئپال هارايو ۽ ان جي نتيجي ۾ سندس حڪمرانيءَ جون سرحدون سنڌوندي جي اولهه کان بلڪل ختم ٿي ويون، باقي ان کان اوڀر طرف ويندي لاهور تائين سندس حڪمراني محدود ٿي وئي.

سبڪتگين 387هه/ 997ع ۾ وفات ڪئي ۽ ڪجهه عرصي بعد محمود جڏهن سندس عمر ستاويهه سال هئي، ته غزنيءَ جو حڪمران بنجي ويو. محمود پنهنجي دانائيءَ جو، ان وقت وڏو ثبوت ڏنو جڏهن ٻن سالن جي مختصر عرصي کان پوءِ هن بغداد جي خليفي کان ’يمين الدوله‘ جو خطاب حاصل ڪيو ۽ پنهنجي لاءِ سلطان جو لقب اختيار ڪيائين. محمود جڏهن کان هوش سنڀاليو ته پيءُ سان گڏ لڙاين ۾ شامل رهيو، تڏهن کان هن ڏٺو ته غزنيءَ جي تخت کي پنجاب جي حڪمران پالا خاندان کان هر دم خطرو هو ۽ آخر ۾ ته هن اهو به ڏٺو ته ڀرپاسي جا هندو راجائون به ان جي مدد ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهن. لهٰذا تاريخي روايت موجب هن تخت نشين ٿيڻ سان ئي اهو عهد ڪيو ته هو آئنده هندن جي راجائن خلاف پنهنجون مهمون جاري رکندو. انهيءَ لحاظ کان هن محسوس ڪيو ته سندس پهريون نشانو جئپال هجڻ گهرجي جيڪو پاڻ پشاور حاصل ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو. ٽن سالن جي وقفي بعد پشاور وٽ ٻنهي ڌرين ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ جئپال پندرنهن شهزادن سميت سخت شڪست کاڌي ۽ قيد ڪيو ويو. آخر صلح جي شرطن تي کيس آزاد ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ جلد ئي هو مري ويو، اهو مقابلو سنه 392هه/1001ع ۾ ٿيو.

جئپال جي موت کان پوءِ سندس پٽ ۽ پوٽو انندپال ۽ ترلوڪن پال پورا ويهه سال محمود سان مقابلا ڪندا رهيا پر هو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهيا، ان لاءِ هو ڪڏهن ڪڏهن هند جي ڀرپاسي وارن راجائن کان مدد به وٺندا رهيا. بلڪ انندپال ملتان جي قرمطي حڪمران دائود سان ڳٺجوڙ ڪري محمود جي پيش قدميءَ کي روڪڻ جي سازش ڪئي ته ان ۾ به کيس ناڪامي ٿي. آخر 1008ع ۾ انندپال هڪ دفعو وري پشاور تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڀرپاسي جي راجائن قنوج، ڪالنجر ۽ گواليار جي مدد سان وڏو لشڪر تيار ڪري اڳتي وڌڻ لڳو. سلطان محمود کي جڏهن اها خبر پئي ته هو سنڌوندي کي پار ڪري ويهند (موجوده هنڊ) جي مقام تي اچي پهتو، جتي انندپال کي وڏي شڪست آئي. سلطان جي فوجن مسلسل پيش قدمي جاري رکي ۽ بياس ندي پار ڪري نگر ڪوٽ جو علائقو به عارضي طور فتح ڪري ورتو.

ان صورتحال ۾ انندپال پنهنجو تخت گاهه جهلم ضلعي جي مشهور ماڳ نندنه کي بنايو، جتي سندس موت بعد هن جو پٽ ترجن پال مسند نشين ٿيو. سلطان محمود نندنه کي 1014ع ۾ فتح ڪيو ته ترجن پال پنهنجي حڪمرانيءَ جي آخري سرحد ٿانيسر هليو ويو ۽ ائين لاهور کي به ڇڏي اڳتي وڌي ويو. سلطان محمود ترجن پال جي تعاقب ۾ ٿانيسر تي حملو ڪيو ته هو اتان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سلطان محمود جي اتان واپسيءَ کان ترجن پال هڪ طرف ڪالنجر جي راجا گنڊا ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو ته ٻئي طرف قنوج جي راجا راجيپال سان تعلقات کي مضبوط ڪرڻ لڳو. انهيءَ صورتحال ۾ سلطان محمود 1018ع ۾ قنوج تي لشڪر ڪشي ڪئي ته قنوج جو راجا گنگانديءَ جي ٻي طرف وڃي پناهه ورتي. محمود ترجن پال جو پيڇو جاري رکيو ۽ شاروا پهچي اتي جي راجا راءِ چندر کي شڪست ڏني. هيءُ اهو راجا هو جنهن پنهنجي ڌيءُ جو سڱ ترجن پال جي پٽ ڀيم پال کي ڏنو هو.

ترجن پال اڃا سبق نه سکيو ۽ هڪ دفعو وري ڪالنجر جي راجا گنڊا سان سازباز ڪئي ۽ گواليار جي راجا کي پاڻ سان ملائي قنوج جي راجا راجيپال کي ان لاءِ قتل ڪيو ڇاڪاڻ ته هن محمود غزنويءَ جي لشڪر جو مقابلو نه ڪيو هو. محمود غزنوي هڪ سال کان پوءِ ترجن پال کي سيکت ڏيڻ لاءِ غزنيءَ کان 410هه/1019ع ۾ روانو ٿيو ۽ هر ملايو دوار وٽان گنگانديءَ کي اڪري ترجن پال جو پيڇو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿي پيو پر اتان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو. آخر ترجن پال 412هه/1021ع پنهنجي ماڻهن هٿان ئي مارجي ويو ۽ سندس پٽ ڀيم پال پنج سال پوءِ 417هه/1026ع ۾ گذاري ويو. ان ريت غزنوي ۽ پالا خاندان وچ ۾ هلندڙ ڪشمڪش ۽ لڙاين جو خاتمو ٿيو.

سلطان محمود 412هه/1021ع ۾ پالا خاندان جي خاتمي کان پوءِ ڪالنجر جي راجا گنڊا ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو، پر هن ان جو مثبت جواب نه ڏنو ۽ جنگ جي تيارين ۾ لڳي ويو، سلطان جڏهن مٿس حملو ڪيو ته هو ڀڄي ويو جنهن ڪري سلطان پنهنجي فوجن جو رخ گواليار طرف ڪيو جيڪو ڪالنجر جي راجا جو نائب هو. هن آڻ مڃي ۽ پنجٽيهه هاٿي تحفي طور پيش ڪيا. سلطان هڪ دفعو وري ڪالنجر جو رخ رکيو ۽ قلعي جو گهيرو ڪري ويهي رهيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ گنڊا صلح لاءِ راضي ٿيو. ساليانو خراج ۽ ٽي سؤ هاٿي ڏيڻ قبول ڪيائين. هاڻي گنڊا سلطان جي ڪردار ۽ شخصيت کان گهڻو متاثر ٿيو جو هن جي شان ۾ هنديءَ ۾ شعر ٺاهي پيش ڪيائين. سلطان محمود خوش ٿي پندرهن قلعا سندس حوالي ڪيا. هن مهم تان سلطان محمود 413هه/1023ع ۾ غزنيءَ واپس پهتو.

سلطان محمود جي آخري مهم سومناٿ جي فتح آهي، جيڪا هن سال 416هه/1025ع ۾ سرڪئي، جنهن جو بظاهر مقصد سومناٿ جي بت کي ٽوڙڻ هو، جيئن همعصر تاريخي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو. هن سلسلي ۾ عجيب و غريب روايتون ۽ ڏند ڪٿائون ملن ٿيون. هندن جي روايت موجب جنهن کي البيروني نقل ڪري ٿو، اهو لنگ جو مندر هو. سندس چوڻ موجب سومناٿ لفظ جو اشتقاق آهي- سوم ۽ ناٿ، يعني چنڊ ديوتا جو مندر. ڪن مسلمان تاريخ نويسن وري سومناٿ مان مراد منات جو بت ورتو آهي جنهن جو ذڪر قرآن ۾ آهي. هڪ عوامي روايت موجب جڏهن محمود هندستان ۾ فتوحات ڪري رهيو هو ته عوام ۾ اهو به ويساهه هو ته سومناٿ جو اهو وڏو بت ٻين ننڍن بتن تي ناراض هو، تڏهن ته محمود اهي علائقا فتح ڪري رهيو هو!

ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق موجب سومناٿ جي شهرت صرف مندر ۽ بت جي ڪري نه هئي، بلڪ اتي هڪ مضبوط قلعو به موجوده هو. جنهن جي نشاندهي بيروني پڻ ڪئي هئي. دراصل سومناٿ گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي سامونڊي شاهراهه تي واقع هجڻ سببان سامونڊي جهازن لاءِ هڪ اهم لنگر گاهه جي حيثيت رکندو هو جتان وچ اوڀر ۽ چين جا واپاري جهاز گذرندا هئا. سومناٿ جي انهي جاگرافيائي اهميت سبب ڪيترا مسلمان پڻ اتي رهندا هئا. جن جو ڌنڌو سامونڊي تجارت هو. ليڪن ڪجهه وقت کان اتان جي راجا مسلمانن تي گهڻي سختي شروع ڪري ڏني هئي ايتريقدر جو هڪ لوڪ روايت موجب سومناٿ مندر ۾ مسلمانن جي قرباني ڏني ويندي هئي. جنهن جو اهو مطلب به ٿي سگهي ٿو ته ان علائقي ۾ سامونڊي ڌاڙيل مسلمان تاجرن ۽ جهازن کي لُٽيندا ڦريندا هئا ۽ پوءِ قتل ڪندا هئا. ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ آهي ته سومناٿ جي حملي کي ان پس منظر ۾ ڏسڻ گهرجي، اهوئي سبب هو جو سومناٿ جي فتح کان پوءِ سلطان محمود کي بغداد جي خليفي طرفان خاص خلعت ۽ خطاب سان نوازيو ويو هو.

ڊاڪٽر صاحب جي ٻي وڏي تحقيق هيءَ آهي ته هندستان تي سترهن ڪاهن جو انگ به نو آبادياتي تاريخ نويسن ڏنو آهي ۽ اهي ايليٽ ۽ ڊائوسن هئا. ليڪن عتبي جي معاصر تاريخ مطابق اهو تعداد ڪنهن به ريت ٻارهن تيرهن کان وڌيڪ ناهي ۽ ان ۾ ٽي حملا ملتان، سنڌ ۽ (خضدار) جا به شامل آهن. ان ريت گويا 391 کان 416 هجري جي ڇويهن سالن دوران اهو ڪل تعداد ڏهه آهي. انهن جو آغاز جئپال کان بدلو وٺڻ سان ٿيو ڇو ته ان کان اڳ جئپال جنهن جي حڪمرانيءَ ۾ ڪابل پڻ شامل هو، غزنيءَ تي حملو ڪرايو هو جڏهن سبڪتگين غزنيءَ ۾ اڃا نئون اقتدار سنڀاليو هو. جئپال کان پوءِ هن جو پٽ انندپال سلطان سان ڀرپور مقابلا ڪندو رهيو ۽ غزنوي ۽ پالا خاندان وچ لڙايون هلنديون رهيون جن جو خاتمو 413هه/1023ع ۾ ٿيو. ان وقت غزنوي سلطنت جي حدن ۾ پشاور ۾ پورو پنجاب شامل ٿي چڪو هو. بلڪ پنجاب ۾ اوڀر طرف ڪالنجر به اچي ٿي ويو. پنجاب جي ان خصوصي اهميت ڪري 1021ع ۾ سلطان محمود لاهور ۾ پنهنجي خاص معتمد آريارق کي انتظام خاطر گورنر مقرر ڪيو ۽ اتي ئي سندس نالي سان سڪو جاري ٿيو جنهن تي سنسڪرت ۾ ڪلمه طيبه جو ترجمو هنن لفظن ۾ لکيل هو:

ايڪتم اڪم، محمد اوتار (12).

