سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل فيبروري 1991ع

باب: --

صفحو :3

حديث شريف ۾ ارشاد فرمايل آهي، ته ”استاد جو درجو پيءُ کان به مٿانهون آهي. ڇاڪاڻ ته بهترين پيءُ اهو آهي، جنهن علم سيکاريو.“ اها بلڪل حقيقت آهي، ته پيءُ صرف جسماني طور جنم جو سبب بڻبو آهي. پر هڪ ڪامل استاد پنهنجي شاگرد کي روحاني رنگ ۾ رنگي، اُن جي دل ۽ دماغ کي علم جي آب حيات سان ڌوئي، اڇو اُجرو ڪري، انسانيت جو علمي پوش پهرائيندو آهي.

هونئن به تعليم جو مقصد ئي آهي فرد جي صحيح ۽ مڪل نشونما ڪري، اخلاق جي زيور سان آراسته ڪري هڪ مهذب شخص بنائڻ، جئين فرد پنهنجي ماحول ۽ معاشري سان صحيح معنيٰ ۾ مطابقت حاصل ڪري سگهي. اهو سڀ  ڪجهه تڏهن ئي ٿي سگهندو، جڏهن استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ باهمي تعلق ۽ ربط پيدا ٿيندو ۽ سندن گڏيل سهڪار سان ئي گُهربل نتيجا تمام سهڻي نموني سان حاصل ٿي سگهن ٿا.

استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ قربت پيدا ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي، ته استاد جي طبيعت جاذب نوعيت جي هجي. استاد جو پيشو پيغمبري سمجهيو وڃي ٿو. تنهن ڪري اُن ۾ وصفون به نهيڪ هئڻ گُهرجن. استاد جي اهميت کي ڏسندي، آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪ جا سربراهه رٽائرڊ ٿيڻ بعد استاد جو پيشو اختيار ڪندا آهن. جنهن جو مثال صدر نڪسن آهي. ڏٺو وڃي ته جيترو استاد جو درجو وڏو آهي، ته ذميداريون ۽ فرض به اوترائي وڏا عائد ٿين ٿا. سٺي استاد جي شخصيت، بااخلاق، شفيق، مهربان، کلُمک ۽ خوش اخلاق هئڻ گهرجي. شاگردن سان سندس رويو همدردانه، دوستانه ۽ ملڻو جلڻو هئڻ گهرجي. انصاف پسند ۽ وعدي جو پختو هجي. شاگردن کي پنهنجن ٻچن وانگر عزيز رکي. اسڪول يا ڪلاس ۾ ٻارن جا والدين نه هوندا آهن. تنهن ڪري استاد کي اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جو ٻارن کي والدين جي عدم موجودگيءَ جو احساس نه رهي.

موجوده تعليمي نظام ۾ نفسياتي تقاضائن موجب تاڪيد ڪيل آهي، ته پڙهائيءَ دوران شاگردن سان رلي ملي وڃڻ گهرجي. انهن جا مسئلا معلوم ڪجن ۽ انهن جا داخلي توڙي خارجي محرڪ ڳولجن. جن جو منفي اثر سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح تدريسي عمل تي پوي ٿو.

هڪ لائق استاد جي اهو نشاني آهي، ته هو مخلص، صاحب ڪردار ۽ ماهر نفسيات هوندو آهي. سندس اهڙي ڪردار جي باعث، شاگرد اُن جي هڪ جهلڪ پسڻ لاءِ آتا هوندا آهن. استاد جو فرض اهو پڻ آهي، ته شاگرد جي بيروني سرگرمين تي به نظر رکي. سندن غلط ڪارين تي کين موزون انداز ۾ تنبيهه به ڪري، ته جيئن سندن اصلاحي راه هموار ٿي سگهي. اڳوني زماني جا لائق استاد پنهنجن وفادار ۾ فرمانبردار شاگردن جي هر ڏکئي وقت ۾ همدردي ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪو شاگرد بيمار ٿي پوندو هو، ته سندس گهر وڃي اُن جي خيريت معلوم ڪندا هئا. شاگرد جڏهن فارغ التحصيل ٿي، استاد کان رُخصت ٿيندا هئا، ته استاد به پنهنجي خلوص دل سان نصيحت جا نڪتا لکي ڏيندي هئا. جن کي شاگرد پنهنجي زندگيءَ جو سرمايو سمجهي، ساهه سان سانڍيندا هئا. ۽ عمل ڪندا هئا. ماهرين نفسيات، تجربن بعد انهيءَ نتيجي تي پهتا آهن، ته شاگرد جي اجتماعي اوسر جي سلسلي ۾ مثبت ڪاميابيءَ جو ڪارڻ ۽ اثرائتو عمل صرف استاد ۾ شاگرد جي وچ ۾ مشترڪ سهڪار، قربت ۾ ربطه جي موجودگيءَ سان ئي ٿيندو آهي.


