سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1979ع

باب: --

صفحو :5

سنيها

· اوهان جو موڪليل لطيف نمبر مليو. پڙهي دل ڏاڍي خوش ٿي. اوهان هن نمبر تي چڱي محنت ڪئي آهي ۽ هن ۾ سنڌي ٻارن لاءِ شاهه لطيف جي زندگي ۽ شاعريءَ جي ساڃاهه بابت چڱو مواد گڏ ڪري ڏنو اهي. ان لاءِ اوهان بيشڪ کيرون لهڻيون. البت مولانا غلام محمد گرامي مرحوم جو مضمون ٻارن جي سمجهه ۽ ڏانو وٽان نه آهي؛ ڇاڪاڻ جو اهو مضمون مرحوم، ٻارن لاءِ نه لکيو هو.

- ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، سکر.

· گل ڦل جي لطيف نمبر ۾ اصغر ڀٽي جو نظم ”عقيدت جا گل“ شايع ٿيل آهي، اهو نظم نثار بزميءَ جو لکيل آهي، جيڪو شهباز پبليڪيشن حيدرآباد جي ٽئين ڪتاب ۾ شايع ٿيل آهي. گل ڦل ۾ لکندڙن کي گهرجي ته پرايو مواد نقل ڪري نه موڪلين.

- ساگر سومرو، مرزاپور.

· لطيف نمبر ڏاڍو وڻيو. خاص ڪري ذوالفقار سيال جو سچ سنيهو. لطيف جي شاعري ۽ رسالي جي شرح ۽ ترجمي کي پڙهڻ سان نه رڳو معلومات وڌي پر انهن مضمونن ذهن کي ڪافي ڪشادو ڪيو. انعامي مضمون ۽ لوڪ ڪهاڻيون به تمام سٺا هوا. لطيف نمبر کي سينگارڻ سان نه رڳو اوهان لطيف جي ياد ملهائي پر سنڌي ٻارن ۾ جيڪا سجاڳي آندي آهي. ان لاءِ توهان جس جا ڀاڳي آهيو.

شنڪر لهاڻو، مٺي.

· لطيف نمبر، ساهت جو نه رڳو اٿاهه سمنڊ آهي پر سنڌي فن ۽ فنڪاريءَ جو عظيم شاهڪار به آهي. حقيقت ۾ گل ڦل رڳو رسالو نه آهي پر هڪ سماجي درس، ذهني فڪر ۽ مستقبل جو ڏس ڏيندڙ آيندو به آهي. اوهان ننڍڙن ذهنن کي وڏا خيال ۽ وڏيون سوچون ڏنيون آهن. اوهان ٻارن کي جيڪا شاهه لاءِ سوچ ۽ شاهه جي فڪري تعليم جي ترغيب ڏني،  اوهان جي انهيءَ آدرش سندن من موهي وڌو آهي. لطيف نمبر کان سواءِ جيڪڏهن سامي، سچل ۽ ڪريم نمبر ڪڍيا وڃن ته ڏاڍو سٺو.

گوبندرام واگهيلا، جهمپير.

گل ڦل جو لطيف نمبر سٺو معلوماتي پرچو آهي هن ۾ جيڪا سوانح شخصيات، شاعري توڙي ٻين اهم پهلوئن تي چٽي روشني وڌي ويئي آهي. ان لاءِ مان ايئن چوندس ته ڀٽائي ڀلاري متعلق  هي ممڪل ۽ جامع مواد ”درياء ڪوزي ۾ بند ڪرڻ“ مصداق آهي. ’شاهه جون ڪهاڻيون‘ مختصر پر بامقصد شايع ڪيون ويون آهن، ٽائيٽل ڪور جي ديدهه زيبي به وڻندڙ ۽ دلچشپ آهي. آئون راءِ ڏيندس ته لطيف نمبر جيان، سچل نمبر، ڪهاڻي نمبر، مضمون نمبر سوانح نمبر معلومات نمبر پڻ ڪڍيا وڃن، ٿي سگهي ته صفحا به وڌايا وڃن.

- ميمڻ عبدالغغور سنڌي، لاڙڪاڻو.

گل ڦل جو لطيف نمبر شاندار نموني ڪڍڻ لاءِ توهان مبارڪ جا مستحق آهيو. پر توهان جي هڪ مضمون ’شاهه جون ڪهاڻيون‘ ۾؛ سهڻي- ميهار بابت اهوئي قصو دهرايو ويو آهي جنهن کي نه رڳو سنڌ جا عالم پر سنڌي ادب جي تاريخ پڻ ڪوڙو ثابت ڪري چڪي آهي. سنڌ جو ناميارو محقق ڊاڪٽر بلوچ پڻ لوڪ ادب جي سلسلي جي ڪتاب نمبر 30 ۾ هن پراڻي نظرئي کي رد ڪري چڪو آهي. ته ڪو هي قصو پنجاب مان ٿيندو سنڌ پهتو هو. منهنجي خيال ۾ تاريخي يا نيم تاريخي موضوعن تي لکندي هر متعلقه مواد جو جائزو وٺڻ ضروري آهي، ورنه تحقيق ۽ سچائي اڌوري رهجيو وڃي.

غلام محمد لاکو، دولت پور صفن

لطيف نمبر پڙهي دل بهار ٿي. ادي راهي چنا جو نظم ”ڀيڄ ڀٽائي“ وڻيو. اسان کي ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ جي مضمون ”شاهه جو شجرو“ مان گهڻي رهنمائي ملي. مهرباني ڪري هوندراج ٻلواڻيءَ جي ائڊريس موڪليندا.

 

ارشاد احمد ميمڻ، ڀريا شهر

(هوند راج ٻلواڻيءَ جي ائڊريس لاءِ اسان کي گهڻن ئي ٻارن لکيو آهي. سا هن ريت آهي، هوندا راج ٻلواڻي ايڊيٽر ماهوار گلستان 25_ جي ڪٻير ننگر، احمد آباد ڀارت).

لطيف نمبر جو سمورو مواد ٻارن جي ڏانءَ وٽان هو، ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي ۽ مرحوم گرامي صاحب جا مضمون اهم ۽ معلوماتي هوا. شاعريءَ جي ڀاڱي ۾ ذوالفقار سيال پاڻ سٺو ملهايو. مشتاق ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ جو شجرو ٻارن لاءِ ڪارائتو مضمون هو. اهڙي عظيم پرچي ڪڍڻ تي اوهان ۽ سنڌي ادبي بورڊ کيرون لهڻو.

