سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

ايڊيٽرانچارج: انور هالائي

 

ڳالهه ٻولهه

پيارو ٻارؤ،

علم، ماڻهوءَ لاءِ وڏي ۾ وڏي ساڃاهه آهي، جنهن کان سواءِ نڪي ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو پيدا ٿيندو نڪي هو ترقي ڪري سگهندو. جيڪو ماڻهو چاهي ته آءٌ پاڻ کي سڃاڻان، ٻين کي پروڙيان ۽ عزت آبروءَ جي حياتي گذاريان، ان کي گهرجي ته علم حاصل ڪري. علم جي دولت، سڀ کان اتم ۽ اعليٰ آهي، انڪري ان دولت حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪريو. ۽ محنت ڪنهن جي به اجائي نٿي وڃي.

علم سان گڏ هنر ۽ ڪاريگري نه رڳو دنيا ۾ دولت ڪمائڻ جو وسيلو آهي پر ان وسيلي ماڻهوءَ جو ناماچار به وڌي ٿو. هو جتي ڪٿي آبرو ۽ عزت پائي ٿو. هنرمند ۽ ڪاريگر کي سڀڪو ماڻهو مان ڏئي ٿو. گل ڦل جي پڙهندڙ ٻارن کي به هنر ۽ ڪاريگريءَ ۾ دل کولي حصو وٺڻ گهرجي. اسان ايندڙ مهيني کان ٻارن لاءِ هڪ نئون ڪالم ”ننڍڙا چترڪار“ شروع ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ هنرمند ۽ ڪاريگر چترڪار ٻارڙن جا چتر صاف پني تي ۽ چٽيءَ ڪاريءَ مس ۾ نڪتل هجن، جن ڳوٺڙن ۾ چٽي ڪاري مس نه ملي سگهندي هجي، اتي انهن کي اڱار استعمال ڪرڻ کپي. هن کان اڳ جن به ٻارن جا چتر اسان وٽ پهتل آهن، اهي نڪي صاف پني تي آهن نڪي چٽيءَ ڪاريءَ مس ۾ نڪتل آهن. اميد ته سنڌ جا چترڪار ٻار هن سلسلي ۾ اسان سان سٺو ساٿ ڏيندا.

عيد مبارڪ

هي پرچو جڏهين اوهان جي هٿن ۾ پهچندو ته اوهين عيد ملهائڻ جي تيارين ۾ هوندا. اسين پنهنجي پڙهندڙن ٻارن کي دلي خلوص سان عيد مبارڪ ٿا ڏيون ۽ دعا ٿا ڪريون ته سندن عيد جون خوشيون ٻيڻيون ٽيڻيون ٿي وينديون.

اوهان جو پنهنجو

انور هالائي

 

 

خديجا سمون

علم جي دولت

علم آهي سڀ کان اتم اهڙي دولت

مليو جنهن کي، ان جي اعليٰ آهي قسمت

علم جو ته سڀ کان اوچو شان آهي

علم جو ئي هرهنڌ سدا مان آهي

نه فاني اهو پر آهي باقي بالا

ڪري جيڪو حاصل، ٿئي ان جي عزت

علم آهي سڀ کان اتم اهڙي دولت

علم سان ئي انسان ڪامياب آهي

علم موتي اعليٰ لا جواب آهي

ڪريو ڪيترو به علم کي ڀل خرچ

پورو ڪين ٿيندو ان ۾ اهڙي برڪت

علم آهي سڀ کان اتم اهڙي دولت

جنهين کي علم لئه نڪي شوق هوندو

اهو ڄڻ ته دنيا ۾ جاهل ئي رهندو

علم جو خزانو تڏهن ٿيندو حاصل

ڪري شوق سان جو انهيءَ لاءِ محنت

علم آهي سڀ کان اتم اهڙي دولت

نڪي چور چوري ڪري ٿو سگهي

نڪري ڦورو هن کي ڦري ٿو سگهي

پڙهو ۽ ڪريو ٻارو حاصل علم

نه آهي انهي جهڙي ٻي ڪابه نعمت

علم آهي سڀ کان اتم اهڙي دولت

 

ظفر حسن

 

 

عيد جي خرچي

اسان هن مهيني کان وڏن ڪهاڻيڪارن جون اهي ڪهاڻيون شايع ڪري رهيا آهيون، جيڪي ٻارن تي لکيون ويون آهن. ظفر حسن جي ڪهاڻي ”عيد جي خرچي“ ان سلسلي جي پهرين ڪڙي آهي. ظفر حسن، سنڌ جو چوٽيءَ جو ڪهاڻيڪار آهي. 1937ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. پرئڪٽنگ اسڪول ٽريننگ ڪاليج فارمين ۽ واڻڪي وسي جي پرائمري اسڪولن ۾ پڙهيو 1954ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. هن وقت هو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جاڳرافيءَ جو استاد آهي اميد آهي ته ٻارن کي هي سلسلو وڻندو. پنهنجي راءِ ضرور لکندا.                                               - ايڊيٽر

