سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون 1979ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل جون 1979ع

ايڊيٽر: انور هالائي

ڳالهه ٻولهه

 پيارا ٻارؤ،

جون جو پرچو اوهان جي آڏو آهي. نئين سال جي شروع کان وٺي اسان گل  ڦل ۾ نواڻ آندي آهي. اها اوهان جي صلاحن ۽ مشورن جي روشنيءَ ۾ آندي اٿئون. سائنسي مضمون هر پرچي ۾ ڏيئي رهيا آهيون. سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون رڳو دادا سنڌي ئي لکي موڪلي ٿو. اهي جڏهن به اسان وٽ پهچنديون آهن. اسان ڇاپيندا آهيون. ٻيو ڪير به هن ڪالم ۾ اسان سان ساٿ نٿو ڏي. ڪن ٻارن جا ڪاوڙ ڀريا خط ان لاءِ اچن ٿا جو سندن مواد شايع ڪونه ٿو ٿئي جيتوڻيڪ انهن جو مواد شايع ڪرڻ جهڙو نه هوندو آهي. اسان وسان ڪونه گهٽايو آهي ته هر ٻار جو مواد ٺاهي جوڙي شايع ڪريون. پر جيڪو مواد، ادبي ڏانءُ وٽان نه هوندو، اهو شايع ڪرڻ کان اسين بنهه مجبور آهيون. ڪي ٻار ڪن نون ڪالمن کي شروع ڪرڻ لاءِ خط لکن ٿا. پر انهن کي هن ننڍڙي پرچي جي هيترن سارن ڪالمن ڏانهن به ڌيان ڏيڻ گهرجي. انهن مجبورين جي ڪري في الحال ڪو نئون ڪالم جاري ڪرڻ اسان لاءِ ممڪن ڪونهي.

اسين چاهيون ٿا ته سنڌ جا سڀئي ٻار ٻولي ۽ ادب جا ناميارا ليکڪ ٿين پر ان لاءِ کين محنت ڪرڻي پوندي. سٺا سٺا ڪتاب پڙهڻا پوندا جيئن هنن ۾ لکڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي. ڪن ٻارن کي پنهنجي غريب هجڻ يا ٻهراڙيءَ جا هجڻ جي شڪايت آهي. انهن کي اسين گذارش ٿا ڪريون ته اسان جي لاءِ سڀ ٻار هڪجهڙا آهن: نه ڪو غريب آهي نه امير. نه ڪو شهري آهي، نه ٻهراڙيءَ وارو، نه ڪو گورو آهي نه  ڪو ڪارو. اسان کي سنڌ جا سڀ ٻار پيارا آهن. اسان جو اهو وعدو آهي ته بنا ڪنهن ذات، نسل ۽ شهري فرق جي سندن سمورو مواد شايع ڪندا رهنداسون ۽ انهيءَ ۾ ڪنهن به پاسخاطريءَ کان ڪم ڪونه وٺنداسين.

اوهان جو ڀاءُ

انور هالائي

سچائيءَ جا ڪرڻا

قرآن پاڪ

1- جن ماڻهن ايمان آندو، جن چڱا ڪم ۽ هن (قرآن پاڪ) تي ايمان آندو، جيڪو محمد (صلي الله عليه وسلم) تي لاٿو ويو ۽ اهو ئي پروردگار جي طرفان سچو مذهب آهي. خدا انهن سڀني مان خرابيون ڪڍي ڇڏيندو ۽ سندن حالت کي سڌاريندو. (26- پارو)

2- زمين تي آڪڙ ڪري نه هل. بيشڪ تون نه زمين کي ڦاڙي سگهندين ۽ نه ئي جبلن جي اوچائي کي رسي سگهندين (15- پارو)

3- بيشڪ خدا انصاف ڪندڙن کي دوست بنائي ٿو. (6- پارو)

حديث شريف

1- حضرت انس رضه جو بيان آهي ته حضور پاڪ جن فرمايو ته خدا تعاليٰ انهيءَ ٻانهي کي ان حال ۾ ڏسي خوش ٿئي ٿو ته هو هڪ گراهه کائي ته ان تي خدا جي ساراهه ڪري يا هڪ ڍڪ پاڻيءَ جو پئي ته ان تي به خدا جي ساراهه ڪري. (مسلم)

2- حضرت انس رضه کان روايت آهي ته حضور پاڪ جن فرمايو ته اوهان مان ڪنهن جو ايمان تيستائين مڪمل نٿو ٿئي جيستائين ان اڳيان سندس پيءُ، پٽ ۽ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ محبوب نه بڻجي وڃان. (بخاري)

3- حضرت جابر رضه کان روايت آهي ته حضور پاڪ جن فرمايو ته ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ کان پهرين سلام ڪرڻ گهرجي. (ترمذي)

لطيفي لات

لالَ ڪي لالُ ٿيا، لالُ لَنِگهيو جِن،

عَدَمَ جي اوڙاههَ تي، ڪَيا آسَڻ آڌوتِيَن،

گَرادانِيون گُنگَنِ، گِردابَ کي گيَانَ سين.