 


 

هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، جنهن ٻار وڌيڪ سٺو رنگ ڏنو هوندو، ان کي گل ڦل رسالو ٽن مهينن تائين مفت ۾ موڪلبو (ايڊيٽر)


 

”فقير“ شهمير خان چانڊيو

ضد جو نتيجو

انور جو گهر ۾، هر جائز ۽ ناجائز خواهشن جو احترام ٿيڻ لڳو هو، جنهن سبب هو نٺر ۽ ضدي طبيعت جو ٿي پيو هو. ۽ هُن اسڪول ۾ داخلا به ان شرط تي ورتي هئي. ته هو جيڪا به فرمائش ڪندو، سا پوري ڪئي ويندي.

اڄ عيد رات هئي. انور پيءُ سان گڏ بوٽن جي دڪان ۾ داخل ٿيو هو. دڪاندار پهرين ئي ڌڪ ۾ هڪ اهڙي قسم جو بوٽ، انور کي پارايو هو، جيڪو ڏسڻ ۾ ته خوبصورت هو، پر سوڙهو هو، انور جي پيءُ محسوس ڪيو ته بوٽ سوڙهو آهي، پر انور جي بضد رهڻ سبب، هو مجبور ٿي پيو ۽ اهو مهانگو بوٽ کي خريد ڪري ڏنائين. دڪاندار انور جي پير مان بوٽ لاهي، پيڪ ڪرڻ لڳو. انور کي اها ڳالهه ناگوار لڳي ۽ ضدي ڪرڻ لڳو ته اهو بوٽ مان اڄ ئي گهر تائين پائي هلندس. آخر انور جي ضد اڳيان، سندس پيءُ جي هڪ به هلي ۽ مجبورا اهو سوڙهو بوٽ پارائي کيس گهر وٺي هلڻ لڳو.

گھر تائين پهچندي _ پهچندي، انور جي پير ۾ لڦون پئجي ويون ۽ هو هاڻي تڪليف سبب روئڻ لڳو هو.

” بابلا، مون ته تو کي پهرئين ئي چيو هو بوٽ سوڙهو آهي. مٽائي ٻيو ٿا وٺون، پر تون پنهنجي ضد تي قائم رهيئين. انور جي پيءُ کيس سمجھائيندي. هدايت ڪئي.

”مون کي هاڻي ٻيو بوٽ وٺي ڏيو؟ انور وري ٻيهر ضد ڪرڻ لڳو.

انور جو پيءُ لاچار ٿي پيو ۽ وري موٽ کائي ساڳي دڪاندار وٽ آيو. دڪاندار بوٽ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته بوٽ استعمال ۾ اچڻ سبب پهرئين واري خوبصورتي ۾ نه رهيو هو.

آخر وري به مجبور ٿي انور جي پيءُ، سندس ئي فرماش تي هڪ ٻيو بوٽ وٺي ڏنو.

انور جي وڌندڙ ارڏاين، ماءُ پيءُ کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو هو. پر انور کي انهن جو ڪو به احساس ڪونه هو. هو سمجھندو هو ته مان ماءُ پيءُ کي اڪيلو پٽ آهيان ۽ بابو منهنجي لاءِ ئي ڪمائي ٿو. اها ڪمائي آخر هو ڪنهن تي خرچ ڪندو.

اڄ عيد هئي. انور کي پنهنجي امڙ ڏاڍو سهڻي نموني سينگاريو هو. اڄ کيس سوٽ _ بوٽ پيل هو ۽ ان لباس ۾ ڏاڍو ٺهيو پئي. امڙ کيس ڏسندي رهي هئي ۽ ڏسندي _ ڏسندي کيس پِڪَ هنئي هئائين.

انور پيءُ سان عيد نماز پڙهي واپس گھر موٽي رهيو هو، عيد گاه جي دروازي تي هن هڪ گھورڙئي کي ڏٺو هو، جيڪو مختلف قسمن جا رانديڪا وڪڻي رهيو هو، انهن رانديڪن مان انور کي جھرڪي پسند آئي. هتي جيڪا زور ڏيڻ سان چون_ چون ڪري رهي هئي ۽ هو ان وقت ته پيءُ سان ڳالهه نه ڪري سگھيو هو، پر گھر پهچڻ تي وري ضد ڪرڻ لڳو ته مون کي اها جھرڪي وٺي ڏيو، جيڪا مون عيد گاهه جي در وٽ هڪ گھورڙي وٽ ڏٺي هئي. سڪيلڌي پٽ اڳيان ۽ عيد جي سڳوري ڏينهن هئڻ سبب، انور جي پيءُ جي هڪ به نه هلي ۽ وري ساڳئين پيرين، عيد گاه طرف انور سان گڏ هلڻ لڳو.

