سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

ايڊيٽر؛ اڪبر جسڪاڻي

ڪلام الله

بسم الله الرحمٰن الرحيم

(الله ٻاجهاري مهربان جي نالي سان شروع )

اي مسلمانؤ الله کي سندس پيغمبر کي ۽ جيڪو ڪتاب پنهنجي پيغمبر تي لاٿائين، ۽ جيڪو کانئس اڳ لاٿائين، تنهن کي (به مڃيو) ۽ جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس پيغمبرن ۽ قيامت جي ڏينهن کي نه مڃيندو، سو ٻيشڪ وڏي ڀُل ۾ هوندو.

(آيت 135 کان 136 النساء )

 

حضور ﷺ فرمايو

حضرت اُنس کان روايت آهي ته هڪ ڀيري حضور صلعم فرمايو ته: خبردار رهو، جيڪو ايماندار نه آهي، ان ڪوبه ايمان نه آهي، ۽ جيڪو واعدي پڪو نه آهي، ان ڪو به دين نه آهي.

 

حال احوال

پيارا ٻارو!

محرم الحرام جو مهينو، اسان مسلمانن جي سال جو پهريون مهينو آهي. هن مهيني جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن مهيني ۾ حضرت امام حسين عليہ السلام ڪربلا جي ميدان تي، يزيدي لشڪر سان، 72 ساٿين جي مدد سان. جن ۾ نوجوان ٻار ۽ عورتون به ھيون، وڙھندي شھيد ٿيا، سندس قرباني اسلام کي بچائڻ لاءِ ھئي، سندن قربانيءَ مان اسان کي اھو به سبق ملي ٿو ته سچ جي راھ تي اسين جان جي پرواھ به نه ڪريون. ۽ ھميشہ سچ جي سربلنديءَ لاءِ جدوجھد ڪندا رھون.

”گل ڦل“ جو اڳيون پرچو، اوھان پڙھيو ھوندو. ان ۾ اسان ڪجھ نوان سلسلا شروع ڪيا آھن. انهي لاءِ به اوھان جي راءِ جو انتظار آھي. ھي پرچو به پڙھو ۽ اسان کي پنهنجا مشورا ڏياري موڪليو، جيڪي تعميري ھوندا، انهن تي ضرور عمل ڪيو.

اميد ته اڳ جيان اوھين، اسان سان ساٿ نڀائيندا رھندا. ۽ پنهنجي ”گل ڦل“ لاءِ ٻين ٻارن کي به صلاح ڏيندا ته اھي به خريد ڪري پڙھن.

اوھان جو ڀاءُ

اڪبر جسڪاڻي


 

ڪلياڻ آڏواڻي

 

لطيفي لات

سختي شھادت جي، مڙو ئي ملارُ

ذرو ناھ يزيد کي، اي عشق جو آثار

ڪُسڻ جو قرار، اصل امامن سين.

[ڪيڏارو]

سمجھاڻي: امامن لاءِ شھادت جي سختي، الاھي رحمت جي بارش ھئي انهيءَ الاھي عشق جي اُھڃاڻ جي يزيد کي رتيءَ ماتر به پروڙ نه ھئي، امامن جو ازل ۾ ئي سر ڏيڻ جو انجام ڪيل ھو.

معنيٰ: ملار: = مينهن: آثار= اُھڃاڻ

 

 

اشرف زمان پير چنڊامي

جھاد ڪربلا ۾ ٻارڙن جو ڪردار

اسلام جي پرچار، بقا ۽ سالميت ۾ نبي اڪرم صلعم سان اصحاب سڳورن مڪمل حصو ورتو. اتي ٻارڙن جو به نمايان ڪردار رھيو آھي.

حضرت نبي سائين جن، جڏھن نبوت جو اعلان ڪيو ته ان وقت حضرت علي عليہ السلام جن جي عمر ڏھ سال ھئي، ته پاڻ ان وقت نه رڳو رسولِ خدا جي دعويٰ، نبوت جي تائيد ڪيائون، پر تصديق به ڪيائون ۽ ان کان پوءِ ھميشہ لاءِ پرچار اسلام ۾ پاڻ سڳورن سان قدم گڏ رھيا ۽ ھر جاءِ تبليغ توڙي جھاد ۾ گڏرھيا. جنگ خندق جيڪا اسلامي تاريخ جي ڏکي ۽ عظيم جنگ ھئي. ان وقت سندن عمر 16 سال ھئي، جيڪا بالغ ھجڻ واري عمر نه آھي بلڪ ٻاروتڻ ۾ شامل آھي.