هڪ سڪي تي غالباً بسم الله جو ترجمو هنن لفظن ۾ هو اويڪتا نام:

جيتوڻيڪ ’اوتار‘ جو هتي استعمال صحيح نٿو لکي، پر سنسڪرت ۾ شايد ڪو ٻيو مناسب لفظ نٿي مليو. ٻيو ته ’اوتار‘ هڪ مذهبي اصطلاح هو. بهرحال سڪن تي سنسڪرت جي استعمال مان سلطان محمود جي تنگ نظريءَ جي بجاءِ وسيع القلب ۽ کليل ذهن واري انسان جو ثبوت ملي ٿو. چيو وڃي ٿو ته اهو ترجمو البيرونيءَ ڪيو هو. همعصر تاريخ عتبيءَ جي لکڻ موجب غزنيءَ ۾ ڪيترا واپاري ۽ مالدار هندو موجود هئا جن کي هر قسم جي مذهبي آزادي حاصل هئي.

 

سومناٿ بابت هندستان ۾ جديد تحقيق:

سومناٿ بابت سلطان محمود جي مهم ۽ ان جي بت ٽوڙڻ بابت تازي تحقيق هندستان جي اتهاس، تاريخ ۽ ثقافت جي ماهر شريمتي روميلا ٿاپر ڪئي آهي جنهن پنهنجي هڪ ليڪچر بعنوان 'Narrative and Making of History' ۾ ڪيئي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. اهو ليڪچر هن 1999ع ۾ بمبئي يونيورسٽي ۾ ڏنو ۽ سال 2000ع ۾ آڪسفورڊ انڊيا طرفان شايع ٿيل آهي.

روميلا جو بنيادي نظريو آهي ته ڪيترا اهڙا تاريخي واقعا ٿي گذريا آهن جن جي مختلف دورن ۾ مختلف تعبير ڪئي وئي آهي، آسان لفظن ۾ ائين چئجي ته اهو ضروري ناهي ته هڪ واقعي کي هر دور ۾ ساڳئي انداز ۾ بيان ڪيو وڃي يا سمجهيو وڃي. بلڪ وقت سان واقعي کي سمهجڻ جو انداز يا ادراڪ ئي بدلجيو وڃي. لهٰذا هڪ تاريخدان جو فرض بڻجي ٿو، ته هو نه صرف اصل واقعي کان آگاهي حاصل ڪري بلڪ اها ڄاڻ پڻ رکي ته اهو گذريل صدين دوران ڪيئن بيان ٿيندو رهيو آهي يعني ان واقعي بابت ڪهڙا ڪهڙا نُڪتهء نظر پيش ٿيندا رهيا آهن.

هاڻي اها حقيقت آهي ته محمود غزنوي 1026ع ۾ سومناٿ تي حملو ڪري اتان جي مشهور بت کي ڀڳو. روميلا صاحبه جو چوڻ آهي ته هن واقعي بابت اسان کي تاريخي طور پنجن قسمن جا نُڪتهء نظر ملن ٿا، جيڪي هن ريت آهن:

(1) فارسي ۾ لکيل تاريخ دانن جو نُڪتهء نظريا بيان.

(2) همعصر جين مذهب وارن جي شاهدي يا بيان.

(3) سومناٿ ۾ ملندڙ سنسڪرت ڪتبن جي شاهدي.

(4) برطانوي دارالعوام جو سومناٿ بابت بحث.

(5) سومناٿ بابت ڀارت ۾ قومي نُڪتهء نظر جو اسرڻ.

هرهڪ نُڪتهء نظر جي تجزيي ڪرڻ کان اڳ هن سومناٿ جو پس منظر هن ريت بيان ڪيو آهي: مهاڀارت ۾ ان جو ذڪر مندر جي حيثيت ۾ نه بلڪ هڪ تيرٿ جي صورت ۾ ملي ٿو، ليڪن شِو جي مندر جي حيثيت ۾ ان جو ذڪر نائين يا ڏهين صديءَ کان ملي ٿو ۽ گجرات مٿان سولنڪي راڄ يارهين کان تيرهين صديءَ دوران هو.

روميلا لکي ٿي ته:

”سؤراشٽر جو اهو قديم علائقو زرعي لحاظ کان آباد هو پر ان کان وڌيڪ سندس خوشحاليءَ جو سبب سامونڊي تجارت هئي. سومناٿ وٽ انهيءَ بندر جو نالو ويراول هو. جنهن جو واپار عرب ملڪن ۽ ايراني نارسان هلندڙ هو ۽ ان جي تاريخ صديون پراڻي آهي. اٺين صدي جي شروع ۾ سنڌ تي عربن جي حملي پويان پڻ اهي اسباب آهن. عرب ملاح ڪيترين صدين کان انهيءَ سامونڊي شاهراهه تي ڪيترن شهرن ۾ آباد هئا. جتي انهن مقامي ماڻهن مان شاديون ڪيون هيون ۽ اتي ئي آباد هئا. ڪي عرب مقامي حڪمرانن جي ملازمت ۾ به هئا. اهڙو ثبوت ان علائقي جي ڪن تاريخي ڪتبن مان مليو آهي. هوڏانهن عرب ۽ فارس جي علائقن ۾ وري هندو واپارين جون ڪوٺيون هيون. ايتريقدر جو هرمز ۽ غزنيءَ ۾ يارهين صدي بلڪ ان کان پوءِ به هو وڏا مالدار هئا. غزنيءَ ۾ انهلواڙا جي آڀيرا نالي هندو وٽ ڏهن لکن کان وڌيڪ مال ملڪيت هو (13).“

سومناٿ مندر جي خوشحاليءَ جو سبب پڻ اها تجارتي آمدني هئي. ساڳئي وقت تاريخ ۾ اهو پڻ ذڪر ملي ٿو ته ڀرپاسي وارا ننڍا راجا ۽ وڏيرا سومناٿ جي ياترين کي ڦريندا به هئا. سامونڊي ٻيڙن جي ڦر ۾ چاوڙا قبيلي جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ مشهور هئا. ليڪن انهن سڀني ڳالهين هوندي گجرات ۾ وڏي خوشحالي هئي جنهن جو وڏو فائدو اتان جي جين مت وارن کي ٿي رهيو هو جيڪي سياسي ۽ سماجي اثر رسوخ واران بنجي چڪا هئا ۽ چندا ڏيئي جين مت جا عاليشان مندر ٺاهيا هئائون.

روميلا سومناٿ جي باري ۾ البيروني جي همعصر شاهدي کي وڌيڪ معتبر سمجهي بيان ڪري ٿي، جڏهن هو چوي ٿو ته اتي محمود جي آمد کان تقريباً هڪ سؤ سال اڳ جو تعمير ڪيل پٿر جو قلعو موجود هو، جنهن جي اندر لنگم رکيل هو، جنهن جو مقصد مندر جي دولت جي حفاظت ڪرڻ هو. انهيءَ بت تي نذرانا خاص طور ملاح ۽ واپاري ڏيندا هئا. جن جو واپار زنجبار ۽ چين تائين هلندڙ هو.

هڪ طرف بيروني جهڙي محقق تاريخدان ۽ هيئت دان جو حقيقت تي مبني اهو بيان آهي جيڪو محمود غزنويءَ سان ان مهم ۾ گڏ هو ته ٻئي طرف فرخي سيستاني جهڙو شاعر جيڪو پڻ دعويٰ ڪري ٿو ته هو محمود سان گڏ هو، اهو وري پنهنجي شاعرانه مبالغه آرائي کان ڪم وٺي ٿو ۽ چوي ٿو ته سومناٿ جو بت اصل ۾ ’منات‘ جو بت آهي جنهن جو ذڪر قرآن مجيد ۾ ٻين ٻن بتن: ’لات‘ ۽ ’عزيٰ‘ سان گڏ ملي ٿو. اهي پويان ٻه بت ته اسلام جي آمد وقت ئي ڀڃي ڀورا ڪيا ويا، ليڪن منات جو بت ڪنهن ريت گجرات پهچي ويو. مطلب ته ان ريت هو سومناٿ جي بت کي ڀڃڻ جو وڏي ۾ وڏو جواز پيش ڪري ٿو.

روميلا جي تحقيق موجب چوڏهين صدي کان بعد جي فارسي مورخن وٽ سومناٿ جي باري ۾ تمام گهڻو وڌاءُ ملي ٿو، جيڪو حقيقت کان گهڻو پري آهي. انهيءَ دور ۾ ئي محمود غزنويءَ کي مثالي اسلامي حڪمران توڙي خدا جي خاص خليفي طور ڏيکاريو ويو آهي. بهرحال هن سلسلي ۾ روميلا تاريخ فرشته جي مصنف محمد قاسم فرشته جو ذڪر ڪيو آهي جنهن پنهنجي تاريخ 1015هه/1606ع ۾ مڪمل ڪئي ۽ هن ئي غالباً پهريون دفعو محمود غزنوي بابت ’بت فروش‘ نه بلڪ ’بت شڪن‘ واري ڪهاڻي گهڙي. هن ئي اصل واقعي کان ڇهه صديون پوءِ، اها حڪايت بيان هئي ته محمود غزنويءَ کي سومناٿ ۾ تڏهن ڪاميابي ملي جڏهن هن پنهنجي مرشد ابوالحسن خرقانيءَ جو  جبو زمين تي وڇائي دعا گهريائين.

 

(2) همعصر جين مت وارن جي گواهي:

پنجين/يارهين صدي دوران محمود غزنويءَ جو همعصر ڌنپال نالي جين مت جو پوئلڳ مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. هو مالوهه جي دربار سان وابسته هو ۽ محمود غزنويءَ جي سومناٿ جي حملي جو تمام مختصر ذڪر ڪري ٿو، البت هو ان پهلوءَ طرف گهڻو ڌيان ڏئي ٿو ته آخر محمود ڇو ساڳئي وقت جين ڌرم جي مهاوير جي بت کي ڪو نقصان نه پهچائي سگهيو؟ ان لاءِ هو پنهنجي ڌرم ۽ ويساهه کي مٿانهون سمجهڻ سان ڪري ٿو. ان جو مثال ڏيندي هو چوي ٿو ته نانگ، گرودا پکيءَ کي ڇا ڪري سگهندا يا تارا سج جي روشنيءَ کي ڪيئن اونداهو ڪري سگهندا؟

جين مت جي ٻارهين صديءَ جي هڪ ٻي تحرير مان پڻ جين مت ۽ شومت جي رقابت جو وڌيڪ واضح ثبوت ملي ٿو.

هڪ ٻي روايت موجب جڏهن وقت جي سولنڪي حڪمران کي خبر پوي ٿي ته سومناٿ جي مندر جي انڪري خراب حالت آهي، جو ڪي ڌاڙيل ۽ ڦورو ان کي تباهه ڪري رهيا آهن ۽ ان جي عمارت ڪِرڻ تي آهي ته هو پاڻ پنهنجي سرهلي مندر جي شايانِ شان تعمير ڪرائي ٿو، اهو ساڳيو حڪمران کنڀات ۾ هڪ مسجد به تعمير ڪرائي ٿو، ليڪن ڪجهه وقت کان پوءِ مالوه جا پرمار ان مسجد کي ته ڪيرائي ڊاهي ڇڏين ٿا، پر ساڳئي وقت جين مت جا ان علائقي ۾ ٺاهيل ٻيا مندر به ڊاهي ڇڏين ٿا. هتي پهچڻ کان پوءِ روميلا هي نتيجو قائم ڪري ٿي جيڪو سندس لفظن ۾ ڏجي ٿو(14).

"It would seem that when the temple was seen as a statement of power it could become a taget of attack irrespective of religious affiliations."

ترجمو: اُتان معلوم ٿيو ته جڏهن مندر طاقت يا اقتدار جي نشاني بنجيو وڃي ته پوءِ اهو حملن جو نشانو بنجي ٿو ۽ ان لاءِ ڪنهن مذهب يا ڌرم جو قيد ناهي.