عيد گاه پهچڻ تي معلوم ٿيو ته اهو گھورڙيو ڪنهن ٻئي پاسي نڪري ويو آهي. آخر رلندي رلندي اهو گھورڙيو کين سري گهاٽ جي هڪ گھٽي ۾ نظر آيو. انور جھرڪي حاصل ڪري خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي ! واڇون ٽڙي پيون هيس. سڄي واٽ چون چون ڪندو گھر آيو هو.

عيد آئي ۽ وئي به هلي. اسڪول کلي ويا هئا. اڄ پهريون ڏينهن هو، اسڪول وڃڻ جو انور اڃا ستو پيو هو، ماڻس کيس ننڊ مان پئي اٿاريو هو. هو ڪرڪندو اٿيو ۽ نيرن ڪرڻ لاءِ ڊبل روٽيءَ جي جاءِ تي ”بن“ جي گھر ڪرڻ لڳو. ماڻس کيس گھڻو ئي سمجھايو ته ابا پڻهين وٺي ڏئي ويو آهي. اڄ ته ڊبل روٽي کائي، اسڪول وڃ، سڀاڻي توکي ”بن“ وٺي ڏبو.

انور کي ماءُ جي ڳالهه نه وڻي هئي ۽ هو ڊبل روٽي اڇلائي، گھر کان ٻاهر نڪري سامهون ريل جي پٽڙين تي هلڻ لڳو.

ضد جي نشي ۾، انور ايڏو ته سرشار هو، جو هو ريل جي پٽڙيءَ کان هلندي _ هلندي هاڻي مٿان ٺهيل پل عبور ڪرڻ لڳو هو. هلندي _ هلندي هن ٿاٻو کاڌو ۽ ريل جي سليپرن وچ ۾ سندس پير ڦاسي پيو. هن پير ڇڏائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، مگر پير سليپرن منجھان ڇڏائي سگھيو. هاڻي هو روئڻ لڳو هو. کيس ان ڪشمڪش ۾ ڪافي وقت گذري چڪو هو.

پريان ريل سيٽيون هڻندي اچي رهي هئي. انور هاڻ روئڻ ڇڏي دانهون ڪرڻ لڳو هو. هاڻ هو ڏاڍو پيشمان ٿي رهيو هو. ڪاش! جيڪڏهن هو ضد نه ڪري ها، اڄ هن مصيبت ۾ گرفتار نه ٿئي ها. اوچتو انور جو پير سليپر کان ٻاهر نڪري آيو. هن پل عبور ڪرڻ لاءِ ڊوڙ پاتي، پر محتاط نموني ۾، جئين سندس پير وري نه ڦاسي پوي. عين ان وقت ريل مٿان اچي ڪڙڪي، ان دوران انور هيٺ پاڻيءَ ۾ پاڻ اڇلائي ٽپو ڏنو. هنريل ذريعي مرڻ نٿي چاهيو. اها انور جي خوش نصيبي هئي، جو ڪافي فاصلي تي ويٺل هڪ مڇي ڦاسائيندڙ کيس ڏسي ورتو، ۽ کيس بچائڻ لاءِ ڏور هٿ مان ڇڏي وٺي ڀڳو.

هاڻي انور پاڻيءَ ۾ غوطا کائڻ لڳو هو. سندس پيٽ ۾ ڪافي پاڻي ڀرجي چڪو هو، ۽ غوطا کائيندي کائيندي هو پاڻيءَ اندر بيهوش ٿي ويو.

انور کي هوش ان وقت آيو، جڏهن هن پاڻ کي هڪ اسپتال جي بيڊ تي پيل ڏٺو. انور جي پاسي کان سندس ماءُ _ پيءُ بيٺا هئا. جيڪي کيس حسرت ڀري نظرن سان ڏسي رهيا هئا. انور جي اکين کولڻ تي هنن جي منهن تي مرڪ وري آئي هئي. انور هاڻي ضد ڪرڻ کان توبهه ڪري ڇڏي ۽ ماءُ- پيءُ سان هڪ سٺو ڇوڪر بنجڻ جو واعدو ڪيائين !

غلام مصطفيٰ سولنگي                      ساليانو جائزو

1990ع جي گل ڦل جون ڳالهيون

ٻارو! توهان مونکي پابندي سان پڙهندا آهيو نه ؟ مون کي پَڪَ آهي ته توهان مون کي هر مهيني خريد ڪري مون سان پنهنجو ساٿ نڀائيندا هوندا_ اهو ساٿ هميشه نڀائيندا اچجو، ان ڪري جو مان اوهان جو مخلص ۽ ڪارائتو دوست آهيان، ها! منهنجي عمر جو هڪ ٻيو سال به گذري ويو. ان سال اسان کان گھڻو ڪجھ کَسيو ۽ وري گھڻو ڪجھ ڏنو. اچو ته توهان کي ٻڌايان ته مان سال 1990ع ۾ اوهان کي ڇا پڙهڻ لاءِ ڏنو.

مستقل سلسلا

·  ”ڪلام الله“ جا ڪل 11 ڪالم شايع ٿيا، جن مان 9 ڪالم حاجي شاهنواز پيرزادي جا ۽ باقي 2 ڪالم حضرت مولانا تاج محمود امروٽيءَ جن جا ترجمو ٿيل هئا.

