سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل فيبروري، مارچ 1982ع

باب: --

صفحو :5

بنا عنوان جي

ماهه نومبر-ڊسمبر جي پرچي ۾ حق نواز سمون جي ڪهاڻي بنا عنوان جي ڏني ويئي هئي. ججن جي فيصلي مطابق هيٺئين عنوان کي پهريون نمبر مليو:

ڳوڙهن بنا ڳل

موڪليندڙ: ڪيچي ٻٻر گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي ضلع دادو انعام کٽندڙن کي ويهن روپين جا ڪتاب موڪليا پيا وڃن.

حضرت علي جا قول

- علم بهترين رهنما آهي.

- نعمتن جو شڪريو ادا ڪريو.

- داناءُ اهو آهي جو گهٽ ڳالهائي ۽ گهڻو ٻڌي.

- مظلومن جي بددعائن کان ڊڄو، ڇو ته اها بددعا باهه جي شعلي وانگر آسمان ڏانهن وڃي ٿي.

- موڪليندڙ: عاشق حسين ابڙو لاڙڪاڻو.

تاج الملوڪ

نوان ڪتاب

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه

صدائي وطن پبليڪيشن، نواب شاهه طرفان هي ٽيون ڪتاب شايع ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب کي به پڻ حسب دستور محترم ڪريم هالائي ترتيب ڏنو آهي. ڪريم هالائي اڄ ڪلهه پنهنجي ادبي لاڙن ۾ ڪافي کان زياده ترقي پذير آهي. هن ڪتاب ۾ محترم حميد سنڌي ۽ عزيز مگسي جا انٽرويو ڏنا ويا آهن، جيڪي پنهنجي جاءِ تي نه رڳو وزن دار آهن پر ٻارن لاءِ سٺي رهنمائي پڻ ڪن ٿا، هن قسم جا انٽرويو، ٻارن جي ذهن کي اجاگر ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا. ڪهاڻين ۾ عاجز اسلم لغاري، محمد جمن ڏيپلائي، طارق انور ميمڻ، بيبي ارم، منظور جوکيو، حسن فقير ۽ فقير محمد ميمڻ جو سٺيون ڏنيون ويون آهن. نظمن جي حصي ۾ محمد ميمڻ جون سٺيون ڏنيون ويون آهن. نظمن جي حصي ۾ محمد ايوب عمراڻي، زاهد گبول، حسين ابڙو ۽ مختيار ناز ۽ آصف ابرو سٺو حصو ورتو آهي. ان کانسواءِ موتي داڻا، ٻالڪ آلبم، سنڌ جي قومي اڳواڻن جا قول، ٻالڪ ذهني مقابلو، ذهني آزمائش، ٽهڪڙا ئي ٽهڪڙا ۽ ٻيو معلوماتي مواد آهي. ٻارن لاءِ هي ڪتاب نهايت سٺو ۽ دلچسپ مواد مهيا ڪري ٿو. هن ڪتاب جي قيمت ٽي روپيا آهي ۽ سنڌ جي سڀني ڪتب فروشن وٽان ملي سگهي ٿو.

لطيف جو ميلو

روايت موجب محترم ايم. اي عالماڻي، هن سال به ”لطيف جو ميلو“ ڪتابڙو شايع ڪيو آهي. هن ڪتابڙي ۾ ٻارهن منظوم نڪتا آهن، جيڪي سڀ آزاد نظم جي فارم ۾ آهن. هنن نظمن ۾ عالماڻي صاحب پنهنجي جذبن جو جيڪو اظهار ڪيو آهي سو، قابل داد آهي. هن ڪتاب ايم. اي عالماڻي گهر نمبر 96 يونٽ نمبر 2 لطيف آباد تان هڪ روپئي جون ٽڪليون موڪلي گهرائي سگهجي ٿو.

چراغ شام

محترم زوار نقوي جي شاعريءَ جو ڪتاب ”چراغ شام“ ٻجم پبلشرز حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سڀ آزاد نظم آهن سي به تمام مختصر ۽ انهن مختصر نظمن ۾ ڳالهيون به ايتريون مختصر آهن، جيترو شام جو چراغ مختصر هوندو آهي. 32 صفحا رنگين ٽائيٽل ٽن روپين ۾ هي ڪتاب سنڌ جي هر ڪتاب گهر تان حاصل ڪري سگهجي ٿو.

