شبيرسومرو
رليل پيڙهي
ٻه ننڍا ڇوڪرا، بي حد اُداس پي نظر آيا. بت تي پاتل مروٽيل
ڪپڙا، ڏاڍا ميرا ۽ پراڻا ٿي ويا هين. اکين مان درد
۽ ڏک جا پاڇا هَرَ هَرَ جهاتي پائي رهيا هين. ٻئي
پاڻ ۾ ڀائر هيا. ٻئي کجيءَ جي اوٽ ۾ بيهي ڳالهيون
ڪري رهيا هئا. ۽ جيڪي ڳوٺ جا ماڻهو عيد نماز
پڙهڻ آيا هئا. تن ڏي چتائي گهوري رهيا هئا. کجي
عيدگاهه جي ڀڳل ڀت ڀرسان بيٺل هئي ۽ هي ٻئي ڄڻا
کجيءَ جي اوٽ ۾ بيهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا.
جنهن وقت هڪ ٻيو ڇوڪرو، جنهن کي مٿي تي سنڌي ٽوپي پاتل هئي، لڳل
ستارا جرَڪيس پي. اکيون سَرمي جي ڪجل سان ڀريل
هيس. بت تي ڳاڙها رنگا رنگي ڪپڙا پيل هيس، ۽ ڏاڍا
چمڪيس پي. پيرن ۾ پاتل سيم تي ڀريل جُتي پئي هيس.
ڏاڍو سرهو پي ڏسڻ ۾ آيو. جڏهن ننڍڙي ڀاءُ سان چيڇ
۾ چيڇ ملايو، اندر ماڻهن سان گڏ آيو ته کجي جي اوٽ
۾ بيٺل ٻن ڀائرن مان ننڍڙي ڀاءُ کي اهو ڇوڪرو ڏاڍو
وڻيو. هن پنهنجي وڏي ڀاءُ کي ٺونٺ هڻي ڪڍي. ”ادا“_
پپو ڏس، اڄ ڪهڙو ڀلو ٿو لڳي. ٽومي، ڪپڙا جتي پاتي
اٿائين. هونئن ته سدائين گوبا وهندا اٿس. ادا، پپو
ڪارو ٿي. اڄ ڏس ڪهڙو نه سهڻو ٿو ڏيکارجي.“ وڏي
ڀاڻس جو منهن اڻڀي ماني وانگر اڻڀو ٿي ويو. جڏهن
هن ننڍي ڀاءَ جي ڳالهه کي خاموشيءَ سان ٻڌي ڪو
جواب نه ڏنو ته ننڍڙي ڀاءُ اکيون کڻي وڏي ڀاءُ ڏي
ڏٺو، پر جڏهن هن کي ويتر اُداس ڏٺائين ته ماٺ ڪري
بيهي رهيو. ننڍڙي جي ڪارين ڪجلين اکڙين مان ڳوڙها
ڳل تان ترڪندا ڦِسي پيا. هن پنهنجو منهن وڏي ڀاءُ
ڏي ڪندي چيو ”ادا. هتي جيڪي ماڻهو نماز پڙهندا آهن
انهن کي سدائين ڀلا ڪپڙا هوندا آهن؟“
وڏي ڀاڻس هن کي سمجهائيندي چيو ”ها شمن، الله سائينءَ اُنهن کي
ڀلا ۽ نوان ڪپڙا ڏيندو آهي.“
”ادا_ ڀلا مان به اڄ نماز پڙهان ٿو ۽ الله سائينءَ کي هي ڦاٽل،
ميرا ڪپڙا موٽائي نوان ٿو وٺان.“
”نه _ شمن نه _ “ وڏي ڀاءُ کيس جهليندي چيو ”توکي ميرا ڪپڙا پيل
آهن نه _ ماڻهو توکي ڀرسان بيهڻ نه ڏيندا، ۽ توکي
ماريندا.“
هن اُٻاڻڪو ٿيندي چيو ”اڳئين ڀيري توکي هڪ ماڻهو ماريو هو نه؟
ننڍڙو تڏهن بيحد اُداس ٿي ويو. چولي جي ميري ڪنڊ سان آلي اک
اُگهڻ لڳو. صفا اڻ ڄاڻ هو. پيارو هو ننڍڙو ڇوڪرو
بيحد وڻندو هو. هن ڀاءُ کان ٻيهر پڇيو ”ادا، جيڪي
ميرا ڪپڙا پائيندا آهن. اُنهن کي الله سائين نه
ماريندو آهي؟.