·  ”حضورصه جن فرمايو“ جا ڪل 11 ڪالم شايع ٿيا، جن مان 8 ڪالم محترم طالب هاشمي جا، 2 ڪالم محترم عبدالواحد لغاري جا ۽ باقي ڪالم کي محترم شيخ محمد سعيد جن ترتيب ڏنو.

·   ”لطيفي لات“ جا ڪل يارهن ڪالم شايع ٿيا، جن مان 9 ڪالم آنجهاني ڪلياڻ آڏاواڻي جا ترتيب ڏنل هئا، باقي ٻن ڪالمن کي گل ڦل جي اڳوڻي ايڊيٽر محترم انور هالاڻيءَ صاحب ترتيب ڏنو.

·     ”حال احوال“ جا ڪل 11 ڪالم شايع ٿيا، جيڪي ايڊيٽر ڀاءُ اڪبر جسڪاڻي لکيا.

·  ڪالم ”ڏاهپ جا نڪتا“ 9 ڀيرا شايع ٿيو، جنهن ۾ ڪل 118 نڪتا، پهاڪا ۽ چوڻيون شايع ٿيون، جن کي پروفيسر عبدالغني شيخ مختلف ٻولين تان ترجمو ڪيو. سڀ کان گهڻا نڪتا (تعداد = 15) اپريل مهيني ۾ شايع ڪيا ويا.

·  ٻارڙن جي فوٽن واري ڪالم ۾ ڪل 282 فوٽا ڇپيا، سڀ ڳان گهڻا فوٽا (تعداد = 38) آگسٽ مهيني ۾ شايع ٿيا.

·     اسان جا اديب ”ڪالم ۾ مختلف دوستن جا ناميارن اديبن کان ورتل ڪُل 9 اٽرويو شايع ڪيا ويا.

·  ”ذهين شاگرد“ ڪالم ۾ ڪل ستن ذهين شاگردن جا انٽريو شايع ڪيا ويا، سڀ کان گهڻو انٽرويو (تعداد = 2) جنوري مهيني ۾ شايع ڪيا ويا.

·     ”مزاحيه ڪالم“ کل ته سهي جا ڪُل 11 ڪالم شايع ٿيا، جن ۾ ڪل 91 لطيفا ۽ خاڪا شايع ڪيا ويا.

·  ”قلمي دوستي“ جا ڪل 11 ڪالم شايع ٿيا، جن ۾ 203 ٻارڙن جو تعارف شايع ٿيو، سڀ کان گهڻن ٻارڙن (تعداد = 28 جو تعارف ڊسمبر مهيني ۾ شايع ڪيو ويو.

·  ”خطن جي سلسلي اڌ ملاقات“ جا ڪل 11 ڪالم شايع ٿيا، جن ۾ 70 ٻارڙمن جا خط جوابن سميت شايع ڪيا ويا.

·  نئينَ  سلسلي ”رنگ ڀريو“ جا ڪل 2 ڪالم شايع ٿيا، هن ڪالم لاءِ پهرين تصوير ادي چيتن سوٽهڙ ناهي هئي، هي سلسلو نومبر مهيني کان شروع ڪيو ويو.

·  ”ننڍڙا اديب“ جا ڪل 11 ڪالم شايع ٿيا، جن ۾ ننڍڙن اديبن جون ننڍڙيون ڪهاڻيون شاعري ۽ مختلف موضوعن تي مضمون شايع ڪيا ويا.

·  سلسلي ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“ جا ڪل 11 ڪالم شايع ٿيا جن مان 11 جو نتيجو (89ع جي نتيجن سميت) ظاهر ڪيو ويو ، هن سلسلي تحت ڪل 22 ڳالهيون شايع ڪيون ويو. هن سلسلي ۾ ڪل 1057 ٻارڙن حصو ورتو، جن مان 22 ٻارڙن کي پهرين ۽ ٻئي نمبر اچڻ تي انعام موڪليا ويا. سڀ کان گهڻن ٻارڙن (تعداد = 170) جنوري مهيني ۾ حصو ورتو ۽ سڀ کان گهڻا انعام ادي علي حيدر مغيري (تعداد3) حاصل ڪيا.

·  انعامي سلسلي ”ڀڃ ڳجهارت“ جا ڪل ٻه ڪالم شايع ڪيا ويا، جن مان 89ع جي ٻن نتيجن سميت چئن جو نتيجو ظاهر ڪيو ويو. هن سلسلي ۾ هزارين ٻارن حصو ورتو. صحيح جواب اچڻ تي 16 ٻارن کي انعام ڏنا ويا. هن سلسلي کي سائين قلندر شاهه لڪياري ترتيب ڏنو هو ۽ هن سلسلي ۾ ڪل 6 ڳجهارتون ڏنيون ويون هيون.