اھڙي طرح حصور پرنور صلعم، جن سان ڪيترين جنگين ۾ ننڍڙين عمر جا ٻار به جھاد جي شوق ۾ شامل رھيا. ڪيترائي ٻار ضد ڪندا رھيا. پر پاڻ کين اھو چئي ماٺ ڪرائيندا رھيا ته ننڍڙن تي جھاد واجب ناھي. تڏھن به ڪيترن جي اگھڻي اسرار تي کين کڻندا ھيا.

ان کان سواءِ توهان اسڪولي نصاب ۾ فاطمہ بنت عبدالله جو سبق به ضرور پڙهيو هوندو. جنهن پڻ پنهنجي پيءُ سان گڏ ڪيترن جنگين ۾ حصو ورتو ۽ جنگ دوران زخمين جي ملم پٽي ۽ پاڻي پيارڻ جو ڪم ڪندي هئي ننڍڙي عمر ۾ جنگ جي ميدان ۾ اهو ڪم تلوار کڻي وڙهڻ کان وڌيڪ ڏکيو ۽ اهميت وارو آهي.

جيتوڻيڪ اسلام ۾ جهاد ٻارن تي فرض قرار نه ڏنو ويو آهي. جھڙي طرح روزا ٻارڙن تي فرض ناهن، مگر پوءِ به ٻار ضد ڪري ۽ خوشيءَ سان روزا رکندا آهن. اهڙي طرح اسلام جي سچي جذبي تحت ڪيترا ٻار جھاد ۽ شهادت جي شوق ۾ ضد ۽ خوشيءَ سان جنگين ۾ شريڪ ٿيندا رهيا آهن.

ميدانِ ڪربلا به باطل، سچ ۽ ڪوڙ، ديندار ۽ بي دين، ظالم مظلوم جي وچ ۾ هڪ اهڙو جنگي معرڪو هو. جنهن پوڙهن، جوانن، مردن ۽ عورتن سان گڏ، ٻارڙن به ڀليءَ ڀت پاڻ ملهائي نه رڳو اسلام جي بقا ۽ سالميت ۾ پنهنجو حصو ڳنڍارايو. پر پوري دنيا ۾ پنهنجو وجود به مڃرايو.

دراصل باطل ۽ ظالم قوتن لاءِ اسلامي قوت خاطر، اهلبيتن جي ٻارڙن جو اُڃَ ۽ بکَ تي اهو جھاد، انتهائي حيرت ۽ سوچ جو مقام رکندڙ آهي.

پيارا ٻارؤ! جهاد ۽ ميدانِ ڪربلا کان اڳ ۾ ٿورو ذڪر ڪريان ته جڏهن امام عالي مقام حضرت حسين عليہ السلام، پنهنجي خاندان ۽ ڪجھ وفادار ساٿين سميت ٽين ذولحج مڪي مڪرمہ مان حج جو ارادو عمري ۾ تبديل ڪري پنهنجي ابي ڏاڏي ۽ ناني جو ملڪ ڇڏيو ۽ ملڪ عراق طرف ڪوفين جي گھڻي زور ڀرڻ تي سفر اختيار ڪيو ته پاڻ مڪي کان پوءِ، پهرين منزل تي ڪوفين جي سڌ سماءُ ۽ سياسي ۽ سماجي واءُ سواءُ وٺڻ لاءِ پنهنجي سڳي سؤٽ حضرت مسلم بن عقيل رضه کي موڪليو، ته ان سان پنهنجا ٻه ننڍڙا نينگر هڪ ستن سالن جو حضرت محمد رضه ۽ ٻيو نون سالن جو حضرت ابراهيم رضه به ساڻ هيا.

ڪوفي پهچڻ بعد، جڏهن ڪوفين غداري سبب حضرت مسلم شهيد ٿي ويو، ته سندس ٻه معصوم پٽ ظالم حڪمرانن جي هٿ آيا، جن کي هڪ انڌاري قيد ۾ رکيو ويو، مگر اتان هڪ جيل جي داروغي نالي هارون جي معرفت ۽ مدد سان چوريءَ آزاد ٿيا، ته وري هڪ ٻئي ظالم سفاڪ حارص مروان جي ور چڙهي ويا. جنهن کين هڪ نديءَ تي قتل ڪري ڌڙ مبارڪ نديءَ ۾ لوڙهي ڇڏيا ۽ سر مبارڪ انعام جي لالچ ۾ ظالم حڪمران کي پيش ڪيا. ٻارو ڪربلا جي ڪهاڻيءَ جي شروعات دراصل اتان ئي ئي ٿئي ٿي ۽ ان ڪهاڻي جي پهرين منظر ۾ ٻن معصوم ٻارڙن جي شهادت اسلام جي بقا ۽ سالميت ۾ پهريون درجو رکي ٿي.