(شاهه ) – ڪلياڻ آڏواڻي وارو نسخو.

هي بيت حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سر رامڪليءَ ۾ داستان پنجين جو اٺون بيت آهي.

سمجهاڻي:

اهي ڪي ٿورا سچا فقير آهن جي روحاني رنگ ۾ رچي لال ٿيا، جن وٽان سچي لال جهڙو بي بها سڄڻ اچي لنگهيو. (جن خدا جي زيارت ڪئي.)  انهن ويراڳين (دنيا ڇڏيندڙن) نيستي جي اوڙاهه ۾ پنهنجا گهر اڏيا اٿن (خوديءَ کي مات ڪيو اٿن) هنن ماٺيڻن پنهنجي نفس کي معرفت سان ولوڙي مات ڪري ڇڏيو. يعني هنن جئڻ ۽ مرڻ ٻنهي کي شڪست ڏيئي ڇڏي.

معنيٰ:

لال=  سچا. لال=  ريٽو ٿيل. لال=  بي بها سڄڻ. جن وٽان لنگهيو (جن زيارت ڪئي). عدم=  نيستي، نه هجڻ. آسڻ=  گهر. آڏوتين=  جوڳين، ويراڳين گردانيو=  ولوڙيو. مڃيو، قبوليو. گنگن=  ماٺيڻن. گرداب=  ڪن. نفس. گيان=  سچي ڄاڻ

رضيه نور شهوڪ

مامتا

گُلَ کي هڪ هو پيارو گل،

سهڻو خوشبوءِ وارو گُل.

ٽڙِندو ٽِپَندو مون وٽ آيو،

جيجل ڏس هي نيارو گل.

توکي امڙ هِي تحفو ڏيندس،

رنگ گلابيءَ وارو گل.

چيم ته پُٽڙا! هن کان سهڻو،

منهنجي اک جو تارو گل.

هي گل اکڙيون ٺاري ٿو،

پر منهنجو جيءَ جيارو گل.

چيائين ته ڪاٿي آهي جيجل!

مون کي ڏي تو وارو گل.

گود ويهاري چيم ته  پُٽڙا،

تون ئي ته منهنجو پيارو گل.

نور- نظر! هي تو وٽ تنهنجو،

مون وٽ ڏس مون وارو گل.

مختيار ملڪ

ڪاغذ جي ٻيڙي

ڪالهه سکي مون آهي ٺاهڻ، ڪاغذ جي ٻيڙي،

ٻارو! مان هڪ ٻيڙي ٺاهي، ناليءَ ۾ گهيڙي.

”تکي آ منهنجي ٻيڙي سڀ کان“ مون آواز لڳايو،

منهنجو سنگتي سرمد ڀي آ ٻيڙي ٺاهي آيو.

ٻار مڙي ويا منهنجي چوڌر ويٺس ميڙ مچايو،

سڀني چيو ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان سڀ ريس پڄايو.

’ون ٽوٿري‘ جو ڪاشن ملندي ٻيڙي ٻنهي ڇڏي،

اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڄڻ ته هئي ڪا جنگ وڏي.

ٿورو اڳتي هلندي منهنجي لُڏي وئي ٻيڙي،

لَڏي لَمي پو آخر منهنجي ٻڏي وئي ٻيڙي.

هٺ ڪيو هو هيڏو هاءِ، ڀاءُ اجايو مون،

پنهنجي ڪئي تي آهي ڏاڍو اڄ پڇتايو مون.

هيءَ حياتي ٻي آهي ڄڻ، ٻيڙي ڪاغذ جي،

جيڪا جڏهن به ڊهي پوي ٿي، ڪڏهن نه جڙي ٿي.

اچو ته اهڙو هن جيون ۾ پختائپ جو رنگ ڀريون،

پاڻ به سک وٺون ۽ ساري جڳ لاءِ سک ڪريون.

حيدر شاهه

ڦرڻي

ڪري ڪاغذ ڀاڱا چار،

مون ڪئي ڦرڻي آهي تيار.

