سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آڪٽوبر ، ڊسمبر 2000ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل آڪٽوبر، ڊسمبر 2000ع

ايڊيٽر: طارق عالم ابڙو

گذارش

بَديءَ جي طاقتن کي ڪمزور ڪرڻ جو مهينو!

ساٿيو:

سال جي سمورن مهينن ۾ رمضان شريف جي مهيني کي وڏي اهميت حاصل آهي. الله تعاليٰ جو ڪلام يعني قرآن شريف، هن مبارڪ مهيني ۾ لٿو. رسول ڪريم ﷺ جن کي رسالت ۽ نبوت به هن ئي ڀلاري مهيني ۾ عطا ٿي ۽ انهيءَ مهيني ۾ اسلام جي بنيادي فريضن مان هڪ فريضو ’روزو‘، به مقرر ڪيو ويو.

ساٿيو! هن مهيني ۾ اسان کي ’تقويٰ‘ يعني ’پرهيزگاري‘ جو سبق ملي ٿو، جنهن سان اسان جي اندر ۾ بڇڙائي ۽ بدي جون ناپاڪ طاقتون ڪمزور ٿي نابود ٿي وڃن ٿيون ۽ نيڪيءَ جون پاڪ قوتون زور وٺن ٿيون. ’روزو‘ اسان جي اندر موجود نيڪي جي سرسبز ٻوٽي جي لاڳيتو آبياري ڪندو رهي ٿو ۽ اسان پنهنجي نفس تي ضابطو ڪرڻ جي سُهڻي سکيا وٺون ٿا. اهڙيءَ ريت اسان پنهنجي نفس تي حاڪم ٿي ان کي اُتم درجي تي پهچائي سگهون ٿا ۽ پنهنجي حيواني خواهشن تي قابو رکڻ جو عملي طريقو سکون ٿا.

پيارا ساٿيو! ذهني طرح اوهان اڃا گلن جيئن سُرها ۽ نازڪ آهيو، تنهنڪري دنيا ۾ وڇايل دوکن ۽ دولابن جي نظر نه ايندڙ ڄار کان اڻ واقف آهيو. پر جڏهن اوهان پنهنجي تعليم مڪمل ڪري عملي دنيا ۾ قدم رکندا ته اوهان کي ڪيترن ئي منافق، فتني باز شيطان صفت ماڻهن سان نه چاهيندي به رابطي ۾ اچڻو پوندو ۽ اهوئي اهڙو وقت هوندو، جنهن ۾ اوهان کي ’روزي‘ مان حاصل ٿيل اوهان جي اندر موجود حيواني خواهشن تي ضابطي جو مظهر نظر ايندو. ڇاڪاڻ ته ’روزو‘ انسان ۾ سهپ، سمجهه ۽ تدبر پيدا ڪري ٿو، تنهنڪري اسان کي ”تقوى يعنى پرهيزگاري تي باقائدگيءَ سان عمل ڪري پنهنجي اندر موجود بڇڙائي ۽ بدي جي غليظ قوتن کي ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ جي شروعات ڪري ڇڏڻ گهرجي. ۽ هر سال رمضان شريف جي مهيني ۾ نيڪيءَ جي ٻوٽي جي آبياري ڪري قدآوار وڻ جي صورت ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏڻ گهرجي.

اوهان جو

طارق عالم

 

لطيفي لات

هُو پِڻُ ڪونهي هِنِ ري، هِيءُ نه هُنَهان ڌارَ،

”اَلانِسَانُ سِرّيِ و اَناسِرّهُ“ پَروُڙِج پَچارَ،

ڪندا وِيا تَنوارَ، عالمَ عارِفَ اَهڙي.

مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي، هي بيت سُر ’آسا‘ جي داستان پهرئين جو چوٿون نمبر بيت آهي.

سمجهاڻي: هُو يعني ڌڻي، هِن يعني انسان يا سندس وجود کان جدا ناهي ۽ هيءُ يعني انسان، هُن يعني ڌڻيءَ کان اَلڳ ناهي، ”انسان منهنجو ڳُجهه آهي ۽ مان سندس ڳُجهه آهيان.“ (ڌڻي ٿو فرمائي): اِها وائي سمجهج. سچي ڄاڻ وارا درويش اِها لات لنوندا ويا.

ڪلياڻ آڏواڻي

عاصم عباسي

ٻالڪ جي دُعا

حمد سمورن جي تون لائق، منهنجا پاڪَ ڌڻي؛

خالق مالڪ، تون ئي داتا، توکي سگهه گهڻي.

توکي سڏن ٿا، جن ۽ ماڻهو سارا جيت چرند،

بلبل، ڪوئل، ڪڻڇي، طوط ۽ ٻيا کوڙ پرند.