راهي چنا، ڄام شورو

لطيف نمبر ۾ گرامي صاحب جو مضمون ايترو ته پسند آيو جو ڇهه ست ڀيرا پڙهيم. ”شاهه پورهيتن جو شاعر“ جا ٽيئي مضمون ڏاڍا وڻيا. ٽيئي ڀائر مبارڪ جا مستحق آهن نظمن ۾ ذوالفقار سيال جو شهيد ۽ مس منور جي وائي وڻيا. اوهان کي، ظفر حسن کي ۽ اڪبر جسڪاڻي کي هن رسالي ڪڍڻ تي لک لک مبارڪون هجن.

عبدالستار نظاماڻي، ڪڙيو گهنور

لطيف نمبر جي سرورق جي تصوير ڏاڍي وڻي. اسان طرفان مبارڪون قبول ڪندا. البته مرحوم گرامي صاحب جو مضمون اسان لاءِ ڏکيو لڳو. انعام ڪهاڻيون شايع ٿيڻ نه کپنديون هيون هن ڀيري بنا عنوان ڪهاڻي نه ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو، ادا گرامر وارو سلسلو جاري نه ڪجو اسان رسالي کي غير نصابي سرگرمين ۾ شمار ڪريون ٿا. ان ڪري گل ڦل ۾ ادبي مواد شايع ٿيڻ کپي ۽ نصابي مواد نه.

امتياز حسين ميمڻ، نيو سعيد آباد

وڏي محنت ۽ همت سان ڪڍيل لطيف نمبر وڻيو. ڏاڍو وڻيو. اوهان شاهه جي ڪهاڻين ذريعي جيڪا ٻارن کي معلومات ڏني آهي، ان لاءِ اسين اوهان جا ٿورائتا آهيون. اوهان سرورق تي عاليشان بنگلو ۽ لان ڏيکاري اسان ۾ احساس ڪمتري پئدا ڪئي آهي. اوهان کي سنڌ جي ٿرين، ماروئڙن ۽ سانگين کي سامهون رکي سرورق ڏيڻ کپندو هو.

غلام مصطفى زرداري، ڍليار _ کپرو

گل ڦل سان ساٿ ڏيندي هي ٽيون سال آهي پر لطيف نمبر ۾ جيڪا ڪشش هئي ان جو بيان ڪري نه ٿو سگهجي. لطيف نمبر شايع ڪري اوهان نئين نسل ۾ نئون روح ڦوڪيو آهي. مان اوهان جي همت محنت تي، اوهان لاءِ بارگاهه الاهي ۾ دعاگو آهيان جيئن اڳتي به اوهان اهڙا شاندار نمبر ڪڍو.

الهداد بروهي، رتوديرو

لطيف نمبر پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. اوهان ۽ ظفر حسن وسان ڪين گهٽايو آهي پر ڏک گهڻو ان جو ٿيو ته ظفر حسن جوت ۾ چيو آهي ته ”سچ پچ جوت، گل ڦل کي ماري وئي آهي.“ اهو سراسر غلط آهي. رڳو گل ڦل سڀني رسالن کان اڳرو آهي. لطيف نمبر ۾ اوهان ٻارن ۽ شاعرن کي پورو پورو حصو نه ڏنو آهي. جي اوهان چئو ته اوهان جي منشا مطابق اسڪيچ ٺاهي موڪليان.

مختيار ناز سومرو، ڪنڌ ڪوٽ

مون کي سنڌ جي ڌرتيءَ جو قسم آهي ته سنڌي ادبي بورڊ جيڪا ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪئي آهي، اها ساراهه کان به پوتر آهي. گل ڦل ئي ٻارن جي بهترين رهنمائي ڪئي آهي ان لاءِ اوهان مبارڪ جا مستحق آهيو. گل ڦل جو لطيف نمبر منهنجي سامهون چوڏهينءَ جي چنڊ جيان چمڪي رهيو آهي. واهه جي همت ڪري رسالو ڪڍيو اٿوَ، رسالي ۾ مواد بلڪل بهترين هو. راهي چنا ۽ غلام مصطفى مشتاق جا شعر، رسالي جي جان آهن. مضمونن جي ساراهه جيتري ڪجي اوتري ٿوري آهي. سرورق ته من موهي وڌو آهي.

نواب علي درشن، بوبڪ

لطيف نمبر بابت سنڌ جي ٻارن جيڪي خط لکيا آهن، انهن سڀني کي شايع ڪرڻ ته اسان لاءِ ممڪن ڪونهي، هنن ٻارن ’لطيف نمبر‘ کي بيحد پسند ڪري ساراهه ڪئي آهي:

ماؤجي، ڳوٺ مکڻ سمون، لجپتراءِ هرچنداڻي چيلهار، سلطان کوکر، لاڙڪاڻو. سليم ناز ڀٽي دڙوم احمد علي شر، ٺري ميرواهه، ايم اسحاق سومرو، داد لغاري، نورجهان سومرو، شڪارپور، نبي بخش کوکر لاڙڪاڻو، اختر حسين ابڙو، لاڙڪاڻو، اڪبر غلام حسين بهراڻي ڳوٺ هوت خان بهراڻي، شهزادو لطيف سنڌي، ڪوٽڙي، ذوالفقار علي سومرو، شڪارپور، اسد اللہ دايو ٺل، نثار احمد کٽياڻ ڳوٺ حيدر چانڊيو، بشير احمد ميمڻ ڳوٺ سومر چنڙ، عبدالففار ڀٽو، رتو ديرو، جيوترام روهڙي، سلطان شاهه ڳوٺ سيد محمود شاهه، محمد ادريس جتوئي ڳوٺ ٺوڙها شريف، علي اڪبر شاهه جيلاني ٽنڊوالهيار، غلام قادر چنو فريد آباد دادو، محمد شعبان نوناري؛ ڪنڌڪوٽ، اياز سنڌي، ڪراچي، ذوالفقار ميراڻي ڳڙهي ياسين، سليم اختر منگي مورو، مولچند پرڪاش سامارو، عبدالحميد ممڀائي ٺٽو، امجد علي ڏيپلائي ميرپورخاص، رحيم بخش قمر، نواب شاهه، عبدلعزيز بروهي ڳوٺ رمضان راڄڙ، عزيز اللہ جلباڻي، رتوديرو، ارشاد علي عباسي، محبت ديرو جتوئي، رميش لال راجوڻي غوثپور، ظفر عباس خواجه بدين، مجاهد ممتاز علي، نصير آباد، عبدالقادر سمون، نيو سعيد آباد، ابڙو حسن علي ناز ٽنڊو آدم، علي محمد جمالي، زاهده سنڌي، قمبر، محمد صديق خاصخيلي ٽنڊو جان محمد، ظفر اللہ مميڻ کهڙا، لياقت علي سيال، هالاڻي، بدرالدين شاد ملير ڪالوني ڪراچي، محمد صالح راڄڙ ڳوٺ رمضان راڄڙ، تيرٿداس ڀيرو مل، نئوڪوٽ ۽ غلام حسين درس ڳوٺ دليري شريف، نبي بخش سولنگي ڦلوءَ جوواهڻ ، رميش لال گيمناڻي قمبر

جنهن شخص کان ڪنهن علم بابت پڇيو وڃي ۽ هو اها ڳالهه ڄاڻندڙ هجي مگر ان کي لڪائي ته کيس قيامت ڏينهن باهه جو لغام ڏنو ويندو (ترمذي ۽ دائود)

موڪليندڙ: علي اڪبر ابڙو

اوهان جو امتحان

امتحان نمبر -42

اهو ڪهڙو انگ آهي، جنهن جي چوٿينءَ پتيءَ کي سندس پنجينءَ پتيءَ سان ضرب ڪري ان ۾ 5 جوڙ ڪجن ته وري اهو ساڳيو انگ ٺهي پوي.

صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا گل ڦل ۾ شايع ڪيا ويندا. جواب موڪلڻ لاءِ اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 28 فيبروري 1979ع آهي. ان تاريخ کان پوءِ پهچندڙ جواب رد ڪيا ويندا. جواب سان گڏ هن رسالي ۾ ڌار ڏنل ڪوپن نمبر 42 ڀري موڪلڻ ضروري آهي. هڪ ڪوپن رڳو هڪ ڄڻو ڪتب آڻي سگهي ٿو. هڪ ئي لفائي ۾ ڪيترا به ڪوپن گڏ موڪلي سگهجن ٿا. پراڻن ڪوپنن کي رد ڪيو ويندو. صحيح جواب موڪليندڙ مان 5 نالا ڪڻن ذريعي ڪڍي، انهن کي 25 رپين جا ڪتاب انعام ۾ ڏنا ويندا.

انعام

امتحان نمبر 40 ۾ جن جا جواب صحيح آيا آهن، انهن مان ڪڻن ذريعي هيٺين پنجن ڄڻن جا نالا نڪتا آهن:

1- غلام حيدر ٽالپر، ڳوٺ ڇتو مانڌراڻي، صلع بدين، 2- خليل احمد متقي،هالا 3- الهه پچايو ڏاهري، ڳوٺ امان اللہ ڏاهري؛ ضلع سانگهڙ. 4- ليليٰ پروين انڙپور؛ ضلع دادو. 5- ڪرپالداس، جيڪب آباد. سڀني ٻارن کي پنجن رپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. کين گهرجي ته پنهنجون ائڊريسون موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.

امتحان نمبر -40

 هڪ ماڻهو 5760 رپيا ٽن پٽن ۾ اهڙيءَ طرح ورهائي ٿو جيئن هڪڙي پٽ پنهنجي حصي جو اڌ خيرات ڪيو ۽ ٻئي ٽيون حصو ۽ ٽئين چوٿون حصو خيرات ڪيو ته سڀني جي خيرات جي رقم هڪ جيتري ٿي پيئي ٻڌايو ته نمبر وار هر هڪ پٽ کي سندس حصي ۾ ڇا مليو.

جواب

1280-1920 ۽ 2560  جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن، انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