انور! تون ڀي ڦرڻي ٺاهه،

اڪبر تون پڻ ڦرڻي ٺاهه،

جن ۾ سهڻا رنگ سجاءِ،

ڳاڙها، پيلا ڌارون ڌار،

مون ڪئي ڦرڻي آهي تيار.

هرڪو پنهنجي ڦرڻي کڻي،

جنهنجي دل کي جيڪا وڻي،

ڦرڻيءَ ۾ پوءِ سوئو هڻي،

خوب گهمايو اُن کي يار،

مون ڪئي ڦرڻي آهي تيار.

ون ٽو ٿري جڏهن چوان،

ڏاڍو وٺي ڊوڙو توهان،

ڦرڻي ٿيندي ويندي روان،

ٺاهي بيهو سڀ قطار،

مون ڪئي ڦرڻي آهي تيار.

اچو ان سان من پرڀايون،

گيت خوشيءَ جا گڏجي ڳايون،

گڏجي سڏجي ڌوم مچايون،

گهمڻ هلون پوءِ بازار،

مون ڪئي ڦرڻي آهي تيار.

حبيب الله رحيم مرزا

ڦليليءَ جي آتم ڪهاڻي

حيدرآباد شهر جا قديمي ماڻهو چوندا آهن، ته هڪ ڀيرو گهڻو گهڻو اڳي سنڌ درياءَ مان هڪ وڏو اجگر نڪتو هو: هڪ وڏو وڏو نانگ نڪتو هو: جو درياءَ مان نڪري وروڪڙ کائيندو، جيئن گسڪندو گسڪندو ويو هو. تيئن هڪ ننڍي ندي يا نهر ٺهي پئي هئي: جنهن کي ”ڦليلي“ ڪري ٿا چون. ماڻهو به ڪهڙا نه عجيب آهن: ڀلا ايڏو وڏو ڪو نانگ هوندو آهي؟ ڀلا ائين زمين کي چيري ڪا شئي هلي سگهندي آهي؟ ماڻهو ڪي پاڳل آهن. وري ائين به چوندا آهن، ته اُن نانگ کي هٿ ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جا ست جوڳي، پنهنجيون مرليون هٿن ۾ کڻي، انهن کي وڄائيندا وڄائيندا نانگ جي پٺيان پيا هئا. ڏاڍا وس ڪيائون ته اُن کي پڪڙين، پر نانگ سندن هٿ نه آيو. ڀلا پوءِ اهو عجيب نانگ ڪيڏانهن ويو؟ ڪيڏانهن ويو هو ندو؟ حيدرآباد جا ماڻهو ائين چوندا آهن، ته اهو وڏو ۽ عجيب نانگ ”ڪڇ جي رڻ“ ۾ گم ٿي ويو هو.

هي تو ٿيون ڳالهيون جيترا وات اوتريون ڳالهيون ماڻهن کي جيئن وڻي تيئن پيا چون. ڀلي چون، پر مون کان پڇيو اٿن ته آئون ڪيئن پيدا ٿي هيس؟ هاڻي ٻڌو: آئون گهڻو گهڻو اڳي هن ئي درياء مان ڦٽي نڪتي هيس. آئون ”سنڌو درياء“ جي ٻچڙي آهيان. هڪ نماڻيءَ  ڌيءَ آهيان. ليڪن جنهن يا جاءِکان آئون ڦٽي نڪتي هيس، اهو هنڌ ”ڄامشوري“ وٽ هرگز نه هو: اهو هنڌ ئي ٻيو هو. هيءُ ته نقلي منهن ڪڍيو ويو آهي، جو انگريزن جي دور ۾ بنايو ويو هو، جنهن کي تڏهن ”نئين ڦليلي“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. منهنجو اصلي منهن: منهنجي جنم جي جاءِ: ”گهلين“ جي ڳوٺ جي ويجهو آهي. جنهن جي باري ۾ چوندا آهن ته اهو ”پراڻي ڦليلي“ جو منهن آهي. سچ ته اهو ئي هنڌ منهنجي پيدائش جي جاءِ آهي.

مون ڪيئي دور ڏٺا آهن. اوهان تاريخ ۾ پڙهيو هوندو. منهنجي ڪنڌيءَ تي سنه 1843ع ۾ ”مياڻي جي لڙائيءَ“ لڳي هئي. اها انگريزن ۽ سنڌين جي وچ ۾ لڳي هئي تاريخ ۾ اُن کي ”ميرن جي لڙائي“ ڪري چوندا آهن. ميرن پنهنجو ڳپيل لشڪر منهنجي سڪل پيٽ ۾ بهاريو هو. تڏهن سيارو هو، آءٌ سڄي سڪل هيس. اوهان ته پڙهيو هوندو ته جيسين اهو لشڪر منهنجي پناهه ۾ هو تسين انگريزن جي بندوقن ۽ توبن جو انهن تي ڪو به اثر ڪين ٿيو هو. سچ ته انگريز اها لڙائي هارائي چڪا هئا، پر جڏهن ميرن جو لشڪر منهنجي پناهه مان نڪري ٻاهر ٿيو تڏهن اُن جي هار ٿي هئي.