رمضان مهيني جي اوڻٽيهين تاريخ ايندي ئي هرڪو چنڊ ڏسڻ لاءِ آتو هوندو آهي. عيد جي چنڊ ڏسڻ ۾ اهڙي خوشي سمايل آهي جا هرڪو ماڻڻ گهرندو آهي. پوءِ ڀلي هن روزا رکيا هجن يا نه. ماڳهين بي روزائتن کي ويتر وڌيڪ خوشي ٿيندي آهي. رمضان جي مهيني ۾ اها خوبي آهي ته هو ماڻهن لاءِ خوشيون ٿو آڻي- بازارن ۾ وکرن جا اگهه چوٽ چڙهيو وڃن، هوٽلن ۾ پڙدا لڳايو خوب ڪمائي ڪئي ٿي وڃي. پر اڄ اوڻٽيهين نه ٽيهين تاريخ هئي ۽ رمضان جو مهينو هاڻي پورو ٿي رهيو هو. گهر گهاٽن وارا ڇتين تي چڙهيو چنڊ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته، غريب غربو هيٺائين تي روڊ تان چنڊ ڏسڻ ۾ لڳو پيو هو.

جيترو جيڪو امير هوندو اوترو ئي هو مٿان چنڊ ڏسندو ۽ جيترو جيڪو غريب هوندو، اوترو ئي هو هيٺان چنڊ ڏسندو. اهو ئي چنڊ ڏسڻ جو طريقو آهي. ساران به پنهنجي پاڙي وارن جي گهر وڃي کڏ تي چنڊ ڏسڻ لاءِ ويٺي هئي، پر اتان جو دڙڪا مليس، جو روزي جي آخري حصي ۾ روزيدارن کي مڙيئي ڪاوڙ گهڻي هوندي آهي. هيٺ ڀڄندي اچي پيءُ وٽ بيٺي.

”بابا اڄ چنڊ نه ڏٺو ته ڇا عيد نه ٿيندي؟“

”نه پٽ ته چنڊ ضرور ٿيندو.“

”پر جي ڪالهه وانگي اڄ به نه ڏٺو ته!“

”اڄ ته چنڊ پڪ ٿيندو. اڄ ته ٽيهون روزو آهي نه.“

”مقو ٻڌئي، بابا چئي ٿو ته سڀاڻي عيد ضرور ٿيندي.“

ٻاهر اڱڻ ۾ مقبول باڙديءَ سان پاڻيءَ جا ڏول ڀري مٽ ۾ وجهي رهيو هو. هن ساران جي آواز تي ڪنڌ ڦيرايو ئي مس، ته ساران سندس آڏو پهچي چڪي هئي.

”ٻڌئي، بابا چئي ٿو ته سڀاڻي عيد ضرور ٿيندي“ ساران کيس اها خبر ٻڌائيندي، آڪڙ ۾ اچي وئي- ڇو جو هن سمجهيو ته اها خبر هن کي مقبول کان اڳواٽ پئي هئي. ڪنهن ڳالهه جي اڳ ۾ خبر پوڻ جي خوشي ٻارن کي ته ٺهيو، پر وڏن کي به ٿيندي آهي.

”ها ها، مون کي به خبر آهي. توکان پهرين مون کي خبر آهي. مقبول ساران جي آڪڙ جو ڪوبه اثر نه وٺندي چيو.

”هل ڪوڙا! تو به ٻڌي ورتو- بابا ته مون کي پئي ٻڌايو.“

”مون کي ته سائين بچل ٻڌايو چيائين پي ته چنڊ نه ڏٺو ته به سڀاڻي عيد ٿيندي ، اڄ ٽيهون روزو آهي نه.“

ساران جو منهن ئي لهي ويو. ساران جڏهن به مقبول کان اڳ وٺڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته هوءَ سدائين هار کائي ويندي هئي.

”پو ته مون کي سوير ڇو نه ٻڌايو؟“ ساران مرڳو ئي ڪاوڙجي پئي.

”بس نه ٻڌايم1“ مقبول ساران کي تنگ ڪرڻ لڳو.

”ته پوءِ تون اڪيلو خرچي وٺڻ وڃي هان نه!“ ساران مقبول کان رسُي وئي.

”نه نه چري، آءٌ ته ڀوڳ پيو ڪريان. مون توسان انجام ڪيو هو ته اڪيلو.....“

”اڙي ڇورا! جهٽ ڪر ڪلاڪن کان مس مس هڪ باڙدي ڀري آيو آهين. اڃا ٻي به ڀرڻي اٿئي.“ مقبول جي جملي پوري ٿيڻ کان اڳ ماڻس رڙ ڪئي.