”اسلام آباد“ سڪندر ڪاظمي. ”بدين“ ظفر عباس خواجه ”ٽنڊوباگو“: سليم اڪبر خواجه. شاهد اسماعيل خواجه، انور علي عباسي، سيتارام کتري نجمه رضيه لغاري جهامن داس لهاڻو علي محمد کتري ۽ اشوڪ ڪمار عادل. ”ماتلي“: ساجد حسين چانگ. ”ٽنڊوغلام علي“: شيوڪ. ”ڳوٺ ڇتو مانڌراڻي“: اميد علي احمداڻي، خير محمد ٽالپر، غلام حيدر ٽالپر، علي احمد، محمد اسلم، شگن، رياض احمد: محمد رفيق، عبدالهشام عبدالحفيظ، نور احمد ۽ قيوم ”تلهار“: اظهر حسين خواجه. ”نندو شهر“: طاهر نواز باجواه. ”ڳوٺ حاجي ولي محمد لغاري“: آزاد علي لغاري. ”ڳوٺ گل بيگ مزاري“: محمد صالح کوسو. ”ڳوٺ علي محمد بوزدار“: عبدالڪريم بوزدار. ”راڄوخاناڻي“: نريندر ڪمار، ڪرشن لال ڪولهي جمعو، مهيش ڪمار، ماوجي مل ميگهواڙ، سنتوش ڪمار، محمد هاشم خان پرڪاش راءِ ”ٽنڊو محمد خان“: مقبول احمد ميمڻ ٽنڊوالهيار“ شنڪرلال، منظور علي ٽالپر، حاجي غلام اللہ مجيداڻو. مراد علي مجيداڻو ۽ چمن لال ٿري، اشرف علي، محمد سليم، عبدالستار مجيداڻو. ”ڳوٺ جعفر هڪڙو“: عبدالجليل هڪڙو. ”ٽنڊو ڄام“: غلام صغريٰ مڱريو، انيس فاطمہ چانڊيو، مظهر علي لاشاري، نظر حسين بلوچ ۽ رضا محمد چانڊيو. ”کيسانا موري“: علي محمد جمالي ۽ بشير احمد سولنگي. ”ڳوٺ پير حاجن شاه“: غلام مصطفيٰ شاهه. ”ڳوٺ کوکر“: مير محمد سمون. ”هوسڙي“ : محمد جمن لاکو. ”بلڙي“: ايس- سنڌي. ”حيدرآباد“: فياض احمد ٽالپر، سڌارچند، عبدالستار ڀلائي، تسنيم ڪوثر ميمڻ؛ شجاع الدين صديقي، محمد حسن قريشي، عبدالرشيد قريشي، مهتاب احمد کوکر، فيض علي شاه، رشيد احمد زرداري؛ شفيق الرحمان ميمڻ اعظم پروين، افتخار احمد پيرزداو، محمد ياسين سومرو،”اڏيرولال“. وڪيو لوهار. ”ڳوٺ دين محمد ابڙو“: مختيار علي انڙ ”مٽياري“: طارق احمد ميمڻ. ”سيکاٽ“: محمد بقا کيبر، مشتاق احمد ميربحر؛ ديدار احمد سرهيو، شهناز ميمڻ، امتياز شوڪت ابڙو، طارق هدايت ميمڻ، خليل احمد متقي، گل منير سرهيو، محمد اسحاق سرهيو رضوان سعيد ابڙو، فرحان سعيد ابڙو، شمس الحق ميمڻ ۽ محمد اسلم آخوند. ”نيو سعيد آباد“: عبدالقادر سمون، واسومل، محمد اسلم انصاري، امتياز حسين ميمڻ، يوسف گل ميمڻ ”ڳوٺ عبدالواحد ٻرڙو“: حسين بخش سومرو. ”ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا“: گل شير ڪاڪا. ڳوٺ حاجي الهيار راهو“: محمد صفر ميربحر. ”ٺٽو“ غلام شبير شير خاناڻي، محمد ابراهيم چوهاڻ، شمس الدين عباسي، نصير احمد ميمڻ، شاهه زمان قريشي سراج حسين ميمڻ، عبدالحميد ڀمڀاڻي، ظفيل احمد ۽ محمد سراج قريشي. ”لاڏيون“: غلام نبي عالماڻي محمد جفعر عالماڻي، محمد يوسف عالماڻي، محمد عرس ڪنڀر، محمد رمضان چانڊيو.” ڳوٺ لڌو خان جوکيو“ : واحد بخش جوکيو. ”ڳوٺ بگهاڙ موري“: غلام رسول شاهه . ”جهمپير“: گوبندرام واگهيلا، محمد عرس ملاح: ”ڳوٺ درس“: ڪريم بخش درس ۽ علينواز درس ”چوهڙ جمالي“: عبداللہ ميمڻ خوشحالداس لهاڻو، عبدالحي ميمڻ، الهه بچايو ميمڻ، ۽ ڪيشوداس. ”سجاول“: قربان علي. ”ڳوٺ حاجي ڀٽي“: محمد جمن ڀٽي. ”ڪراچي“: سهيل حميد قاضي ۽ غلام اصغر عباسي. ”ڳوٺ لانڍي“: گل حسن حمائتي، پنهون حمائتي. ”ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي“: پير بخش خاصخيلي. ”ڳوٺ ملير ڪالوني“: عبدالخالق، محمد اسماعيل، محمد رمضان، محمد سليم ۽ بدرالدين. ”ڪنري“: عبداللطيف شيدي، ڀڳوانداس سونارو ۽ کاٽائو مل لوهاڻو. ”ڳوٺ صوفي فقير“: محمد اقبال پلي. ”ڊگهڙي“: آسن داس. ”ڇاڇرو“: محمد مانجهي. ”نبي سر روڊ“: سنگرام داس آڏواڻي. ”سامارو“: عبدالحق خاصخيلي ۽ مولچند مالهي. ”شادي پلي“: هيرالال سونارو ۽ سريش ڪمار. ”اسلام ڪوٽ“: موهن اڻنداڻي ۽ راڄيندر ڪمار. ”عمرڪوٽ“: ڇڳن لال، تنسک ڪرماڻي. ليکراج مل کتري، ڪشور ڪمار، اشوڪ ڪمار آزاد، رميش ڪمار ناشاد، مسافر، شيرومل انگراڻي، موهن لال پريمي، گوردن داس لوهاڻو، گنيش ڪمار راجپوت ۽ رميش ڪمار سروپاڻي. ”ڳوٺ لکمي اوڏ“: رامچندر اوڏ. ”چيلهار“: لجپت راءِ هرچنداڻي، لجپت راٺي، جهامن راٺي ۽ نريندر ڀلاڻي. ”ڇاڇرو“: اختر حسين گڌارو ۽ محمد ملوڪ راهمون. ”ڳوٺ ڳوڙهيا“: ڀومون راٺوڙ. ”ڳوٺ سور هڏي“: محمد صديق خاصخيلي. ”جهڏو“: لڌارام ۽ الهڏنو مڱڻهار. ”جيمس آباد“: موهن لال مينگهواڙ ۽ غلام حسين درس. ”ڳوٺ ولي محمد ڪورائي“: علي بخش ڪورائي. ”ڏيپلو“: انورالدين کتري، ڀيرولال لالواڻي، جئه پرڪاش موراڻي، آصف گل ملاراڻي، منظر اڪبر ميمڻ، محمد خان مهراڻي، رفيق احمد، رياض احمد، نهال چند گوڙو، ياسين ناز، شهرين ناز، هاشم رضا ميمڻ، الهورايو ميمڻ، اياز احمد حامداڻي، سنجيد ڪمار موراڻي، عبدالرزاق ميمڻ، نريش ڪمار موراڻي، رميش لالواڻي، ڪشور ڪمار برهمڻ، فضل الاهي جانواڻي، فهيد اسحاق، اشفاق، عبدالرحمان ڪلر ۽ رفيق احمد کٽي. ”ميرپورخاص“: نياز احمد، امجد علي، عبدالقيوم شيخ، غلام سرور اڄڻ غلام مصطفيٰ اڄڻ عرفان ۽ احمد ميمڻ ”کپرو“ ڀورو مل ڌناڻي، منوهر لال کتري، ميواچند کتري، نريش ڪمار ڪانجاڻي، مرليڌر ڪانجاڻي، خيرمحمد هنڱورو، برڪت علي ڀٽي، خير محمد هنڱورجو،گوپال داس کتري ۽ رميش چندر کتري ”ڳوٺ ڍليار“: محمد قاسم هنڱورجو، محمد صديق همڱورجو ۽ محمد جمن هنڱورجو. ”ڦلهڏيون“: جان محمد ڳاهو ۽ پرڀو مل. ”ڳوٺ مير حسن منگي“: شهبيگ منگي. ”ڳوٺ قائم خان بالادي“: جوڳي خان بالادي. ”ڳوٺ سدا واهه“: محمد جمن ڪنڀار. ”ڳوٺ عبدالرحيم پهوڙ: امام بخش پهوڙ. ”سانگهڙ“: نظر مڱريو۽ ارباب علي انصاري. ”ڳوٺ بخش علي رند“. غلام سرور رند، نور