سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1987ع

باب: --

صفحو :5

جواب: آئون ادبي دنيا ۾، ان ڪري آيو آهيان ته معاشري مان براين جي پاڙ پٽي وڃي، قلمي جهاد سان ظلم ۽ ڏاڍ سان مقابلو ڪيو وڃي. پورهيتن، مزدورن، هارين نارين ۽ ٻين مظلومن سان مدد ڪئي وڃي.

سوال: ٻارڙن لاءِ جيڪي ڪجهه لکيو وڃي ٿو ان کان ڪيترو متاثر آهيو؟

جواب: ٻارڙن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه لکيو ته ويو آهي پر اڃان ”دلي دور آهي“ يعني اڃان ٻارڙن جي لاءِ گهڻي تمام گهڻي لکڻ جي ضرورت آهي ان هوندي به چڱو لکيو ويو آهي.

سوال: ٻارڙن لاءِ ڇا لکيو اٿو؟

جواب: ٻارڙن لاءِ به ڪجهه نه ڪجهه لکيو اٿم. جيئن ته ٻاراڻا گيت لکي ”گل ڦل“ رسالي ۽ اخبارن ۾ شايع ڪرايا اٿم. ان کان سواءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان به منهنجا ڳچ گيت رڪارڊ ڪرائي، ٻارڙن جي ٻاري ۾ مختلف فنڪارن جي آوازن ۾ نشر ڪيا ويا آهن جن مان ڪن جون پهريون ٻه ٻه سٽون هن ريت آهن.

الهه الهه ياد اچن، لامن تي ٿا لات لنون،

پڪي به پنهنجي خالق جا گڏجي گڏجي گيت

چون.

سوال: وڏن اديبن ۾ ڪير پسند اٿو؟

جواب: سنڌ جي وڏن توڙي، ننڍن اديبن ، سمورن لاءِ پريت ۽ پاٻوهه عزت ۽ لسڪ اٿم. دلي دعا آهي ته، سمورا سنڌ جا عالم، اديب شاعر سلامت ۽ سرها هجن ۽ سنڌ جي علم و ادب جي گهڻي کان گهڻي خدمت ڪندا رهن.

سوال: هڪ مشهور شخصيت جي حيثيت سان اوهان جو اديبن ۽ شاعرن لاءِ ڪهڙو پيغام آهي؟

جواب: ائون اديبن ۽ شاعرن کي اهو پيغام ڏيندس جيئن شاهه سائين چيو آهي ”جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي.“ انهيءَ جيان اديب ۽ شاعر پنهنجو قلمي جهاد جاري رکن پنهنجي ادب ۾ اهڙو مواد پيش ڪن جنهن ۾ سجاڳيءَ ۾ سڏ هجي. ظلم جي خلاف آواز هجي. اسان جي سانگيئڙن جي سڌاري لاءِ ادب پيش ڪجي.

نورنگ علي گولاٽو                            مضمون نمبر 1

                                           سلسلو 32

نئين روشني اسڪول کلڻ مان فائدا

چوندا آهن ته علم انسان جي ٽئين اک آهي. اگر ٽئين اک يعني (علم) نه هجي ته انسان هڪڙي نابين جي مثال آهي. پيارؤ! جيڪڏهن ڪنهن به قوم ۾ تعليم گهٽ آهي ته اها قوم ڪڏهن به ترقي ڪري نه سگهي ۽ هميشہ جي لاءِ ان جو نالو دنيا جي نقشي تي نه رهندو. هي دؤر سائينس ۽ ٽيڪنالاجي جو دؤر آهي. جيڪڏهن اسان کي ترقي ڪرڻي آهي ۽ دنيا ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻو آهي ته پوءِ اسان کي تعليم حاصل ڪرڻي آهي.

نبي ڪريم ﷺ فرمائين ٿا ته ”پينگهي کان وٺي قبر تائين علم حاصل ڪريو.“ ۽ پاڻ ڪريم ﷺ ٻي حديث ۾ فرمائين ٿا ته ”اوهان کي، جيڪڏهن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ چين وڃڻو پوي ته به وڃو“ ڏسو ڪيڏا نه سونهري مثال ڏنا آهن اسان جي پياري نبيءَ ڪريم ﷺ ته پيارا ٻارؤ اسان جي انهن اصولن تي پابنديءَ سان عمل ڪنداسين ته اسان دنيا جي عظيم قومن ۾ ليکيا وينداسين. ان لاءِ اسان کي محنت ڪرڻي پوندي. هن وقت اسان جو ملڪ تعليم جي لحاظ سان پٺتي پيل آهي ۽ اسان جي ملڪ جو تقريباً 70%  سيڪڙو اڻپڙهيل آهي. انهيءَ گهٽتائيءَ کي ڏسندي اسان جي ملڪ ۾ ”نئين روشني اسڪول“ کوليا ويا آهن. ان لاءِ جو اسان اهو وقت جيڪو ننڍپڻ جو وقت هيو. سو وڃائي ويٺا آهيون، سو اسان لاءِ ٻيهر موٽي آيو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته ننڍپڻ وانگر به هي سونهري موقعو ضايع نه ڪريون ۽ انهيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪريون ان لاءِ خاص ڪري ٻارن جي والدين تي اها ذميواري آهي ته هو پنهنجي ٻارن کي نئين روشني اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏين ۽ انهن ننڍن معصوم ٻارن کي دنيا جي انڌيري کوهه ۽ جهالت مان ڪڍن. سو ٻارؤ توهان کي گهرجي ته اجاين ڪمن ۾ پنهنجو وقت نه وڃايو چوندا آهن ته ”اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏجي.“ هن قول مان اسان کي سلڻ گهرجي ۽ ان تي عمل ڪرڻ گهرجي، جيڪو به عمل نه ڪندو ته اهو دنيا ۾ پشيمان ٿيندو. جيڪو عمل ڪندو ته اهو دنيا ۾ ڪڏهن به پريشان يا پشيمان نه ٿيندو. هي مثال هر مرد، عورت، جوان ۽ پوڙهي امير ۽ غڙيب لاءِ هڪڙي ئي حيثيت رکي ٿو.