هاڻي آئون اوهان کي ٻڌائينديس ته مون کي ”ڦليلي“ ڇو ٿا سڏين. سو ان جو جواب اهو آهي جو منهنجي ڪپر تي سڄي خواهه کٻي گلستان ئي گلستان آهن. ميوي ۽ گلاب جا وڏا وڏا باغ آهن. البته هاڻي گلن جا باغ ختم ٿي ويا آهن. هاڻي سچ پچ ”سچي گلاب“ جو ماڻهن ۾ قدر ئي ڪونهي. باغائي ”سچو گلاب“ ڇا جي لاءِ پوکين؟ هاڻي ته رڳو نقلي گلاب ٿو وڪامي. سچائيءَ جو زمانو ويو هليو. اڳي منهنجي ڪپر تي سٺي سرهي گلاب جا باغ هئا. جتان منهنجو گس هوندو هو اتان رڳي هٻڪار پئي ايندي هئي. منهنجو نالو اُن مناسبت سان ”ڦليلي“ رکيو ويو هو. سچي گلاب مان عرق ٺهي ٿوڳ: تيل ڦليل ٺهن ٿا. سچي گلاب مان عطر ٺهي ٿو: گلقند ٺهي ٿو. مون کي افسوس آهي، جو جيئن اڳيان باغ ڦِٽندا ٿا وڃن تيئن انهن جي جاءِ تي ٻيا اهڙا ٻوٽا نٿا پوکيا وڃن.

منهنجي پاڻيءَ کي ڪن صدين کان وٺي، حيدرآباد ۽ اُن جي آسپاس جي ضلعن جا ماڻهو ڪم ۾ آڻيندا ٿا اچن. منهنجي پاڻيءَ تي سڄي ”لوئر سنڌ“ جا باغ ٻنيون ٿا ٿين. منهنجي پاڻيءَ تي جو ميوو تيار ٿو ٿئي، اُن جي ڳالهه نه پڇيو. انب، زيتون، توت، صوف ڇا نٿو ٿئي منهنجي پاڻي جا انب دنيا جي انبن کان وڌيڪ لذيذ ٿا ٿين. لاڙ جا انب: اڳي انهن انبن کي ٻيڙين جي وسيلي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ڏانهن موڪليو ويندو هو. اوهان هاڻي ئي کڻي ڏسو. منهنجي ڪپر تي جي باغ آهن، جيتوڻيڪ انهن ۾ هر قسم جو ميوو ٿئي ٿو: پر انب انهن ۾ سڀ کان سرس ٿئي ٿو. انب منهنجي ۾ خاص خوبي آهي انب جي ڪري آئون ملڪين مشهور آهيان.

جڏهن ٻيڙين جو ذڪر نڪتو ته مون کي پنهنجو اڳيون اوج ياد اچي ويو آهي. جڏهن سَون بلڪ هزارن جي تعداد ۾ ٻيڙيون، ٻيڙا ۽ بتيلا منهنجي سيني تي سير ڪندا هئا ۽ پيا اچ وڃ ڪندا هئا: ڇاڪاڻ جو سندن آمدرفت جو رڳو اهوئي وسيلو هوندو هو. تڏهين نه ريلون هيون نه وري لاريون هيون. تڏهن حيدرآباد جا ملاح مال سان ٻيڙا ٽمٽار ڪري، منهنجي سيني تي هلائيندا هئا. اوهان هينئر به اهڙا ڪيئي ماڻهو ڏسندا، جن منهنجو اڳيون اوج ڏٺو هو. اِهي ٻڌائيندا ته منهنجي ٻنهي ڪَپَرن تي سدائين ٻيڙين جي ”جهرمر“ لڳي پئي هوندي هئي. انهن کان پڇو، اهي ٻڌائيندا ته هن شهر ۾ ”ڪاري موري“ کان وٺي ”ٺاڪوءَ جي تڙ تائين“ ٻيڙن ۽ بتيلن جون قطارون بيٺيون هونديون هيون. انهن  ۾ ڪٿان ڪٿان جا مال اسباب چاڙهي، مختلف هنڌن ڏانهن موڪليندا هئا.، لاڙ جا مال: ڪيٽي بندر جو ڪاٺ، گنجي ٽڪر جو ميٽ، غرض ته اُها هر شئي، جا سنڌ ۾ ٿي ٿئي، منهنجي سيني تي رکي هڪ هنڌ کان ٻيڙين ۾ ڀري، ٻئي هنڌ  ڏانهن موڪلي ويندي هئي. منهنجي سيني تي چڙهي مهاڻا مڇيءَ جو شڪار ڪندا هئا. منهنجا ڪُرڙا مشهور آهن. کڳا. ڪُرڙا، ڏنڀرا، گندڻ، ڄرڪا، گانگٽ جي حيدرآباد جو  سڄو ضلعو: بلڪ ڪڇ جي رڻ تائين، سڄي لوئر سنڌ جا ماڻهو لائيندا هئا. هي سڀ شيون منهنجي مٺي پاڻيءَ تي پلبيون هيون.