مان هان ننڍڙو ٻالڪ سائين، تو در هٿ کڻي،

توکي ٿو مان عرض ڪيان او پرور هٿ کڻي.

دين سچي جي مون کي مولا، ڏي تون ڪا سمڪ،

منهنجي دل ۾ پنهنجي سڃاڻپ جي وجهه ڪا ته چمڪ.

علم عطا ڪر، علم عطا ڪر، منهنجو علم وڌاءِ!

علم سان اُلفت، چاهه عطا ڪر، مون کي اهڙو بڻاءِ!

مسڪينن سان محبت مالڪ، منهنجي من ۾ پئي،

هر ڏکيءَ سان اُلفت مالڪ، منهنجي من ۾ پئي.

وڏڙن جي پڻ عزت، عظمت، مون ۾ رب سماءِ!

هڪ جيڏن سان پيار ۽ شفقت، مون ۾ رب سماءِ!

جيون سارو حق سچ جو ٿيان، مون کي ساڃهه ڏي،

ڪوڙ، حسد کان ڏور ڀڄان مان، مون کي ساڃهه ڏي.

پنهنجي ڌرتيءَ جو مان مالڪ، جوڌو جيالو ٿيان،

جيڪو ميري اک کڻي ٿو، تنهن سان خوب لڙان.

”عاصم“ کي توفيق عطا ڪر، سهڻي عادت جي،

نيڪين جي ۽ ٻيو او سائين، پنهنجي عبادت جي.

 

مشتاق بخاري

سوال؟

ڇولن جو هڪ ٿالهه کڻي ٿو،

مستقبل جو خيال کڻي ٿو.

 

پنهنجي گهر کان گهٽين تائين،

هيڻو پنهنجو حال کڻي ٿو.

 

پنهنجي گهر جي آڳرُ تان هو،

مايوسين جو مال کڻي ٿو.

 

ننڍڙي عمر ۾ پنهنجي مٿي تي،

گهر جو سڀ جنجال کڻي ٿو.

 

ڪين ڪري هُو بُر سگهي ٿو،

جيڪو گهر مال خال کڻي ٿو.

 

بک تي بابا ڪونه سُتو اڄ،

کٽ تان هڪڙو سوال کڻي ٿو.

 

لڙڪَ اگهڻ لئه چوريءَ ڪنهن جو،

ننڍڙو هڪ رومال کڻي ٿو.

غلام محمد ”غازي“

گيت

سورج نڪتو آيو ڦيرو،

ٽاريءَ ٽاريءَ ڳائي ڳيرو.

راتُ کٽي پئي ويو انڌيرو،

جاڳو جاڳو ٿيو سويرو.

ماڪ مٿان مکڙين تي پيئي،

ڌوئي ٿي تن جو منهن ميرو.

پکي پکڻ سڀ رزق جي خاطر،

ڳولهن ٿا پيا ديرو ديرو.

کٽڙيءَ تي ويٺو آ پوڙهو،

پوءِ به ڪَتَي ٿو ڏاسَ جو ڍيرو.

ڌرتيءَ سائي ساڙهي پاتي،

گُل گُل تي آ ڀنورن پيرو.

سوچيان ويٺو پکي وڻن ۾،

ڪيئن ته ٺاهن ٿا آکيرو.

آءٌ ته ”غازي“ گڏجي کائون،

جوئر جي ماني مکڻ جو پيڙو.

 

ملهار سنڌي

بجلي

منهنجو نالو بجلي ٻارو!

مون سان روشن جڳ آ سارو.

مون بِن ڪير گذاري سگهندو،

پنهنجي پگهر ۾ هرڪو ٻُڏندو.

بلب ۽ راڊون ٻاريندي هان،

پَکا خوب هلائيندي هان.

جَڳَ جو چرخو عَجَب چلايان،

ٻارن جون دِلڙيون وندرايان.

آءٌ هلايان هيٽر ٻارو!

ٽي. وي. ٽيپ ۽ موٽر ٻآرو!‘

کوڙ هلايان ٿي ڪارخانا،

ٿورا ڪيئن لاهيندين زمانا.

اي سِي. فرجون آءٌ هلايان،

ڪيڏا ٿي مان رنگ رَچايان.

گهڙي کَنُ جي رُسندي آهيان،

جَڳُ پريشان ڏسندي آهيان.

ملڪ جو بار ڪُلهن تي آهي،

ڄَڻُ سنسار ڪُلهن تي آهي.

لوڪ تڏهن ناراض ٿئي ٿو،

بِلُ جڏهن ”ملهارَ“ ڀَري ٿو.

گل ٽکڙائي

هي چنڊ ۽ ستارا....