ان کان پوءِ ميدان ڪربلا ۾ اسلام جي بقا ۽ سالميت جي جنگ وڙهندي حضرت امام علي مقام جي ننڍڙي معصوم ڇهن مهينن جي لعل حضرت علي اصغر ۽ ٽن ڏينهن جي اُڃ واري حالت ۾ شهادت، نه رڳو هڪ هانءُ ڏاريندڙ ڳالهه آهي. پر الله پاڪ ۽ ان جي رسول ۽ اسلام لاءِ محبت ۽ بي دين سفاڪ قوت لاءِ نفرت رکڻ جو دنيا جي تاريخ ۾ هڪ انوکو مثال آهي. اسلامي شهادت ۽ جھاد جي تاريخ ۾ هي واحد ننڍڙي ۾ ننڍڙو مجاهد آهي ۽ شهيد پڻ. جيڪو ٻاراڻي جھاد جو اڻ لڀ مثال رکي ٿو.

ان کان سواءِ حضرت امام حسين عليہ السلام جي فرزند حضرت قاسم گھوٽ جي عمر به ان وقت تيرهن سال هئي. ان ٻاراڻي عمر ۾ گھوڙي تي چڙهي ٽن ڏينهن جي اڃ ۽ بک واري حالت ۾ حق لاءِ هزارين يزيدي لشڪر آڏو اچڻ ۽ وڙهڻ به هڪ بي مثال بهادريءَ جو نمونو آهي.

بيبي زينب سلام الله عليها، جيڪا پڻ جھاد ڪربلا ۾ حضرت امام حسين يعني پنهنجي سڳي ڀاءُ سان برابر جي شريڪ رهي. ان جا ٻه فرزند ارجمند حضرت عون رضه ۽ حضرت محمد رضه، جيڪي پڻ ڏهن ۽ ٻارهن سالن جي عمر جا هيا ۽ سندن والد جو نالو حضرت عبدالله بن طيار هو ۽ حضرت امام سڳوري جو سڳو سؤٽ هيو. اهي به ان ٻاراڻي عمر جيڪا کيڏڻ ۽ مدرسي ۾ پڙهڻ واري عمر آهي. جنگ ڪربلا ۾ ڌار ڌار گھوڙن تي چڙهي ظالمن خلاف خوب وڙهيا ۽ شهيد ٿي قيامت تائين مجاهد اسلام ۽ شهيد اسلام ۾ نانءُ ڳڻائي ويا. حضرت امام حسين عليہ السلام جي ننڍڙي نياڻي بيبي سڪينا سڳوري پڻ دؤران خيمن ۽ جنگ جي ميدان تي ايندي ويندي رهي، پاڻي جي ڳولا ۽ حضرت علي اصغر کي پرچائڻ ۾ پڻ مصروف رهي، جھاد جو عظيم حق ادا ڪيو ۽ مرد ٻارڙن سان گڏ، عورتون به برابر شريڪ ٿي سگھن ٿيون.

ان کان سواءِ ٻيا به ڪافي ٻار ميدان ڪربلا ۾ جھاد طور شريڪ ٿيا، آخر ۾ جڏهن باقي آل رسول کي ظالمن قيد ڪري شام طرف ساڻ کنيو ۽ ڪٿي پنڌ به ڪرايو ته ان وقت به بيبي سڳوري به هئي، پر آل رسول جي قافلي جي سرواڻ ۽ سالار امام زين العابدين بيمار سان گڏ پنجن سالن جو ننڍڙو حضرت امام باقر به ساڻ هو، ظالمن ٻنهي امامن کي هڪ زنجير ۾ گڏ ٻڌو هو. امام عليہ السلام قد جو به ننڍڙو هو. ان ڪري پيادل سفر دوران امام زين العابدين نوڙي پٽ جي قد برابر پئي هليو، جيئن معصوم امام کي ڪا وڌيڪ تڪليف نه اچي.

ته پيارا بارؤ! اسلام جي، پرچار، بقا ۽ سالميت لاءِ شروع شروع کان وٺي ڪربلا جي بد ترين ڏکن ۽ شام جي سخت قيد جي تڪليفن تائين وڏن سان گڏ ٻارڙن جو به ڀرپور حصو ۽ نمايان ڪردار رهيو آهي.