سڪڻ ڪيا شهيد

پربت پبليڪيشن ڪنڌڪوٽ طرفان هي ڪتاب عبدالعزيز آسي تربيت ڏنو آهي. هن ڪتاب جو نگران، محمد اسلم مسرور ۽ صلاح ڪار مختيار ناز ۽ عاجز باجڪاڻي آهن. هن ڪتاب ۾ ڏهه ڪهاڻيون ۽ 25 نظم آهن، ان کانسواءِ لطيفي لات ۽ ڪنڌڪوٽ تي هڪ سٺو معلوماتي مواد ڏنو ويو آهي ادبي لحاظ کان هي ڪتاب سڀني ننڍن وڏن اديبن کي پڙهڻ گهرجي. هڪ سؤ صفحن جو هي ڪتاب صرف ٽن روپين ۾ پريت پبليڪيشن شاهي بازار ڪنڌڪوٽ وٽان گهرائي سگهجي ٿو.

ڪهاڻين جو مقابلو

سنڌي ادبي بورڊ طرفان نڪرندڙ ماهوار گل ڦل طرفان انهن ننڍن اديبن لاءِ ڪهاڻين جو مقابلو شروع ڪيو پيو وڃي جيڪي مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪندڙ آهن. پنهنجي ڪهاڻيءَ سان پنهنجي اسڪول جي هيڊماستر جو سرٽيفڪيٽ ضرور شامل ڪيو وڃي. ڪهاڻيون اهڙيءَ طرح موڪلڻ گهرجن جو اسان وٽ 31 مارچ 1982ع کان اڳ پهچي وڃڻ گهرجن. پهريون ۽ ٻيو نمبر آيل ڪهاڻيون، ڪهاڻيڪار جي نوٽن سان شايع ڪيون وينديون. ڪهاڻيءَ لاءِ رهنما مواد هيٺ ڏجي ٿو:

”امجد“ هڪ ننڍڙو ٻار آهي، جنهن جي ذهن تي اسڪول ۾ استاد جي مار جو ڊپ ويٺل آهي. اوهان پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ ان مان اسڪول جو ڊپ ڪيئن ڪڍندا ۽ کيس اسڪول ۾ وري پڙهائڻ تي ڪيئن راضي ڪندا.“

ڪهاڻي 500 لفظن کان گهٽ نه هجي.

موڪلڻ جو پتو:

ايڊيٽر گل ڦل، پوسٽ باڪس 12، حيدرآباد

 

سَلامَ ۽ سَنيهَا

دڙي ضلع جيڪب آباد کان حافظ ياسين دائودپوٽو لکي ٿو ته اسان پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ’گل ڦل ادبي سنگت‘ قائم ڪئي آهي ۽ ان ۾ سڄي اسڪول جي ٻارن ايترو ته چاهه ڏيکاريو جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي. هن علائقي جا ٻار نهايت سادا ۽ اٻوجهه ۽ غريب آهن. اوهين ته روز سينگاريل وڻندڙ مک ڏسندا آهيو، جن جي منهن تي ڪولڊ ڪريم جو چمڪندڙ سڻڀ هوندو آهي، جن جا وار پڻ ٺهيل ٺڪيل ۽ سينگاريل هوندا آهن، پر اوهان کي اڻڀن وارن وارا ٻار ڏسڻ شايد نصيب ڪو نه ٿيا هوندا. جن کي ڏسي ”موهن جو دڙو“ ياد ايندو آهي، جيڪي صبح مرداني پاروٿو ڀت کائي اسڪول ڀيڙا ٿيندا آهن، جيڪي سال ۾ مشڪل سان وهنجندا آهن. هن سنگت جا ويهارو کن ٻار ميمبر ٿي چڪا آهن ۽ هر ميمبر خوشيءَ سان اٺ آنا ڏيڻ گهري ٿو ۽ پنج روپيا ماهوار هڪ آسودي مڙس ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، پروگرام آهي ته انهن پئسن مان هڪ گل ڦل خريد ڪيو وڃي ۽ باقي بچيل پئسن مان ادبي لٽريچر خريد ڪيو وڃي. ان کانسواءِ سال ۾ هڪ ننڍڙو فنڪشن پڻ ڪرايو وڃي ۽ کٽندڙ ٻارن کي ڪتاب انعام طور ڏنا وڃن. هاڻي ٻڌايو اوهان مون سان ڪهڙو سهڪار ٿا ڪريو. جي اوهان ڪو سهڪار تجويز يا راءِ نه موڪلي ته مان گڏيل چندو واپس ڪرڻ تي مجبور ٿيندس. جي اوهان کي سنڌي ٻولي، ٻارن سان پيار آهي ۽ اوهان مستقبل ۾ هنن کي لکندو ڏسڻ چاهيون ٿا ته چاليهه پئسا قربان ڪري اسان کي پنهنجي راءِ ۽ سهڪار ڏيو؟