گُلڙن جيان پيارا ڌرتيءَ جا ٻار سارا،

چمڪن سدائين ويٺا هي چنڊ ۽ ستارا.

روشن ضمير آهن ڏاڍا امير آهن،

پارس ۽ پِير آهن، سڀنين اکين جا تارا.

چاهي هنن کي هرڪو سيني سان ٿو لڳائي،

سينگار محفلن جا محبوب مانَ وارا.

ننڍڙا نماڻا آهن، ڪيڏا سياڻا آهن،

موتين جا داڻا آهن، نوري سندن نظارا.

ننڍڙا نفيس هوندي فولاد پڻ لڳن ٿا،

تن من گلاب تن جو سنڌڙيءَ جي سونهن سارا.

همت ۽ حوصلي ۾ مَٽ پنهنجو ڪين ڄاڻن،

دلبر دلير آهن، هوشوءَ ۽ دودي پارا.

لاٽون وفا جون ٻاري هرجاءِ تي اچن ٿا،

توڙي انهن جي آڏو سانوڻ هجن سيارا.

”گل“ ساک خوب ڏيندو ايندڙ زمانو تن جي،

ٿيا شانَ مانَ وارا، هر جيءَ جا جيارا.

تابش بخاري

منهنجي ديس جا ٻار....

جي ٻاتا ٻول ٻڌائن ٿا،

من مکڙين جيان مهڪائن ٿا.

سي ديس منهنجي جا آهن ٻآر،

سي ساڻيهه جا آهن سينگار.

ڪيئن تن کان ڌار رهان جڳ ۾،

ريءَ ٻارن ڪيئن جيان جڳ ۾.

هي ٻار سدا آباد رهن،

خوشحال رهن ۽ شاد رهن.

هي ملڪ جو مانُ وڌايندا.

بر ٿر کي باغ بنائيندا.

هي علم جي مشعل ٻاريندا،

جهر جهنگ ۾ جوت جلائيندا.

ڪي ڊاڪٽر ۽ استاد ٿيندا،

هن ملڪ جو اوچو ڳاٽ ڪندا.

ڪي عالم سائنسدان ٿيندا،

ڪي ’سچا سياستدان‘ ٿيندا.

ڪي ليکڪ ٿي لکندا رهندا،

۽ قوم ستل بيدار ڪندا.

پو ”تابش“ ڇو نه لکان تن لئه،

هي صدقي جان ڪيان تن لئه.

ذوالفقار شيخ

مالهي

گُلڙن سان دل وندرائي،

هر هر پيو تن کي ٺاهي.

ڏسو ڏسو هُو مالهي آ،

ٻوٽا هُن لئه ٻارن جهڙا.

اُڀ جي سُهِڻن تارن جهڙا،

سيني سان تن کي لائي.

ٻوٽو، جيڪو مُرجهائي،

تنهن کي ٿو هو ڳر لائي.

روز ڪري ٿو صاف پنن کي،

گونچن کي هٿڙا لائي.

باغيچي ۾ گاهه ڪَٽي،

ٻوٽن لاءِ ٿو ٻنڙا ٺاهي.

پابنديءَ سان پاڻي ڏِئي ٿو،

ڏِسي گلن کي خوش ٿئي ٿو.

ڪيڏي محبت وارو آهي،

ڏسو ڏسو هُو مالهي آهي.

ثناءُ الله عتيق چنجڻي

آکيرو

گهٽيءَ ۾ گڏ ٿيا هن کوڙ پکي،

ڪک پن ميڙين پيا رکي رکي.

هيءُ جي کنياٿن چهنب ۾ سَر،

ٻچڙن لاءِ ٺاهيندا گهر.

چُهنب ۾ کنيو اٿن پلال،

پَرَ هڻن ٿا ڏسو ڪمال.

اٿن آکيري جي ڳڻتي،

جهرڪ- جهرڪي ڪن پيا ڦڙتي.

شور نه مچايو ٻالڪ پيارا،

اُڏري ويندا سڀ ويچارا.

ڀل ته بڻائن واهيرا،

پنهنجن ٻچن لئه آکيرا.

سِکو توهان به ٻار مِڙئي،

تلاءُ ڪندي آ، ڦُڙي- ڦُڙي.

 

شمسي

منهنجي ٻڪري

منهنجي آ پياري ٻڪري،

شوق مان مون ڌاري ٻڪري.

گاهه ٿي کائي ڀاڪر کَن،

ڪڏهن ڪڏهن ڏيانس ٿو اَنُ.

رنگ جي آ ڪاري ٻڪري،

ويندو آهيانس ڇوڙي جهنگ.

وڏو اٿس چرڻ جو ڍنگ.

ڳانين سان مون سينگاري.

مون کي نه ڏسِي ٻيڪي پياري،

وڙهي انهن سان ڇوڙنس جيڪي.