جڏهن ”لوئر سنڌ“ يعني لاڙ جو ذڪر نڪتو ته مون کي هڪ ٻئي مزي جهڙي ڳالهه ياد آئي. اها هيءَ ته لاڙ جا ماڻهو (سواءِ حيدرآباد جي) مون کي هڪ ٻئي نالي سان سڏيندا آهن. اُهي مون کي ڦليلي هرگز نه چوندا آهن. آئون انهن لاءِ ”گوني“ آهيان. آهيان ته ساڳي ڦليلي. ليڪن انهن مون کي ”پيار مان“ گوني نالو ڏنو آهي. انگريزن به مون کي اُن نالي سان سڏيو هو. انهن ته هتي جي مختيارڪار کي ”گونيءَ جو مختيار ڪار“ ڪري سڏيو هو. ٽنڊي محمد خان کان وٺي ڪڇ جي رڻ تائين مون کي گوني سڏيندا آهن.

انگريزن کي آئون اُن ڪري به ياد ڪندي آهيان جو انهن مختلف هنڌن تي، منهنجي مٿان ڪيتريون ساريون پليون تعمير ڪرايون هيون. اهي ڏاڍيون مضبوط هيون. مثلا ”اڇي موري“، ”ڪاري موري“ ”۽ ريل گاڏين لاءِ ريلوي پليون“. ٻيو ته انگريزن ولايت مان وڏا ۽ سهڻا آکبوٽ ۽ ننڍا اسٽيمبر گهرائي منهنجي سيني تي هلايا هئا. حيدرآباد کان وٺي ٽنڊي محمد خان ۽ ماتليءَ تائين آگبوٽ پيا ايندا ويندا هئا. انهن ۾ ماڻهو خواه ٻيون شيون هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچايون وينديون هيون. ڇاڪاڻ ته هڪ دؤر اهڙو به هو جو جنهن کي ”بدين لائين“ ٿا چون، سا بلڪل بند هئي. اُن دور ۾ آگبوٽن ذريعي حيدرآباد جا ماڻهو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ايندا ويندا هئا.

مون کي ته ڪيتريون خوشيون ۽ آرام حاصل آهن. پر هڪ ڳالهه جو مون کي ڏاڍو ڏک آهي. جو منهنجي اصلوڪو ڄمڻ جو هنڌ جنهن کي ڦليليءَ جو پراڻو منهن ٿا چون هاڻي مورڳوئي بند ڪيو ويو آهي. هاڻي ڄامشوري وارو منهن قائم ڪيو ويو آهي. اُن کي منهنجي ڄمڻ جي جاءِ ٻڌايو ٿو وڃي. اهو سڄو ڪم انگريزن واري دور ۾ ڪيو ويو هو. ڀلا ٻڌايو ته ماڻهو پنهنجي جنم جي جاءِ کي ائين تبديل ڪري سگهندو آهي؟ ائين ته غلط آهي. مون کي ان جو ڏاڍو ڏک آهي. ٻي ڳالهه ته اصل ۾ آئون هڪ ”ناٽ“ آهيان. واهه هرگز نه آهيان. جي مون تي اعتبار نه اچيو ته انهن کان پڇي ڏسو، جي قديمي باشندا آهن. ڦليليءَ کي هميشہ کان ”ڦليلي ڦاٽ“ ڪري سڏيو ويندو هو. هاڻي مون کي ”ڦليلي واهه“ ڪري ٿا سڏين. مون کي پنهنجي ذات جي هن تبديليءَ جو به ارمان آهي.