 

پروفيسر حافظ محمد عثمان ميمڻ

انڌو نانگ

هڪ دفعي جو ذڪر آهي، ته ڌاڙيلن جو هڪ ٽولو، ڌاڙي هڻڻ جي لاءِ هڪ اهڙي جاءِ تي پهتو، جتي کجي جا ٽي وڻ هئا. انهن وڻن مان هڪ وڻ سُڪل هو، ۽ ٻه ڦر وارا هئا. ڌاڙيل، اتي آرام ڪرڻ جي سمهي رهيا، ته ڌاڙيلن جي سردار ڏٺو ته هڪ جھرڪي ڦردار وڻ کان اُڏري سُڪل وڻ تي وڃي ويهي ٿي. وري ٿورڙي دير کان پوءِ اتان اُڏري وڃي، ڦردار وڻ تي اچي ويهي ٿي. اهڙي طرح اُن جھرڪيءَ ڪيترائي چڪر لڳايا. سردار جو اهو نظارو ڏٺو ته کيس تعجب لڳو ۽ حقيقت معلوم ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيس. سو سُڪل وڻ تي تي چڙهي ويو ۽ مٿي وڃي ڏٺائين ته حيران ۽ ششدر ٿيو، جو هڪ انڌو نانگ سڀ کان مٿانهين ٽريءَ تي چنبڙيو ويٺو آهي ۽ وات کليل اٿس ۽ اها جھرڪي سندس لاءِ ڪجھ کڻي اچي ٿي ۽ ان جي وات ۾ وجھي ٿي. جڏهن ڌاڙيلن جي سردار، اهو منظر ڏٺو ته تمام گھڻو متاثر ٿيو ۽ اتي ئي چوڻ لڳو: ”اِلٰهي! هي هڪ ايذائيندڙ جانور آهي، جنهن جي رزق جي لاءِ تو هڪ جھرڪي مقرر فرمائي آهي. پوءِ منهنجي لاءِ، جو اشرف المخلوقات مان آهيان. هي ڌاڙا هڻڻ ڪيئن مناسب آهن“؟ (يعني مناسب نه آهي) جڏهن اهي لفظ چيائين ته کيس هڪ غيبي آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

ڌاڙيلن جي سردار هي آواز ٻڌو ته سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويا. تلوار ڀڃي ڇڏيائين ۽ روئي روئي بارگاه خداونديءَ ۾ عرض ڪرڻ لڳو: ”يا الله (عَزّوجلّ) مان پنهنجن گناهن کان توبهه ڪئي، توبهه ڪئي. الٰهي! منهنجي توبهه قبول فرماءِ. آواز آيو ته

”اسان توهان جي توبه قبول ڪئي“.

سردار جي ساٿي ڌاڙيلن، هيءَ حقيقت ڏٺي ته معلوم ڪيائون ته ڪهڙي ڳالهه  آهي“؟ سردار سڄو واقعو پيرائتو ٻڌايو، ته هو سڀ ڌاڙيل به روئندي چوڻ لڳا، ته اسان به پنهنجي الله (عزّوجلّ) کان معافي ٿا وٺون ۽ انهن به سچيءَ دل سان توبهه ڪئي ۽ حج جي ارادي سان مڪہ مڪرمہ ڏانهن سڀئي روانا ٿيا. ٽن ڏينهن پنڌ کان پوءِ، هڪ ڳوٺ ۾ پهتا، ته اتي هڪ پوڙهي نابين (اکين کان معذرو) عورت ڏٺائون، جيڪا اُن سردار جو نالو وٺي پڇڻ لڳي ته هن قافلي ۾ اهو به آهي؟ سردار اڳتي وڌيو ۽ چوڻ لڳو ته ”ها، اهو مان آهيان چئه ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ پوڙهي عورت اُٿي ۽ اندران ڪپڙا ڪڍي کڻي آئي ۽ چوڻ لڳي: ”ڪجھ ڏينهن ٿيا آهن ته منهنجي پٽ جو انتقال ٿي ويو آهي ۽ هي ان جا ڪپڙا آهن. مون کي مسلسل ٽن ڏينهن کان سرڪار مدينهﷺ جن تشريف فرما ٿي، توهان جو نالو ارشاد فرمايو آهي ته ”اهو اچي ٿو، هي ڪپڙا ان کي ڏجانءِ. اي خوش نصيب مَرد! هيءَ پنهنجي امانت وٺ“ سردار اهو ٻڌي جذبي ۾ اچي ويو ۽ اهي ئي ڪپڙا پائي مڪہ مڪرمہ ۾ حاضر ٿيو ۽ پوءِ الله (عزّوجلّ) جي پيارن ٻانَهن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.

پيارا ٻارؤ! اوهان ڏٺو الله (عزّوجلّ) هڪ انڌي نانگ جي روزيءَ جو ڪهڙي شان سان اهتمام ڪيو ۽ ڌاڙيلن جي ٽولي حرام رزق کان توبهه ڪئي ته انهن کي ڪهڙي نه عظيم مرتبي سان سرفراز (بلند) فرمايو. بيشڪ الله (عزّوجلّ) غيب کان مدد فرمائڻ وارو آهي.