آ ڏاڍي ڀاڳن واري،

ڀائر ڀينر رکنس خيال.

ڪري نه هرو ڀرو تال،

شوق سان کائي ٿي ساري.

گهر سڄي کي آ پياري،

ننڍو وڏو هرڪو چاهيس،

صورت جي آ موچاري.

”شمسي“ جو آ تنهن ۾ ساهه،

کُٽي نه تنهن وٽان اصل گاهه.

قلب سومرو

سنڌي ٽوپي

ٻالڪ آيو ٽوپي پائي،

ٽوپيءَ سان پيو پاڻ پَڏائي.

هڪ جيڏن کي هر هر چَئي،

ٽوپيءَ کي ڪو هَٿُ نه لائي.

ٽوپي منهنجي سُهڻي سُٺي،

سِنڌڙيءَ جي نشاني مِٺي،

توهان به پنهنجي بابل کان،

ٽوپي پايو پاڻ گهرائي- ٻالڪ آيو....

ڏسو ته ڪيڏي چمڪي ٿي پئي،

ڀَرت ڪاوَن ۾ جرڪي ٿي پئي،

ڏاڍي سِرَ تي سونهي ٿي پئي،

پائي هلون سڀ هٿ ملائي- ٻالڪ آيو....

ڏسو ته هن جي ڀلي بناوت،

رنگن گلن جي ڪيڏي سجاوٽ،

ڪيئن پوپٽ ڀُلجي ويٺو آهي،

يَرَ ڪوئي اُن کي ڪينَ اُڏائي- ٻالڪ آيو....

هيءَ ٽوپي اسان جو شان آهي،

هيءَ ٽوپي اسان جو مانُ آهي،

پايون سدا ۽ ڳايو اُن کي،

ويهون ڪڏهن شل ڪين ڀُلائي- ٻالڪ آيو....

ميري اُن ڏي اک کڻي جو،

ويري پنهنجو سمجهون سَو،

ٽوپي ثقافت آهي اسان جي،

ڇڏيون اُن کي خوب سمجهائي- ٻالڪ آيو....

محمد اسحاق

صوم

اسلامي ڪيلينڊر ۾ رمضان جي مهيني کي وڏي اهميت حاصل آهي. الله تعاليٰ جي ڪلام مبارڪ ۽ رسول الله ﷺ جي حديث پاڪ ۾ هن مهيني کي برڪتن وارو مهينو قرار ڏنو ويو آهي. الله تعاليٰ جو ڪلام، يعني قرآن ڪريم هن مهيني ۾ لٿو. رسول الله ﷺ کي رسالت ۽ نبوت به هن مهيني ۾ عطا ٿي. انهيءَ مهيني ۾ هڪ اهڙي رات آهي جنهن ۾ عبادت جو ثواب هزار مهينن جي عبادت کان به وڌيڪ ملي ٿو. ۽ انهيءَ مهيني ۾ اسلام جي بنيادي فريضن مان هڪ فريضو ”صوم“ به مقرر ڪيو ويو آهي.

صوم کي اسين ”روزو“ چوندا آهيون. ”صوم جي معنيٰ آهي. روڪڻ، بيهجِي وڃڻ- هڪڙيئي حالت ۾ رهڻ، چپ رهڻ. ۽ اسلامي شريعت جي حڪم ۾ صوم جي معنيٰ آهي فجر کان وٺي سج لهڻ تائين کائڻ پيئڻ، صحبت ڪرڻ ۽ انهن ڳالهين کان پاسيرو رهڻ جن سان روزو ڀڄي پوي ٿو. ۽ ان ۾ نيت ڪرڻ به شرط آهي. ۽ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته روزو صحيح معنيٰ ۾ تڏهن ثواب جو ذريعو ٿيندو، جڏهن ڪوڙ ڳالهائڻ، غيبت ڪرڻ، چغلي هڻڻ ۽ اهڙين ٻين حرڪتن کان به پاسيرو رهجي.“

قرآن ڪريم ۽ روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته پهرين امتن تي به روزا فرض هئا. ۽ مسلمانن لاءِ هن عبادت کي خاص طور مقرر ڪيو ويو ۽ ان عبادت جا وڏا مقصد رکيا ويا. قرآن ڪريم ۾ روزي جو حڪم ڏيندي الله تعاليٰ فرمايو آهي:

ترجمو: ”اي مؤمنو جيئن اوهان کان اڳين تي روزا فرض ڪيا ويا هئا. تيئن اوهان تي به روزا فرض ڪيا ويا آهن. تان ته اوهان پرهيزگاري ڪريو.“ (سورة البقره آيت نمبر 183).

ٻي آيت ۾ فرمايو ويو آهي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com