بهرحال جين مت وارن وٽ ڪي روايتون ملن ٿيون جن ۾ خاص طور تجارت پيشي وارا محمود جي حملن تي غصي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪن ٿا، جاوڙي نالي هڪ واپاري جڏهن گهڻو شاهوڪار ٿي وڃي ٿو ته جين مت جي بت جي ڳولا ۾ نڪري پوي ٿو، پر کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته سندس بت يعني ديوتا گجني (غزنيء) وارا کڻي ويا آهن ته هو غزنيءَ پهچي ٿو جتي هو گهڻو مال دولت ڏئي پنهنجو ديوتا واپس کڻي اچي ٿو.

مطلب ته جين ڌرم وارن وٽ پنهنجو نُڪتهء نظر آهي، جنهن مطابق هنن جي مندرن کي ڪوبه هٿ نٿو لائي سگهي. شو جا مندر ان ڪري تباهه ٿي وڃن ٿا جو شو پاڻ انهن کان بيزار آهي، جڏهن ته مهاوير پاڻ جين مندرن جي حفاظت ڪري ٿو.

 

(3) سومناٿ مان ملندڙ سنسڪرت ڪتبا  (Epigraphy)

سنسڪرت ڪتبن مان وري بنهه نئون نُڪتهء نظر سامهون اچي ٿو، ٻارهين صدي يعني محمود غزنويءَ جي حملي کان اٽڪل هڪ صدي پوءِ سومناٿ ۾ راجا ڪمارپالا طرفان هڪ اهڙي عبارت ملي آهي جنهن مطابق هو سومناٿ جي حاڪم کي ٻاهران ايندڙ ڦورن ۽ مقامي وڏيرن جي ڦُرلُٽ کان ضروري اقدامات ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو، هڪ صدي بعد ٻي عبارت ۾ وري مالوه جي راجائن جي ڦُرلُٽ بابت سخت اقدامات جو ذڪر ملي ٿو، هن سلسلي ۾ ٻين ڪتبن ۾ پڻ اهڙو ذڪر ملي ٿو، سال 1169ع جو هڪ ڪتبو مليو آهي جنهن ۾ ٻاوا برهسپتي کي سومناٿ جي مک ٻانڀڻ مقرر ڪيو ويو آهي، عبارت موجب هو قنوج کان آيل آهي ۽ شو کيس پاڻ حڪم ڪيو هو ته هو اتي اچي پراڻي عمارت جي بدلي نئين تعمير ڪري، هونئن به ڪالي جڳ ۾ مندر تباهي کي وڃي پهچندا آهن. هو وڌيڪ چوي ٿو ته هن پاڻ ڪمارپالا کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو آهي ته ڪاٺ جي بجاءِ سنگ مرمر جو مندر ٺاهيو وڃي.

روميلا هتي اهم سوال اُٿاريو آهي ته آخر محمود غزنويءَ جي حملي کان فقط هڪ صدي پوءِ انهن ڪتبن ۾ ايڏي وڏي سانحي جو ذڪر ڇو نه ٿو ملي؟ آخر ڇو بار بار مقامي ڦُرلُٽ جو ذڪر ملي ٿو؟ ڪٿي ائين ته ناهي جو فارسي تاريخ نويسن خوامخواهه محمود غزنويءَ کي هيرو ۽ غازي ٺاهڻ لاءِ ڳالهين کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو آهي(15).

1264ع ۾ لکيل هڪ اهڙو ڪتبو به مليو آهي، جيڪو سنسڪرت ۽ عربيءَ ۾ لکيل آهي جنهن موجب هرمز جو هڪ تاجر سومناٿ ۾ مسجد لاءِ زمين جو معاهدو ڪري ٿو. انهيءَ قانوني دستاويز تي چار سن لکيل آهن. هڪ هجري، ٻيو سموت، ٽيون سمها، چوٿون ولاڀي. ان دستاويز موجب خوجه نوردين فيروز ناخدا هرمز وارو سومناٿ جي حدن ۾ مسجد لاءِ مقامي راجا شري چاڏا پٽ نانسمها کان زمين خريد ڪري ٿو، ان دستاويز ۾ ڪاٺياواڙ جي حاڪم مهاماتيا مالديو ۽ واگهيلي حڪمران جا نالا به ملن ٿا. ان دستاويز جي منظوري سومناٿ جي مک پروهت جيڪو پنچات جو مک پڻ آهي ان طرفان ڏنل آهي ۽ شاهدن ۾ اتي جا چڱا مڙس ٺڪر، راڻا ۽ واپاري شامل آهن، ٻي طرف کان مسجد جي جماعت ۾ ملاح، واڍا، ناخدا ۽ مُلان شامل آهن. ان کان سواءِ هنرمندن ۾ چاڪي، رازا ۽ گهوڙن کي سنڀالڻ وارا به آهن، مسجد کي جيئن ته وقف طور هلائڻو هو، تنهنڪري انهن ٻين ماڻهن جو هئڻ ضروري هو.

هن سلسلي ۾ عجيب خاص ڳالهه هيءَ آهي ته مسجد جي وقف ۾ ڀرپاسي جي ٻن مندرن جي زمين ٽڪرن جي آمدني شامل آهي، ان کان سواءِ ٻن دڪانن ۽ هڪ گهاڻي جي آمدني به ان جو حصو آهي، ليڪن اهي سڀ ملڪيتون خريد ڪيل آهن.

دستاويز جي عبارت مان ٻنهي ڌرين درميان مڪمل هم آهنگي نظر اچي ٿي يعني اهو سڄو ڪم ٻنهي ڌرين جي خوشي ۽ رضامنديءَ سان ٿيو آهي.

هتي روميلا سوال ڪري ٿي ته محمود غزنويءَ جي حملن کان ٻه سؤ سال پوءِ هن سڄي صورتحال مان ڇا سمجهڻ گهرجي. آخر سومناٿ وارن کان محمود غزنويءَ جي حملي واري شامت ڪيئن وسري وئي؟ ٻيو ته ٺهيو خود سومناٿ جو مک پروهت ۽ مقامي اثر رسوخ وارا ماڻهو اتي ڪيئن مسجد لاءِ زمين ٽڪر ڏيڻ تي راضي ٿيا؟ ڇا اُتان جي ماڻهن جي يادگيري ايتري ڪمزور هئي يا بذات خود اهو واقعو يعني سومناٿ تي حملو ايتري اهميت وارو نه هو؟ ڪٿي ائين ته نه هو ته عرب مان ايندڙ تاجرن لاءِ نرم گوشو هو ۽ صرف ترڪن لاءِ نفرت هئي، ڇو ته محمود جو واسطو ترڪ نسل سان هو. ڇا هرمز سان گهوڙن جو واپار گهڻي نفعي وارو هو ان ڪري نوردين کي اها سهوليت ڏني وئي؟ يا مورڳو تجارت کي ٻي هر ڳالهه مٿان فوقيت هئي؟ ڇا انهيءَ تجارت جي منافعي مان مندر وارن کي سڌوسنئون حصو ملندو هو يا هو پاڻ ان ۾ شريڪ هئا!؟

هن مهل تائين ڪيل بحث مان ظاهر ٿئي ٿو ته سومناٿ تي محمود غزنويءَ جي حملي بابت مختلف نڪتهء نظر رهيا آهن ۽ اهو ائين ناهي جيئن عام طور اسان سمجهيو آهي، مطلب ته ان سڄي واقعي جي ڪا سڌي سولي ۽ آسان سمجهاڻي ڪونه آهي، روميلا هڪ دفعو وري اهو بنيادي سوال ڪري ٿي ته پوءِ اسان اهو ڪيئن فرض ڪري ورتو آهي ته محمود غزنويءَ جو اهو حملو صدين کان هندن جي ذهن تي ايترو ڇانيل رهيو آهي جو اهو هميشه لاءِ هندن ۽ مسلمانن جي تعلقات تي اثرانداز ٿيو آهي. ڇا اسان کي ڪي.ايم.منشيءَ جي هنن لفظن سان اتفاق ڪرڻ ضروري آهي. ’محمود جي هٿان مندر جي تباهي اهڙو ناقابلِ فراموش قومي سانحو آهي جيڪو هڪ هزار سالن کان وٺي هندن جي اجتماعي شعور ۾ باهه وانگر رکندو رهيو آهي؟(16).‘

 

(4) برطانوي دارالعوام ۾ سومناٿ بابت بحث:

روميلا جو خيال آهي ته سومناٿ تي حملي کي هندن جي قومي سانحي طور سڀ کان پهرين برطانوي دارالعوام (House of Commonns) ۾ 1843 ۾ بحث هيٺ آندو ويو. جيئن اسان شروع ۾ اشارو ڪيو ته ان جو پس منظر هي آهي ته 1842ع ۾ لارڊ ايلنبرو ’دروازن بابت فرمان‘ (Proclamation of Gates) جاري ڪيو جنهن ۾ هن افغانستان ۾ انگريز فوج جي ڪمانڊر جنرل ناٽ کي حڪم ڪيو ته هو پنهنجي واپسي غزنيءَ کان ڪري ۽ محمود غزنويءَ جي مزار ۾ جيڪي صندل جي ڪاٺيءَ جا دروازا لڳل آهن، اهي پٽي پاڻ سان هندستان کڻائي اچي، ڇو ته اهي محمود سومناٿ مان اکيڙي کڻائي ويو هو.

ايلنبرو جي انهيءَ فرمان تي جڏهن دارالعوام ۾ طوفاني بحث جو آغاز ٿيو ته چيو ويو ايلنبرو کي آخر هندن جي مذهبي جذبات جو ايڏو خيال ڪيئن آيو آهي يا هو قومي سطح تي هندن جي همدرديءَ جي راند کيڏڻ گهري ٿو. سوال هو ته دروازن واري ڪهاڻيءَ جو ڪو اصل بنياد هو يا نه؟ ڇا ڪنهن مستند تاريخ جي ڪتاب ۾ ان ڳالهه جو ڪو حوالو موجود هو؟ خبر پئي ته ’تاريخ فرشته‘ جيڪا يارهين/ سترهين صدي يعني سومناٿ جي واقعي کان ڇهه صديون پوءِ لکي وئي ۽ جنهن جو انگريزيءَ ۾ اليگزينڊر ڊائو ترجمو ڪيو هو، ان پنهنجي ترجمي ۾ اهڙي قسم جي ڳالهه لکي هئي ليڪن اها حقيقت آهي ته فرشته پنهنجي تاريخ ۾ ڪٿي به دروازن واري ڳالهه نه ڪئي آهي البت سومناٿ بابت گهڻي مبالغي کان ڪم ورتو آهي جنهن ۾ سڀ کان پهرين ته هو بت جي حد کان وڌيڪ ڊيگهه جو ذڪر ڪري ٿو ۽ وري جڏهن محمود ان بت جي پيٽ ۾ سوراخ ڪري ٿو ته تمام وڏي انداز ۾ ان مان هيرا ۽ جواهر ڇڻ ڇڻ ڪري نڪرن ٿا.

بهرحال هڪڙي ڳالهه واضح هئي ته ايلنبرو سومناٿ مٿان محمود جي حملي کي هندو نفسيات لاءِ اٺ سؤ سالن جي بيعزتي جو بدلو، بلڪ ان کان وڌيڪ برطانوي فوج جي ڪابل ۾ شڪست کي فتح ۾ بدلائڻ لاءِ اهو تماشو ڪري رهيو هو، جيئن هن پاڻ فيروزپور پنجاب ۾ انگريزي فوج جي ان هارايل جٿي کي فاتحانه انداز ۾ خطاب ڪندي چيو هو:

"Our victorious army bears the gates of temple of Somnath in triumph from Afghanistan and the despoilod tomb of Sultan Mahmud looks upon the ruins of Ghaznee. The insult of 800 years is avenged(17)."

’اسان جي فاتح فوج افغانستان ۾ سوڀاري ٿيڻ کان پوءِ پاڻ سان سومناٿ مندر جا دروازا آندا آهن ۽ سلطان محمود جو اُجاڙيل مقبرو غزنيءَ جي تباهيءَ کي حسرت سان ڏسي رهيو آهي، اهو اٺ سؤ سالن جي بيعزتيءَ جو انتقام ۽ بدلو آهي.‘

روميلا انڪشاف ڪري ٿي ته اهي دروازا جڏهن سومناٿ ۾ آندا ويا ته آثارِ قديمه جي ماهرن اها راءِ ڏني ته انهن دروازن جي فن ڪاريگريءَ جو هندستان سان ڪو واسطو نه هو، اهي دروازا پوءِ آگري جي قلعي ۾ رکي ڇڏيائون جتي اهي پئي پئي اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويا.