محمد رند ۽ عبدالجبار. ”ڳوٺ امان اللہ ڏاهري“: حسين بخش ڏاهري، محمد يونس ڏاهري، حاجي ڀيل، غلام حيدر سومرو، عبدالجبار پنهور، ملنگيو ڀيل، اللہ بخش ڏاهري، ڪرشن مل ڀيل، ڀؤنرمل ڀيل، عالم خان ڏاهري الهبچايو ڏاهري ۽ خير محمد ڏاهري، ڳوٺ تاج محمد ڏاهري“ قادر بخش ڏاهري. ”سرهاڙي“: ناز ڪنول ڀوڄوائي ۽ سوجهري منگسي، ”ٽندو آدم“: رميش ڪمار سوٽهڙ، داد محمد بلوچ. ارجن ڪمار، غازي خان چانگ، محمود خان ميمڻ فوزيا نسرين يوسفاڻي، شبانه مريم يوسفاڻي، مسعود احمد چنا ۽ غلام محمد ٻجورو. ”ڳوٺ جلال مري“: سيد بهرام شاهه. ”شهداد پور“: روپچند کتري، پير محمد سومرو، ٽهلرام کتري ۽ چندر پرڪاش راڄواڻي، ”رتوديرو“: عزيز اللہ جلباڻي، شوڪت علي گهانگرو، عبدالمجيد ڀٽو عبدالغفار ڀٽو، عبدالغفار اوڍاڻو، الهداد بروهي لياقت علي سومرو، لڇمڻ داس کٽواڻي، بيشيراحمد ڀٽو، محمد تسليم سرهيو، الطاف حسين ڀٽو، محمد افضل سولنگي،  عبدالسلام چانڊيو، طفيل احمد راجپوت ۽ جئه ڪمار سيلاڻي. ”باڊهه“: برڪت علي مشوري، عبدالغفار مشوري، شام ڪمار، سنتوش ڪمار، ذوالفقار علي گوپانگ، پرڪاش لال، زاهد حسين جوڻيجو، عبداللہ جهتيال ۽رامچند. ”ڏوڪري“ نظير حسين سانگهرو. ”ڳو‎ٺ ٻوري جا ڀاڻ“ ممتاز علي عباسي. ”ڳوٺ ڇڄڙا شريف“: منير احمد ڇڄڙو ”ڳوٺ وسايو جيهو“: ڪريم بخش سومرو. ”ڳوٺ ڀانڊو قبو“: گل حسن سومرو، ”ڳوٺ حيدر چانڊيو“: نثار احمد کٽياڻ. ”نئون ديرو“: عبدالقادر کهڙو. ”ميروخان“: عبدالرؤف ابڙو. .ڳوٺ ڌامراهه“: غلام مجتبيٰ ڌامراهه. ”ڳوٺ بنگل ديرو“: علي اڪبر ڀٽو ۽ علي اصغر ڀٽو. ”ڳوٺ پٺاڻ“: نيڪ محمد شيخ. ”لاڙڪاڻو“: سعيده فاطمه جانوري، شهاب الدين صديقي، عطا محمد صديقي، آفتاب ابراهيم صديقي، سريش ڪمار گنگواڻي، زهره شيخ، گلزار احمد سومرو، يوگيش ڪمار، نثار احمد سومرو، نواب علي کوکر، اقبال احمد شيخ، اختر حسين ابڙو، اسلم پرويز ابڙو. مهيش ڪمار، عبدالوهاب شاهه، زاهد علي شيخ، عبدالواحد ڀٽو، فاروق مجيب شيخ، قمرالدين ماهوٽو، ديدار حسين جهتيال، اقبال حسين شاهاڻي، برج لال ۽ يار محمد شيخ. ”نصيرآباد“: مجاهد ممتاز علي، دليپ ڪمار، نانگ ڏيو، رياض احمد جهتيال. ”شهدادڪوٽ“: فريده بيگم شيخ، منير احمد شيخ ۽ شيخ شاهنواز علي. ”قمبر“: سراج الدين شيخ، رحمته الله شيخ، منظور سنڌي، جاويد احمد شيخ علي گوهر شيخ، عبيدالله شيخ، محمد اشرف شيخ، صفيه ڪنول ميتلو، ابوالسنڌي، غلام مرتضيٰ شيخ، ڀڄن لال جيسراڻي، برج لال جيسراڻي، وجئه ڪمار جيسراڻي، رميش لال گيمناڻي ۽ زاهده سنڌي. ”دادو“: ضمير احمد جوڻيجو، حضور بخش، محمد يونس شيخ، طارق حسين شيخ، رقيه بيگم قريشي، ولي محمد جويو، محمد اقبال سولنگي ۽ شجاع الدين قريشي. ”راڌڻ“: ذوالفقار احمد سولنگي، مظهر علي شاهه، الطاف حسين سولنگي، محمد علي پٺاڻ، بشير احمد رند، بخشل رند، غلام شبير ميراڻي، سعيد احمد واڍو، ذوالفقار علي ڊکڻ، پريم چند اوڏ، ممتاز علي ساهڙ، هيرانند راڄواڻي، محمد صديق سنجراڻي، نعمت الله سميجو، گيانچند، محمد بچل اعواڻ، اختيار احمد خانزادو، شنڪر لال هندو، محمد اشرف عباسي، دولت ڪمار پرياڻي، دليپ ڪمار سچڏيو، ماڻڪ لال، خورشيد احمد مگسي، غلام دستگير گورڙو، ٻالچند اوڏ، اوم پرڪاش، فدا حسين، محمد ايوب گلال، محمد ابراهيم پاٽائي، نظير احمد جهتيال، رامچند راڄواڻي، خادم حسين سولنگي، راجا اشوڪ، بشير احمد سولنگي، عزيزالله سولنگي. ”جوهي“: خضر حيات ٻٻر ۽ ذوالفقار علي لغاري. ”بوبڪ“: گل حسن. ”خداآباد“: غلام سرور قريشي. ”خيرپور ناٿن شاهه“: حبيب الله ميربحر، شيخ بيتاب ۽ عبدالغفار شيخ. ”ڳوٺ ٿرڙي محبت“: محمد خضر بروهي، احمد نجيب ناريجو، محمد عثمان منگي، محمد نواز بروهي ۽ عباس علي ناريجو. ”فريد آباد“: غلام قادر چنو. ”سيوهڻ“: مهتاب حسين شيخ، منظور علي سومرو ۽ اجيت ڪمار. ”ڳوٺ صوڀو خان منگي“: عبدالله سومرو. ”ڳوٺ ٺارو سولنگي“: منظور احمد سولنگي. ”ڳوٺ دوآبو“: غلام مصطفيٰ ميمڻ. ”ڳوٺ هوت خان بجاراڻي“: غلام حسين جسڪاڻي. ”پيارو ڳوٺ“: اياز احمد پنهور، محمد قاسم پنهور، ممتاز علي پنهور، غلام نبي ملاح، نياز حسين ملاح ۽ گلڻ شير ملاح، ”سن“: قمرالدين ميمڻ. ”ڳوٺ ڏتي جي مياڻي“: علي اصغر قريشي ڳوٺ ”گلڻ چانڊيو“ محمد اياز چانڊيو ”انڙ پور“ ليلى پروين ۽ غلام رمضان جوڻيجو. ”پيٽارو“: سليم اختر شيخ ۽ منظور حسين. ”ٿاڻو احمد خان“: تلوڪ مل ڪوهستاني. ”ٿاڻو بولا خان“: گوورمل، مهراج ڀيو، گوورمل آڏواڻي، پهلاج راءِ ڀوڄواڻي ۽ دولت رام. ”سنڌ يونيورسٽي ڪالوني“: زبيده ناز شورو، حفيظان ناز شورو، شمس الرحمان ميمڻ ۽ نبي بخش شورو. ”جيڪب آباد“: ڪرپال داس. ”ڳوٺ غوثپور“: رميش لعل راڄواڻي. ”ڳوٺ پانڌي ڪلوڙ“: الله بخش ڪلوڙ. ”ٺل“: غلام نبي گولو، اسد الله دايو، آفتاب احمد نوناري، امان الله بنگلاڻي ۽ غلام مرتضيٰ نوناري. ”ڪنڌڪوٽ“: شمس الدين اعواڻ، جئرام داس، رميش ڪمار، عبدالسميع ابڙو، محمد اسلم صابر، عبدالعزيز ڀٽو ۽ راڻو ڪمار ٺڪر. ”ڳوٺ ميرپور ٻرڙو“: غلام مصطفيٰ چنو، محمد پنيل ٻرڙو ۽ فيض محمد سومرو. ”ڳوٺ تنگواڻي“: حفيظ الله نوناري، اسد الله نوناري ۽ محمد شريف نوناري. ”سکر“: عبداللطيف انصاري، محمد اسماعيل لاکو، عبدالخالق سومرو، بلديو ڪمار ۽ مسعود احمد جوڻيجو. ”پنوعاقل“: شهديو ڪمار ۽ شنڪرلعل. ”اوٻاڙو“: ڀڄن داس. ”ڳوٺ دادلغاري“: عبدالغفور لغاري، غلام نبي بلوچ، الطاف سومرو، عبدالصمد سومرو ۽ اسحاق سومرو. ”گهوٽڪي“: عزيزالرحمان گهوٽو. ”ڳڙهي ياسين“: نياز