۽ مقبول تڪڙو تڪڙو مٽ ڀرڻ لڳو. هن جي سامهون نل تي لڳل دلن ۽  باڙدين جي ڊگهي قطار لڳل هئي. مقبول باڙدي خالي ڪرڻ شرط تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري آيو ۽ نل ڏانهن وڃڻ لڳو. ساران، جا ماڻس جي مقبول تي نڪتل ڇڙٻ تي چَپ ٿي وئي هئي، سا به مقبول جي پويان نڪري آئي. کيس مقبول ۾ جو شڪ هو، سو يقين ۾ بدلجڻ لڳو ته مقبول کيس صاحب جي گهر عيد جي خرچي وٺڻ لاءِ نه وٺي ويندو. اڪيلي سر سڄي خرچي ڦٻائي ويندو. جي ائين نه هجي ها ته پوءِ عيد جي پڪ هجڻ جي خبر مقبول کانئس ڇو لڪائي هئي! انهن خيالن ۾ هوءَ ڳچ دير بنا ڳالهائڻ جي پويان پويان لڳي آئي. خاموشيءَ جو احساس ٿيندئي، هوءَ مقبول کان پڇڻ لڳي:

”ادا مقو، سچ ٻڌاءِ تون اڪيلو خرچي وٺڻ وڃين ها ڀلا؟“ ساران جي آواز ۾ نراسائي هئي، آزي نيزاري هئي.

”مان توسان ڀوڳ پئي ڪيو. توکي ڀلا ڪيئن ڇڏي ويندم.“

”ڏس ادا مقو، پڪ نه؟ مان تنهنجي هر ڳالهه مڃيندي آهيان نه“ ساران ٻاڏائيندي چيو.

”ها، وٺي ويندو مانءِ ني، مٿو نه کپاءِ!“

۽ ساران جي منهن تي خوشي جي لهر موٽي آئي.

هن جي اکين اڳيان صاحب جو گهر، گهر جا ڀاتي، اتي ايندڙ ويندڙ ماڻهو ۽ رپئي رپئي جا نوٽ گهمي ويا. مقبول نل تي لڳل قطار جي ڇيڙي تي پهچي چڪو هو.

”ساران تون هل نه ته بابو ڳوليندو هتي اچي نڪرندو.“

مقبول کي پنهنجو به ڊپ هو ڇو ته هو باڙدي قطار ۾ رکي مولو ۽ جعفر سان گولين راند ۾ لڳي ويندو هو، ۽ پڻس کيس مولوءَ سان راند ڪرڻ کان روڪيندو هو، ڇو جو، مولوءَ کي پڻس ٻيڙي پيئندي ڏسي ورتو هو، ۽ پڻس کي ڊپ هو ته مولوءَ سان گڏ راند ڪندي پڪ ٻيڙيون پيئندو.

پڻس مقبول کي ٻيڙي پيئڻ کان روڪيندو هو. ان ڪري نه جو بڇڙي عادت آهي، ان ڪري جو ٻيڙي پيئڻ تي پئسا ٿا خرچ ٿين. پر مقبول جي مولوءَ سان دل هئي جو راند ڪرڻ کانسواءِ ٻيڙيءَ جا سوٽا به هڻائيندو هو.

مقبول ساران کي موٽائيندي باڙدي کڻي قطار جي ڇيڙي تي رکي. ساران کي هاڻ هر ڳالهه ۾ شڪ ٿيڻ لڳو. هوءَ سوچڻ لڳي ته الائي سڀاڻي عيد به ٿيندي يا نه، ۽ جي عيد ٿي ته مقبول، صاحب جي گهر به وٺي ويندس يا نه. ساران موٽي اچي وري پيءُ وٽ بيٺي، وري ٻيهر پيءُ کان عيد جي پڪ وٺڻ لاءِ. ٻاهر ماڻهن به پئي چيو ته سڀاڻي عيد آهي پر هاڻ ساران ڪنهن ۾ ويساهه نه پئي رکيو.

”بابا سڀاڻي عيد پڪ ٿيندي نه چنڊ نه ڏسجي پوءِ به!“ ساران وري اتاوليءَ مان پڇيو.

”پٽ، سڀاڻي عيد آهي اصل پڪ سان، چنڊ نه ڏسجي ته به عيد آهي سمجهيئي!

هوڏانهن عربستان ۾ ته ٻه ڏينهن اڳ عيد ٿي به وئي!“

”اهو وري ڪيئن چنڊ ته اڄ ڏسبو، پوءِ به عيد ڪيئن ٿي؟“

ساران حيران ٿي پيءُ جو منهن تڪڻ لڳي، پريان ماڻس اهي ڳالهيون ٻڌي رهي هئي، ۽ هوءَ ساران جي سوال جي جواب ڏيڻ کان رهي نه سگهي.