(5) سومناٿ بابت ڀارت ۾ قومي نُڪتهء نظر جو اسرڻ:

روميلا لکي ٿي ته اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري برطانوي دارالعوام ۾ مٿين بحث کان پوءِ ڀارت جي اديبن ۽ دانشورن ۾ سومناٿ بابت قومپرستيءَ واري رجحان ۾ بي پناهه اضافو ٿي وڃي ٿو ۽ محمود جو حملو هندو ۽ مسلمانن جي تعلقات ۾ وڏي اهميت اختيار ڪري وڃي ٿو. ڪي.ايم.منشي نالي هڪ هندو دانشور سومناٿ جي نئين سر تعمير جو نعرو کڻي اڳتي وڌي ٿو. پر ان کان اڳ هو 1927ع ۾ تاريخي ناول ’جئي سومناٿ‘ لکي ٿو جنهن ۾ هو بنڪم چند چئٽرجي نظريات کان گهڻو متاثر نظر اچي ٿو، جنهن لاءِ آر.سي.مجمدار چيو هو ته هن جي قومپرستي ۾ هندستان نه پر صرف  هندو نظر اچن ٿا. منشيءَ جو مقصد بلڪل واضح هو ته هو اسلام جي آمد کان اڳ آريائي هندن واري شان شوڪت کي واپس آڻڻ گهري ٿو، منشيءَ جي لکڻين ۾ برطانوي دارالعوام جي بحثن جو سڌوسنئون پڙاڏو ٻڌجي ٿو، جيڪا ڳالهه سندس ڪتاب ’سومناٿ- امر مندر‘ مان وڌيڪ ظاهر آهي.

آخر منشيءَ جي لکڻين رنگ لاتو ۽ سال 1950ع ۾ سومناٿ جي نئين سر بحاليءَ خاطر ان جي کوٽائي شروع ٿي، ليڪن آثارِ قديمه وارن کي جيڪي شاهديون مليون اهي گهڻي ڀاڱي منشيءَ جي مفروضي خلاف هيون، آثارِ قديمه  وارن جي شاهديءَ مان ثابت ٿيو ته اهو مندر نائين يا ڏهين صديءَ جو مس هو، بلڪ ڏهين صديءَ جوئي هو ۽ ڪنهن حد تائين ان جي ڊاهڻ جي ثابتي به ملي بلڪ مندر جي تعمير جا آثار يارهين صدي ۽ ٻارهين ۾ به ملن ٿا.

منشي جنهن جو تعلق گجرات سان هو، سومناٿ کي پوري هندستان ۾ مسلمانن جي بت شڪني جي مثال طور پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو، حالانڪ هن کان اڳ سومناٿ جي مسئلي جي علائقائي حيثيت هئي، اهڙيءَ طرح اهي صرف فارسي تاريخ نويس ئي هئا. جن سومناٿ جي قبضي کي بار بار مسلمانن جي بت شڪنيءَ جي ثبوت طور پيش ڪيو هو.

1951ع ۾ منشي جڏهن مرڪزي وزير هو ۽ سندس ڪوششن سان سومناٿ مندر نئين سر تعمير ٿي چڪو هو، تڏهن هن اعلان ڪيو هو ته اڄ هندستان جو اجتماعي شعور تمام گهڻو خوش آهي. جيتوڻيڪ وقت جي وزيراعظم جواهر لال نهرو شروع کان سرڪار طرفان مندر جي تعمير جي سخت مخالفت ڪئي هئي. هن جو چوڻ هو ته اهو سرڪار جو ڪم نه هو بلڪ اهو غير سرڪاري ادارن جو ڪم هو. هن کي اها ڳالهه به پسند نه هئي ته ڪو ڀارت جو صدر راجندر پرساد ان جي مهورت ڪري. هن کي ان ڳالهه تي به غصو هو جو منشي پوري دنيا ۾ ڀارت جي سفيرن کي لکيو هو ته هو اتان جي ندين جو جل ڏياري موڪلين، جنهن کي مندر جي اشنان ۾ استعمال ڪجي. آخري تقريب ۾ ڀارت جا وڏا قوم پرست اڳواڻ شامل ٿيا هئا، جنهن سان سڪيولر سماج جي هڪ نئين پهلوءَ جي خبر پوي ٿي.

آخر ۾ روميلا هيءُ نتيجو قائم ڪري ٿي ته تاريخي واقعن جي حڪايت (Narrative) ۽ تاريخ (History) ٻئي ساڳي ڳالهه ناهن، انهن ٻنهي ۾ فرق ڪرڻ گهرجي، ڪي چون ٿا ته حڪايتون (Narratives) بذات خود تاريخ آهن ۽ انهن کي وڌيڪ سمجهائڻ يا تعبير ڪرڻ جو ضرور ڪونهي، پر حقيقت اها آهي ته تاريخ نويس ئي حڪايتن کي معنيٰ ۽ مفهوم جو ويس پهرائن ٿا، هنن جو آواز شاعر، ڊرامانويس ۽ حڪايت يا ڪٿا بيان ڪرڻ واري کان الڳ آهي جيتوڻيڪ اهو ڪٿي ڪٿي ساڳيو به ٿي سگهي ٿو، ليڪن انهن ۾ جيڪو فرق هوندو آهي اهو اسان جي سمجهه کي وڌيڪ وسيع ۽ بامعني بنائي ٿو.

محمود بابت فارسي شاعر جي صوفيانه روايت:

اها ڳالهه همعصر تاريخن مان ثابت آهي ته نه رڳو محمود جي فوج م هندو موجود هئا بلڪ غزنوي شهر ۾ ڪيترا هندو وڻج واپار ۽ ٻين ڌنڌن سان وابسته هئا ۽ انهن مان ڪي وڏا مالدار هئا، ’جامع الحڪايات‘ جي روايت موجب جنهن جو حوالو روميلا پڻ ڏنو آهي ته وسايوا ڀيرا نالي هندو جيڪو انهلواڙا جو رهاڪو هو، تنهن جي غزنيءَ ۾ ملڪيت جو اندازو ڏهن لکن کان مٿي هو. ظاهر آهي ته غزنيءَ ۾ اهو سڀڪجهه محمود جي حڪومتي پاليسي کان سواءِ ناممڪن هو معلوم ٿئي ٿو ته محمود جي انهيءَ اخلاق ۽ انسان دوست ڪردار جي ايڏي مشهوري ٿي جو فارسيءَ جي ٻن وڏن صوفي شاعرن فريدالدين عطار (وفات 612هه/1215ع) ۽ مولانا روميءَ جي شاعريءَ ۾ سندس بار بار ذڪر ملي ٿو. هڪ حڪايت جيڪا ٻنهي وٽ ملي ٿي ان ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هڪ هندو غلام جيڪو ڪنهن جنگ ۾ هٿ آيو هو، ان سان محمود ڪيڏي سٺي هلت اختيار ڪري ٿو. عطار فارسي زبان جو پهريون وڏو صوفي شاعر آهي جيڪو سلطان محمود کان تقريباً ڏيڍ صدي پوءِ ان حڪايت کي بيان ڪري ٿو، جنهن کان پوءِ ساڳي حڪايت کي مولانا رومي (وفات 672هه/1273ع) پنهنجي رنگ ۾ بيان ڪري ٿو.

حڪايت مختصر هينئن آهي ته هڪ هندو غلام جيڪو ڪنهن جنگ ۾ محمود غزنويءَ کي هندستان مان هٿ اچي ٿو، ان کي جڏهن غزنيءَ وٺي اچي ٿو ته ان کي پٽيلو ڪري پالي ٿو، بلڪ هڪ ڏينهن ان کي تخت تي ويهاري لشڪر جو وڏو عهدو عطا ڪري ٿو، اهو ڏسي اهو غلام روئڻ ۾ ڇٽڪي ٿو ته منهنجي ماءُ مون کي سلطان محمود جو نالو کڻي ڊيڄاريندي هئي! رومي چوي ٿو(18):

آنچه گفته از غلطاهاش اي عزيز

همچنين شنيده ام از عطار نيز

رحمة الله عليہ گفته است

ذکر شه محمود غازي سفته است

کز غزاي هند پيش آن همام

در غنيمت اوفتادش يک غلام

پس خليفه ش کرد و بر تختش نشاند

برسپہ برگزيدش و فرزند خواند

ترجمو: اي پيارا تو غلطين بابت ٻڌو هاڻي جيڪي عطار ? چيو آهي، اهو ٻڌ ته بادشاهه محمود غازيءَ کي هند جي هڪ جنگ ۾ مالِ غنيمت طور هڪ غلام هٿ آيو، پوءِ ان کي پنهنجو نائب ڪري تخت تي ويهاريائين ۽ پنهنجي سپاهه جو اڳواڻ مقرر ڪري پٽيلو بڻايائين.

هتي سوال آهي ته هڪ ظالم بادشاهه جو تاثر هڪ ڏيڍ صدي کان پوءِ عادل ۽ مهربان حاڪم جي صورت ۾ ڪيئن بدلجي ويو، سو به عوامي ۽ لوڪ روايت ۾!

سنڌ جي لوڪ اُتهاس ۾ چٽيل محمود غزنويءَ جو ڪردار:

سنڌي ٻوليءَ جو ماهر ۽ نامور ليکڪ جئرامداس دولترام، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ ڀارت هليو ويو، لکي ٿو:

”هڪ ڀيري 1924ع جي مئي مهيني ۾، شهدادپور پاسي وڃڻ ٿيو، هڪ سرندائي گڏيم جنهن ”ڏيپچند ۽ ڪوئل“ جا بيت پئي چيا، کيس ويهاري اهي لکيم(19).“ پهريون بيت هو:

گجي ٿو گجنيءَ ۾، سلطان محمد شير

ڏينهان ڪري راڄڙو، راتيان ڦري فقير

پوتا پايو چم جا، کڻي ڪونه وزير

سکي ٿي ساري پرٿمڻي، ستين پاڙيو سير.

اهي ڪل سورنهن سترنهن بيت آهن، جن مان ڪي اڻپورا به آهن. انهن تي ٽيڪاٽپڻي ڪندي شري جيرامداس لکي ٿو:

’ڏسجي ٿو ته هيءَ ڪهاڻي سلطان محمود غزنويءَ جي ڏينهن (يارهين صديءَ) جي آهي. سلطان محمود سنڌ ۾ 1026ع ڌاري آيو ۽ سنڌ تي يا ان جي ڪجهه حصي تي قبضو ڪيائين. 1030ع ۾ سندس موت ٿيو، سندس پٽ محمد رڳو ست مهينا تخت تي ويٺو، سندس ڏينهن ۾ ڪي به حشمت جا ڪارناما ڪونه ٿيا. انڪري ڀانئجي ٿو ته پهرئين بيت ۾ سلطان محمود ڏي ئي اشارو آهي، جي هيءُ انومان صحيح آهي ته چئبو ته ’ڏيپچند ۽ ڪوئل‘ جي ڪهاڻي يارهين صديءَ جي پهرئين اڌ جي آهي، پر بيتن جي ٻولي ته گهڻو پوءِ جي ٿي ڏسجي.‘

جيڪڏهن سولي سنڌيءَ ۾ بيت لکجي ته ان جي معنيٰ هيئن ٿيندي:

”سلطان محمود شير آهي جيڪو غزنيءَ ۾ گجگوڙ ويٺو ڪري، هو ڏينهن جو حڪومت هلائي ٿو، پر رات جو فقير بنجي گهمي ٿو، هو چمڙاپوش پائي پيو هلي ۽ پاڻ سان ڪو وزير ڪونه ٿو کڻي، هن جي ڪري ساري ڌرتي سک سانت ۾ آهي جنهنڪري ستيون پنهنجو ست سيل قائم ٿيون رکن.“