احمد ڏهر، عبدالڪريم پٺاڻ، اداسي الله بخش سومرو، اجيت ڪمار، رميش لعل اوپائي ۽ اعجاز علي پٺاڻ. ”خانپور مهر“: ٺارومل عيشي رام ۽ محمد پريل مهر. ”ڳوٺ غلام حيدر سولنگي“: در محمد سولنگي ۽ علي اصغر سولنگي. ”ڳوٺ جروار“: گيانچند، هريداس، عبدالواحد لنڊ، مڪيش ڪمار، رميش ڪمار، بسنت ڪمار، منوهر لعل، ڀڳوانداس، نيڪ محمد چاچڙ. ”ڏهرڪي“: وجئه ڪمار، حاڪم علي ٻرڙو، سخاوت علي راڄڙ، محمد اسلم ڀٽو، نواب علي سومرو. ”ميرپور ماٿيلو“: موليڏنو ميراڻي، عبدالغفار مگسي ۽ عبدالرزاق سومرو. ”ڳوٺ حيات پتافي“: مرلي ڌر، منير احمد قادري، نرنجن لعل ماکيجا. ”ڳوٺ نم شريف“: سميع احمد جوڻيجو. ”ڳوٺ سرحد“: راهند لعل. ”روهڙي“: جيوت رام. ”ڳوٺ گوسڙجي“: رحيم داد سومرو ۽ شاهجهان چنا. ”ڳوٺ مصري واهڻ“: اعجاز احمد جکرو. ”ڳوٺ سومر مهر“: مير محمد مهر. ”شڪارپور“: اعجاز علي اڄڻ فيض بانو مهر، اشوڪ ڪمار، محمد رمضان ڪاڪيپوٽه، ذوالفقار علي سومرو، بشير احمد لاکو، راجپال، خوبچند، عظمت الله سنجراڻي، جميل احمد سومرو، ارباب علي چوهاڻ، عبدالقدير سومرو، احتشام الحق مهر، شيوڪ رام کتري، سيف الله سومرو، طارق احمد هڪڙو، ظهور احمد هڪڙو، نائله سڪندر. ”ڳڙهي ياسين“: غلام صديق قاضي ۽ ذوالفقار علي ميراڻي. ”قادرپور“: شردانند، جئه پرڪاش، ڪشورلعل، نورمحمد گهوٽو، حضور بخش سولنگي، اشوڪ ڪمار، سروانند، جمال الدين سنگهڙ، پرڪاش لعل ۽ شنڪرلعل. ”ڳوٺ ٺيڙهي“: امداد الله ميمڻ. ”ڳوٺ کهڙا“: غلام اڪبر ميمڻ، اعجاز علي ميمڻ، عبدالمجيد سهتو، الله وڌايو جماڻي، خليل احمد خواجه، ظفرالله ميمڻ، رحمت الله خواجه، امداد علي ٽانوري، محمد اشرف آرائين، محمد پريل لانگهان، انور علي ناريجو، شيرين شيخ، نعمت الله ميمڻ، قادربخش اڄڻ، فيض محمد ميمڻ. ”راڻيپور“: صبغت الله جيلاني، زاهد حسين قاضي ۽ سهيل احمد ميمڻ ”ڳوٺ گڏيجي“: خالد حسين سهتو. ”ڳوٺ نوارو شريف“: قربان علي اوٺي. ”ڳوٺ اڳڙا“: غلام محمد شر، رياض احمد چنا، رحيم بخش ميمڻ، غلام قادر، محمد مٺل کهڙو، سڪندر علي بلوچ، امجد علي شاهه، علي ڏنو. ”صوڀو ديرو“: شبيران ناز عباسي، مختيار حسين منگي، لطيف علي ناريجو، رياض احمد پٺاڻ، الاهي بخش سهتو، ارشاد شيخ، خورشيد بانو خاصخيلي، حبدار علي چنا، احمد شاهه، ذوالفقار علي عباسي، الطاف حسين ٽالپر، عبدالغفور سهتو. ”خيرپور ميرس“: طارق ايوب شيخ، اطهر حسين پٺاڻ، محمد اسحاق شيخ، احمد علي ٻرڙو، بهادر علي شيخ، محمد يحيٰ ميمڻ، منير احمد منگي. ”سيٺارجا“: باغ علي راڄپر. ”ڪوٽڏيجي“: نعمت الله کوسو. ”ڳوٺ ملهيراڻي سولنگي“: نعيم عباس سولنگي. ”ڳوٺ ڀنگو بهڻ“: قطب الدين کنڊ. ”ڳوٺ درازا شريف“: نادر علي شاهه. ”سڪرنڊ“: محمد پريل ڪيريو، جلال الدين ملڪ، برڪت ڀٽي، عبدالمجيد ملڪ، ظفر حسين ميمڻ، علي اڪبر پرهيار، محمد الياس ڪيريو، شوڪت حسين ميمڻ. ”ڳوٺ مجيد ڪيريو“: محمد صالح ڪيريو. ”ڳوٺ نٿو ڪيريو“: علي محمد خاصخيلي. ”ڳوٺ فريد ڪيريو“: الاهي بخش ڪيريو. ”نواب شاهه“: محمد امين مغيري، بشير حسين شر، محمد يوسف جمالي، نور احمد سمون، محمد اسلم پيرزادو، رميش ڪمار ڪنواڻي، امجد ڪمال شاهه، ذوالفقار علي چنا، شبير احمد شاهه، شوڪت علي سومرو، تاج محمد پنهور، عرفان الله کوسو، علي محمد سومرو، طارق انور ميمڻ، محمد حسين شيخ، عرفان احمد ميمڻ، عبدالجبار. ”ڳوٺ سٺ ميل: نصرت گيانچند، سليمان خان. ”ڳوٺ هوت خان جلباڻي“: مير احمد جلباڻي. ”ڳوٺ سيدو باغ“: محمد اسماعيل سومرو، منير احمد تنيو. ”ڳوٺ محبت ديرو جتوئي“: ارشاد علي عباسي. ”ڳوٺ فيض محمد پلي“: امان الله پلي. ”نوشهروفيروز“: عبدالخالق قريشي، رضوانه جبين، محمد اشرف قريشي. ”ڳوٺ سومر چنا، ممتاز حيدر چنڙ. ”دولت پور صفن“: خليل لاکو. ”ڳوٺ هبيري“: شاهه محمد ڏاهري. ”ڳوٺ خياروي شريف“: پير حمادلله. ”ڳوٺ ڏيپارجا“: محمد عمر اتيرو. ”ڳوٺ ٺوڙها شريف“: محمد ادريس جتوئي. ”ڳوٺ ماهي خان وگهيو“: غلام مصطفيٰ وگهيو، قربان علي وگهيو. ”ڳوٺ فضل سهتو“: خادم علي ڀٽي. ”ڳوٺ نيو منڃٺ“: قربان علي پرهيار ”ڳوٺ جهاجهه ريگيوليٽر“: عبدالخالق راڄپر. ”ڳوٺ ملڪ“: محمد اسحاق چنا. ”ڳوٺ حاجي ميوو ٽالپر“: نور احمد ٽالپر. ”ڳوٺ ڪرڙ کوسو“: امينا بلوچ ۽ غضنفر علي لغاري. ”خانواهڻ“: نجم الدين ملاح، غلام محمد ملاح، محمد ايوب سومرو، رحمت الله جوکيو ۽ غلام شبير ڀٽي. ”مورو“: ارباب علي ٻگهيو، سليم اختر منگي. ”ڪنڊيارو“: عبدالماجد سهتو، غلام شبير چنڙ، ”عبداللطيف منڱريو“: محمد يوسف چنڙ، عمرالدين منڱريو، بولچند راجا، شبير احمد رند، اشفاق احمد سومرو، عبدالرشيد سومرو، نثار احمد شاهه. ”مٺياڻي“: جاويد حسن اشرفاڻي، غلام مرتضيٰ مشوري، عبدالوحيد قريشي، غلام حسين جتوئي، عبدالرحيم چنا، امان الله قريشي، منظور علي پنهور، ذاڪر حسين چانڊيو، الله ورايو کهو، محمد رفيق سرهيو. ”هالاڻي“: غلام قادر سهتو، قاضي غلام اڪبر، جهانگير مغل، محمد بخش مغل، نصير احمد بلوچ، نثار احمد سهتو ۽ مقصود احمد سهتو. ”ڀريا شهر“: محمد رمضان راجپوت، رشيد علي ميمڻ، محمد ابراهيم سومرو، الله ورايو ميمڻ، احسان علي ميمڻ، ارشاد احمد ميمڻ، شمشاد علي ميمڻ، عامر اقبال ميمڻ. ”قاضي احمد“: غلام سرور لاکو، ڇٻل مل، روپچند ڏيوناڻي، ”ٺارو شاهه“: ساجن داس، علي اصغر ميمڻ، نعيم الحسن تيوڻو. ”ڳوٺ ڪمال ديرو“: محمد جڙيل سولنگي، محمد ادريس سومرو، محمد عثمان عباسي. ”ڳوٺ ڦل“: علي گوهر سومرو، غلام رسول ڦل، محمد ايوب. ”ڳوٺ ساند“: نبي بخش سولنگي.