”نه شمن، امان چوندي آ. الله سائينءَ ڏاڍو رحيم آهي. پر الله
سائين جا ماڻهو ڏاڍا بي رحم .“ ننڍڙو ڇوڪرو ڪي
گهڙيون ماٺ ڪري، چپ چاپ ۽ حيرت وچان نهاريندو
رهيو.هن ٻيهر پڇيو ”ڀلا ادا ، بابا کي ڪنهن ماريو
هو.“
وڏي ڀاءُ کان ڇرڪ نڪري ويو. هن سٽ ڪندي ڀاءُ جي وات تي هٿ رکي
ڇڏيو. پوءِ آهستي ننڍڙي ڀاءُ کي ڏسيو ”شمن، بابا
کي ڦلپوٽن خون ڪيو هو“.
رحيم بخش اکيون کڻي، ٻين ٻارن ڏي ڏٺو. چپن تي ڦڪي مرڪ تري آيس.
ڇوڪرا وائڙن وانگر ماڻهن ڏي ڏسي رهيا هئا. سندن
ڏيک ۾ ڏکا هو. رحيم بخش پنهنجي ڪڪڙين مڇن کي وَٽ
ڏيندي ڀرسان ويٺل شخص کي هورڙيان چيو ”ڏسين ٿو.
مڙس ٿي جبل ڪاٽي آياسي. باقي سندس پيڙهي کي رولي
ڇڏيوسين. ڇورن جي حالت ڏسين ٿو. بت تي پوري ليڙ به
ڪانه اٿن.“
ان شخص نگاهون کڻي ٻن ڇوڪرن ڏي ڏٺو.
وڏو ڀاءُ ننڍي کي ٻانهن کان وٺي ٻاهر نڪري آيو.
ماڻهو پاڻ ڀاڪر پائي عيد ملي رهيا هئا. اُنهن سڀني کان الڳ اهي
ٻه اڪيلا،هيڪلاميرا ۽ گدلا ڇوڪرا اکين ۾ ڳوڙهن جو
سمنڊ لڪائي واهه جي ڪڙ وٺيون آهستي آهستي گهر وڃي
رهيا هئا.
ممتاز عباسي
پويون ڏاڪو
”سائين“
هن عاجزيءَ مان پنهنجي آفيسر کي چيو: ”ٿورڙا پئسا گهرجن.“
”پئسه“ آفيسر جوهه مان ڏسندي کيس چيو: ”پئسا، پر ڇا جا پئسا؟“
”اوڌر گهرجي!“
”ڏس، نائيڪ تون اڌ کان وڌيڪ پگهار ائڊوانس ۾ وٺي چڪو آهين.“
”پر سائين، مان......“
”بس، بس. مان اوڌر ڪونه ڏيندس. توهان ماڻهن تي ڪهڙو ڀروسو.“
”سائين، منهنجو پٽ بيمار آهي.“
”اهيو تون روز چوندو آهين. وڃ ۽ شام جو اسان کي ٻارن جي عالمي
ڏينهن واري فنڪشن ۾ هلڻو آهي.“
نائيڪ ڪو جواب نه ڏنو. هن کي ته پنهنجو بيمار پٽ مٺو ياد اچي
ويو.جيڪو ڪوارٽر جي اڪيلي راڄ ۾ لاوارث ستل هو.
ويچاري ڏٺو ئي ڇا هو جو سلهه جي آخري ڏاڪي ۾ اچي
پهتو هو. هن ماءُ کي کنگهه ۾ رت ڳاڙيندي ڏٺوهو.
هوءَ به رات ڏينهن کنگهي ۽ لاعلاج ٿي هن زمين جي
پاتال ۾ لهي ويئي. اڄ مٺو ان طرف وڃڻ وارو هو. هن
کي مٺو ياد اچي ويو. ان جو نٻل زرد چهرو ياد اچي
ويو، ته هو روح تائين ڌونڌاڙجي ويو.
سرڪاري اسپتال مان علاج ٿيندو رهيو پر مرض گهٽجڻ بجاءِ وڌي ويو.
نائيڪ کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو نوڪري ڪري يا علاج ڪرائي.
ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطار ۾ بيهڻ جو ست هن ۾ ڪونه هو .
بس هن لاءِ هڪ ئي ڪم هو. نوڪري يا علاج! جيڪڏهن هن
نوڪري ٿي ڇڏي ته پوءِ علاج ڪٿان ٿيندو؟ هو سوچيندو
رهيو ۽ سوچ هن جو ساٿ ڏيندي رهي.
”نائيڪ _؟“ آفيسر رڙ ڪئي.
هو ڇرڪي پيو ۽ نماڻين اکين سان آفيسر ڏي ڏٺو.
”تون اڃا وئين ڪونه . بيٺو ڇو آهين؟“
”وڃان ٿو،
”ترس“
”چئه“
”جيڪڏهن توکي ڪجهه رقم اوڌر بجاءِ مان خيرات ڪري ڏيان ته …“
”سائين“ .نائيڪ رڙ ڪئي ”خيرات، خيرات. ”هن پنهنجي خالي هٿن ڏي
ڏٺو، جن مان رت نڪري ويو.
”مون کي خيرات نه کپي. مان پينو نه آهيان. مون کي ڪجهه نه
گهرجي. اوڌر به نه.“
”ته پوءِ وڃ ۽ شام جو جلدي اچڻ جي ڪوشش ڪجانءِ اسان کي ٻارن جي
عالمي ڏينهن جي فنڪشن ۾ هلڻو آهي. هاڻي تون وڃ.“
نائيڪ بوڇڻ سان پنهنجون آليون اکيون اگهي ٻاهر نڪري اچي اسٽول
تي ويٺو. هن کي آفيسر جا لفظ زهر ٿي لڳا ۽ هو هڪ
هڪ لفظ کي ڍڪ ڍڪ ڪري اوتيندو ويو.
هن کي پنهنجو بيمار پٽ مٺو ياد اچي ويو.
نائيڪ گهر آيو. ننڍڙي ڪوارٽر ۾ مٺو ستو پيو هو. سندس اکيون ڇت ۾
اٽڪيل هيون. هو رڙهي پٽ مٿان اچي بيٺو. مٺي کيس
ڏٺو ته هڏائين جسم ۾ چرپر ٿي ۽ پوءِ جسم ماٺ ٿي
ويو.
شام اچي ويئي هئي.
نائيڪ هن کان اڳ به ايترين شامن ۾ پنهنجي آفيسر سان گڏ هوندو
هو. جتي ٻارن جي سال جو جشن هوندو. سندس آفيسر
ٻارڙن ۾ رانديڪا، مٺايون، ڏوڪڙ، ڪتاب ۽ ٻيون شيون
ورهائيندو هو. ان وقت سوين ٻارن جا ٽهڪ اڀرندا هئا
پرمٺي جو آواز نه ٻڌي نائيڪ ڌونڌاڙجي ويندو هو. هو
پاڻ کي اڪيلو ۽ بيوس محسوس ڪندو هو. اڄ مٺي جي
هڏائين پڃري مان زندگي جو پکي ساڻا پرڙا هڻي ٿڪو
هو.
نائنڪ مٺي جي مُک تي چمي ڏني. پريان سانجهيءَ جي بانگ جو آواز
اچي رهيو هو.
ڪلاڪ کانپوءِ:
نائيڪ جي ننڍڙي ڪوارٽر ۾ ڪيترا ٻار گهڙي آيا.
”چاچا نائيڪ،مٺو ڪٿي آهي؟“
”ڇو“
”بس. اسان مٺي لاءِ هي چندو ڪري آيا آهيون.“
”چندو“
”ها، چاچا نائيڪ، چندو. جيئن مٺي جو علاج ٿي سگهي.“
”پر... پر... هو ته …….. “
”اسان پنهنجي سنگتيءَ مٺي سان ملنداسين.“
”اچو.“
نائيڪ کين ڪيئن ٻڌائي ته مٺو سلهه جي پوئين ڏاڪي تان ڪري پيو
آهي.
قيمتي قول
هو چون ٿا ”هڪ غلام ننڊ ۾ ستو پيو آهي، ته هن کي نه اٿاريو. هو
آزاديءَ جو مٺڙو خواب ڏسي رهيو آهي. آئون چوان ٿو
”هڪ ننڊ ۾ ستو پيو آهي، ته هن کي ٺوڪر هڻي اٿاريو
ته هو آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري.“
(خليل جبران)
- موڪليندڙ: محمد عثمان عباسي، ڳوٺ ڇنيهاڻي
خالد حسين
يادگار تقرير
مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته نائين درجي ۾ آئون حسابن جي ٽيسٽ
هميشہ گسائيندو هيس. منهنجو اهو پيريڊ ڪنهن ڀرواري
ڪلاس يا اسڪول جي ڪينٽن ۾ گذرندو هو. حسابن جي
پيپر ۾ ڪجهه اهڙي دهشت هوندي هئي. جنهن کي آئون
برداشت نه ڪري سگهندو هوس.انڪري پوري ڪلاس ۾ حسابن
۾ به جڏو هيس پر اصغر ان معاملي ۾مون کان به ڪجهه
قدم اڳتي هو. کيس حسابن جو استاد يعني سائين
نصيراحمد سڃاڻندو ئي نه هو.
سائين نصيراحمد جو پوري اسڪول ۾ رعب هوندو هو ۽ هر ڇوڪرو کانئس
ڊڄندو هو. سندس سمجهاڻي به سٺي هئي پر قسمت جي چڪر
سبب مون کي ڪڏهن به آلجبراجا پرابلم سمجهه ۾نه
آيا. جنهن ڏينهن وڏو ڀاءُ گهر جي ڪم ۾ هوندو هيو
ته هو منهنجو هوم ورڪ به نه ڪري سگهندو هو. سائين
نصير احمد هوم ورڪ ڪرڻ تي ڏاڍو خوش ٿيندو هو، پر
ٽيسٽ واري ڏينهن مون کي هميشہ بخار يا مٿي ۾ سور
ٿي پوندو هو.
اسان جو اسڪول شهر جو مشهور اسڪول هيو. انڪري منجهس ڪيترائي
هوشيار شاگرد هئا. اسان جي اسڪول ۾ راندين جا ۽
ادبي مقابلابه ٿيندا هئا. اُن سان گڏ مئٽرڪ وارن
کي الواعي پارٽي ڏيڻ به نائين درجي وارن جواهم
فريضو ليکيو ويندو هو. پارٽيءَ لاءِ چندو ڏيڻ جي
حد تائين ته خير آئون به تيارهيس پر جڏهن مون کي
ان کان به زياده اهم خدمت لاءِ چونڊيو ويو ته آئون
حيران ٿي ويس.
دراصل ٿيو هيئن جو اتفاق سان هڪ ڏينهن منهنجا ٻه حساب صحيح نڪتا
اها ڳالهه سائين نصيراحمد کي ڏاڍي وڻي تنهنڪري ٻئي
ڏينهن مون کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي چيائين، ”ظفر!
سترهين تاريخ توهان جي پارٽي آهي. تون به اُن ۾
تقرير ڪجانءِ“
اها ڳالهه ٻڌي منهنجا ڪن ئي ٺري ويا. سائين نصيراحمد منهنجي
پيءُ جو دوست هو انڪري منهنجين غير حاضرين کي
حاضرين ۾ ڀري ڇڏيندو هو. جواب ڏيڻ جي صورت ۾اهو ڊپ
هو ته شايد انصاف نه ڪري ويهي. ان کانسواءِ سائين
اسان جي اسڪول ۾ راندين جو انچارج به هو، تنهنڪري
کانئس نٽائڻ آسان نه هو. مون چيو، ”پر سائين! مون
ته ڪڏهن به تقرير نه ڪئي آهي.“
سائين متاثر نه ٿيو. چيائين، ”آئون صبحاڻي توکي مختصر تقرير لکي
ڏيندس. اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. اڃا سترهين تاريخ
۾9 ڏينهن آهن.“
آئون خاموش ٿي ويس. ٻئي ڏينهن مون کي تقرير ملي. مون کان سواءِ
ٻه ٻيا ڇوڪرا به تقرير لاءِ منتخب ڪيا ويا هئا جن
۾ هڪ اسان جو مانيٽر رضا محمد به هو رضا محمد جون
اکيون ٽيڏيون ۽ چُنجهيون هيون جنهنڪري هو ڏسندو هڪ
طرف هو ۽ ڳالهائيندو ٻئي طرف هو.
* * *
اسڪول جو ڪم ياد ڪرڻ ڪڏهن به منهنجي عادت ۾شامل نه رهيو آهي، پر
تقرير ياد ڪرڻ هڪ اهڙو ڪم هو جنهن جي ذريعي آئون
ٻين ڇوڪرن تي پنهنجي جادو بيانيءَ جو رعب ويهاري
ٿي سگهيس. اُن سان گڏ اهو وقت ياد ڪري منهنجو
هيانءُ ڏڪندو هو، جڏهن سڀني استادن جي منهن تي مون
کي تقرير ڪرڻي پوندي ڇو ته الوداعي پارٽيءَ ۾ انهن
سڀني جي شرڪت ضروري هئي. بهرحال مائٽن تي رعب رکڻ
لاءِ مون نون ڏينهن ۾ ٽي صفحا ياد ڪري ورتا ۽
پارٽيءَ لاءِ بلڪل تيار ٿي ويس.
* * *
آخرڪار پارٽيءَ جو ڏينهن به اچي پهتو. پارٽيءَ جي خوشيءَ ۾
چوٿين پيريڊ کان پوءِ سڄي اسڪول کي موڪل ڪئي وئي.
پارٽيءَ جو انتظام هڪ وڏي هال ۾ ڪيو ويو ۽ اسان جي
ادبي شهرت لاءِ هڪ فوٽو گرافر به گهرايو ويو.
آئون صبح کان وٺي تقرير وارو ڪاغذ ساڻ کڻي آيو هوس ۽ هر هر ان
کي ڪڍي پاڻ کي دلجاءِ پئي ڏنم. منهنجي پيلاڻ ڪيترن
ئي ماڻهن محسوس ڪئي. نيٺ اهو وقت آيو جڏهن کاڌي
پيتي کان پوءِ اسان کي تقريرون ڪرڻيون هيون. مون
کان اڳ ۾ اسان جي هڪ دوست نهايت سهڻي تقرير ڪئي ۽
ٽي فوٽو ڪڍرايائين. اُن کان پوءِ منهنجو وارو هو.
منهنجي دل هڪ عجيب انداز ۾ ڌڙڪي رهي هئي۽ اُن جو
آواز سيني کان ٻاهر ٻڌجي رهيو هو. مون پنهنجي ٽنگن
۾ ٿڙڪڻ ۽ هٿن ڏڪڻي صاف محسوس ڪئي پر دل جهلي تقرير
ڪرڻ بيٺس.
”محترم استاد صاحبان! پيارا هيڊ ماستر ۽ جناب شاگرد!“
آئون هٻڪڻ لڳس. سائين نصيراحمد مون ڏي گهوري نهاريو. آئون ويتر
گهٻرائجي ويس. ”مه … معاف ڪجو! منهنجو مطلب آهي ته
مان…“
منهنجو آواز ويجهي ويو ۽ ساهه منجهڻ لڳو.ڪي استاد تاڙيون وڄائڻ
لڳا ۽ مون فليش لائٽ جي هڪ چمڪ پنهنجي منهن تي
محسوس ڪئي. مون دل جهلي پگهر اگهي اڳتي چوڻ شروع
ڪيو.”آئون توهان مئٽرڪ جي استادن کي يعني شاگردن
کي هو ڪرڻ آيو آهيان يعني…
شديدگهٻراهٽ جي ڪري مون کان الواداع جو لفظ وسري ويو ۽
آخرڪارمنهنجي تقرير اڌ ۾ رهجي وئي. اُهو ڏينهن ۽
اڄوڪو ڏينهن آهي جو آئون ڪڏهن به تقرير ڪرڻ جي
جرات نه ڪندو آهيان.
يتيم
اوهين يتيم ان کي ٿا چئو جنهن جا ماءُ پيءُ مري ويا آهن پر آئون
يتيم ان کي ٿو سمجهان جنهن علم حاصل نه ڪيو هجي.
(رسول صه)
- موڪليندڙ : منظور علي شينو، دادو
فضول خرچي
ڪنهن هاريءَ جي گودام ۾ هڪ ڪوئو رهندو هو. گودام ۾ هر قسم جو
اناج هو، جڏهن رات ٿيندي هئي. تڏهن پنهنجي ٻر مان
نڪري، ڪجهه اناج کڻي ويندو هو. ڪڏهن ڪڻڪ جا داڻا،
ڪڏهن چانور، ڪڏهن مڪائي اهڙي طرح هن کي بنا تڪليف
جي سڀ ڪجهه ملي ويندو هو ۽ خوب کائيندو هو.
هڪ ڏينهن هن سوچيو، مون وٽ هر قسم جو اناج آهي ڪنهن به شيءِ جي
کوٽ ڪانهي. انڪري دوستن کي دعوت ڏيڻ گهرجي ته جيئن
سڀيئي منهنجي رُعب ۾ اچن ته آئون ڪيترو نه مالدار
آهيان. اڪيلو کائي سمهڻ ڪا ڳالهه ڪانهي. ٻين کي
ٻڌائڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح منهنجي عزت ڪندا بس اهو
سوچي هن ڪجهه ڪوئن کي پنهنجي گهر گهرايو. جڏهن هو
هن وٽ آيا ته هن هنن جي اڳيان هر قسم جو ان آڻي
رکيو. هن جا دوست حيران ٿي ويا ۽ خوب ڍؤ ڪري
کاڌائون. ڪوئو پنهنجي تعريف ٻڌي تمام گهڻو خوش ٿيو
۽ چوڻ لڳو: ڪڏهن ڪڏهن ايندا ڪريو. هيءُ سڀ ڪجهه
توهان لاءِ آهي. هن جي دوستن چيو: اسين ضرور
اينداسين، تون اسان جو سٺو دوست آهين.
بس ان کان پوءِ چار پنج ڪوئا روز ايندا ۽ خوب ڍؤ ڪري کائيندا
هئا. هو ڪوئو به تمام خوش ٿيندو هو، ڇو ته سڀ هن
جي خوشامد ڪنداهئا. هاڻ ته هو ڪنهن سان
ڳالهائيندو به ڪونه هو، هاڻ جيڏانهن به ويندو هو
سڀ هن کي سلام ڪندا هئا. ڪوئو آڪڙ ڪري هلندو هو،
۽ روز چئن پنجن ڪوئن کي پنهنجي گهر سڏائيندو هو ۽
آڌي آڌي رات تائين دعوتون هلنديون هيون، ڳالهيون
ٿينديون هيون. هاڻ ته ڪوئي کي به فضول خرچيءَ جي
عادت پئجي ويئي. هو جيترو به اناج گودام مان
آڻيندو هو، سڀ هڪ ئي رات ۾ اُڏائي ڇڏيندو هو. هڪڙو
داڻو به بچائي ڪونه رکندو هو. ڪوئي جي دل ۾ خيال
هو ته هاريءَ جو گودام اناج سان ڀريل آهي. ايترو
اناج اسان لاءِ ٻئي فصل تائين ڪافي آهي، ان کان
سواءِ ٻئي فصل ۾ هاري ٻيو اناج آڻيندو. اهڙي طرح
آئون سڄي عمر عيش ڪندس ۽ منهنجو نالو به قائم
رهندو. بس انهيءَ خيال سان هو ڪنهن به ڳالهه جي
پرواهه ڪونه ڪندو هو. جيترا به ڪوئا اينداهئا،
انهن سڀن کي دعوت ۾ شريڪ ڪندو هو ۽ جيڪو نه ايندو
هو، ان کان ناراض ٿي ويندو هو.
ڪوئن کي سٺو موقعو ملي ويو، هو به خوب کائيندا هئا. ڪجهه ڏينهن
ائين گذري ويا. هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو رات جو تمام
گهڻو مينهن وٺو ۽ هاريءَ جو گودام پسڻ لڳو.
هاريءَ سوچيو هي گدام تمام پراڻو ٿي ويو آهي. هڪ
نئون گدام ٺهرائڻ گهرجي، نه ته سڄو اناج خراب ٿي
ويندو. اهو سوچي هاري نئون گودام ٺهرايو. هن ڀيري
هن تمام پڪو گودام ٺهرايو هن جي ڇت به خوبصورت هئي
۽ فرش تمام پختو هو، ته جيئن ڪوئا اندر داخل ٿي نه
سگهن. جڏهن گودام بلڪل تيار ٿي ويو ته هن پهرئين
گودام مان اناج ڪڍائڻ شروع ڪيو. جڏهن ڪوئي ڏٺو ته
هاري اناج ڪڍائي رهيو آهي ته هو، تمام پريشان ٿيو،
مگر هاڻ ڇا ٿي ٿي سگهيو، وقت هٿان نڪري چڪو هو.
ڪوئي ڪجهه اناج کڻڻ جي ڪوشش ڪئي به پر، هاڻ هو
ڪيترو ان کڻي ٿي سگهيو. بس هڪ ٻن ڏينهن جو کاڌو
کڻي سگهيو. مزدورن يڪدم سڀ اناج کڻي ٻئي گودام ۾
رکيو ۽ پهريون گودام خالي ڪري ڇڏيو. هاڻ ڪوئو تمام
گهٻرائجي ويو، پوءِ هن خيال ڪيو ته ٻئي گودام ۾
هليو وڃان. اُتي اچي ڏٺائين ته فرش تمام پڪو آهي.
هو اتي ٻر نٿي ٺاهي سگهيو. مجبور ٿي واپس آيو ۽
پراڻي ٻر ۾ ليٽي پيو.
ٿوري دير کان پوءِ هن جا دوست آيا. دوستن کي ڏسي هو تمام پريشان
ٿيو، ڇو ته هن وٽ رڳو ٻن ڏينهن جي کاڌ هئي. اها هو
دوستن کي ٿو کارائي ته پاڻ ڇا کائيندو. ڪوئن هن
کي پريشان ڏسي چيو.
”ادا ڇا ڳالهه آهي، اڄ تون اسان کي ڏسي خوش ڪونه ٿيو آهين،
پهرين ته تون تمام خوش ٿيندو هئين.“
ڪوئي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. جڏهن ڪوئن کي خبر پيئي ته هن وٽ هاڻ
ڪجهه ڪونهي، ته هو سڀ واپس هليا ويا. ٻن ڏينهن کان
پوءِ ڪوئو بلڪل ڪنگال ٿي ويو. هاڻ هن وٽ کائڻ
لاءِ هڪ داڻو به ڪونه هو. هن سوچيو مون پنهنجي
دوستن کي ايترا ڏينهن کارايو آهي. هاڻ انهن وٽ
وڃان، هو مون کي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏيندا. جڏهن هو
دوستن وٽ ويو، ته ڪنهن به هن جي ڳالهه ڪانه ٻڌي،
هو ته کاڌي جا دوست هئا. هاڻ ڪوئي کي پنهنجي فضول
خرچيءَ تي گهڻو افسوس ٿيو. پر هاڻ ڇا ٿي ٿي
سگهيو. وقت هٿان نڪري چڪو هو. |