”اتي عربستان ۾ مڪو مدينو آهن نه، اتي الله جي حڪم سان چنڊ اڳ ڏسڻ ۾ ايندو آهي.“

”هان بابا“ ساران ماڻس تي ويساهه نه ڪندي، پيءُ کان پڇيو.“ الله جي حڪم سان هن کان به وڏا ڪم پيا ٿين!“

جڏهن کان رمضان مهينو شروع ٿيو هو ۽ ٻارن عيد جي خوشيءَ ۾ روزا رکڻ شروع ڪيا هئا تڏهن کان ساران مقبول جو هر چيو مڃيندي هئي ڇو جو عيد جي ڏينهن مقبول ساران کي وٺي صاحب جي گهر ويندو هو جتي کين گهڻي خرچي ملندي هئي، ان ڪري مقبول ساران تي رعب وجهندو رهندو هو.

”ساران پاڻي ته پيار!“

”ڇو تون پاڻ نه ٿو پئين!“

”چڱو تون نه پيار، آئون صاحب جي گهر نه وٺي ويندومانءِ!“

۽ مقبول جي ڌمڪيءَ تي ڊوڙ پائي پاڻي ڀري ايندي هئي.

”ساران مٺي مانيءَ مان ٽڪر ته ڏي.“

”توکي پنهنجي جا آهي نٿو کائين!“

”ڀلي نه ڏي پوءِ صاحب جي گهر...“

ڳالهه ٿيڻ کان اڳ ساران پنهنجي مانيءَ مان ٽڪر ڪڍي مقبول کي ڏيندي هئي، اهڙيءَ طرح ساران مقبول جي هر حڪم مڃيندي هئي.

”سارن او ساران“ پر ساران ڪوبه جواب نه ڏنو. هوءَ ننڊ ۾ پئي هئي. ”ساران“ مقبول به ڏاڍيان چيو. ”هون“ هلڪو آواز آيو پر ساران نه اٿي. ”ساران اٿي هلي باڙديءَ جي سنڀال ڪر نه!“

مقبول باڙدي قطار ۾ لڳائي ساران کي سنڀال لاءِ چوندو هو، اڳيان نل کان جيئن ڪو پنهنجي واري مطابق پاڻي ڀري نڪرندو هو تيئن قطار ۾ رکيل مَٽ، دلا ۽ باڙديون سڀ سرندا ويندا هئا، جڏهن مقبول جو پيءُ گهر ۾ هوندو هو  ته مقبول ساران کي باڙدي سرڪائڻ جي ڪم تي رکي پاڻ گولين راند ڪندو هو.

”ساران ٻڌين ٿي؛ اُٿ نه، هلي باڙدي سنڀال.“ پر ساران ننڊ مان ڪٿان ٿي اُٿي. ”چڱو نه اُٿ، آئون به صاحب جي گهر نه وٺي ويندو مانءِ ۽ ها پوءِ وٺجئين عيد جي خرچي!“

”هان عيد جي خرچي! هلو ته وٺڻ هلون.“

مقبول ساران جي بدحواسي تي کلڻ لڳو ”عيد جي خرچي هينئر ڪٿان آئي، اڃا ته ٻارهن روزا ٿيا آهن! هل باڙديءَ جي سنڀال ڪر نه ته صاحب جي گهر نه وٺي ويندو مانءِ“ ائين چئي مقبول هلڻ لڳو، هن کي يقين هو ته هاڻي ساران ضرور اچي باڙديءَ جي سنڀال ڪندي ۽ هوءَ واقعي بنا وڌيڪ ڳالهائڻ جي گُلر وانگر مقبول جي پويان لڳي آئي. هن کي سدائين اهو ڊپ هو ته مقبول هن کي صاحب جي گهر نه وٺي ويو ته عيد جي خرچي ڪٿان ايندي! پڻس ته هڪ رپيو ڏئي ٽاري ڇڏيندو هو. رانديڪا ڪٿان ايندا، ايرينگ ڪٿان ايندا. چوڙين جو ڇا ٿيندو؟

چنڊ رات خوشيءَ ۾ ڪيتري دير تائين جاڳندي رهي ۽ ماڻس کان آڏا اُبتا سوال پڇندي رهي.

”اما، هو سونا ايرنگ وڪامي ته نه ويندا؟“

ساران کي ڊپ هو ته هوءَ دڪان تي جي ايرنگ ڏسي آئي هئي سي عيد جي خرچيءَ مان هوءَ جيسين خريد ڪري تيسين وڪامي ويندا.

”نه ڌيءُ اها هڪڙي جوڙي ته ڪانهي جو ويندي، دڪان تي اهڙيون گهڻيون ئي جوڙيون پيل هونديون.“

”پر امان جي سڀئي وڪامي ويا ته؟“ ساران جو شڪ اڃا قائم هو.