جيڪڏهن ڪو ٻار پڙهڻ ۾ دلچسپي نٿو وٺي يا سستي ٿو ڪري ته اها ان جي والدين جي ذميواري آهي. اگر والدين ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ٿو ڪري ته ٻار سان سراسر زيادتي آهي. ان لاءِ جيڪي ٻار تعليم کان وڌيڪ راند ۾ دلچسپي وٺندا اهن. ان لاءِ آئون ٻارن جي والدين کي چوندس ته هو انهن جي تعليم و تربيت تي خاص ڌيان ڏين. ان لاءِ جو اسان جي قوم تعليم جي لحاظ کان تمام پٺتي پيل آهي. اهو ئي سبب آهي ته اسان جو ملڪ اڃان تائين ترقي پذير نه آهي.

مان انهن ٻارن کي چوان ٿو ته جن پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪيو آهي ته هاڻ اهي ”نئين روشني اسڪول“ ۾ داخلا وٺن. اهو اسان کي قدرت هڪ عظيم موقعو ڏنو آهي ۽ ان لاءِ اسين انهي عظيم پروگرام کي ڪامياب ڪري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي وڌي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪريون ۽ اهو ثابت ڪريون ته اسان به دنيا جي عظيم قوم آهيون.

شمن جوڻيجو منڌرا                            مضمون نمبر 2

                                           سلسلو 32

نئين روشني اسڪول کلڻ مان فائدا

”نئون دور آيو نئين زندگي آ،

نئون سج اڀريو نئين روشني آ.“

پيارا ٻارؤ! اسان جي پياري نبي حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جو ارشاد آهي ”علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آهي.“ ”علم جي طلب ڪريو پينگهي کان وٺي قبر تائين“ ”علم حاصل ڪريو توڙي توهان کي چين وڃڻو پوي.“ انهن مٿين حديثن مان اسان کي خبر پئي ته علم ڪيترو ضروري آهي علم کان سواءِ انسان ۽ جانور ۾ڪوبه فرق نه آهي، علم جي ڪري ئي انسان کي اشرف المخلوقات جو لقب مليو. علم کانسواءِ انسان ائين آهي جيئن انڌو لٺ کانسواءِ ۽ مڇي پاڻيءِ کان سواءِ علم انسان ۾ ائين آهي جيئن ڪنهن اونداهيءَ گهر ۾ چراغ. علم وارو انسان مرڻ کان پوءِ به زنده هوندو آهي. پر جاهل جيئري ئي مري ويندو آهي.

ان ڪري علم جي مٿين بيان ڪيل فضيلت کي حڪومت ذهن ۾ رکندي هڪ اهڙو پروگرام رٿيو آهي، جنهن ۾ گذريل وقت واپس وريو آهي. اهو ائين آهي ”نئين روشني اسڪولن جو کلڻ“ جڏهن ته گذريل وقت، ڪمان مان نڪتل تير ۽ وات مان ڳالهايل لفظ ڪلڏهن به نه واپس ٿيندا آهن.

خاص ڪري مٿين پروگرام مان هي فائدا حاصل ٿيا آهن. اهي شاگرد جيڪي ڪنهن ڪم ڪار سببپڙهي نه سگهيا انهن کي وڌيڪ فائدو ٿيندو. صبح جو هو مالڪن کي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندا ۽ شام جو علم جي پياس اجهائيندا.

ان کان علاوه انهن غريبن ٻارن کي فائدو ٿيو آهي. جن کي پڙهڻ لاءِ وقت ته آهي پر غربت سبب ڪتابن ۽ فين لاءِ پئسه وغيره نه آهن. جنهن ڪري هو ڪنهن اسڪول ۾ داخلا وٺي سگهن. انهن لاءِ هي پروگرام رحمت بڻجي آيو آهي.

پيارا ٻارؤ! ان ڪري اسان کي گهرجي ته علم پڙهڻ کان ڪڏهن به نه منهن موڙيون ۽ گهڻي کان گهڻا شاگرد نئين روشني اسڪول ۾ داخل ٿي انهيءَ پروگرام کي ڪامياب بڻايون.

 قرآن ڪريم جون مقدس آيتون ۽ نبي ڪريم جون حديثون توهان جي ديني معلومات ۾ اضافي ۽ تبليغ لاءِ شايع ڪيون وڃن ٿيون. انهن جو احترام ڪرڻ توهان جو فرض آهي. ان ڪري جن صفحن تي اهي آيتون هجن تن کي صحيح اسلامي طريقي مطابق بيحرمتي کان محفوظ رکيو وڃي.

محمد رمضان شورو                  اچو ته سنