سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1

باب: --

صفحو :3

 

رسول بخش بوزردار

 

چينيءَ جا ٿانوَ

 

لڳ ڀڳ سترهن سئو سال اڳ چينين، چينيءَ جا ٿانوَ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پندرهينءَ صديءَ تائين انهن کي ڪا خاص ڪاميابي حاصل ڪانه ٿي سگهي.

چينين کانسواءِ ٻيءَ ڪنهن به قوم کي اها خبر ڪانه هئي، ته چينيءَ جا ٿانوَ ڪيئن ٺاهجن. پهريائين پهريائين چيني ماڻهو  پنهنجا چينيءَ جا ٺاهيل ٿانو، يورپ ۾ سوَن جي اگهه تي وڪڻن لڳا. چينين جو اهو ٿانوَن ٺاهڻ وارو راز گهڻو وقت لڪي نه سگهيو، ۽ چينائين جي ٻين ايجادن جهڙوڪ، بندوقن جو دارون ۽ ڇپائيءَ وارن هنرن وانگر هيءُ راز به کُلي پيو.

چون ٿا ته بندوقن جو دارون ايجاد ڪندڙ شخص برٽولڊ اسڪوارٽز، ڇپائيءَ جو هنر ايجاد ڪندڙ گٽنبرگ ۽ چينيءَ جي ٿانون جو ٺاهيندڙ بوٽگر هو. بوٽگر، دراصل بادشاهه آگسٽ جو درٻاري ڪيميا گر هو. ان وقت جي ڪيمياگرن جو خيال هو، ته جيڪڏهن لوهه، ٽامي ۽ شيهي جهڙن ڌاتن تي پارس پٿر گهَيو وڃي، ته جيڪر اهي ڌاتو سونُ ٿي پون. چين جا ڪيمياگر سالن جا سال انهيءَ پٿر کي هٿ ڪرڻ لاءِ، جبلن ۾ مٿامونا هڻندا رهيا، پر پارس پٿر واري حسرت، سندن حسرت ئي رهي. ڀلا ان قسم جو ڪو پٿر هجي ته هٿ اچي!

بادشاهن کي پئسي جي تمام گهڻي ضرورت هوندي هئي، تنهن ڪري ڪيمياگرن کي وڏا وڏا پگهار ڏيئي، پاڻ وٽ رکيائون ته جيئن هو هٿرادو سونُ کين ٺاهي ڏين.

بادشاهه انهن ڪيمياگرن کي، قيدين وانگر پاڻ وٽ بند رکندا هئا، ته جيئن هو ڀڄي نه وڃن، يا ٻئي ڪنهن بادشاهه وٽ وڃي نوڪري نه ڪن. ڪيئن دفعا ائين به ٿيو، جو بادشاهه هٿرادو سونَ جو انتظار ڪري ڪري بيزار ٿيڻ تي، بدنصيب ڪيمياگرن کي ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏيو. پر ايترو سو ضرور هو، جو بادشاهه جي حڪم سان انهن ڪيمياگرن کي، عزت وچان يا ڪن ٻين نامعلوم سببن جي ڪري، رواجي تختي بدران سونهري، تختي تي ڦاسي ڏني ويندي هئي.

ڪيمياگرن پارس پٿر جي ڳولا ۾ اتفاقي طور ڪيتريون ئي ايجادون ڪيون. بوٽگر سان به ساڳي حاتل هئي. هيءُ اڃا چوڏهن سالن جي عمر جو هو، جو هن کي هڪ نسخو هٿ آيو، جنهن ۾ لکيل هو ته سونُ ڪيئن ٺاهجي؟ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هن کي سون ٺاهڻ جو سوداءُ ٿيو. ٿورن ڏينهن کانپوءِ، هن کي هڪ تجربيگاهه ۾ نوڪري  ملي ويئي، جتي ڏينهن جو سائنسدانن کي سندن ڪم ۾ مدد ڪندو هو، ۽ رات جو پاڻ لِڪ چوريءَ سان ٺاهڻ جا تجربا ڪندو هو.

هڪڙيءَ رات، بوٽگر پنهنجي تجربي واري ڪم ۾ مشغول هو ته اوچتو تجربيگاهه جو مالڪ وٽس اچي نڪتو ۽ رعب رکندي چيائين،”اڙي بيوقوف، تون هي ڇا پيو ڪرين؟“ توکي منهنجي موڪل کانسواءِ تجربيگاهه جي اوزارن کي استعمال ڪرڻ جي همت ڪيئن ٿي؟ جيڪڏهن ڪو اوزار ڀڃي وجهين ته تنهنجي سڄي سال جو پگهار به انهيءَ جي قيمت جو پورائو ڪونه ڪري سگهندو.“

”آءُ سونَ ٺاهڻ جي ڪوشش پيو ڪريان.“ بوٽگر ڊڄي ڊڄي جواب ڏنو.

”بيوقوف ڪٿي جو، سونُ ٿو ٺاهي! اسان کي تو جهڙو سائنسدان ڪونه گهرجي. ٻَڌ پنهنجا ٽپڙ، ڀڄ پنهنجي ڳوٺ، ۽ پڻهين کي وڃي چئو ته تنهنجي مٿي مان سونَ ٺاهڻ جو سوداءُ ڪڍي ڇڏي.“

بوٽگر ويچارو ڏاڍو ششدر ٿيو ۽ لاچار ٿي پنهنجا ڦاٽل ٽٽل ڪپڙا ۽ ساهه کان پيارو سونَ ٺاهڻ جو لکيل نسخو هڪڙيءَ هڙ ۾ ٻڌي، ڳوٺ ڏانهن راهي ٿيو. گهر پهچڻ تي کيس ڪا عزت ڪانه ملي پڻس جيتوڻيڪ سِڪن جا سانچا ٺاهيندو هو، ته به پئسو وٽن هو ئي ڪونه. ڪجهه مهينن کانپوءِ بوٽگر کي سندس غربت وري پنهنجي اصلي تجربيگاهه جي مالڪ ڏانهن وڃڻ تي مجبورڪيو. اتي پهچي هن واعدو ڪيو ته هو وري تجربيگاهه کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال نه ڪندو پر هن کي سونَ ٺاهڻ جو سوداءُ لڳل هو، سو ڪٿي ٿو رهي سگهي. هن هڪ رات جو وري ساڳيو تجربو گهڻي احتياط سان شروع ڪيو ۽ پوءِ روزانو پيو تجربا ڪندو هو.

هوڏانهن تجربيگاهه جي مالڪ کي به هن جو کٽڪو لڳل هو، تنهن هن کي هڪڙيءَ رات پڪڙي وڌو ۽ هن جي ڪا به ڳالهه ٻڌڻ کانسواءِ کيس تجربيگاهه مان ڪڍي ڇڏيائين.

بوٽگر ويچارو ڏاڍو پريشان ٿيو، پر هن دفعي گهر واپس وڃڻ لاءِ تيار نه هو. اتي نصيب کي، هن سورهن سالن جي ننڍڙي سائنسدان تي ترس اچي ويو، سو هن جي ملاقات شهزادي فرسٽنبرگ سان ٿي. شهزادي جڏهن هن جي تجربن جو احوال ٻڌو، تڏهن هن کي پنهنجي محلات ۾ وٺي ويو  ۽ اتي هن کي هڪ تجربيگاهه ٺهرائي ڏنو.

بوٽگر جو هاڻي ڄڻ ته بخت کلي پيو هو. هن کي پهرڻ لاءِ بهترين ڪپڙا، رهڻ لاءِ عاليشان محلات ۽ خرچ پکي لاءِ اڻ ڳڻيا پئسا ملڻ لڳا. بوٽگر کي اتي ڏاڙهي به اچي چڪي هئي پر سندس تجربن مان ڪوبه کڙتيل ڪونه ٿي نڪتو. جنهن شهزادي هن جي هيتري ساري مدد ڪئي هئي، سو به هن کي ٺڳ سمجهڻ لڳو هو. انهيءَ زماني ۾ ٺڳن کي سخت سزائون ڏنيون وينديون هيون. انهيءَ ڪري ڊپ وچان هڪڙيءَ رات بوٽگر ڀڄي نڪتو، پر پڪڙجي پيو ۽ پنهنجن تجربن کي جاري رکڻ تي مجبور ٿيو.

پڇاڙيءَ جو شهزادي هن کي سون ٺاهڻ جي ترڪيب جون اول کان آخر تائين هدايتون لکي ڏيڻ لاءِ چيو. هن چالاڪي ڪري، شهزادي کي ڊگهيون ڊگهيون بيوقوفيءَ جون ڳالهيون لکي ڏنيون پر شهزادو به هوشيار هو، جنهن هن جي چالاڪي سهي ڪري ورتي ۽ سندس حڪم سان ٺڳيءَ جي ڏوهه هيٺ جيل موڪليو ويو.

بوٽگر کي وري ٻيهر وقت وارو ڏنو. هڪڙي امير، بادشاهه کي صلاح ڏني ته بوٽگر جي حوالي اهو ڪم ڪيو وڃي ته چينيءَ جا ٿانوَ ڪيئن ٺاهجن، جيڪي سونَ کان به وڌيڪ قيمتي آهن.

بوٽگر هن دفعي چينيءَ جي ٿانوَن ٺاهڻ جي طريقي ڳولي لهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جيتوڻيڪ اهي ٿانوَ اهڙا اُچا ڪونه هئا، پرچينيءَ جا ضرور هئا.

بوٽگر کي ڏاڍا انعام اڪرام ڏنا ويا، پر هن کي آزادي نه ڏني ويئي. حڪومت چينيءَ جي ٿانوَن ٺاهڻ جي هنر کي ”ملڪ جو راز“ هجڻ جو اعلان ڪيو، ۽ بوٽگر ۽ سندس ٽن ساٿين کي قيدين وانگر پهري هيٺ رکيو.

پهريائين پهريائين ته چينيءَ جا ٿانو قيمتي هجڻ ڪري، رڳو بادشاهن جي محلاتن جي سونهن بنيا رهيا پر پوءِ اٽڪل 1707ع ڌاري، پهريون دفعو ليپزنگ (جرمني) جي مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ آندا ويا. انهيءَ کانپوءِ جلد ئي ٿانوَن ٺاهڻ جو هڪ زبردست ڪارخانو قائم ڪيو ويو، جتي بوٽگر چينيءَ جي اُچن ۽ سفيد ٿانوَن ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

بوٽگر ڪيترائي سال ميسن قلعي ۾، قيديءَ جي حيثيت ۾ گذاريا، جتي هن لاءِ آزاديءَ کانسواءِ ٻي هرشيءَ حاضر هئي. هن هڪ دفعي پيريءَ ۾، هڪ درٻاريءَ جي صلاح سان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو ڳُجهه به ظاهر ٿي پيو ۽ درٻاريءَ کي موت جي سزا ڏني ويئي. آخر بوٽگر بيماريءَ جي حالت ۾ قيد جي چئن ڀتين اندر حياتيءَ جا ڏينهن گذاري مري ويو ۽ اهڙي نموني ڦاسيءَ جي موت کان بچي ويو.

 

 

نبي بخش خاصخيلي

 

اچو اوهان کي سنڌ گهمايان

ٻيراني

 

هر ڪنهن کي پنهنجو وطن پيارو آهي. وطن ۾ وري هر ڪنهن کي پنهنجو شهر يا ڳوٺ وڌيڪ پيارو آهي. آءُ ٻيرانيءَ جو رهاڪو آهيان. ٻيراني ايڏو وڏو شهر ته ڪينهي، پر تنهن هوندي به ان کي هڪ وڏو ڳوٺ يا ننڍو شهر چئي سگهجي ٿو. ظاهر آهي ته آءُ جتي ڄائو نپنو آهيان، وڌي ويجهي وڏو ٿيو آهيان، ان سان ته ضرور منهنجو پيار هوندو. پنهنجن ماڻهن سان، جاين سان، ٻَنين ٻارن سان اسين پيار نه ڪنداسون؛ ته ٻيو ڪير ڪندو؟ اَجهو ته پکين کي به پيارو آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن پکيءَ جو آکيرو، درياءَ جي ڪپ تي، هڪ وڻ تي هو.   سانوڻيءَ جي موسم هئي، درياءَ ۾ اڳيئي چاڙهه هو؛ ويتر جو مٿان اچي برسات پيئي، ته اهو وڻ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو ۽ باقي ان جي فقط هڪ ٽاري، جنهن تي آکيرو اَڏيل هو، سا هوا جي جهوٽي تي ڪنهن مهل پاڻيءَ ۾ ٻڏي ٿي ويئي ته ڪنهن مهل ٻاهر ٿي نڪتي. جڏهن اها ٽاري ٻڏي ويندي هئي ته پکي ڀڙڪي کائي اڏامي ويندو هو ۽ جڏهن اها ٽاري ٻاهرنڪرندي هئي ته موٽي اچي پنهنجي انهيءَ آکيري ۾ ويهندو هو. اتفاق سان هڪڙو ٻاهرئين ديس جو پکي اوڏيءَ مهل اتان  اچي لانگهائو ٿيو. هِن پکيءَ جو هيءُ حال ڏسي، کيس چيائين ته ”ادا، تون جو هر گهڙيءَ هيڏا عذاب پيو سهين، تنهن کان ڇو نه، مون سان گڏجي منهنجي وطن هلين! اتي توکي ههڙا ڏک ڏسڻا ڪين پوندا.“ اها ڳالهه ٻڌي، هِن پکيءَ هيءَ ورندي ڏنيس: ”ادا، تنهنجي وڏي مهرباني، پر مون کي ٻڌاءِ ته آءُ پنهنجي اَجهي مٿان هيڏا حملا ڏسي، بزدل ٿي توسان هليو هلان، تنهن کان ڇو نه مڙس ٿي مقابلو ڪريان. ڏکن جا ڏينهن ٿورا آهن، نيٺ هڪ ڏينهن بهار ايندو ۽ منهنجيءَ همت سان منهنجو اَجهو آزاد ٿيندو!“ ڀانيو ٿا ته هُن پکيءَ ڪهڙو جواب ڏنس؟ چيائين ته ”منهنجا ڀاءُ مبارڪ آهي توکي! جي تو ۾ اها همت آهي ته هيءُ درياءُ ڪهڙي ڳالهه آهي، تون ته سمنڊ سان به لڙي سگهين ٿو.“ پکيءَ کي جيڪڏهن پنهنجو آکيرو پيارو هو، ته مون کي پنهنجي ٻيراني ڪيئن نه پياري هوندي؛ پکيءَ جو جيڪڏهن انهيءَ وڻ سان چاهه  هو، ته ڇا، منهنجو سنڌڙيءَ سان ساهه نه هوندو؟ ٻيراني منهنجو جسم آهي، ته سنڌڙي منهنجو ساهه آهي، منهنجي ته اهائي ڪوشش رهندي، ته سنڌڙيءَ جا سڀ ڳوٺن وسن ۽ منهنجا مارو سدا خوشحال هجن!

آءُ جڏهن به پنهنجي ڳوٺ کان ٻاهر ويندو آهيان، تڏهن ڏاڍي اڪير ٿيندي اٿم ۽ جڏهن موٽي اچي شهر جي بازار ۾ گهڙندو آهيان، تڏهن منهنجا نيڻ ٺري پوندا آهن. اسين سڀئي جيڪڏهن انهيءَ پکيءَ وانگر پنهنجي اَجهي سان پيار ڪريون، ته سنڌڙيءَ جا سوين اَجها سوين آکيرا نڪي درياءَ جي ضد ۾ اچن، نڪي سانوڻي ۽ برساتين جون ٻوڏون ڪو ڪک ضايع ڪري سگهن. مون کي يقين آهي ته منهنجي ٻين ڀائرن کي به پنهنجي اَجهي سان، پنهنجي ڳوٺ سان، ساڳي سڪ هوندي.

منهنجي ڳوٺ تي نالو ڪيئن پيو، تنهن لاءِ ڪن جو چوڻ آهي ته ڪنهن زماني ۾ ٻيرانيءَ کان ٻن ميلن جي پنڌ تي درياءَ وهندو هو. درياءَ جي ڪناري تي هڪ مهاڻو رهندو هو، جنهن کي ٽي ڌيئر هيون. انهن مان هڪڙيءَ جو نالو ٻيراڻي هو. اها ڇوڪري جڏهن پرڻي، تڏهن سندس مڙس انهيءَ ساڳئي هنڌ اچي ويٺو. جنهن کي هينئر ٻيرانيءَ جي نالي سان ڪوٺجي ٿو.

ٻيرانيءَ جي آدمشماري اٽڪل ساڍا چار هزار آهي. هتي مَري بلوچ، وساڻ، خاصخيلي، شيدي، سيد، ڀرڳڙي، مگسي ۽ هندو مهاجر رهندڙ آهن. هتي سنڌي ۽ اردو ٻه پرائمري اسڪول، هڪ ڍڪ، هڪ برانچ پوسٽ آفيس ۽ هڪ هاءِ اسڪول به آهي. هاءِ اسڪول جي عمارت تي اٽڪل منو لک رپيا خرچ آيو آهي. اڌ پئسا ضلعي ڪائونسل ۽ باقي اڌ واري رقم چندي وسيلي ورتي ويئي آهي. چندي وارن پئسن مان وڏو حصو مري خاندان جي هڪ مخير عورت ڏنو آهي. هن نيڪ مائيءَ کي ”وڏي امان“ جي نالي سان ڪوٺيو ويندو آهي ۽ اسڪول تي به سندس نالو يعني ”وڏي امان، ڊي. سي هاءِ اسڪول“ رکيو ويو آهي. شهر جي اترطرف کان هڪ پڪو رستو ٽنڊوآدم کان ٻيراني اچي ٿو، جتان وري نئون آباد ڏانهن وڃي ٿو. لارين جي آمدرفت فقط انهيءَ رستي سان ٿيندي آهي. هن رستي جي اتر ۾ هڪ اسپتال ٺهي رهي آهي. شهر جي وچ ۾ هڪ مدرسو آهي، جنهن ۾ ديني تعليم ڏني ويندي آهي. شهر جي اولهه طرف هڪ ڪچو رستو ميرپورخاص کان ٻيرانيءَ اچي ٿو ۽ اتان شهدادپور ڏانهن وڃي ٿو. ٻيو رستي شهر جي اتر طرف دلور ڏانهن وڃي ٿو. هن رستي سان ٻيرانيءَ کان اٺن ميلن جي پنڌ تي برهمڻ آباد جي تاريخي ۽ ڦٽل شهر جا نشان موجود آهن. جنهن کي هاڻي آثار قديمھ جا ماهر ”منصوره آباد“ ڪوٺي، کوٽي رهيا آهن.

ٻيراني شهر جي ٽن طرفن کان باغ آهن. شهر جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترائي ڳوٺ آهن. پري کان اسان جو شهر وڻراهه ۽ باغات جي ڪري نهايت سهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com