 

عطا محمد ڀنڀرو

جھرڪي

اَنَ تي هرڪي- سنگ تان ترڪي

سرڪي پرڪي- آ، تون جھرڪي

هيڏي اچ تون- پٽ تي نچ تون

چهنب کي کولج- ٻوليون ٻولج

جھومر پائج – ڳيچ ٻڌائج

تنهنجي ٻولي – اَمڙ لولي

ماني ڀورا – ناهن ٿورا

کنڊ مٺائي _ وڃ تون کائي

امڙ جيجي  - ٻاجھر ڏيندي

منهنجو بابو- ڏيندءِ گابو

منهنجو ڏاڏو – ڏيندءِ پاڏو

تنهنجون دعائون- مينهون سُوائون

ڀاءُ ڀلارو- ٻڪرين وارو

سانجھيءَ ورندو – ماني گھرندو

تنهن کي چوندس- ڇيلو وٺندس

مان نه جھليندس – توکي  ڏيندس

سانجھي ٿيندي – ادڙي ايندي

مان نه چٽيندس- توکي ڏيندس

سِرڪي پِرڪي – آ، تون جھرڪي

 

خليل عارف سومرو

جھُڙ ڦُڙ جو آ خوب نظارو

ڏسو ڏسو اي پيارا ٻارو

جھُڙ ڦُڙ جو آ خوب نظارو

اُڀ تي سهڻا بادل آيا

ميگھ ملهار جا ٿيا  سعيه

واه واه ٿيو آهي وسڪارو

رم جھم رم جھم بُوند وسي ٿي

ٿڌڙي ٿڌڙي واءُ گھلي ٿي

قُدرت جو هي کيل آ سارو

 هي مند جڏهن به ايندي آهي

 هر هنڌ ساوڪ ٿيندي آهي

مال جي لئي ٿيندو آ چارو

 ”عارف“ هرڪو گد گد آهي

ننڍڙو وڏڙو جھومي ڳائي

ڀيڄ مولا جو لڳو آ نعرو

 ڏسو ڏسو اي پيارا ٻارو

 جھُڙ ڦُڙ جو آ خوب نظارو


 

ترجمو ۽ چتر: نظير قاسمي

ٽلوءَ جو خطرناڪ سفر

(قسط ستين)

(1) هڪ ڏينهن ٽلو پنهنجن دوستن سان پنهنجي سفر جون دلچسپ ڳالهيون ويٺي ڪيون ۽ سندس دوست، ان سفر تي سخت حيران ۽ خوش ٿي رهيا هئا.

(2) هو پنهنجي ڪچهريءَ ۾ ئي هئا، جو اوچتو ئي سندن دشمنن (لومڙن) مٿانئن حملو ڪيو ۽ انهن مان هڪ کي جھٽي ورتو. ان واقعي تي ٽلو ۽ سندس دوستن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ انهن پنهنجي ساٿين کي ڇڏائڻ لا هڪ اٽڪل سوچي.

(3) ٽلو پنهنجن دوستن سان گڏ، لومڙ جي غار ڏانهن وڌيو ۽ غار جي سمورن سوراخن کي باهه ڏني، سواءِ هڪ سوراخ جي.

(4) باهه جي ڪري غار دونهين ۾ ڀرجي وئي، جنهن سبب لومڙ جو ساهه ٻوساٽجڻ جي ڪري ٻاهر ڀڃي ويو ۽ اهڙي طرح سندن ساٿي سهو سلامتيءَ سان آزاد ٿيو.

(5) لومڙن تي پهرين ڪاميابيءَ تي سهن هڪ وڏو جشن ملهايو، جنهن ۾ ننڍڙي ٽيٽوءَ پڻ رقص ڪيو.

 (6) پنهنجي ناڪاميءَ تي لومڙ، ٽلو ۽ ٻين سهن تي سخت ڪاوڙيل هئا. هنن هڪ ڏينهن رستي جي وچ ۾ هڪ کڏ کوٽي ته جيئن ٽلو يا ڪو ايندڙ سهو، ان ۾ ڪِري ۽ پوءِ هو ان کي پنهنجي غذا بڻائين.

 

علي گل پنهيار ڄام شورو

 

ٻار الا....