”اتان نه مليا ته پڻهين بازار مان وٺي ڏيندءِ.“

ماڻس کيس آٿت ڏني.

”پر امان بازار ۾ اهڙا ايرنگ هوندا؟“

هن کي پڪ هئي ته سندس پسند جا ايرنگ رڳو دنيا ۾ هڪ ئي دڪان تي هئا.

”ها ها، هوندا، ان کان به سٺا. هاڻي ماٺ ڪري سمهي رهه.“

ماڻس هاڻ بيزار ٿيڻ لڳي.

”اما ڀلا هي سونا ڪونهن ڇا؟“

ساران کي وري هاڻي ٻئي فڪر اچي ورايو.

”ٻڌايو ڪونه همانءِ ته اهي نقلي آهن نقلي، سون جا ايترا مهانگا آهن جو پڻهين به نٿو وٺي سگهي.“

”پوءِ جيڪي سونا ايرنگ هوندا آهن اهي ڪير وٺندو آهي؟“

”سون اميرن لاءِ هوندو آهي ۽ نه غريبن لاءِ....“ ساران جي ماءُ ڪجهه گهڙي ماٺ ٿي وئي پر وري حسرت ڀرئي لهجي ۾ چوڻ لڳي، ”۽ غريبن لاءِ اهو نقلي سون هوندو آهي جنهن مان تنهنجا ايرنگ جڙيل اهن.“

”اهو ڇو، ڀلا؟“ سون رڳو شاهوڪار ٿا وٺي سگهن، ڀلا اهو سون اسين ڇو نٿا وٺي سگهون؟“

”۽ ان ڪري جو اسين غريب آهيون ۽ سون نٿا خريد ڪري سگهون.“

”پوءِ ڀلا اسان غريب ڇو آهيون؟“

”ان ڪري جو الله سائينءَ اسان کي غريب بنايو آهي.“

”الله سائين غريب ڇو ٺاهيا آهن.“

”هاڻي مٿو نه کاءُ ماٺ ڪري سمهي رهه!“

ماڻس ساران جي جک کان بيزار ٿي چڪي هئي. پريان ساران جو پيءُ، ماءُ ۽ ڌيءَ جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. هيستائين ماٺ هو، پر جوڻس جي جند ڇڏائڻ واري جواب تي جواب ڏيڻ کان رهي نه سگهيو.

”الله سائين غريب ان ڪري ٺاهيا آهن جو امير ماڻهو خيرات ڏئي ثواب حاصل ڪري سگهن!“

پر ساران پيءُ جو جواب اڻ ٻڌو ڪري پنهنجا سادا سودا سوال پڇندي رهي. ”اما، ڀلا عيد هر مهيني ڇو نه ٿي اچي؟“

”پوءِ ماڻهوءَ کي ٻارهوئي روزا رکڻا پوندا!“

”اهو ڇو؟“

”اهو ان ڪري جو روزا رکبا آهن تڏهن ته عيد جون خوشيون ماڻبيون آهن. عيد ته روزي وارن لاءِ ايندي آهي.“

ساران جي پيءُ کان وري رهيو نه ٿيو، ”عيد نه صرف روزي دارن لاءِ پر بي روزائتن، اميرن، شرابين، رشوتين، ڦورن، ظالمن ۽ هر مسلمان لاءِ ايندي آهي، انهن مذهبي ڏينهن کي هر شخص ملهائي سگهندو آهي، سواءِ غريبن جي!“

”۽ عيد ان ڪري به ايندي آهي جو ٻارن کي خرچي ملي، ها نه بابا!“

ساران پيءُ جي ڳالهين کي نه سمجهندي ڄڻ ياد ڏياريندي ٻڌايو ته هو عيد جي خوشين ماڻيندڙن ۾ ٻارن کي وساري ويو آهي.

صبح جو عيد هئي، ساران ۽ مقبول ايترو سوير رڳو عيد جي ڏينهن اٿندا هئا ۽ جلدي تيار ٿي ڪلاڪ رڳو ويٺا رهيا، جيسين پيءُ اٿي وهنجي سهنجي تيار ٿئي. مقبول کي اڄ صبح پاڻي ڀرڻو نه هو، هن اڳيئي رات جو دير تائين پاڻي ڀري صبحڪي ڪسر پوري ڪري ڇڏي هئي، نماز تي پيءُ سان گڏجي ويا. ساران جي ماءُ سيئون ٺاهي رکيون هيون ته ٻار نماز تان اچي کائي پوءِ ويندا. هن ڏاڍي اُڪير سان اهي سئون ٺاهيون، پر جڏهن ٻار نماز تان موٽيا ته گهر هڪ منٽ به نه ترسيا ۽ ماڻس سئيون کائڻ لاءِ رڙيون ڪندي رهجي ويئي.