·  انعام سلسلو ڀڃ ڳجهارت بند ڪري مارچ مهيني کان ”گل ڦل خال ڀريو“، سلسلو شروع ڪيو ويو. هن سلسلي جا ڪل 6 ڪالم شايع ٿيا، جن مان ڇهن ئي جو نتيجو ظاهر ڪيو ويو. هن سلسلي ۾ ڪل 4571 ٻارن حصو ورتو- ڪُڻن ذريعي 76 ٻارن کي انعام ڏنا ويا، سڀ کان گهڻن ٻارڙن (تعداد = 2500) سيپٽمبر مهيني ۾ حصو ورتو.

·  گل ڦل خال ڀريو بند ڪري ان جي جاءِ تي هڪ نئون انعامي سلسلو ”گل ڦل حساب پرولي“ شروع ڪيو ويو. هن سلسلي جا ڪل 3 ڪالم شايع ٿيا، جن مان هڪ نتيجو ڊسمبر مهيني ۾ پڌرو ڪيو ويو. هن سلسلي ۾ ڪل 121 ٻارن حصو ورتو ۽ 20 ٻارن کي انعام ڏنا ويا.

·     شعر و شاعري.

·     ڪل 102 شعر ڇپيا، جن مان 4 شعر ننڌڙا اديب ڪالم ۾ شايع ڪيا ويا.

·     سڀ کان گهڻا شعر (تعداد = 13) جنوري مهيني ۾ شايع ٿيا،

·  سڀ کان طويل نظم ”اچو ته الفابيٽ پڙهون“ (ٽيڙو جي صورت ۾) جنوري مهيني ۾ ڇپيو جنهن جو شاعر محترم ماڻڪ ملاح هو.

·     ڪهاڻيون.

·     ڪل 121 ڪهاڻيون شايع ڪيون ويون جن مان 24 ترجمو ٿيل هيون.

·     سڀ کان گهڻيون ڪهاڻيون (تعداد = 13) ڊسمبر مهيني ۾ شايع ٿيون.

·     پرڏيهي ادب جون ڪل 18 ڪهاڻيون شايع ڪيون ويون.

ننڍڙا اديب ڪالم ۾ ڪل 29 ننڍڙيون ڪهاڻيون شايع ٿيون.

·  ڪل ٽي مذهبي آکاڻيون شايع ٿيون، جن کي محترم عبدالواحد لغاري، سليم الطاف صديقي ۽ غلام عباس لاشاريءَ لکيو.

·  ڪل 3 منظور ڪهاڻيون شايع ٿيون، جن مان سڀ کان وڌيڪ ڪهاڻيون (تعداد = 2) استاد شير سومري جون شايع ٿيون،

·  سچي واقعن تي مشتعمل ڪل 3 ڪهاڻيون شايع ٿيون، جن کي محمد عرس اظهر سولنگي سائين شمس الدين سومري ۽ سائين امام راشدي قلمبند ڪيو.

·     ڪل 4 مزاحيه ڪهاڻيون (تعداد 4) محترمه سليم سهتي جون ترجمو ٿيل شايع ڪيون ويون.

·  ڪل چار سائنسي ڪهاڻيون شايع ٿيون. جن مان ٻه ڪهاڻيون قسطوار هيون، ٽين قسطوار سائنسي ڪهاڻي جي صرف هڪ قسط ڊسمبر مهيني ۾ شايع ٿي، جنهن کي محترم لطيف سنائي لکيو آهي.

·     محترم فوزيه حبيب الله صديقي جي ڪهاڻي ”علاالدين ۽ جادو جو ڏيئو“ جون 3 قسطون ڇپيون.

·  سڀ کان طويل ڪهاڻي برباد ٻيٽ اڪيلو ماڻهو“ هئي، جيڪا ڏهن قسطن تي مشتعمل هئي، ۽ ان ڪهاڻيءَ کي محترم قاضيءَ آصف ترجمو ڪيو هو.

·     مضمون.

·  مذهبي سائنسي، علمي و ادبي، سماجي، تاريخي، اصلاحي ۽ عام دلچسپيءَ جي موضوعن تي ڪل 55 مضمون شايع ڪيا ويا.

·     سڀ کان گهڻا مضمون (تعداد = 10) اپريل مهيني ۾ شايع ٿيا.

·     ننڍڙا اديب ڪالم ۾ ڪل 9 مضمون شايع ٿيا.

·  مذهبي موضوعن تي ڪل 5 مضمون شايع ڪيا ويا، سڀ کان گهڻا مضمون (تعداد = 2) سائين محمد عثمان عباسي جا لکيل ڇپيا.

·  ڪل 22 سائنسي مضمون شايع ٿيا، سڀ گهڻا مضمون (تعداد = 6) محترمه ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جا شايع ڪيا ويا.

·     ڪل 6 ترجمو ٿيل مضمون شايع ٿيا.