هنن سان ملو

- 1572 نالو: محمد اسحاق پنهور عمر: 14 سال. وندر: ڪتاب پڙهڻ. ائڊريس: لاکا تعلقو ڪوٽڙي ضلع دادو.

- 1573 نالو: عبدالرحمان کٽي. پڙهندڙ: پنجون. عمر: 11 سال. وندر: تعليم سان چاهه رکڻ. ائڊريس: محمد ساجن ٽنڊوباگو، ضلع بدين.

- 1574 نالو: علي اڪبر ڪڇي. پڙهندڙ: پنجون عمر: 10 سال. وندر: اخبار پڙهڻ. ائڊريس: محمد عارب ڪڇي دڪاندار تعلقو ٽنڊوباگو.

- 1575 نالو: نظير علي ناز. پڙهندڙ: ستون بي. عمر: 12 سال وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: ديدار پٺاڻ نئين باڊهه ضلع لاڙڪاڻو.

- 1576 نالو: اصغر ناز عباسي. پڙهندڙ: ستون بي. عمر: 12 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: ديدار پٺاڻ، نئين باڊهه ضلع لاڙڪاڻو.

- 1577 نالو: بشير احمد پنهور. پڙهندڙ: ڇهون بي. عمر: 10 سال. وندر: حرڪت ڪرڻ. ائڊريس: ديدار پٺاڻ نئين باڊهه ضلع لاڙڪاڻو.

- 1578 نالو: عبدالرزاق بلوچ. پڙهندڙ: ڏهون. عمر: 16 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ شاعري ڪرڻ. ائڊريس: پوسٽ حاجي ڪمال خان لغاري وايا ميرپورخاص.

- 1579 نالو: امتياز احمد سمون پڙهندڙ: پنجون. عمر: 12 سال. وندر: اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ. ائڊريس: نورمحمد سمون، پوسٽ آفيس ٽنڊوباگو، ضلع بدين.

- 1580 نالو: علي اصغر عباسي. پڙهندڙ: ستون. عمر 13 سال وندر: رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول باڊهه.

- 1581 نالو: غلام حيدر سومرو. پڙهندڙ: اٺون. عمر: 14 سال وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول داد لغاري وايا ڏهرڪي ضلعو سکر.

- 1582 نالو: انعام علي ميراڻي. پڙهندڙ ڏهون. عمر: 16 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: ميراڻي اسٽريٽ، علي گوهر آباد لاڙڪاڻو.

- 1583 نالو: جئه پرڪاش پڙهندڙ: ڏهون. عمر 16 سال، وندر: رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺي.

- 1584 نالو: ڪشور ڪمار. پڙهندڙ: ڏهون. عمر 16 سال. وندر: رسالا پڙهڻ، اخبارون پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول خانپور مهر.

- 1585 نالو: عبدالستار خاصخيلي. پڙهندڙ: اٺون. عمر: 14 سال. وندر: رسالا پڙهڻ، قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي، پوسٽ ڄام ڳوٺ، وايا ملير سٽي، ڪراچي نمبر 23 .

- 1586 نالو: نظراحمد. پڙهندڙ: ستون. عمر 15 سال. وندر: رسالا پڙهڻ. ائڊريس: ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي پوسٽ ڄام ڳوٺ وايا ملير سٽي، ڪراچي نمبر 23.

-1587 نالو: عبدالڪريم پلي، پڙهندڙ ڇهون. عمر: 12 سال. وندر: راند ڪرڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: مڊل اسڪول صوفي فقير، وايا ڍورونارو، تعلقه عمرڪوٽ.

-1588 نالو: محمد انور پڙهندڙ: اٺون. عمر: 14 سال. وندر: رسالا پڙهڻ ۽ فوٽ بال کيڏڻ. ائڊريس: پوسٽ مراد ميمڻ، وايا ملير سٽي، ڪراچي نمبر 23.

- 1589: نالو عبدالقادر ميمڻ. پڙهندڙ: ڏهون. عمر 14 سال. وندر: علم سان چاهه رکڻ. ائڊريس: پوسٽ آفيس قاسم جي وسي وايا مٽياري.

- 1590 نالو: فاروق اعظم ميمڻ. پڙهندڙ: نائون (سي) عمر: 15 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ، وڏن جو چيو مڃڻ. ائڊريس: صابر هاءِ اسڪول ڏيپلو.

- 1591 نالو: رفيق احمد کٽي پڙهندڙ نائون. عمر: 11 سال. وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ جابر هاءِ اسڪول ڏيپلو.

- 1592 نالو: محمد زمان خاصخيلي. پڙهندڙ: اٺون. عمر: 15 سال، وندر: رسالا پڙهڻ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي. پوسٽ ڄام ڳوٺ وايا ملير سٽي ڪراچي نمبر 23.

مرتب: شوڪت ابڙو

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت نمبر -1

آخري تاريخ 24 فيبروري 1979ع آهي. نتيجو 25 فيبروري 1979ع تي ظاهر ڪيو ويندو جو 26 فيبروري تي روزانين اخبارن ۾ شايع ڪيو ويندو.

ساڄي کان کاٻي: 1- اڄ ڪلهه جي هن خراب ۽ فريبي دنيا ۾ _________ ماڻهو ڪو ورلي لڀندو. 2- __________ سال ٻارن جو عالمي سال ملهايو پيو وڃي. 3- ملڪ اسپين جو جڳ ناميارو اديب __________ جنهن 1956ع ۾ ادب جو نوبل انعام حاصل ڪيو هو 4_ اهو ڪتاب جو انصاف آهي؟ جن ٻارن جا مائٽ ______ وارا آهن سي غريب ٻارن جا حق ماري پنهنجا ٻار سفارش سان پاس ڪرائي وڃن ٿا. 7- راڻو ۽ راڻو ________ راڻي ٻيو ناهه ڪو. 8- هوائي جهاز جي __________ مان ٻارن کي ڏاڍو مزو ايندو آهي. مٿان کان هيٺ: 1- شاهه جو رسالو گمراهن لاءِ __________ جي روشنيءَ جو ڪم ڏئي ٿو. ملڪ ويٽنام جي گاديءَ واري جاءِ _______ جنهن جا اکر اڳتي پوئتي لکجي ويا آهن. 3- ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تان __________ جنگ ڪرڻ ۾ ڪا به ڏاهپ ڪانهي. 4- ملڪ جپان جو سڪو _________ آهي. 5_سنڌ جو هر سپوت، هن ڌرتيءَ جي لڄ بچائڻ لاءِ __________ جي قرباني ڏيڻ ۾ سڀني کان اڳرو ڏسڻ ۾ ايندو.

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت -1

هدايتون ۽ شرط

1- گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت ۾ هر عمر وارا ٻار حصو وٺي سگهن ٿا.

2- پنهنجا جواب، هن رسالي ۾ ڇپيل ڳجهارت واري خاڪي ۾ خال ڀري، لکي ان سان لاڳيتو ڪوپن ڀري، رسالي مان ڦاڙي موڪلڻا آهن. ڪنهن به ٻئي پني يا ليڪيل خاڪي تي جواب قبول نه ڪيا ويندا.

3- ڳجهارتن جي جوابن موڪلڻ واري لفافي ۾ رڳو ڳجهارت جو جواب هجي، ٻيو جيڪو به مواد هوندو، اهو رد ڪيو ويندو.

4- هڪ ئي نالي سان ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا، پر اهي خاڪا گل ڦل مان ڪٽيل هجن. جدا جدا نالن سان هڪ لفافي ۾ خاڪا موڪلي نٿا سگهجن.

5- لفافي جي مٿان گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت نمبر- لکڻ ضروري آهي. ۽ پوسٽ باڪس 12 حيدرآباد جي ائڊريس تي موڪلڻ کپي.

6- صحيح نتيجو، لکڻ واري تاريخ جي ٻي ڏينهن روزنامه عبرت، سنڌ نيوز، آفتاب ۽ مهراڻ ۾ شايع ڪيو ويندو.

7- صحيح جواب، لفافي ۾ بند ڪري، سيل مهر ڪري، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ وٽ ٽجوڙيءَ ۾ رکيو ويو آهي، جيڪو مقرر تاريخ تي ڪڍي کوليو ويندو.

8- صحيح جواب تي هڪ سؤ رپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جي هڪ کان وڌيڪ ٻارن جا جواب صحيح هوندا ته انهن سڀني ۾ هڪجيترو انعام ورهايو ويندو. جي صحيح جواب نه هوندو ته اهو انعام هڪ غلطيءَ وارن ۾ ورهايو ويندو. جي هڪ غلطيءَ ۾ ڪو به نه آيو ته اهو انعام ايندڙ مهيني جي ڳجهارت ۾ وڌائي ڏنو ويندو.

9- ڪاٽ ڪوٽ يا پينسل سان ڀريل خاڪا مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيا ويندا.

10- هن سلسلي ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو. جنهن کي مڃڻ لاءِ سڀ حصو وٺندڙ ٻڌل رهندا ۽ ان کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com