تاريخ نويسيءَ جي جديد اصولن ۾ لوڪ روايت جي ممڪن اهميت کي تسليم ڪيو ويو آهي، جنهن جي نشاندهي نهايت وضاحت سان روميلا پڻ ڪئي آهي ۽ سومناٿ تي محمود جي حملي بابت جين مت وارن جي شاعري مان ڪي حوالا پڻ ڏنا اٿس. ان لحاظ کان ڏسجي ٿو ته مٿين بيت ۾ محمود غزنويءَ جي شخصي ڪردار ۽ حڪمرانيءَ جي وڏي ساراهه ٿيل آهي، اها وري ان ڪري خاص طور قابل توجهه آهي جو اها غير مسلمانن جي زباني تعريف ٿيل آهي. ڇا ان سان انهن تاريخدانن جي ترديد ڪونه ٿي ٿئي جيڪي محمود غزنويءَ کي محض ڦورو ۽ لٽيرو، غاصب ۽ غير مسلمانن کي قتل ڪرڻ وارو ثابت ڪن ٿا. ڇا هن سلسلي ۾ اهي مستشرق قابل تنقيد نه آهن جيڪي مخصوص ذهن سان ويهي تاريخ کي هڪ خاص موڙ ڏيڻ چاهين ٿا؟

اسان جي موجوده دور جو ڄاتل سڃاتل سيڪولر تاريخدان مبارڪ علي روميلا جي مٿين تحقيقي مقالي جي مطالعي کان پوءِ پنهنجي هڪ مضمون (Remcmbering Mehmmud Ghaznvi) ’محمود غزنويءَ جي ياد ۾‘ اعتراف ڪري ٿو، ته متحده هندستان ۾ 1920ع کان پوءِ جهڙي طرح سياست ۾ مذهبي بنيادن تي فرقي پرستي (Communalism) جا آغاز ٿيو، تيئن تاريخ م پڻ ان قسم جي تفريق پيدا ڪئي وئي(20). ليڪن حقيقت اها آهي جيڪا روميلا لکي آهي ته ان قسم جي تفريق پهرين انهن تاريخي ناولن ذريعي پيدا ڪئي وئي جيڪي بنڪم چند چئٽرجي لکيا.

مطلب ته اهو فرقي پرستيءَ جو وڌندڙ رجحان ئي هو جنهن تحت محمود غزنويءَ کي ڦورو ۽ لٽيرو، بلڪ ظالم ۽ وحشيءَ جهڙن لقبن سان نوازيو ويو، جنهن هندستان جي مندرن ۽ قومي دولت کي لُٽيو ۽ وڃي غزنيءَ کي آباد ڪيو.

تاريخ جو نوآبادياتي نظريو ۽ ڊاڪٽر بلوچ:

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي علمي تحقيق جو ٺوس معيار ۽ طريقئه ڪار هن مهل تائين ڏنل مثالن مان ظاهر آهي، جن کي اسان پهرين ڊاڪٽر صاحب جي ڪيل تحقيق جي روشنيءَ ۾ پيش ڪيو ۽ ان کان پوءِ انهن موضوعن تي جديد دؤر جي ٻين محققن جي ڪاوش کي شاهديءَ طور آندو جنهن سان پڻ سندس نتيجن جي تصديق ٿئي ٿي. انهن ۾ نامور محقق ۽ تاريخ جا عالم ايران جو بديع الزمان فروزانفر ۽ ڀارت مان مائي روميلا ٿاپر صاحبه شامل آهن. ان کان سواءِ اسان سنڌي لوڪ اتهاس ۽ فارسي زبان جي ٻن عظيم صوفي شاعرن جي شاهدي به شامل ڪئي آهي.

هڪ محقق مؤرخ جي حيثيت ۾ ڊاڪٽر صاحب جو تاريخ بابت ادراڪ نهايت وسيع ۽ گهرو هو، هن سلسلي ۾ سال 1973ع ۾ ڊاڪٽر صاحب جو اسلام آباد يونيورسٽيءَ ۾ ’پهرين پاڪستان تاريخ ۽ ثقافت‘
ڪانفرنس جي موقعي تي تاريخ نويسيءَ جي ترقي
(Development of Historical Writings) جي موضوع تي پڙهيل مقالو بنيادي اهميت جو حامل آهي. هن مضمون م ڊاڪٽر صاحب مسلمانن جي تاريخ نويسيءَ جي ارتقا جي اصولن جنهن ۾ خبر، روايت، سند ۽ موقعي مهل جي جاچ پرک (Filed Research) شامل آهن. پهريائين انهن جي وضاحت ڪري ٿو ۽ سمجهاڻي ڏئي ٿو ته انهيءَ ڪري مسلمانن تاريخ جي علم ۾ ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. بلڪ انهيءَ ڪري اهو ممڪن ٿي پيو ته مسلمانن وٽ تاريخ ’خبر‘ ۽ ’حڪايت‘ کان اڳتي وڌي حقيقت ۽ شاهدين تي مبني دستاويز جي حيثيت حاصل ڪئي. مثلاً: راوين ۽ سند جي اعتبار کان تاريخ طبري اوائلي عالمي (Universal) تاريخ جي اعليٰ مثال آهي. اهڙيءَ طرح ٽين/نائين صدي جو آخر يا چوٿين/ڏهين صديءَ جي شروعات ۾ مسعودي جي تاريخ ’مروج الذهب‘ فيلڊ ريسرچ جو بهترين مثال آهي.

مسلمانن تاريخ لکڻ جا ڪيترائي قسم ايجاد ڪيا جن ۾ مکيه هن ريت آهن:

(1) تاريخ يا سن وارا تاريخ نويسي (Chronological)

(2) خاندان جي حساب سان تاريخ نويسي (Dynastic)

(3) طبقات يا عهد مطابق تاريخ نويسي (Periodic)

ان کان سواءِ سوانح نگاري، مڪتوبات، ملفوظات ۽ آخر ۾ وقائع نويسي باقاعده فن جي حيثيت اختيار ڪئي.

ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ آهي ته ان حساب سان برصغير هند و پاڪ ۾ تاريخ نويسيءَ جي فن مسلمانن جي آمد کان پوءِ شاندار ترقي ڪئي، بلڪ هن سلسلي ۾ ڪي اهڙا مثال به قائم ڪيا جن جو ٻيو ڪو نظير نٿو ملي، جنهن ۾ خاص طور سترهين صدي جي آخر ۾ لکيل ’آئين اڪبري‘ شامل آهي.

مسلمانن جي تاريخ نويسيءَ جي اها شاندار روايت نوآبادياتي تسلط جي قائم ٿيڻ تائين برقرار رهي، ليڪن جيئن ئي نو آبادياتي تسلط جي ابتدا ٿي ته ان سان تاريخ جو هڪ خاص قسم جو نظريو مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، بلڪ اصل ڳالهه اها آهي ته مغربي مؤرخن شروع کان ئي ايشيا جي مؤرخن جي باري ۾ ڪڏهن به متوازن رويو قائم نه ڪيو ۽ اهو ڪڏهن ڪڏهن ته حقارت آميز به معلوم ٿئي ٿو، ان جي جهلڪ مغرب جي مشهور مؤرخ گبن جي تاريخ ’رومي سلطنت جو زوال ۽ خاتمو‘ (The Decline and Fall of Roman Empie) ۾ پڻ ڪنهن حد تائين ڏسي سگهجي ٿي.

مغربي مؤرخن ۽ ڪن مستشرقن مقامي تاريخ نويسن کي موضوعي (Subjective) يعني حقيقت کان پري هجڻ جو طعنو ڏنو ۽ چيو ته هنن جون تحريرون معروضي (Objective) يا حقيقت پسنديءَ کان پري هيون، حالانڪ ان کان وڌيڪ حقيقت اها هئي ته ٻاهرين مؤرخن تاريخ کي هميشه پنهنجي مخصوص عينڪ ۽ مخصوص مفاد جي لحاظ کان ٿي ڏٺو. اهي نو آبادياتي مؤرخ ئي هئا جن هند و مسلم تفريق (Hindu-Muslim Differential) جو بنياد رکيو جن اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مسلمان حڪمرانن جو ڪردار ڏاڍ ۽ جبر جي علامت هو.

نو آبادياتي مؤرخن مقامي تاريخن جي انگريزي ترجمن ڪرائڻ تي به ڌيان ڏنو پر ان جي تشريحي حاشين وغيره ۾ پنهنجو رنگ ڀرڻ لڳا. هيءُ هڪ اهڙو هٿيار ثابت ٿيو، جنهن سان هتان جي عوام جو پنهنجي مؤرخ ۾ اعتماد کڄي ويو بلڪ هو پنهنجي ورثي کان مورڳو متنفر ٿي ويو.

اڻويهينءَ صديءَ جي پهرين اڌ ۾ ايڇ. ايم ايليٽ جيڪو گورنر جنرل جي خارجه محڪمي ۾ سيڪريٽري هو، تنهن وري نئين ترڪيب سوچي. هن انهن سڀني مقامي تاريخن جو انتخاب انگريزي ۾ ترجمو ڪرايو جيڪو پوءِ سندس رفيق ڊائوسن اٺن جلدن ۾ شايع ڪرايو، جنهن جو نالو رکيائون (The History of India as Told by its own Historians) اصل تاريخون گهڻو ڪري عربي، فارسيءَ ۾ هيون، انهن جو انتخاب جيڪو برصغير پاڪ هند متعلق هو، ان کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرايو ويو، مثلاً: سنڌ جي تاريخ بابت عربي يا فارسي ڪتابن ۾ جيڪو مواد هو، اهو ورتو ويو، جن ۾ عرب تاريخدان ۽ جاگرافيدان به اچي وڃن ٿا. جيئن ’ابن خردادبه، اسطخري، ابن حوقل‘ وغيره. ائين تاريخ ۾ ’فتوح البلدان‘ ۽ ’چچ نامه‘ کان وٺي ’تحفة الڪرام‘ کي به شامل ڪيو ويو.

ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ موجب هڪ لحاظ کان هي هڪ اڳتي قدم هو جيڪو ڪنهن حد تائين قابلِ قدر هو، ڇو ته ان نموني اصلي ماخذن تائين پهچ ممڪن بنجي پئي ۽ ستن اٺن صدين تي ڦهليل مواد هڪ هنڌ موجود ٿي پيو. ليڪن وڏي حقيقت اها آهي ته ان مواد جي وڌيڪ ضرورت برطانوي حڪمرانن کي هئي جن ان کي پنهنجي نڪتهء نظر کان استعمال ڪرڻ گهريو ٿي جنهن ۾ هو ڪامياب ويا ۽ ان منجهان ئي نو آبادياتي نظريه تاريخ جنم ورتو. ايليٽ ڇا ڪيو جو منتخب تاريخي مواد پيش ڪرڻ کان پوءِ تشريح خاطر ان تي جيڪي تفصيلي حاشيا لکيا، انهن ۾ هو مسلمانن جي دورِ حڪومت کي هر هنڌ ظلم ۽ زيادتي جي تصوير طور پيش ڪري ٿو، جنهن ٻئي طبقي يعني هندن کي اُڀرڻ نه ڏنو ۽ اهي مسلسل زيادتيءَ جو نشانو بڻبا رهيا. مطلب ته ايليٽ جي تاريخ ۾ مسلمان بادشاهه سراسر عيش پرستي ۽ خونريزي جي تصوير ئي نظر اچن ٿا. هتي اسان ان جي وضاحت ايليٽ جي سنڌ بابت لکيل جلد (The History of Sindh as told by its own Historians) مان چند مثالن تي اڪتفا ڪريون ٿا. سنڌ ۾ عرب انتظام تحت هو عربن کي ’مذهبي انتهاپسند‘(21) (Fanatics) ڪوٺي ٿو ته ٻئي هنڌ ص 466 (Furious Zealots)(22) يعني ’جنوني شدت پسند‘ سڏي ٿو، ٽئين هنڌ ص 469 (usual bigotary and cruelty)(23)، عام مذهبي ڪٽرپڻو ۽ انڌيرنگري جا طعنا هڻي ٿو.