·  راندين بابت صرف هڪ مضمون شايع ٿيو، جيڪو سائين حفيظ ڪنڀار جو لکيل هو، جنهن ۾ هن لڪ لڪوٽي راند بابت ڄاڻ ڏڻي هئي.

·  صرف ٻن شخصيتن بابت سوانحي خاڪا شايع ڪيا ويا، هڪ کي صاحب خان سورهيه ميراڻي ۽ ٻئي کي جاويد ڀٽي تحرير ڪيو.

·  گل ڦل جي ٽپال پانڌي خان تي لکيل خصوصي تاثر (مضمون) اپريل مهيني ۾ شايع ڪيو ويو، جيڪو محترم طارق عالم ابڙي لکيو.

·  يوم پاڪستان جي حوالي سان صرف هڪ تاريخي مضمون مارچ مهيني ۾ شايع ٿيو، جنهن کي سائين ميمڻ غلام مصطفيٰ مشتاق صاحب لکيو هو.

·     متفرق:-

·     گل ڦل جا ڪُل 11 پرچا شايع ٿيا، مئي جون جو گڏيل شماري شايع ٿيو.

·     نومبر مهيني کان وٺي محترم سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جن کي گل ڦل جو نگران مقرر ڪيو ويو.

·     حضورصه جن جا 7 سهڻا قول آڪٽوبر مهيني ۾ شايع ڪيا ويا، جيڪي ادڙيي انيلا سولنگي موڪليا هئا.

·  اپريل مهيني جي ٽائٽل جو تصوير جي فوٽي گرافيءَ سائين اياز گل ۾ مئي جون جي پرچي لاءِ سائين حفيظ ڪنڀر جو فوٽو گرافي هئي.

·  4 منظوم پروليون ۽ انهن جون ڀڃڻيون سيپٽمبر مهني ۾ شايع ڪيو ويون، جن کي سائين نثار بزمي لکيو هو.

·  ڪل 11 دلچسپ معلومات شايع ڪيون ويون، جيڪي ننڍڙا اديب ڪالم لاءِ ننڍڙي اديب سرمد جسڪاڻي موڪليو هيون.

·  ٻارن لاءِ پرواني سيوهاڻي جي لکيل ڪهاڻين جي ڪتاب چنڊ ۽ چڪور تي تبصرو شايع ڪيو ويو، اهو تبصرو گلبدن آصف جو لکيل هو.

·  محترم ادل سومري جي ٻارن لاءِ لکيل مزاحيه ڪتاب نئين دور جا نوا سبق جي پهچ جي خبر آڪٽوبر مهيني ۾ شايع ڪئي وئي.

·     ڪهاڻين ۽ مضمونن وغيره جي منسبت سان سڄي سال لاءِ عبدالمالڪ چني اسڪيچ ٺاهيا.

اعجاز علي چنه                  

سنڌي ٻار

اڄ جو ننڍڙو سنڌي ٻار،

ڏاڍو آهي ذهين هوشيار.

 

سوچ نئين آ، هن جي نياري،

لڳندي آهي ڏاڍي پياري،

ٿيو بيدار آ، هاڻي ناهي هن کي خمار.

 

قدم وڌائي اڳتي وڌيو آ،

همت جو هن سندرو ٻڌو آ،

ڏسڻ چاهي ٿو، هي سنڌ کي گلزار.

 

”اعجاز“ اميدن تي هي دنيا قائم،

سچ جي سوڀ رهندي قائم دائم،

غم نه ڪر تون، مايوسين کي مرڪي ٽار.

 

اڄ جو ننڍڙو سنڌي ٻار،

ڏاڍو آهي ذهين هوشيار.

اشرف پير زمان پير چنڊامي

”هلو“

نفرتن جا ڳوٺ ساڙيندا هلو،

مرڪ جا محلات ٺاهيندا هلو.

 

علم آهي روشني ئي روشني،

روشني ڏي ڊوڙ پائيندا هلو.

 

سانت سڪ ۽ صلح جا پوکيو سلا،

امن جا ٻوٽا لڳائيندا هلو.

 

جهاز جهرڪي جوءِ مان هڪلي ڪڍو،

پيار جون پوکون پچائيندا هلو.

 

ڪاميابي آ اوهان جي باليقين،

ٿورڙي وکڙي وڌائيندا هلو.

 

ڇو ڀلا خاموش آهيو دوستو،

گيت اشرف جو ٻڌائيندا هلو.


 

سنڌيڪار: خالد سيف الله ڀٽي                            ڪهاڻي

ايلس عجيب زمين ۾!

پيارا بارو! ڪيوس ڪيرول جو اصل نالو چارلس ڊاجسن هو. هو برطانيه جي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ حسابن جو پروفيسر هو. ان کي ٻارن سان ڏاڍو پيار هو. مگر ان کي پنهنجو ڪو به اولاد ڪونه هو. ”ايلس ان ونڊر لينڊ“ (Allice in wonder land) جي مزيدار ڪهاڻي هن پنهنجي هڪ دوست جي ڌيءَ لاءِ لکي جنهن جو نالو ايلس هو. پروفيسر صاحب اها ڪهاڻي ايلس کي ڪرسمس جي موقعي تي تحفي ۾ ڏني. اوهان به هيءَ ڪهاڻي پڙهو.