”اڙي ايترو جلدي، سئيون ته کائيندا وڃو.“

”نه اما دير ٿي ويندي.“ مقبول پنهنجي تڪڙ لڪائي نه سگهيو. ”اما هتي ته رڳو سيئون آهن ٻيو ڇا آهي. صاحب جي گهر ته سيرو، شير قورمون، مٺايون، جليبيون، بسڪوٽ، کٽمٺڙا ۽ ڏاڍيون سٺيون شيون هونديون آهن.“ ساران پنهنجي معصوماڻي لهجي ۾ چيو:

”ها اما اتي وري گهڻا ميوا به رکيا هوندا آهن، اصل ٽوڪرا ڀريل!“

مقبول ساران جي ڳالهه کي ڳنڍ ڏيندي چيو جيئن جلدي موڪل ملين.

ساران جي ماءُ مڙس ڏانهن نهاريو ۽ شڪايت واري لهجي ۾ چوڻ لڳي، ”ٻارن کي ڏسو عيد جي ڏينهن به گهر نٿا کائين ۽ ٻاهر ٻين جي گهر ڌڪا کائڻ ڀڄندا ٿا وڃن.“

”عيد شايد ان ڪري ايندي آهي جيئن امير اهو باور ڪري ته هو ڪيترو امير آهي ۽ غريب کي اهو احساس ٿئي ته هو ڪيترو غريب آهي! ۽ ٻارن جو ڇا آهي ٿوري دير کان پوءِ اسين غريب به اميرن جي گهرن تي ڌڪا کائڻ وينداسون“ ساران جي پيءُ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.

اڄ ساران جي ماءُ کي مڙس جي ڳالهه خراب نه لڳي، هن کي اهو محسوس ٿيو ته ساران جي پيءُ جون ڳالهيون سچيون آهن ۽ هوءَ غلط هئي. ”ٻڌ ساران جي ماءُ، عيد ملڻ جو به دوستور اٿئي ته ننڍو ماڻهو وڏي ماڻهوءَ سان عيد ملڻ ويندو ۽ غريب عيد جي ڏينهن وڏي ماڻهوءَ سان عيد ملندي ائين محسوس ڪندو آهي ڄڻڪ ننڍ وڏائي جو ويڇو پل کن لاءِ ختم ٿي ويو آهي ۽ اهو به وڏي ماڻهوءَ برابر اچي ويو آهي ۽ وڏو ان ۾ خوش ته هن وٽ ڪيترا نه ماڻهو عيد ملڻ اچن ٿا.“

پر ٻار پيءُ جي ڳالهه ٻڌڻ کان اڳ ۾ گهران نڪري چڪا هئا ٻاهر دنيا ئي ٻي لڳي پئي هئي. خوشيون ۽ شادمانا، رستن تي ٻاهر نڪري آيا هئا. وڏا ننڍا، امير غريب سڀئي هڪ ئي رنگ ۾ رنڱيل هئا. رستن تي ڪئي هر کڻ جا هنڌ هئا، ڦرموٽيون، ڦوڪڻا توتاريون، رانديڪا الائي ڇا ڇا هو، پر مقبول ۽ ساران انهن سڀني کان بيخبر اڳتي وڃي رهيا هئا. مقبول ساران کي ٻانهن کان ڇڪيو تيز وکون کڻي رهيو هو.

”مقو، جمن دڪان ته بند نه ڪندو اڄ عيد جي ڏينهن“ ساران کي پنهنجي ايرينگن جي ڳڻتي هئي.

”هو ٿو عيد تي دڪان بند ڪري، عيد جي ڏينهن ته پاڻ جام وڪرو ٿيندو!“

”۽ جي اهي ايرينگ وڪامي ويا ته!“

”اهو هڪڙو ئي ايرينگ ٿورو ئي هوندس ٻيا به رکيل هوندس اندر!“

”ٻيا اندر رکيل نه هجنس ته؟“

”ڏٺو ڪونه اٿئي ته جڏهن برنيءَ مان بسڪوٽ ختم ٿي ويندا آهن ته هو اندران ٻيا بسڪوٽ ڪڍي اچي برنيءَ ۾ ڀريندو آهي.“

نيٺ اها ڳالهه ساران کي آئڙي ۽ هوءَ خاموش ٿي وئي.

”ٻڌ ساران، سمجهه ته اتان ايرنگ وڪامي به ويا ته آئون توکي ٻئي دڪان تان وٺي ڏيندس. آئون مارڪيٽ ۾ اهڙو دڪان ڏسي آيو آهيان جو ايرينگن سان ڀريو پيو آهي، جمن واري دڪان ۾ ته ڪجهه ڪونهي.“

ساران جي خاموش چهري تي چمڪ موٽي آئي ۽ هن جي وک ۾ ڦڙتي اچي وئي هاڻي هو هڪ گهٽيءَ مان ٻي گهٽيءَ ۾ ٿيندي وڏي رستي تي اچي نڪتا هئا، وڏي رستي تي موٽرون، رڪشائون زوزاٽ ڪيو پي ويون. ايتري ته گپا گيهه لڳي پئي هئي، جو هلڻ ڏکيو لڳو پيو هو ۽ رستو پار ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي ٿي پئي.