مان ننڍڙو آهيان ٻار الا

هر اک جو آهيان ٺار الا

 

هرڪو ئي ڏئي ٿو پيار مون کي

نمبر کڻان ٿو هر بار الا

 

وڏن جي عزت ڪندو آهيان

تڏهن ڪندا آهن پيار الا

 

محنت ڪري پڙهندو رهان ٿو

ٿيندس مختيار ڪار الا

 

ٿيو سڀئي مون جھڙا او ساٿي

اها ڳالهه ڪئي ”پنهيار“ الا

 

مان آهيان ننڍڙو ٻار الا

هر اک جو آهيان ٺار الا


 

.آزاد“ علي انور ڪانڌڙو

گيت

ساهه جا سينگار ٻار

ديس جا دلدار ٻار

 جن جا مٺڙا ٻول هِن

 گھر گھٽيءَ چوٻول هِن

ٿيا اکين جا ٺار ٻار

 ساهه جا سينگار ٻار.

ٻولڙيون ٻاتيون سندن

۽ مٺيون لاتيون سندن

ڪن مٺي گفتار ٻار

 ساهه جا سينگار ٻار

 گھر سڄو ٻهڪي پيو

باغ جيان مهڪي پيو

جيءَ جا جنسار ٻار

ساهه جا سينگار ٻار.

دل ۾ چاهت ٿا رکن

”آزاد“ الفت ٿا رکن

 من گھريا منٺار ٻار

ساهه جا سينگار ٻار.


 

ولي محمد طاهرزاده

 

ٻارن جون رانديون

(باب ٽيون)

سمجھ ڀرين ٻارن جون رانديون:

ٽن سالن کان مٿي عمر وارو ٻار سمجھ ڀريو لکيو ويندو آهي. اهو جسماني طرح به مڪمل هوندو آهي. هن وهي ۾ ٻار اڪيلي سر پيو راند ڪندو آهي يا کيس رانديو ڪرايون وينديون آهن.

گل گلالي راند: مائٽ، کٽ تي چڙهي ويهندو ۽ پير لڙڪائي هيٺ ڪندو. ٻار جا پير پنهنجي پيرن جي پٺيءَ مٿان رکائي بيهاري ٻار کي هٿن يا بغلن وٽان سوگھو جھلي، پوءِ پنهنجا پير هيٺ مٿي لوڏي لوڏي چوندو: 

گل گلالي- ماما پال لي،

ماما، مينهون ڌاري،

مِٺو کير پياري.

ٻه چار ڦيرا لوڏي پوءِ پيرن جي تڏ سان مٿي اُڇل ڏيئي جھٽي کڻي ڇاتيءَ سان لڳائيندس.

هن راند سان ٻار جي هيٺ مٿي ٿيڻ ڪري ٻار پنهنجو وزن ۽ بي وزني محسوس ڪرڻ لڳندو آهي ۽ پڪو ٿيندو آهي. جيئن ڪي ٻار چينگلي ۾ چڙهندا آهن ۽ جڏهن چينگلو متان کان هيٺ لهندو آهي ته پنهنجي بي وزني محسوس ڪندا آهن، اهڙي حالت ۾ ڪن جو مٿو ڦري ويندو آهي.

2. گھومي ڦيرن ڏيارڻ راند: وڏو نينگر ننڍي ٻار جي ڪڇن کان جھلي، هن کي نهائينءَ تائين ڍرڪائي، وٺي هوا ۾ واڪيندو پاڻ به پيو ڦرندو ۽ ٻار جون ٽنگون، هوا ۾ پکڙجي وينديو پوءِ هن جي چيلهه جي سڌائي تي پيو ڦرندو.

3. لال ڦيري، گُل ڦيري راند: وڏو نينگر، ٻار کي بيهاري ان جون ڪلهن برابر سڌيون بيهاري، پهريائين ان کي پنهنجن هٿن سان ساڄي ۽ کاٻي پاسن تي ڦيرا ڏياريندو. جڏهن ڦري سگھندو، ته چوندس ڪرلال ڦيري“ ته ساڄي پاسي تي پنهنجي چوڌاري پيو ڦرندو وري چوندس ”هاڻ ڪر گُل ڦيري“ ته وري کاٻي پاسي ڦرڻ لڳندو. بعضي ڦري ڦري ڪِري پوندو وري اٿي پيو ڦرندو.

4. سرڻ ۽ باز راند: هڪ وڏو نينگر، هڪڙي ٻار کي هڪڙي باز کان ۽ ٻئي ٻار کي ٻيءَ باز کان جھلي پاڻ وچ تي بيهي ٻانهون پکيڙي انهن کي گولائي ۾ ڊوڙڻ لاءِ چوندو: ”ڀڄ ڙي سرڻ، باز ٿو اچئي؛ ڀڄ ڙي سرڻ باز ٿو اچئي.“ ٻار هڪٻئي کي ڊوڙي پهچڻ جي ڪوشش ڪندا. هيءُ ڦيرائڻ جو نمونو آهي. هن ڦيريءَ وارين راندين ڪري ٻار کي ڪڏهن ڀنواٽي يا ڦيري نه ٿيندي.