اهڙيءَ طرح مندرن جي تباهي، عوام جي ڦُرلُٽ ۽ بي انصافي، مسجدن جي زبردستي تعمير، مذهبي منافرت، تان جو زبردستيءَ سان طهر جي دڙڪي کي استعمال ڪري پيسا وٺڻ جهڙا الزام ۽ ناروا سلوڪ به انهن تشريحي حوالن ۾ ملن ٿا. هڪ هنڌ جتي ايليٽ سنڌ جي فتح کان پوءِ عربن کي هٿ آيل ڦُرلُٽ جي مال جو تخمينو لڳائي ٿو، اتي پاڻ تسليم ڪري ٿو ته سنڌ مان ايتري آمدني ته ڇا پر ان جو اڌ به نٿو ٿي سگهي، ليڪن هو ساڳئي وقت مصر ۽ شام بابت گبن جي انگن اکرن کي درست قرار ڏئي ٿو. بهرحال ايليٽ جي ذهني بدديانتي ۽ اصل مقصد تڏهن بلڪل ظاهر ٿي پون ٿا، جڏهن سندس قلم مان هي الفاظ نڪري وڃن ٿا(24).

"It is expedient that these matters should be often bought back as nemembrance and pondered on; for the inhabitauts of modern India, as well as our clamorous demagogus at home, who are very apt to forget the very depth of degradation  from which the great man of the people have been raised, under the protection of British supremacy."

ترجمو:  اهو تمام ضروري آهي ته اهڙيون ڳالهيون بار بار دهرائجن ۽ انهن تي غور ڪيو وڃي. اهو نه رڳو جديد هندستان جي رهاڪن لاءِ ضروري آهي بلڪ اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ سياسي ۽ جذباتي نعريبازي ڪندڙن کي منهن ڏين لاءِ پڻ ان جي ضرورت آهي. اهو ان ڪري به ڇو ته هو ان ڳالهه کي وساري ويهن ٿا ته عوام جو وڏو طبقو ڪيڏي ذلت ۽ پستيءَ ۾ ڪِريل هو ۽ برطانوي راڄ جي تحفظ جي نتيجي ۾ هو ڪيترو مٿي اُڀري ۽ اُسري آيا آهن!

هاڻي اهو سمجهڻ ڏکيو ناهي ته مغربي مؤرخن يا مستشرقن يا نوآبادياتي نڪتهء نظر رکندڙن آڏو تاريخ نويسيءَ جو اصل مقصد ڪهڙو هو؟ ڇا اڃا ڪنهن ٻي وضاحت جي ضرورت اهي ته هو تاريخ نويسيءَ جي پردي پٺيان ڪهڙو کيل کيڏي رهيا هئا؟

انهيءَ پس منظر ۾ جرمن مستشرق سخاؤ جنهن البيرونيءَ جي ’ڪتاب الهند‘ تي سڀ کان پهرين تحقيقي ڪم ڪيو، جنهن جو حوالو مٿي گذري چڪو، ڏسو ته محمود غزنويءَ بابت ڇا ٿو چوي؟(25)

 

"To Mahmud the Hindus were infidels to be dispatched to hell as soon as they refused to be plundered. To go on expeditions and to fill the treasury with gold, not to make lasting corquests of territories, was the real object of his famous expeditions and it was with this view that he cut his way through enormous distances to the richest temples of India at Thanesar, Mathra kanuj and Somnath."

ترجمو: محمود جي نظر ۾ هندو محض ڪافر هئا جن کي هر صورت ۾ جهنم رسيد ڪرڻو هو، خاص طور جيڪڏهن هر خراج (ڦُرلُٽ) کان انڪار ڪن. محمود جي مشهور مهمن جو اصل مقصد پنهنجي خزاني کي دولت سان ڀرڻ هو، ان ڪري هن مفتوح علائقن کي هميشه لاءِ تسلط هيٺ رکڻ نٿي گهريو، انهيءَ مقصد خاطر هر دور دراز جا سفر ڪري هندستان جي دولت سان مالامال مندرن تائين پهتو جنهن ۾ ٿانيسر، مٿرا، قنوج ۽ سومناٿ شامل آهن.

نوآبادياتي مؤرخن جي انهيءَ نُڪتهء نظر کان نه صرف قوم پرست (Nationalist) تاريخ نويس متاثر ٿيا، بلڪ ترقي پسند (Porgrssive) ۽ غيرمذهبي (Secular) ذهن رکندڙ مؤرخ به پاڻ بچائي نه سگهيا. خاص طور هندستان جي ورهاڱي جي پس منظر ۾ اها صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي پئي. پروفيسر محمد حبيب جيڪو علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جو استاد هو، تنهن سلطان محمود غزنوي بابت هڪڙو ننڍڙو ڪتاب ترقي پسند سوچ مطابق لکيو، جنهن ۾ هو چوي ٿو(26):

 

"Islam sanctioned neither the vandalism nor the plundering motives of the invadersno principle known to the Sharia justified the uncalled for attack on Hindu princes who had done Mahmud and his subordinates no harm."

”اسلام ڪنهن به قسم جي بربريت ۽ ڦُرلُٽ کي حمله آور (محمود غزنوي) لاءِ جائز نٿو سمجهي، شريعت جو ڪوبه ڄاتل سڃاتل اصول هندو راجائن مٿان خوامخواه جي ڪنهن به حملي جي اجازت نٿو ڏئي، خاص طرح جڏهن محمود ۽ هن جي ساٿين کي ڪو نقصان نه پهچايو هجي.“

ان کان اڳ ۾ هو محمود جي شخصيت بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:

”مذهبي مبلغ ته ٺهيو پر محمود جذبي وارو مسلمان به نه هو، چالاڪي ۽ هوشياري هن جي طبعيت ۾ هيون ۽ هو هر لحاظ کان پنهنجي مفاد کي مٿي رکندو هو. سلطنت جون سرحدون وڌائڻ خاطر محمود هندو توڙي مسلمان ٻنهي سان ساڳئي قسم جون لڙايون ڪيون(27).“

ٻنهي عبارتن ۾ تضاد واضح آهي؛ هڪ طرف محمود جي حملن کي اسلام ۽ شريعت جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ٿو ۽ پروفيسر صاحب خود شريعت جو عالم بنجي فتويٰ جاري ڪري ٿو ته اسلام ۽ شريعت ڇا ٿا چون، جيڪو هڪ سيڪيولر ۽ ترقي پسند ذهن کي نٿو سونهي!

ٻي عبارت ۾ چيو ويو آهي ته محمود مسلماني جذبي کان عاري هو، هن هندن توڙي مسلمانن سان سلطنت جي معاملن ۾ ساڳي روش اختيار ڪئي، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ محمود جي حملن بابت اسلام کي وچ ۾ آڻڻ جو ڪهڙو ضرور هو. تاريخ جو ترقي پسند نظريو مذهب نه پر مادي اصولن کي تاريخ ۾ فيصله ڪن ڪردار عطا ڪري ٿو. ان لحاظ کان اهو ڏسڻ کپندو هو ته محمود ۾ اهي ڪهڙيون خوبيون يا اهليت هئي ۽ ان جي مخالفن ۾ ڪهڙيون اوڻايون يا ڪمزوري هئي جو هو هر دفعي ڪامياب پئي ٿيو. يا جيئن چيو ويو آهي ته محمود پنهنجي ٽيٽيهن سالن جي معرڪي ۾ ڪڏهن به شڪست نه کاڌي. ان جا سياسي ۽ سماجي عوامل ڪهڙا هئا!

بهرحال اها حقيقت آهي ته محمود بابت قوم پرستيءَ واري توڙي ترقي پسند نظريي مؤرخن يا عمومي تاريخ نويسن کي متاثر ڪيو، جنهنڪري سندن راءِ ۾ اعتدال نه رهيو، ايشوري پرساد پروفيسر حبيب جو حوالو ڏئي ٻه قدم اڳتي وڌي وڃي ٿو:

"Mahmud was indeed a fierce and fanatical Muslim with an insatiable thirst for Wealth and power(28)."

’درحقيقت محمود هڪ جوشيلو ۽ متعصب مسلمان هو جنهن کي دولت ۽ قوت حاصل ڪرڻ لاءِ اڻ ختم ٿيندڙ خواهش هئي.‘

ليڪن اها به حقيقت آهي ته انهيءَ ساڳي دور ۾ جن تاريخ نويسن معروضي يا حقيقت پسندانه نڪتهء نظر اختيار ڪيو، جن تاريخي شخصيتن بابت نڪي مذهب کي وچ ۾ آندو ۽ نڪي انهن جي ذاتي ڪردار بابت ڪا راءِ ڏني ۽ انهن ۾ آر.سي.مجمدار ۽ سندس ساٿي شامل آهن، جن جي (An Advancd History of India) 1946ع ۾ منظر عام تي آئي، هو لکن ٿا:

"Sultan Mahmud who carried to fruition the policy of his father, Sabkutigin, was undoubtedly one of the greatest military leaders the world has eve seen. His cool courage, prudence, resourcefulness and other qualities make him one of the most intresting personalities in Asiatic history. In addition to his victorious expeditions in India he had to his credit two memorable compaigns against hostile Turks in the course of which he routed the hosts of Il khan and the Saljuqs. Great as a warrior, the Sultan was no less eminent as a patron of arts and letters(29)."

”سلطان محمود پنهنجي پيءُ سبڪتگين جي پاليسين کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪيو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته دنيا ۾ جيڪي وڏا سپہ سالار پيدا ٿيا آهن، هو انهن مان هڪ هو، همت ۽ حوصلو، معامله فهمي، مستقل مزاجي ۽ تدبر جهڙيون خصوصيتون کيس ايشيا جي تاريخ ۾ دلچسپ شخصيت بنائن ٿيون. هندستان جي ڪيترين شاندار فتوحات کان علاوه پنهنجي مخالف ترڪن خلاف به سندس نهايت يادگار مهمون آهن، جن ۾ هن ايل خاني ۽ سلجوقن کي شڪست فاش ڏني. جيتوڻيڪ هو وڏو جنگجو ۽ ويڙهاڪ هو، پر ساڳئي وقت هن علم ۽ فن جي سرپرستي ۽ قدردانيءَ ۾ به ڪا ڪسر نه ڇڏي.“

هن کان اڳ اسان ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق جي حوالي سان سلطان محمود جي هندستان اندر هڪ هڪ مهم جي وضاحت ڪئي ته ان جي پٺيان ڪهڙو پس منظر هو، سڀ کان پهرين ڪابل ۾ هندوشاهي حڪمرانن جو تسلط هو، جن سبڪتگين سان جڏهن هو غزنيءَ جو حڪمران ٿيو ته پاڻ ئي لڙاين جو آغاز ڪيو. انهن جنگين ۾ محمود نوجوان جي حيثيت ۾ شامل ٿيو، ائين هندو شاهي خاندان جي دشمني کيس ورثي ۾ ملي. وري جڏهن هو پاڻ تخت نشين ٿيو ته هندو شاهي حڪمرانن هندستان جي ڀرپاسي وارن راجائن جي مدد سان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا محمود جا مقابلا ڪيا، جن جو خاتمو آخر ۾ هندو شاهي خاندان جي ختم ٿيڻ سان ممڪن ٿيو.

ڊاڪٽر بلوچ اهو پورو پس منظر پنهنجي اهم تاريخي مقالي Ghaznwid Sultans and Exiablishment of kingdom Lahore يعني ’غزنوي سلطان ۽ لاهور ۾ راڄڌاني جو قيام‘ ۾ ڏنو آهي. جتي ڊاڪٽر صاحب محمود غزنويءَ بابت راءِ ڏيندي چوي ٿو:

"Sultan Mahmud died on 23 Rabi-IIL/30 April 1030 after having ruled for 33 years. He was an accomplished military leader and one of the greatest generals in history. Also he was the most vigilant and stricit administrator. As a great patron of learning he was very generous to scholars. He was a just and tolerant ruler who attempted to recouncie the Hindus and integrate them under his government and polity. He got his coins minted with legend in Sanskirt, and Hindus were recruited not only in his civil service but also in the army. Hindu division with their headquarters in Ghaznvi constituted an integral part of the Sultan's army(30)."