”خدا ڪري اڄ صاحب وٽ گهڻا ماڻهو اچن ته گهڻي خرچي ملي!“ ساران پنهنجي سڌ کي لڪائي نه سگهي.

”بابا پئي چيو ته صاحب اڳي کان به وڏو آفيسر ٿي ويو آهي، بابا اهو به پئي چيو ته ماڻهو جيڏو وڏو آفيسر هوندو اوترا ماڻهو وڌيڪ وٽس ايندا.“

”خدا ڪري ته بابو ته وڏو آفيسر ٿئي هن وٽ به ماڻهو اچن ۽ اسين پنڌ ڪرڻ کان ڇٽي پئون!“

”بابا ڪڏهن به آفيسر ڪونه ٿيندو.“

”اهو ڇو؟“

”ڇو جو بابا ننڍو ماڻهو آهي.“ پر ساران کي اهو جواب سمجهه ۾ ڪونه آيو.

”پر بابا ته صاحب کان به وڏو آهي، بابا جو مٿو ته ڇت سان ٿو لڳي، ۽ صاحب ته صفا پتڪڙو آهي!“

ساران پيءُ کي وڏو ماڻهو سمجهندي هئي.

”اڙي، بابا ته قد ۾ وڏو آهي هونئن ٿورو ئي وڏو آهي!“

”ته پوءِ وڏو ماڻهو ڪير ٿيندو آهي؟”

”وڏو ماڻهو اهو ٿيندو آهي، جنهن وٽ گهڻا پئسا هجن. موٽرون هجن، وڏا گهر هجن، جن جا ٻار اوچا ڪپڙا پائي نوڪر سان گڏجي موٽر ۾ اسڪول وڃن!“ مقبول يڪساهي سڀ ڪجهه چئي ويو.

”بابا هينئر وڏو ڪونهي ته ڇا، پر نيٺ ته ٿيندو وڏو آفيسر!“

ساران اڃا به اميد نه لاٿي هئي.

”بابا وڏو آفيسر ته ڇا پر ننڍو به نه ٿي سگهندو!“

”ڪڏهن به نه!“

”ڪڏهن به نه.“ مقبول وراڻيو ۽ ساران جو منهن لهي ويو.

”۽ ٻڌ ساران، بابا ان ڪري وڏو ماڻهو نه ٿي سگهندو جو پڙهيل ڪونهي.“

ساران اهو ٻڌي ماٺ ٿي وئي پوءِ ڪجهه ياد آيس ۽ چوڻ لڳي ”۽ هو جو وڏيرو آهي نه، جتي چاچا گلڻ ڪم ڪندو آهي، بابا پئي چيو ته هو صفا پڙهيل ڪونهي ته پوءِ هو وڏو ماڻهو ڪيئن ٿيو؟“

”هو زميندار آهي نه، هن وٽ زمينون آهن.“

”بابا به وڏيري وانگر زمينون وٺندو.“

”وڏيري زمينون خريد ٿورو ئي ڪيون آهن، اهي ته سندس پيءُ وٽ هيون.“

”۽ هن جي پيءُ وٽ اهي زمينون ڪٿان آيون؟“

”اهي زمينون الله سائين ڏنيون هوندن.“

”الله سائين ائين ڇو ٿو ڪري ڀلا!“

”الله سائينءَ جي مرضي آهي.“

”الله سائينءَ جي اهڙي مرضي ڇو ٿيندي آهي؟“

”اما ڪونه پئي چيو ته الله سائين جي ڳالهين جي وچ ۾ نه پئبو آهي، اهو وڏو گناهه آهي. ٻڌئي چري.“

مقبول گناهه جو ڊپ ڏئي ساران کي ماٺ ڪرائڻ چاهيو. ماڻس به ائين ماٺ ڪرائيندي هئي.