5. پاڻي جي سانداري راند: وڏو نينگر، ننڍي ٻار کي پٺن پوئتان چيلهه تي ڍرڪائي کڻي، هن جي رانن وٽان، ڪنڌ وٽان، هٿ ورائي جھلي چوندو. ”آيو پاڻي وارو. بابا پاڻي گھرجي؟“ پوءِ ان ٻار جو مٿو هيٺ لڙڪائي ڪندو شُر رڙ، شُر رڙ، گھڙا مٽ ڀرجي ويا.

6. ڪوسا مٽر راند: وڏو ڇوڪرو يا مرد، ٻار کي پٺن پوئتان چيلهه ڍرڪائي کڻي سٿرن وٽان ۽ ڪنڌ وٽان هٿ ورائي جھلي، چوندو به رهندو.

ڪوسا مٽر وٺندو

ڪوسا مٽر وٺندو.

7. سرن جي ماڙي ڊاهڻ راند: پاڙي ۾ يا پنهنجون پڪيون سرون اچي لٿيون، ته ٻار اچي گڏ ٿيندا، ۽ ڇا ڪندا، جو هڪ هڪ سر منڍيءَ ڀر اچي ڪري، هڪ ٻئي کان اٽڪل اڌ فوٽ جي وڇوٽيءَ تي قطار ۾ رکندا ويندا. جڏهن ڊگھي قطار تي ايندي، ته ٻار پهرينءَ سر کي ٻيءَ مٿان پير جو ڌڪو ڏيئي ڪيرائيندو. پوءِ سڀئي سرون ٽڙ ٽڙ ڪري وڃي ڇيهه ڪنديون. پوءِ چوندو: ”ماڙي ڊهي پيئي.“

8. مٽيءَ راند:  جاءِ ٺهڻ وقت ڀنجو لهندو آهي، ته ٻارن انهي مٽي جي دڳ تي چڙهي، ان ۾ پير وجھي، مٿان آهستي آهستي پير وجھندا ويندا آهن ۽ ان سان گڏ هٿ سان ٺپيندا به رهندا آهن، ته هڪ غار ٺهي بيهندي آهي. اهڙي طرح سڀ غارون ٺاهيندا آهن. ۽ هڪ ٻئي سان چٽا ڀيٽي ڪندا آهن. انهي ڪري هر هڪ ٻار اونهي غار ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

9. مٽي ۽ واري مان گھرڙا جوڙڻ راند: جي ڪنهن جي نئي جاءِ ٺهڻ لاءِ بنجو يا واري اچي لٿي، ته ٻار ان واري جي ڍڳ تي ويهي، پوءِ هٿ سان کڏون کوٽي ۽ ٻنا ٻڌي، گھرڙا ٺاهيندو، ڇُرون جوڙيندو.

10. ٻانهن سان ڏڌ ولوڙڻ راند: ٻه ٻار هڪ ٻئي جون ابتڙ ٻانهون ڪري، هٿ هٿن ۾ منڌيئڙي وانگر جھلي ويهندا، ۽ واري واري تي هڪ ٻئي جون ٻانهون ڇڪي پيا چوندا:

هڪڙي چوندو: ”جھڻ جھڻ ماٽي.“

ٻيو چوندو:   ”ڏڌ مکڻ گھاٽي.“

11. آگ گاڏي ٽنڊي جي راند: هيءَ راند ٽي ٻار ڪندا آهن، جن مان ٻه اوڪڙو ٿي ويهندا. هڪڙو ڄڻو کٻو هٿ وات تي رکي ڪندو: ”آ- وا- وا- هَپي “، ائين چئي، اهو هٿ پنهنجي ساڄي ٻانهن جي ڏوري کي ڀڄائي جھلڻ ۾ روڪيندو. وري مخالف سامهون ويٺل ٻار، پنهنجو ساڄو هٿ ”آ- وا- وا- هَپي“ چئي پنهنجي کاٻي ڏوري کي سوگھو جھلڻ سان روڪيندو، تنهن کان پهريون ٻار هاڻ پنهنجو هٿ وات رکي ”آ- وا- وا- هپي.“ چئي سامهين ٻار جي ساڄي ڪلهي کي پڪڙي جھليندو. ان کان پوءِ ٻيو ٻار پنهنجو کاٻو هٿ وات آڻي ٺپري ٺپري چوندو ”آ- وا- وا- هپي.“ اهو پهريائين ٻار جي ساڄي ڪلهي تي ڀڄائي رکندو. هاڻ ٽيون ٻار (هنن جي ٻانهن جي رکڻ سان جيڪي ٽي خال ٺهيا هڪ هڪ ڇاتيءَ جي ڀر ۾ ۽ ٽيون وچ ۾ ) هڪڙي ٽنگ هڪڙي ٻار جي ڇاتيءَ واري خال ۾ ۽ ٻي ٽنگ ٻئي ڇاتي واري خال م وجھي، وچ واري خال تي تاڏو ٿي ويهندو. پوءِ هو ڳنڍيل ٻئي ٻار اٿندا ۽ چوندا هلندا. آگ گاڏي ٽنڊي جي، آگ گاڏي ٽنڊي جي“ پوءِ مقرر ڪيل رنگ تائين ان کي ٻانهن کڻي اتي لاهيندا. اتان وري  لٿل ٻار ”آ- وا- وا- هپي“ چئي جُتبو ۽ ٻيو مٿان چڙهندو، اهڙي ريت واري تي ٽئي چڙهي پيا راند ڪندا.