ڦليليءَ جو اهو منهن: جنهن کي اڳي نئون منهن چوندا هئا: اتان جا شاخ ڪڍي وئي هئي، اها گرچ منهنجي ئي ڀيڻ هئي، جيتوڻيڪ اُها مون وانگي پاڻهي ڄمي ڪين نڪتي هئي، اها هٿ سان کوٽي بنائي وئي هئي. ها ته گهڻو پوءِ کوٽي وئي هئي. آئون اُن نهر سان نفرت نه ٿي ڪريان. اسين ٻئي سڳيون ڀيڻون هيون سين. جاڙيون ڀيڻون. اوهين حيدرآباد جي ماڻهن کان پڇي ڏسو، اهي اوهان کي ٻڌائيندا ته اسين ٻه ڀيڻون، ڪيئن نه، ”رشي گهاٽ“ وٽ، هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي ملنديون هيون سين. اُن هنڌ تي ”گنگا جمنا“ وارو ڦطارو هوندو هو. هن نظاري کي ڏسڻ لاءِ شهر جا ماڻهو صبح ۽ شام جو پنڌ ڪري ايندا هئا. اها سندن تفريح هو ندي هئي. هن هنڌ کان مشهور باغ ”شامداس پارڪ“ نالي شروع ٿيندو هو. اهو پارڪ اٽڪل هڪ ميل يا منو ميل ڊگهو هوندو هو. هن پارڪ کي منهنجي ساڄي ڪپ تي بنايو ويو هو. اهڙو عمدو پارڪ هو جو اُن جهڙو ٻيو سڄيءَ سنڌ ۾ نه هوندو هو. موکي اُن جو به افسوس آهي. گلن جي باغن جيان اُهو به اُجڙي ويو آهي. سچ ٻڌايانو ته نه رڳو هيءَ باغ پر منهنجو سڄو ڪپ حيدرآباد جي ماڻهن جو هڪ تفريح گاهه هو. منهنجي ڪپ تي  ماڻهو محفلون ڪندا هئا. منهنجي ڪپ تي شوقين جوان ”پڪنڪون“ اچي ڪندا هئا. منهنجي ڪپ تي روزانو هندو مايون اچي آکا پائينديون هيون. منهنجي ڪپ تي درويش ۽ فقير ماڻهو اچي وسلم (آرام) ڪندا هئا. پنهنجا آستانا ٺاهيندا هئا. اهڙا مشهور هنڌ هڪ ته ”رشي گهاٽ“ آهي. ۽ ٻيو ”سيٺ ڪريم جو باغ“ آهي. جتي هندو ساڌو لوڪ رهيا پيا هوندا هئا. منهنجي ڪپ تي هندن جا وڏا وڏا مندر ۽ ٽڪاڻا هوندا هئا، جتي هر صبح ۽ شام جو هندو ماڻهو مرد توڙي مايون اچي پوڄائون ڪندا هئا.  منهنجي ڪپ تي ناز ۽ هرلا هئا. منهنجي ڪپ تي بڙ، پپر ۽ نم جا وڏا درخت هوندا هئا، اڃا به آهن. پر هاڻي نوان نوان ڪين ٿا پوکيا وڃن. آئون جن به وڏن شهرن يا مکيه هنڌن تان لنگهندي آهيان، انهن ۾ نه رڳو حيدرآباد جو تاريخي شهر اچي وڃي ٿو، پر ٻيا شهر به مثلا: ٽنڊو محمد خان، ماتلي، ٽنڊو باگو ۽ ٻيا شهر اچي وڃن ٿا.

هاڻي منهنجي هڪڙي ۽ آخري ڳالهه ٻڌو: ڏسو مون اوهان کي ٻڌايو هو ته منهنجي ڪپر تي هندو مايون آکو پائينديون هيون، وغيره وغيره آکو پائڻ هندن جي هڪ مذهبي رسم آهي. جنهن جو مها مرڪ آهي ”پوَ ترتا“ يا پاڪائي. سچ ته اڳي ڪوبه ماڻهو گند ڪچرو ته بجا خود ڦليليءَ ۾ ٿڪ به نه اڇليندو هو. پاڻيءَ کي ناپاڪ ڪرڻ پاپ آهي، آئون پاڪ پاڻيءَ جي نهر آهيان. اڳي جا ماڻهو نه رڳو اُن لاءِ مون کي پاڪ ۽ پوتر رکڻ پسند ڪندا هئا، جو آئون سندن پوڄا جي جاءِ آهيان، هڪ عبادت گاه آهيان، پر اڳي جا ماڻهو ان لاءِ ڪچرو ۽ ڪهڄڙ مون ۾ نه اڇليندا هئا، جو کين خبر هئي ته منهنجو پاڻي سڄي ”لوئر سنڌ“ جا ماڻهو پيئندا آهن. ڀلا اوهان پنهنجي شهر جو گند ڪچرو، جو مون ۾ لوڙهي ٿا ڇڏيو، ڇا اهو نه ٿا سوچيو ته انهن ماڻهن ۽ ماين، ٻارن ۽ ٻڍن جي پيٽ ۾ ويندو جي صدين کان منهنجو پاڻي پيئندا ٿا اچن؟