سلطان محمود ٽيٽيهه سال حڪومت ڪرڻ کان پوءِ 23 ربيع الثاني يعني 30 اپريل 1030ع تي وفات ڪري ويو. هو هر لحاظ کان قابل ۽ لائق سپہ سالار هو ۽ انساني تاريخ جي ڳان ڳاڻين اڳواڻن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو، ان کان سواءِ هو نهايت مستعد ۽ سخت منتظم هو. هو علم ۽ فن جي سرپرستي ڪرڻ وارو ۽ عالمن تي وڏو مهربان هو. هو هڪ بردبار ۽ انصاف پسند حڪمران هو جنهن پنهنجي مملڪت ۽ حڪومت جي ڪمن ۾ هندن کي پوري ريت شريڪ ۽ شامل رکيو. هن پنهنجي سڪن تي سنسڪرت  لکرائي. هن جي دور م هندو نه رڳو حڪومت جا وڏا عملدار هئا پر اهي فوجي عهدن تي به مقرر ٿيل هئا جنهن جو مرڪز غزني هو. مطلب ته هندو سلطان محمود جي فوج جو لازمي جز هئا.

ڊاڪٽر بلوچ جو نظريئه تاريخ:

ڊاڪٽر صاحب پنهنجي نڪتهء نظر جي وضاحت ڪندي، سڀ کان پهرين پاڪستان مان اڳ واري تاريخ کي هيٺين ٽن دورن ۾ ورهائي ٿو:

1.                         اوائلي دور (The Early Period)

2.                       هند-مسلم دور (The Indo-Muslim Period)

3.                       نوآبادياتي يا بيٺڪي دور (The Colonial Period)

ياد رهي ته هيءَ تقسيم مغربي مؤرخن يا انهن جي زيراثر تاريخ نويسن کان مختلف آهي، اهي هن ريت ڪن ٿا:

(1) قديم دور (Ancient Period)، (2) وچون دور (The Middle Ages)، (3) جديد دور (Modren Age)

جديد دور جو مؤرخ  آنڊري ونڪ (Andre Wink) هن تقسيم تي تنقيد ڪندي چوي ٿو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها تقسيم نوآبادياتي مؤرخن (Colonial Historiaus) ٺاهي پيش ڪئي، جنهن جي درپرده اها ذهنيت ڪار فرما هئي ته جيستائين پراڻي يا اڳين تهذيب جو خاتمو نٿو ٿئي، تيستائين نئين تهذيب اچي نٿي سگهي. مطلب ته هن جو چوڻ آهي ته اسلام تڏهن آيو جڏهن هندومت بگڙجي (Degenerate) چڪو هو ۽ برطانوي راڄ يا تسلط تڏهن قائم ٿيو، جڏهن اسلام جهور يا پوڙهو (Decreipt) ٿي چڪو هو. انهيءَ ڪري هو ستين کان ڏهين صدي ۽ ارڙهين صدي عيسوي (هندستان جي حوالي سان)، کي ’اونداهي دور‘ ۾ شامل ڪن ٿا(31).

آنڊري وڌيڪ اڳتي پاڻ سوال ڪري ٿو ته ڇا ڀلا اها تقسيم هيئن ڪري سگهجي ٿي:

(1) هندو دور، (2) مسلمانن جو دور، (3) نوآبادياتي ليڪن پاڻ ئي ان کي رد ڪندي چوي ٿو ته پر انهيءَ صورت ۾ مسلمانن جي دور کي ڪڏهن شروع ڪبو؟ اٺين صدي يا يارهين صدي يا تيرهين صدي؟ واقعي پر هتي اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا واقعي هندستان ۾ مسلمانن جو ڪو دور چئي سگهجي ٿو، خاص طور جڏهن ته هو ڪڏهن به اڪثريت ۾ نه هئا، ٻيو ته ڪيترا علائقا مسلمانن جي زير تسلط آيا ئي ڪونه؟

انهيءَ ڪري هو دورن (Periods) واري نظريي جي بجاءِ چوي ٿو ته اوائلي وچين دور (Early middle Ages) ۾ دنيا کي هڪ ڪل (Whole) تصور ڪندي، اهو سمجهڻ گهرجي، ته ستين کان يارهين صدي اسلام جي اقتصادي برتريءَ جو دور هو، جنهن کان نه صرف هندستان بلڪ يورپ ۽ ٻيا ملڪ به متاثر ٿيا، هندستان ۽ يورپ جي تاريخ جو مطالعو ان لحاظ کان نهايت فڪر انگيز ثابت ٿيندو. هڪ هنڌ هو چوي ٿو ته اسلام کان ڪيئن صديون اڳ هندستان جي مرڪز مان ٻڌمت جو اُسرڻ ۽ دور دراز ڏيهن ۾ ڦهلجڻ تجارتي منڊين جي ڪارڻ ممڪن ٿي سگهيو. ائين اوڀر ۾ اهو چين، جپان، ڪوريا وغيره تائين پهتو ته اُتر ۾ ترڪستان تائين ڦهلجي ويو. آنڊري وڌيڪ چوي ٿو ته:

”سنڌ تي حملو اسلام جي ڦهلائڻ لاءِ نه بلڪ سامونڊي ڌاڙيلن جي خاتمي ۽ بحري تجارت کي هر لحاظ کان تحفظ فراهم ڪرڻ هو. انهيءَ زماني ۾ عربن جو واپار هندستان جي ڪيترن بندرن کان علاوه اڳتي سيلان، انڊونيشيا جي ٻيٽن، ملائيشيا ويندي چين جي ڪيترن علائقن تائين هلندڙ هو. تاريخي لحاظ کان ڪيترين صدين کان هلندڙ سامونڊي واپار جي ڪري سمنڊ جي انهيءَ حصي جو نالوئي عربي سمند پئجي ويو جيڪو اڳتي هندي سمنڊ بنجي ٿي ويو. انهيءَ پس منظر ۾ سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ ۾ امن و امان جو قائم رکڻ تجارتي شاهراهه کي چالو رکڻ برابر هو(32).“

آنڊري ونڪ هندستان جي تاريخ جي يورپ جي تاريخ وانگر دورن ۾ ورهاست تي تنقيد ڪندي اهو نتيجو قائم ڪري ٿو ته ان سان وڌيڪ مونجهارا ۽ غلط فهمين جو پيدا ٿيڻ لازمي آهي، مثلاً: يورپ ۾ جاگيرداري دور جي مقابلي ۾ هندستان ۾ به ساڳئي دؤر اندر خوامخواه جاگيرداريءَ کي تلاش ڪيو وڃي ٿو، ۽ هڪ مختلف صورتحال کي ڇڪي تاڻي جاگيرداريءَ جو نالو ڏنو وڃي ٿو. هن سلسلي ۾ آر.ايس.شرما جو ڪتاب ”هندستان ۾ جاگيرداري“ (Indian Feudalism) جو مثال اسان جي آڏو آهي، جنهن ۾ هو ستين کان ڏهين صديءَ تائين هندستان جي معاشيات کي خالص زرعي ڄاڻائي ٿو ۽ تجارت ۽ واپار کي زوال پذير ڏيکاري ٿو ۽ ان لاءِ ٻاهرين حملن کي جوابدار ٺهرائي ٿو، مطلب ته شرما هندستان جي تاريخ ۾ اهو ڪجهه ڏسڻ گهري ٿو، جيڪو يورپ جي تاريخ ۾ ٿي گذريو.

آخر ۾ اچو ته ڏسون ته ان ايڏي پس منظر جي موجودگيءَ ۾ ڊاڪٽر بلوچ ”پاڪستان“ ۾ جديد تاريخ نويسيءَ بابت ڪهڙا اصول وضع ڪري ٿو، جن مان سندس نظريئه تاريخ جي وضاحت ٿئي ٿي.

(1) تحقيق جو رخ متعين ڪرڻ (Principle of Direction):

سڀ کان پهرين هڪ تاريخ نويس لاءِ لازمي آهي ته هو پنهنجي آڏو واضح مقصد رکي ۽ ان لحاظ کان پنهنجي رخ جو تعين ڪري. هر تاريخي تحرير جي پويان ڪونه ڪو محرڪ ضرور هوندو آهي ۽ تاريخ نويس لاءِ ان جو هئڻ بري ڳالهه به نه آهي. هن کي گهرجي ته پنهنجي ان مقصد کي ٻين لاءِ کولي بيان ڪري ته جيئن سندس ان تحرير جي صحيح نموني ۾ پرک ٿي سگهي. معروضيت (Objectivity) ڪڏهن به مڪمل يا مطلق (Absolute) نٿي ٿي سگهي، بلڪ اها هميشه حالتن سان ڳنڍيل يا واڳيل هوندي آهي، انهيءَ ڪري هڪ مؤرخ سان ’ڪٿي‘، ’ڪير‘ ۽ ’ڪيئن‘ جي اضافت هميشه لڳل هوندي آهي جيڪا کانئس جدا ٿي نه ٿي سگهي.

(2) سند ۽ صداقت جو اصول (Principle of Authenticity) :

   هن مان مراد درست ۽ متعلقه مواد جو استعمال آهي ۽ ان سان گڏ ان جي ٻين دستاويزن وغيره سان ڀيٽ ڪرڻ آهي ته جيئن واقعي بابت صحيح ڄاڻ گڏ ڪري سگهجي. موقعي مهل جي جاچ پڙتال يا معائنو (Field Research) انهيءَ عمل جو هڪ لازمي جز آهي جنهن سان خبر يا واقعي جي درستگيءَ بابت وڌيڪ معلومات ملن ٿا. هن ڳالهه ڏانهن اشارو اسان اڳ ۾ ڪري چڪاسون ته مسلمان تايخ نويسن ان جي اهميت کي محسوس ڪيو ۽ ان جو استعمال پڻ ڪيو.

”جديد تاريخ نويسيءَ ۾ ڪتبا (Eprigraplny) ۽ سڪن جو علم (Neumismetics) خاص اهميت رکن ٿا.

 

(3) پس منظر ۽ ماحول جي صحيح ڄاڻ:

(Priniciple of Context)

ڪنهن به واقعي بابت وقت، هند ۽ حالتن جي پوري ڄاڻ رکڻ ازحد ضروري آهي، خاص طور جيئن واقعو وڌيڪ قديم هوندو ته ان بابت فقط سرسري معلومات ئي ملي سگهندي آهي، ليڪن ان واقعي پٺيان ڪهڙا عوامل ڪارفرما هئا، اهو تمام گهٽ واضح هوندو آهي. ان ڪري جيستائين مؤرخ ان وقت جي ماحول کي پاڻ ۾ ضم ڪري ۽ خاص طور ان لحاظ کان نه ڏسندو ته ان واقعي جا شريڪ ان کي ڪيئن محسوس ڪري رهيا هئا، تڏهن ئي واقعي جي تهه تائين پهچندو ۽ ان کي معروضي طور بيان ڪري سگهندو.

مطلب ته ماحول جي معروضيت (Contextual objectivity) مان مراد آهي ته ان وقت جي سماج يا فردن ان واقعي کي ڪيئن ٿي ڏٺو، واقعي جي پرک لاءِ ان وقت جو حوالو ئي ڪارگر سمجهڻ گهرجي. تاريخ نويس جو پنهنجي وقت جي نظرين يا فڪر مطابق ان کي سمجهڻ غلط ٿيندو.

پاڪستان جي تاريخ جي لحاظ کان هي سمجهڻ گهرجي ته جديد دور ۾ هر واقعي جو اندروني پهلو به آهي ته بيروني پڻ! ان کي پوري دنيا جي تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي، پاڪستان هڪ مشرقي ۽ ايشيائي ملڪ آهي ۽ دنيا جي تاريخ ۾ سندس اها مستقل حيثيت آهي. جنهن کي هر وقت آڏو رکڻو آهي.

(4) هر واقعي کي وضاحت سان پيش ڪرڻ:

 (Principle of Clarity)

هن مان مراد مواد کي غير مبهم ۽ عام فهم انداز ۾ پيش ڪرڻ آهي، جنهن ۾ ربط ۽ تسلسل کي خاص اهميت آهي.