”چڱو ڀلا، بابا ته وڏو ماڻهو نه ٿيندو، پر تون ته ٿيندين نه! پوءِ مون کي گهڻي خرچي ڏجانءِ.“

”نه ساران مان وڏو ماڻهو نه ٿيندس. مان ته اسڪول ئي ڪونه ٿو وڃان.“

”پوءِ وڃين ڇو نه ٿو؟“

”آءٌ اسڪول ويندس ته مزوري ڪير ڪندو، پاڻي ڪير ڀريندو ۽ روز صبح جو مارڪيٽ ۾ سيڌي سامان جون ٽوڪريون کڻائي ٻه- چار ڏوڪڙ ڪير ڪمائي ايندو؟“

ساران ڪجهه به نه سمجهندي به چپ ٿي وئي هئي، رستي تي وڌندڙ ٽرئفڪ ۽ سندن هلڻ جي تيز رفتار هنن جي ڳالهين کي ختم ڪري ڇڏيو. هاڻي هو چوسول وٽ پهچي چڪا هئا. چوسول وٽ ٽرئفڪ چئوڻي هئي. جيئن صاحب جي گهر ويجهو پوندا ٿي ويا تيئن هنن جي وک اڃا تيز ٿيندي ٿي وئي. چوسوسل کي پار ڪرڻ عيد جي ڏينهن سولو ڪم نه هو، مقبول نظر ڦيرائي، پريان ايندڙ موٽر اڃا به پري هئي. رستو خالي ڏسي هو ٿورو هٻڪيا ته ڪٿي موٽر نه پهچي وڃي پر موٽر کي پري ڏسي هنن رستو پار ڪرڻ جو سوچي ورتو، هونئن به هنن لاءِ پل پل قيمتي هو.

صاحب جي گهر پهچڻ جي جلديءَ هنن کي رستي پار ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو. رستو پار ڪندي ڄڻ ته ٻئي دماغ گڏ سوچي رهيا هئا. مقبول ساران کي ٻانهن کان جهلي تيزيءَ سان رستو اُڪرڻ لڳو ۽ ساران مقبول جي هٿ کي جهليو، ان جي پويان ڊوڙي پئي آئي، تڪڙ ۾ ساران جو هٿ ڇڏائجي ويو، مقبول ٿورو ترسيو پر موٽر کي ويجهو ڏسي، اتر ترسڻ هن لاءِ ممڪن هو. هو موٽر کان بچڻ لاءِ تيز ٻي ڀر پهچڻ لاءِ ڊوڙڻ لڳو.

چيڪاٽ ٿيا، بريڪ لڳي ويا ٺڪاءُ جو آواز ٿيو ۽ ڪو اڇلجي وڃي پري ڪريو.

”ساران!“ مقبول کان رڙ نڪري وئي. موٽرون رڪشائون بيهي وييون، ماڻهو ڪريل ٻار ڏي ڊوڙڻ لڳا، ٽرئفڪ جام ٿي وئي هر طرف کان آواز اچڻ لڳا.

”اڙي ڪنهن موٽر کي روڪيو!“ ڪنهن رڙ ڪئي.

”بچي وئي!“ ڪنهن ٻئي جو آواز آيو.

”موٽر وارا ته انڌا ٿيو ٿا هلائين.“

ٽيو آواز آيو.

”اسپتال کڻائي وڃوس.“ ڪنهن صلاح ڏني.

ساران جا ڪپڙا رت ۾ رنڱجي ويا، هڪ ماڻهو ساران کي هنج ۾ کنيو ۽ کيس موٽر ۾ ويهاريو، مقبول به پويان ڀيڻس کي پڪاريندو هليو آيو ۽ هو ساران جون اکيون بند ڏسي سڏيندو رهيو هن صرف هڪ دفعو ساران کان جواب ٿي چاهيو، ٻاراڻي سمجهه مطابق ساران جو جواب زندگي جو ثبوت ڏي ها.

”ماٺ ڪر بابا هوءَ بيهوش آهي، هوءَ اکيون نه کوليندي.“

پرمقبول کي يقين هو ته ساران جاڳندي، هن ماٺ نه ڪئي.

”ساران، منهنجي پياري ادي اکيون کول نه، هل ته عيد جي خرچي وٺڻ هلون. عيد جي خرچيءَ مان ايرينگ وٺنداسون، ڏس هن دفعي مان پنهنجي عيد جي خرچي به توکي ڏيندس، ڀلي گهڻا ايرينگ وٺجانءِ هاڻي اکيون کول نه، ڏس بابا اما، ڇا چوندا، اکيون کول نه، عيد جي خرچي ملڻ واري آهي. عيد جي خرچي جام ملندي.“ هن وري زور سان ٻه ٽي دفعا چيو. ”عيد جي خرچي ساران، عيد جي خرچي!“ مقبول جو آواز وڌندو ويو. ساران ۾ چرپر پيدا ٿي آهستي آهستي اکيون کولڻ لڳي، اکين جا پنبڻ مٿي ٿيڻ لڳا، هن پنهنجا چپ چوريا ۽ ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. تمام جهيڻو آواز آيو.

”عيد مبارڪ“ هوءَ هميش صاحب جي گهر ائين چئي عيد جي خرچي وٺندي هئي. هن پنهنجي تريءَ کولي جيئن هو عيد جي خرچي وٺڻ مهل ڪندي هئي. پر هن جو هٿ ڍرڪي پيو ۽ ڪنڌ لڙڪي پيو ۽ سندس چپ اڌ کليل رهجي ويا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com