سچ

سيدالمرسلين صلعم جن فرمايو ته سچ ڳالهائڻ اختيار ڪريو. سچ ڳالهائڻ نيڪيءَ جو رستو ڏيکاري ٿو ۽ نيڪي جنت ۾ وٺي وڃي ٿي: جيڪو شخص هميشہ سچ ڳالهائيندو آهي ۽ سچ ڳالهائڻ جي ڪوشش ۾ رهندو آهي، اهو الله تعاليٰ وٽ ”صديق“ ليکيو وڃي ٿو.

رياض حسين ميمڻ، ميرپور خاص.

ٻه نوان ڪتاب

ادل سومري جي شاعريءَ جو نئون مجموعو ”چنڊ پشم گولو“ ۽ اياز گل جي شاعريءَ جو نئون مجموعو ”گل ۽ تارا“ جلد شايع ٿي رهيا آهن. عالمي سال جي موقعي تي ٻارن لاءِ هي سوکڙيون پنهنجو مٽ پاڻ هونديون.

وڌيڪ قيمتي ڇا آهي؟

 

گهڻن سالن جي ڳالهه آهي ته ٻه ماڻهو هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندا هوا. ۽ پاڻ ۾ جڏهن به ملندا هئا ته هڪ ٻئي کي پنهنجي اندر جي خواهش ٻڌائيندا هئا. پهريون چوندو هو، ”جيڪڏهن مون وٽ سؤ گهوڙا هجن ته مان دنيا جو خوشنصيب ماڻهو ٿي وڃان“ انهيءَ تي ٻيو دوست چوندو هوس، ”يار گهوڙا ڪهڙي ڪم جا، مون وٽ جي سؤ سچا دوست هجن ته سچ مان پنهنجو پاڻ کي دنيا جو خوشنصيب انسان سمجهان“، اهو ٻڌي پهريون چوندو هو. ”نه يار، سئو گهوڙا سٺا آهن“ اهو ٻڌي ٻيو چوندو هو، ”يار نه، سچن دوستن کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ ڪانهي“ ائين روزانو ڳالهيون ڪندي ڪندي نيٺ هڪ ڏينهن فيصلو ڪيائون ته ٺيڪ آهي پاڻ ٻئي سفر تي نڪرون ٿا. تون سئو گهوڙا جمع ڪر، ۽ مان سؤ دوست ٿو ٺاهيان.

ٻئي دوست الڳ الڳ شهرن ۾ هليا ويا، ۽ واپس اچي هڪ ٻئي سان مليا، ۽ حال احوال ڏيڻ لڳا. پهرين پڇيو ”يار ڏي خبر سفر ڪيئن رهيو؟“

ٻئي جواب ڏنو ”يار، سفر سٺو رهيو، ۽ مون نوانوي دوست ٺاهيا آهن ۽ تون پنهنجي ٻڌاءِ سفر ڪيئن ٿيو“ پهرين جواب ڏنو ”منهنجو سفر به سٺو ٿيو ۽ مون به نوانوي گهوڙا هٿ ڪيا آهن“ اهو ٻڌي ٻئي چيو دوست، مون وٽ هڪڙو گهوڙو آهي. جو تون وٺ ۽ سؤ گهوڙا پورا ڪر، ۽ منهنجو گهوڙو ڏاڍو خوبصورت ۽ تکو اٿئي. پهرئين جواب ڏنو ته ”دوست مان به تنهنجو وفادار دوست ٿي رهندس“ اهو ٻڌي هن چيو ”واهه! ڪيڏو نه سٺو هاڻ منهنجا به سؤ دوست ٿي ويا ۽ مان ڪيڏو نه خوشنصيب آهيان جو مون کي سئو دوست ملي ويا آهن.“

مون وٽ به سئؤ گهوڙا آهن، مون کان وڌيڪ خوشنصيب ڪير هوندو“.

پهرئين دوست پنهنجي ماءُ کي چيو ”ڏس امڙ، مان ايترا ڏينهن بيڪار ڪونه هوس، ۽ سؤ گهوڙا ورتا اٿم. اڳتي هلي مون وٽ ڪيترائي گهوڙا ۽ گهوڙيون ٿينديون ۽ انهن مان دولت ڪمائيندس“، ماءُ اهي لفظ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي وئي.