12. شاباس ڀلا گھوڙا راند: هي راند ٽي ٻار کيڏندا آهن. ٻه ڄڻا هڪ ٻئي جو کاٻو ۽ ساڄو هٿ سوگھو جھليندا- ٽيون ڄڻو پنهنجي لانگ ورائي ران هنن جي ڳنڍيل هٿن مٿان ۽ پنهنجا هٿ هنن جي ڪلهن تي رکي چوندو:

”شاباس ڀلا گھوڙا“

پوءِ هو ڊوڙڻ لڳندا، ۽ ٽيون ڄڻو هڪ ٽنگ تي ٽپڪيون ڏيندو هلندو. جڏهن دنگ وٽ پهچندا، ته وري اهو چڙهندو، هن ٻئي سان جو ٽبو، ۽ ٽپندو هلندو. نيٺ ٽيئي واري سان ڀلو گھوڙو پيا هڪليندا.

13. اڪي ٻڌي راند: ڪي ٻار ويندا آهن چيچڪا، ٿڌڙا ۽ ککڙيون ميڙي چونڊي پاڻ وٽ گڏ ڪندا. پوءِ هڪ ڄڻو مٺ ڀري چوندو ”اِڪي ڪي ٻڌي؟“ پوءِ، ٻي ڇوڪرو چيو ”اڪي“ ته ٻه ٻه داڻا ڪري ڳڻيندا جي هڪ داڻو بچيو ته چوندڙ کٽيو. اِهي سڀئي داڻا جيت ۾ پاڻ کڻند، پر جي ڳڻپ کان پوءِ ٻه داڻا جھول مان ڪڍي جيتيندڙ کي ڀري ڏيندو. هي راند وڏيءَ عمر وار به ڪندا آهن، مگر داڻن جي بجاءِ کائڻ واريون ڪنگڻيون ڏهه ٻارهن هٿ ۾ جھلي وٺي هٿ جو مهٽو ڏيندا. پوءِ اهي ٽڪر ٿيل کنگڻيون ڳڻندا. جي ڀڃندڙ کٽيو ته سڀ ٽڪر کڻي ويندو ۽ هاريندڙ ڪنگڻين جا پئسا ڀري ڏيندو، پر جي واڪ ڏيندڙ جيتو ته ڪنگڻين جا پئسا ڀريندو ۽ ٽڪرا واڪيندڙ کڻندو. ڪي وري پنج کان ڏهن تائين ڏونگھيو هڪ ٻئي مٿان رکي مڪ سان ڀڃن. پوءِ انهن جا ٽڪرا ڳڻين_ جي ڪا ڏونگھي سڄي رهجي ويئي، ته ڀڃندڙ سڀني جا پئسا ڀري ڏيندو.

14. اکر ۽ ڀوري راند: ٻار ڪو سڪو يا ڏوڪڙ کڻي پوءِ ٺڪرين پٿرن ماچيس وغيره سان هي راند ڪن. هڪڙو ڏوڪڙ کي آڱر ۽ آڱوٺي جي ٽونهيءَ تي رکي، مٿي ڦيري تي اڇليندو. ٻئي راند رهندڙ کان پڇندو، تنهنجي اکر يا ڀوري؟ ”اکر“ چون ڏوڪڙن جي اکرن واري پاسي کي ”ڀوري“ چون سِڪي جي تصوير واري پاسي کي. پوءِ واڪ ڏيندڙ. جي ”اکر“ چيو ۽ ڏوڪڙ جو اهو پاسو پٽ تي سنئون اچي ڪريو ته داءُ ۾ رکيل پهڻيون کڻي وٺندو، نه ته اوتريون هلائيندڙ کي ڀري ڏيندو.

(وڌيڪ ايندڙ پرچي ۾ پڙهندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com