ٻارؤ! ايلس باغ ۾ تلاءُ جي ڪناري تي پنهنجي وڏي ڀيڻ سان ويٺي هئي، سندس ڀيڻ ڪتاب پڙهي رهي هئي. ايلس جھڪي ڪري ڪيترائي دفعا ڪتاب جي صفحن کي ڏٺو، مگر ڪتاب ۾ ڪا تصوير ڪونه هئي. سو ويهي ويهي بيزار ٿي پئي. جڏهن هن کي ننڊ جا جھوٽا اچڻ لڳا ته هن سوچيو ته ڇونه آئون باغ مان گل پٽي هار ٺاهيان. اچانڪ هڪ اڇو ۽ پيارو سهو ڊوڙندو هن جي ڀرسان لنگھي ويو ۽ ٿورو پري وڃي بيٺو. جيڪيٽ جي کيسي مان گھڙي ڪڍي ٽائيم ڏٺائين ۽ پريشانيءَ وچان چيائين: ”اوهو! مون کي ته گھڻي دير ٿي ويئي.“

ايلس سهي جي پٺيان ڊوڙي، سهو هڪ وڏي ٻر ۾ داخل ٿيو. جيئن ئي هوءَ به ٻر ۾ پهتي ته ان کي محسوس ٿيو ته هن جا پير زمين تي نه آهن، ڄڻ هوا ۾ ترندي، آهستي آهستي هيٺ وڃي رهي آهي. پهريائين ته هوءَ پريشان ٿي، مگر جلد ئي هن پريشانيءَ تي قابو پاتو، هيٺ ويندي هن ڏٺو ته هن جي چئني طرفن کان ڪتابن، مٺاين ۽ ميون جون الماريون ڀريل آهن. ايلس هٿ وڌائي مٺائيءَ جو دٻو کنيو، مگر کالي نڪتو، اچانڪ هوءَ وڻ جي پنن جي ڍير تي ڦهڪو ڏئي ڪري ۽ ايلس کي ڪرڻ سان ائين محسوس ٿيو ته....

ايلس کي جيڪيٽ پاتل اڇو سهو نظر آيو. ”مون کي ڪيتري دير ٿي وئي آهي. اڄ منهنجي ڪتن ۽ مڇين جو خير نه آهي.“ اِهو چوندي تيزي سان هڪ ڪنڊ ڏانهن مڙيو. جيئن ئي ايلس هن جي ڪڍ مڙي ته هڪ وڏي هال (ڪمري) ۾ پهتي. جنهن شيشي جي ميز تي هڪ ننڍڙي سنهري چاٻي پئي هئي.

ايلس هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، هن کي ننڍڙو دروازو نظر آيو. ڪلف ۾ چاٻي پيل هئي. ايلس دروازي کي کوليو، مگر هوءَ اندر نه پئي وڃي سگهي. ڇو ته دروازو ننڍو هو ۽ ايلس جو قد وڏو هو. هن هيڏي هوڏي ڏٺو، هن کي هڪ بوتل نظر آئي. جنهن تي لکيل هو ”مون کي پي.“

جيئن ئي ايلس اها بوتل پيتي ان جو قد ايترو ننڍو ٿي ويو جو هوءَ آسانيءَ سان انهيءَ ننڍي دروازي مان لنگهي سگهي پئي. ليڪن غلطي وچان هن دروازي کي تالو هڻي چاٻي شيشي جي ميز تي رکيائين. هاڻي هوءَ ايتري ننڍي هئي، جو ميز تائين هن جو هٿ پڄي نه پئي سگهيو. هوءَ پريشان ٿي فرش تي ويهي رهي. اوچتو هڪ ڪيڪ هوا ۾ اڏرندو آيو، جنهن تي لکيل هو ”مون کي کاءُ“. جيئن ئي هن ڪيڪ کاڌو ته هوءَ ايتري ڊگهي ٿي وئي، جو هن جو مٿو ڪمري جي ڇت سان پئي لڳو. هن ميز تان سنهري چاٻي کنئي ۽ ننڍو دروازو کليو. دروازي جي سوراخ مان اک لڳائي اندر ڏسڻ لڳي. هوءَ تمام وڏي ٿي ويئي هئي ۽ دروازو تمام ننڍو هيو. پنهنجي ڪئي تي ايترو رني جو ان جي ارد گرد لڙڪن (ڳوڙهن) جو تلاءُ ٺهي ويو. تڏهن هن ڏنو ته سفيد سهو شراب شراب ڪندو لڙڪن جي تالاب مان گذري رهيو آهي.

”جناب سها صاحب“! جيئن ئي سهي، ايلس جو آواز ٻڌو، ته هن پنهنجا دستانا ۽ هٿ جو پکو اتي ڇڏي اونداهيءَ جي طرف وٺي ڀڳو، ايلس سهي جا دستانا پاتا ۽ پکي سان پنهنجي چهري کي هوا ڏيڻ لڳي. اوچتو هن کي خيال آيو ته هن سهي جا دستانا پاتا آهن. ڪٿي هن جو قد ننڍو نه ٿي وڃي. هن ميز سان پنهنجي قد جي پئمائش ڪئي ته صرف ٻه فٽ ڊگهي رهجي وئي هئي. هن يڪدم سهي جو پکو به هٿ مان هيٺ اڇلايو هيو ته ڪٿي ان جي سبب کان هوءِ وڌيڪ نه ننڍي ٿي وڃي. ايلس سوچيو ته هاڻي ننڍي دروازي کان اندر وڃڻ گهرجي. مگر دروازي ۾ نه پئي وڃي سگهي. هيءَ گهمندي ڪو ٻيو طريقو  سوچي رهي هئي ته دروازي ۾ داخل ٿئي ته اوچتو هن جي پير ترڪيو ۽ پنهنجي ئي لڙڪن جي تلاءِ ۾ وڃي ڪري. هڪ ڪوئو تلاءَ مان ترندو گذري رهيو هو. ايلس ان کان ٻاهر نڪرڻ جو رستو پڇيو، مگر ڪوئي صاحب، ڪوبه جواب نه ڏنو.

ايلس چيو: ”ڪاش منهنجي ٻلي ڊينا هتي هجي ها ته تو کي انهيءَ بدتميزي جو مزو چکائي ها“.

ٻلي جو نالو ٻڌندي ئي، ڪوئو ٽپ کائيندو، تلاءَ مان تيزي سان وٺي ڀڳو.

وڏي مشڪل سان ايلس لڙڪن جي تلاءَ مان نڪتي، ڪپڙا سڪائڻ لاءِ هيڏي هوڏي ڊوڙڻ لڳي. ڊوڙندي ڊوڙندي هوءَ جهنگل ۾ پهتي جتي هن جي ملاقات پوپٽ سان ٿي، جيڪو هڪ وڏي کنڀيءَ تي ويهي حقو پي رهيو هو. ايلس پوپت کي ٻڌايو ته ”صبح کان وٺي منهنجو قد ڪيئي دفعا گهٽ وڌ ٿو آهي. انهيءَ سبب آئون پريشان آهيان“.

پوپٽ وڏي ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين ته ”هن کنڀي جي ساجھي پاسي کان هڪ ٽڪر کائڻ سان تنهنجو قد وڌي ويندو ۽ کاٻي پاسي کان هڪ ٽڪر کائيندين ته تنهنجو قد ننڍو ٿيندو جيترو تون چاهيندين.

ايلس هن جو شڪريو ادا ڪري جهنگل جي سير ڏانهن نڪتي. ٿورو پري ايلس کي هڪ وڻ جي ٿڙ ۾ وڏو سوراخ نظر آيو، هوءَ ان ۾ داخل ٿي ۽ جلد ئي هوءِ هڪ خوبصورت باغ ۾ پهچي وئي، جتي ٻه ماڻهو گلاب جي اڇن گلن تي ڳارهو رنگ ڪري رهيا هئا. هنن کي تاس جي پتن جهڙو لباس پهريل هو، ته جيئن هنن کي ڪوبه سڃاڻي نه سگهي. اهي ٻئي مالهي هئا. جن غلطي ۾ ملڪ جي باغ ۾ ڳاڙهي جي بدارن اڇو گلاب پوکيو هو ۽ هاڻي هو تيل سان رنگ ڏيئي رهيا هئا. ايتري ۾ اوچتو ملڪه سير ڪرڻ آئي. ٻئي مالهي ملڪه کي ڏسي زمين تي ليٽي پيا.

”هي ٻئي ڪير آهن“ ملڪه ڪاوڙ مان پڇا ڪئي.

”خبر نه آهي ڪير آهن“. ايلس جواب ڏنو.

ايلس جو جواب تي ملڪه کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي.  هن حڪم ڏنو ته ”ايلس جو سر ڪاٽيو وڃي“.

ليڪن ايتري ۾ بادشاهه آيو ۽ ايلس کي معافي ڏنائين.

گريفن (هڪ وڏو پکي جنهن جو مٿو ۽ چهنب عقاب وانگر ۽ ڌڙ شينهن وانگر ٿينده آهي) بادشاهه جي حڪم سان ايلس کي سڄي جهنگل جو سير ڪرايو. پوءِ گريفن ايلس کي درٻار ۾ وٺي ويو، جتي سموسن جي چوريءَ جي مقدمي جو فيصلو ٿيڻو هو.

”خاموش! مقدم پيش ڪيو وڃي“. بادشاهه سلامت حڪم ڏنو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com