• ادا؛ اوهان جنهن جذبي سان ڪم ڪيو ۽ وري جذباتي خط لکي موڪليو آهي ان لاءِ اوهان کي مبارڪباد ٿا ڏيون. اسان هتي هر قسم جا ٻار ڏسون ٿا اسين ڪنا ڪوجها، اڇا اجرا، کلندڙ، روئندڙ. اسان جي سنڌ جو اهو خطو خالي نه آهي جتي اهڙا ٻار نه هجن. پاروٿو ڀت کائي اسين به جوان ٿيا آهيون ان ۾ نه عيب آهي نه غربت جو تاثر. اسين چاليهن پئسن جو خط لکي، جواب رڳو پاڻ ۽ اوهان تائين محدود ڪريون ان جي بجاءِ هي خط ۽ ان جو جواب ڀلي سنڌ جو هر ٻار پڙهي ته سبق پرائي ۽ وڏو پڙهي ته جذبو جاڳيس. راءِ ته اسان عرض ڪري ڇڏي باقي سهڪار اوهان ڪهڙي قسم جو گهرو ٿا. اوهان جڏهين به ڪو ساليانو فنڪشن ڪريو ته ان جو تفصيلي پروگرام لکي موڪليندا ته اسان انهن گلن جهڙن ٻارڙن لاءِ ڪجهه ڪتاب انعام طور موڪلينداسين. اميد آهي ته اها واٽ وٺيو هلندا ۽ ٻارن کي سٺي رهنمائي بخشيندا.

نواب شاهه کان علي اصغر ڏاهري لکي ٿو ته گل ڦل جو تازو پرچو پهتو. پرچو دير سان ڪڍيو پر سڄي اوسيئڙي جي ڪسر ڪڍي ويو. 82 سال جي ڪئلينڊر من موهي ڇڏيو. پراڻن مهينن جون يادگيريون، ذهن آڏو تري آيون. احسان ڦرڙي جو انٽرويو ۽ خليل الله لاکي جي مضمون من کي موهي ڇڏيو. انٽرويو ۾ تصويرون هجن ها ته وڌيڪ لطف اچي ها. تجويز آهي ته هر لکت سان لکندڙ جي تصوير به شايع ڪجي، جي ائين نه ڪري سگهو ته گل ڦل جي پڙهندڙن ۽ لکندڙن جو تعارف فوٽو سميت شايع ڪيو ان لاءِ هر شهر ۾ گل ڦل جا نمائندا مقرر ڪيو ته بهتر. مون هڪ انٽرويو ۽ ڪجهه ڪهاڻيون موڪليون هيون، انهن جو ڇا ٿيو؟ اوهان هڪ نئون ڪالم شروع ڪيو آهي جنهن ۾ ٻارن جي جماعتن جي سرگرمين جون رپورٽون شايع ڪرڻ لاءِ لکيو اٿو ان ڏس ۾ رپورٽ موڪليان پيو. ظفر عباسيءَ جو ڪالم پسند آيو کيس چئو ته صرف ٻارن جا مسئلا نه ڏي پر انهن جو حل به ڏي اميد ته ”حليم حرڪتي“ سنجيدو ٿي سوچيندو.

• ادا، گل ڦل وڻيو مهرباني. انٽرويو لاءِ تصويرون آيل ڪونه هيون. ڪن لکندڙن جون تصويرون به شايع ڪندا آهيون. تعارف وارو سلسلو ٻه سال اڳ شروع ڪيو ويو هو ۽ رسالي ۾ اعلان ڪبو هو ته هن مهيني فلاڻو صاحب، فلاڻي صاحب کان انٽرويو وٺي موڪلي پر نتيجو سٺو نه نڪتو. اوهان طرفان موڪليل مواد واري سان شايع ڪبو. اوهان جون رپورٽون ڪالم نگار کي مرتب ڪرڻ لاءِ موڪليل آهن. ظفرعباسي پاڻ ته سنجيدو آهي، اوهان کي الائي ڇو نٿو وڻي؟

(ڳوٺ جونالو ڪونهي) ياسمين فاطمه سيال لکي ٿي ته رسالو ڏاڍو وڻيو، سٺو هو. آئون اوهان جي خلوص سان ڪوششن جو قدر ڪريان ٿي. نئين سال جي آمد تي خوبصورت گلن سان سينگاريل گل ڦل ڇو نه شايع ڪيو.

• ڀيڻ، اوهان جي قدردانيءَ جو شڪريه. جنوري جو پرچو خوبصورت گلن سان ته سينگاريل هو. اوهان ڪو نه پڙهيو ڇا؟

نواب شاهه کان حضور بخش پيڃارو: لکي ٿو ته جنوري ۾ گل ڦل ڪئلينڊر وڻيو. جنهن کي اسان پنهنجي ڪٻٽ تي لڳائي ڇڏيو. قلمي دوستيءَ جو ڪالم نه ڏسي ڏک ٿيو پر حليم حرڪتي ۽ ٻارن جي اخبار جا ڪالم ڏٺاسين ته خوشي ٿي. پر روح رهاڻ جو ڪالم وري شروع ڪيو. آئون ڪو ٽائيٽل ٺاهي موڪليان ته شايع ڪندا؟

• رسالو اوهان جو پنهنجو آهي اوهان کي ڪيئن نه وڻندو. روح رهاڻ جو ڪالم به شروع ڪبو. ٽائيٽل ڀلي ٺاهي موڪليو جيڪڏهن گل ڦل جي ڏانءَ وٽان هوندو ته ضرور شايع ڪنداسين.

ٻه سؤ روپين جي شاندار ورڇ

رڳو ٻن ٻارن جا جواب صحيح آيا

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت- 32 جو نتيجو ظاهر

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت- 32 جو نتيجو 17- جنوري 1982ع صبح جو ڏهين وڳي حصو وٺندڙ ٻارن (جيڪي ان وقت موجود هئا) جي روبرو جناب غلام رباني آگرو سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ظاهر ڪيو:

ساڄي کان کاٻي:

1- برتر 3- دوا 4- جن 5- رڻ 7- سگهڙ 8- سامي

مٿان کان هيٺ:

1- بال 2- رکندڙ 3- عطارد 4- قسم .

1- محمد صديق سومرو ڪلاس ستون مڊل اسڪول کيبر ضلع حيدرآباد.

2- ضمن حسين مڱڻهار ڪلاس ستون مڊل اسڪول کيبر ضلعو حيدرآباد.

جيئن ته گذريل مهيني ۾ ڪنهن به ٻار جو جواب صحيح ڪو نه آيو هو ۽ نڪي هڪ غلطيءَ ۾ هوا، ان ڪري اهي هڪ سؤ روپيا به هن ڳجهارت سان ملائي، ڪل ٻه سؤ روپين جا ڪتاب، هر ٻار کي هڪ سؤ روپين جا ڪتاب موڪليا پيا وڃن.

ڪل 1786 ٻارن هن ڳجهارت ۾ حصو ورتو جيڪي سڀيئي مقابلي ۾ شريڪ ڪيا ويا.

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت- 34

هڪ سؤ روپين جو انعام

اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ: 17- اپريل 1982ع

نتيجو ظاهر ٿيڻ جي تاريخ: 18- اپريل 1982ع

هيٺ ڏنل جملن ۾ جيڪي خال آهن، انهن کي اهڙي طرح ڀريو جوهيٺ ڏنل جملا سڄا ۽ مطلب ٿي وڃن. جملن ۾ جيئن ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ نمبر ڏنا ويا آهن. ان ريت ئي خال ڀرڻا آهن. نمبرن جي روشنيءَ ۾ جملا پڙهي، خاڪو ۽ ڪوپن ڀري، هن رسالي مان ڦاڙي اسان ڏانهن مقرر تاريخ اندر ڏياري موڪليو. لفافي تي گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت-34 لکڻ ضروري آهي.

جن پڙهندڙن جا جواب صحيح هوندا، انهن کي هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جيڪڏهن صحيح ۾ هڪ کان وڌيڪ هوندا ته انعام وارا ڪتاب، سڀني ۾ هڪ جيترا ورهايا ويندا. جيڪڏهن صحيح ۾ ڪو به نه آيو ته اهو انعام هڪ غلطيءَ وارن ۾ ورهايو ويندو.

هن رسالي ۾ آخري صفحي تي ڏنل شرط ۽ هدايتون ضرور پڙهو ۽ انهن تي عمل ڪري خاڪو ڀري موڪليو

ساڄي کان کاٻي

1- سنڌي ثقافت جو ڄاتل سڄاتل اهڃاڻ ______ جنهن جا اکر اڳتي پوئتي لکيل آهن.

5- سنڌ ڌرتيءَ جي پيٽ مان اهڙن ________ جنم ورتو آهي جن جي سرهاڻ سنڌ ۾ سدائين قائم رهندي.

6- _______ جي قدر و قيمت کان ڪير باخبر نه هوندو؟

8- سلطاني سهاڳ _________ ڪندي نه ملي. (شاهه)

9- تاريخ شاهد آهي ته سچ خاطر سر ڏيڻ وارن ______ ائين سچ جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي.

10- ٻار سچ جي موتين سان _________ هڪ سونو زيور آهي.

مٿان کان هيٺ

2- وقت جي تقاضا آهي ته ___________ نسل جي ايتري ته سارسنڀال لهجي جو مغربيت توڙي الاديني لاڙا وڌڻ بدران گهٽجي ختم ٿي وڃن.

3- اسلام جي عظيم شخصيت پيران پير دستگير شيخ عبدالقادر ________ رح جنهن جا اکر اڳتي پوئتي لکجي ويا آهن.

4- هيءَ دنيا اٿاهه ساگر آهي جتي روز سوين طرفان پيدا ٿين ٿا. ڪئين تخت غرق ٿي ويا ۽ ڪئين بادشاهتون انهيءَ ________ ۾ لڙهي ويون.

7- عمر بادشاهه جو _______ مارئيءَ جي من کي موڙي نه سگهيو.

گل ڦل آڏ اکري _ 34

 

ڪوپن _ 34

آئون سڀني شرطن ۽ هدايتن کي مڃي خاڪو ڀري موڪليان ٿو/ ٿي.

هدايتون ۽ شرط

1- پنهجا جواب، هن رسالي ۾ ڇپيل ڳجهارت واري خاڪي ۾ خال ڀري کٽل اکر لکي ان سان لاڳيتو ڪوپن ڀري، ٻئي گڏ رسالي مان ڦاڙي موڪلڻا آهن. ڪنهن به ٻئي پني يا ليڪيل خاڪي تي جواب قبول نه ڪيا ويندا.

2- مقرر تاريخ کان پوءِ پهتل جواب مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيا ويندا.

3- ڳجهارتن جي جوابن موڪلڻ وارن لفافن ۾ ڳجهارتن جي جوابن سان گڏ جيڪو به مواد هوندو، اهو قبول ڪيو ويندو.

4- هڪ نالي سان ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا. پر هر خاڪي سان گڏ ڪوپن هجڻ ضروري آهي، ۽ اُهي گل ڦل مان ڪٽيل هجن. جدا جدا نالن سان هڪ ئي لفافي ۾ ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا.

5- لفافي جي مٿان گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت لکڻ ضروري آهي ۽ پوسٽ باڪس 12- حيدرآباد جي ائڊريس تي موڪلڻ کپي.

6- صحيح نتيجو، کلڻ واري تاريخ جي ٻئي ڏينهن روزنامه عبرت، سنڌ نيوز، آفتاب ۽ مهراڻ ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي.

7- صحيح جواب، لفافي ۾ بند ڪري، سيل مهر ڪري، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ وٽ ٽجوڙيءَ ۾ رکيو ويو آهي، جيڪو مقرر تاريخ تي کوليو ويندو.

8- صحيح جواب تي هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جي هڪ کان وڌيڪ ٻارن جا جواب صحيح هوندا ته انهن سڀني ۾ هڪ جيترو انعام ورهايو ويندو. جي صحيح جواب نه هوندو ته اهو انعام، هڪ غلطيءَ وارن ۾ ورهايو ويندو. جي هڪ غلطيءَ ۾ ڪو به نه آيو ته اهو انعام، ايندڙ مهيني جي ڳجهارت ۾ وڌائي ڏنو ويندو.

9- ڪاٽ ڪوٽ يا پينسل سان ڀريل خاڪا مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيا ويندا.

10- هن سلسلي ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو. جنهن کي مڃڻ لاءِ سڀ حصو وٺندڙ ٻڌل رهندا ۽ اُن کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com