 (5) واقعات جي مطابقت کي سمجهڻ:

(Principle of Consistency)

هن مان مراد اندروني اعتبار يا ويساهه آهي جنهن سان ڪنهن واقعي بابت ملندڙ تضادن جو خاتمو ڪرڻ آهي. هن سلسلي ۾ ضروري آهي ته هر سماج يا قوم پنهنجي ترجيحات کي طي ڪري اڳتي قدم وڌائي. ائين ڪرڻ سان ماحول کي صحيح تناظر ۾ پيش ڪري سگهبو پر جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ڌاريا جڏهن تاريخ لکڻ ويهندا ۽ جيئن اڪثر ٿيو آهي ته اهي هميشه پنهنجي نُڪتهء نظر مطابق تاريخ لکڻ شروع ڪندا، ان کان پوءِ اهو مرحلو ايندو ته ان نڪتهء نظر جي رد ۾ يا صرف بچاءَ ڪرڻ جي لحاظ کان تاريخ لکي ويندي.

 

(6) تاريخي مواد ۽ ماخذن تائين رسائي:

 (Availability of Source Mateurials)

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته تاريخ نويسي تاريخي قسم جي مواد ملڻ کان سواءِ ناممڪن آهي، مواد يا ماخذن جي هجڻ کان سواءِ تاريخ لکڻ جو تصور نٿو ڪري سگهجي. اها سٺي ڳالهه آهي ته برصغير هند و پاڪ ۾ اهڙي قسم جو مواد جهجهي انداز ۾ موجود آهي يا موجود ڪري سگهجي ٿو. هن ۾ روايتي توڙي غير روايتي جنهن ۾ هر قسم جو مواد جهڙو مڪتوبات، انفرادي سندون يا اهڙي قسم جا ڪاغذات، سوانحي شجرا وغيره شامل آهن. ضرورت آهي ته ان سموري مواد کي گڏ ڪري نئين سر پيش ڪيو وڃي ۽ ان جي تعبير ۽ سمجهاڻي ڏني وڃي.

جديد تاريخي نويسيءَ جا هي مختصر طور ابتدائي اصول آهن جن کان سواءِ سائنسي انداز ۾ تاريخ لکڻ جو تصور نٿو ڪري سگهجي.

ڊاڪٽر صاحب 1980ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن اسلام آباد ۾ Institute of Islamic History Culture and Civilization يعني تاريخ ۽ ثقافت جي قومي اداري جو سربراهه بنيو، هن پنهنجي تصور تاريخ کي عملي جامو پهرائڻ جو اهو بهترين موقعو سمجهي برصغير پاڪ و هند ۾ مسلمانن جي اقتدار جي 15 جلدن ۾ مفصل ۽ مستند تاريخ مرتب ڪرائڻ جو منصوبو تيار ڪيو. ڊاڪٽر صاحب اهو سمورو تفصيل ’فتحنامه سند‘ يعني ’چچنامه‘ جي فارسي ايڊيشن، جيڪوسندس سموري عمر جي اعليٰ تحقيق جو نچوڙ آهي، ان جي انگريزي مهاڳ ۾ ڏنو، ان فهرست مان ئي ڊاڪٽر صاحب جي تاريخ داني ۽ تاريخ ۾ مهارت جي جهلڪ نظر اچي ٿي(33). انڪري اها هتي پيش ڪجي ٿي:

جلد پهريون:

سنڌ ۾ مسلمانن جي آمد

پهريون ڀاڱو: فتح نامه سند فارسي

ٻيون ڀاڱو: فتح نامه جو انگريزي ترجمو

ٽيون ڀاڱو: فتح نامه جو عربي ايڊيشن

(عربي ايڊيشن شام دمشق مان 1988ع ۾ ڇپيو)

جلد ٻيون:

سنڌ ۾ عرب دور حڪومت (712هه کان 1050هجري)

جلد ٽيون:

غزنوي دور

جلد چوٿون:

غوري سلطان ۽ دهلي جا غلام خاندان

جلد پنجون:

خلجي دور

جلد ڇهون:

تغلق دور

جلد ستون:

افغان يعني لوڌي ۽ سوري خاندانن جو دور

جلد اٺون:

مغل حڪمران، بابر ۽ همايون

جلد نائون:

اڪبر

جلد ڏهون:

جهانگير ۽ شاهجهان

جلد يارهون:

اورنگزيب

جلد ٻارهون:

آخري مغل

جلد تيرهون:

مقامي حڪومتون: بنگال، جونپور ۽ اوڌ

جلد چوڏهون:

مقامي حڪومتون: دکن ۽ ميسور

جلد پندرهون:

مقامي حڪومتون: گجرات ۽ مالوهه

جلد سورهون:

مقامي حڪومتون: سنڌ

جلد سترهون:

مقامي حڪومتون: پنجاب ۽ سرحد مغلن کان پوءِ

جلد ارڙهون:

مقامي حڪومتون: بلوچستان

جلد اڻويهون:

مقامي حڪومتون: ڪشمير ۽ اُتريان علائقا

جلد ويهون:

برطانوي تسلط ۽ آزاديءَ جي تحريڪ

جلد ايڪويهون:

اسلامي ورثو: حڪومتي ادارا ۽  انتظام

جلد ٻاويهون:

اسلامي  ورثو: تعليم ۽ سماجي علوم، سائنس ۽ رياضي

جلد ٽيويهون:

اسلامي ورثه: مواصلات، شهري ترقي، زراعت، صنعت ۽ حرفت

جلد چوويهون:

اسلامي ورثه: فن تعمير، فنون لطيفه ۽ دستڪاري

جلد پنجويهون:

اسلامي ورثه: ٻوليون ۽ ادب

افسوس جو هيءُ عظيم منصوبو پايئه تڪميل تي نه پهچي سگهيو، ان جو وڏو سبب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته ارباب اختيار اصلي محرڪ جي سمجهڻ کان عاري هئا. اهو محرڪ جنهن کي ڊاڪٽر صاحب پهرين اصول تحت شمار ڪري ٿو.

بهرحال جڏهن ڊاڪٽر صاحب جي چورانوي سالن جي طبعي عمر تي نظر ڪجي ٿي ته ان جو سٺ سالن کان وڌيڪ عرصو علمي ۽ ادبي خدمتن تي ڦهليل نظر اچي ٿو، جنهن ۾ تحقيق ۽ تخليقي مواد هزارين صفحن تي مشتمل معلوم ٿئي ٿو، جيڪا ڳالهه کيس دنيا جي اڪابر ادبي هستين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.

فارسيءَ ۾ هڪ نهايت معنيٰ خيز مصرع آهي.

ڪار جهان ڪسي تمام نه کرد.

يعني: دنيا جهان جو ڪم ڪنهن پورو نه ڪيو آهي!

ليڪن ڊاڪٽر صاحب لاءِ فارسيءَ جو هيٺيون شعر نهايت مناسب معلوم ٿئي ٿو:

حاصل عمر نثار ياري ڪرده ام

خوشم ز زندگي خويش که ڪاري ڪرده ام

يعني: مون پنهنجي زندگيءَ جي موڙي يار جي مٿان قربان ڪري ڇڏي آهي، مان پنهنجي زندگيءَ کان خوش آهيان ته مون واقعي ڪم ڪيو آهي!

 

حوالا

1)     World of Work, p 234

2)    - do -, p 205

3)    - do -, p 186

4)    Alberuni's India

5)           ڪتاب في تحقيق ما للهند عربي، ص 18

6)          البيروني سيد حسن برني، ص 84

7)    The Lands of Pakistan, p 270

8)          تاريخ ادبيات ايران، ص 233

9)          تاريخ ادبيات ايران، ص 234

10)   تاريخ فرشته، ص 80

11) R.C.Majumdar & Percival Spear, p 759 & p 162

12)Alberuni, Said & Zahid, p 89

13)Narratuives & Making of History, p 23

14)- do -, p 25

15) - do-, p 28

16)- do -, p 30

17)R.C.Majumdar & others, p 759

18)   مثنوي رومي دفتر ششم، ص 445

19)   سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس، ص 97

20)           A Page from History, p 12

21)Eliot & Dowson, p 460

22)           Eliot & Dowson, p 466

23)           - do -, p 460

24)           Eliot & Dowson, p 479

25)            Albirunis India, p xx

26)           Eshwai Parsad, p 50

27) سلطان محمود غزنوي، ص  20

28)           Eshwari Parsad, p 43

29)           R.C.Majumdar othesr, p 276

30)           The Lands of Pakistan, p 82

31)Andre Wink, p 224

32)           - do -, p 225

33)           Fatah Namah-i-Sindh, p v

 

مددي ڪتاب:

(1)       البيروني، کتاب في تحقيق ماللهند من مقبولة في العقل او مرذولة، حيدرآباد دکن، 1377هه/1958ع

(2)     القانون المسعودي 1373هه/1954ع حيدرآباد، دکن 1373/1954

(3)     کتاب الهند اردو ترجمه الميزان، لاهور 2004ع

(4)     فرشته محمد قاسم، تاريخ فرشته اردو ترجمو، لاهور 2004ع

(5)      پروفيسر محمد حبيب، سلطان محمود غزنوي اردو ترجمو، سيد جميل حسين، تخليقات لاهور، 2001ع

(6)     ڊاڪٽر محمد اشرف، تاريخ اور مؤرخ مرتب: ڊاڪٽر مبارڪ علي فڪشن هائوس لاهور، 2002ع

(7)     سيد حسن برني، البيروني، اردو انجمن ترقي اردو، ڪراچي 1990ع

(8)     نظامي عروضي سمرقندي، چهار مقاله فارسي تصحيح- علامه محمد قزويني، تهران 1376هه

(9)     جلال الدين رومي، مثنوي معنوي دفتر ششم خرم شاهي، تهران، 1385هه

(10)                      فروزانفر بديع الزمان، تاريخ ادبيات ايران بعد از اسلام تا پايان تيموريان کتابخانه ملي ايران، 1383هه

انگريزي

(1)  Dr. Edwards Sachau, Alberuni's India, Rupa & Co, New Delhi, 2002

(2) Andre Wink, Al-Hind: The Making of the Indo- Islamic world Volume-1 E.J.Brill, Leiden 1990

(3) H.M.Eliot & Dowson, The History of Sindh as told by its own Historians

(4) Dr. N.A.Baloch, Lands of Pakistan, Islamabad, 1995

(5)  Dr. N.A.Baloch, North- West frontiers of Pakistan and Other Avenues of Historical Writings. Pakistan Study center, Jamshoro, 2009

(6) Dr. N.A.Baloch, Advent of Islam in Indonesia Islamabad, 1980

(7) Will and Ariel Durant, The lessons of History Service Book club, 1997

(8) Mubrak Ali, A Page from History Fiction House, Lahore, 2004

(9) Dr. N.A.Baloch, Ghurrat Al-Zijat or Karana Tilaka Intitute of Sindhology, 1973

(10)         Said & Zahid, Al-Biruni, His Time, Life and works Hamdard Academy, Karachi, 1981

(11)          Romila Thapar, Narratives and Making of History, OUP India, Fourth Impression, 2004.

(12)         Edward Gibhon, The Dedine & Fall of the Roman Empire, Volume III, Modern Publishers New York.

(13)         Dr. N.A.Baloch, World of work Edited & Introduced by Muhammad Umar Chand. Institute of Sindhology, 2007

(14)         Eshwari Parsad, A Short History of the Muslim Rule in India Revised Edition, Allahabad, 1964

(15)          R.C.Majumdar, An Advanced History of India Macmillan & Co Ltd. Londan, 1953

(16)         Dr. N.A.Baloch, Sindh Studies Historical, Pakistan Study center, Jamshoro 2003

(17)         Percival Spear, The Oxford History (1740- 1975) Second Edition 1994

 

سنڌي ڪتاب

(1)       ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄام شورو 1990ع

(2)     جئرامداس دولترام، سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس، مرتب- رکيل مورائي، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 2009ع

(3)     ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد 1978ع

(1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد سنڌ، 1413هه/1992ع        

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com