ٻئي نوجوان پنهنجي ماءُ کي پنهنجي سفر جو ٻڌايو ته هن ڪيئن سؤ  دوست ڪيا آهن ۽ هاڻ هو ڏاڍو خوشنصيب آهي جو سندس سؤ دوست آهن. اهو ٻڌي ماءُ ڪنڌ لوڏيو ۽ چيائين ”پٽ! اهو ته سٺو ٿيو، پر پهرين انهن کي آزمائي ته ڏس، وفادار نڪرن ٿا يا نه؟ پوءِ پاڻ کي خوشنصيب سمجهه“. ”امڙ. مان دوستن کي ڪيئن آزمايا“ هن پڇيو. ماءُ چيس، ”پٽ گهوڙي تي چڙهي، سڀني دوستن وٽ وڃ ۽ وڃي انهن کي چؤ، ته مان صفا غريب ٿي ويو آهيان ۽ هاڻ منهنجي مدد ڪريو. پوءِ ڏس ته تنهنجن دوستن جو رويو ڪهڙو ٿو بيهي“ اهو ٻڌي هي سفر تي نڪتو ۽ سڀني  دوستن کي گشا پتا هڻي چيئاين يار، مان صفا ڪنگلو ٿي ويو آهيان ۽ هاڻ منهنجي مدد ڪريو هي ويو دوستن کي آزمائڻ هوڏانهن وري ان دوست جا سؤ گهوڙا چوري ٿي ويا. سندس دوست ڏاڍو ڊڪيو، پر گهوڙن جو ڪوبه پتو ڪونه پيس ۽ وري ساڳيو غريب ٿي ويو، ۽ گهر ۾ ويهي، روئڻ پٽڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو ”منٽن ۾ هي ڇا ٿي ويو، منهنجون سڀ خواهشون خاڪ ۾ ملي ويون، هاڻ ته مان دنيا جو بدنصيب ماڻهو آهيان.“ هوڏانهن ٻيو دوست گهر موٽي آيو ۽ اچي ماءُ کي چيائين ”امڙ! منهنجا دوست سچا آهن، مون کي ڏوڪڙ ۽ مال ڏيڻ لڳا، پر مان نه وٺڻ لڳس، هو دريءَ مان ڏس بيٺا آهن“.

 

ماءُ دري مان ڏٺو ته سڀ دوست ڪجهه نه ڪجهه کنيو پيا اچن، ڪنهن جي هٿ ۾ ان آهي، ڪنهن وٽ ڪڪڙيون آهن ته ڪنهن وٽ ڪپڙا اهو ڏسندي سڀ اچي هن جي گهر جي در وٽ پهتا ۽ چيائون، ”دوست انڪار نه ڪر، هي سامان اسان کان وٺ تنهنجي انڪار ڪرڻ تي، اسان کي دلي صدمو رسندو“ ماءُ ۽ پٽ انهن سڀني جو ٿورو مڃيو. ماءُ چيو ته ”پٽ اسان ته رڳو توهان جو آزمودو پئي ورتو“ پر دوستن ڪابه ڳالهه نه ٻڌي ۽ اهي تحفا اتي ڇڏي خوش ٿي هليا ويا. پٽ کي ماءُ چيو ”پٽ تون واقعي سچو هئين، تنهنجا سڀ دوست سچا ۽ سٺا آهن، ۽ تون ڏاڍو خوشنصيب آهين جو اهڙا دوست مليا اٿئي“؟ ان کانسواءِ ان کي اها خبر پئي ته سندس دوست جي چوري ٿي وئي آهي ان ئي مهل هن سڀ تحفا کنيا ۽ وڃي ان دوست کي ڏنائين ۽ چيائينس ”دوست، ناراض نه ٿي، جي دنيا ۾ دوست سچا هوندا ته مصيبت ۾ پاڻيهي ڪم اچي ويندا آهن“ اهي لفظ ٻڌي پهرين دوست چيو. ”واقعي دوست! مون کي اڄ خبر پئي آهي ته سچو دوست مصيبت ۾ ڪم ايندو آهي ۽ دوستي واقعي عظيم رشتو آهي ۽  مون  کي خبر پئي

ته قيمتي شيءِ سچي دوستي آهي نه ڪي دولت، ۽ تو پاڻ انهيءَ کي ثابت ڪري  ڏيکاريو آهي ته دوست مصيبت ۾ ڪم ايندا آهن.

سنڌيڪار: امتياز شوڪت ابڙو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com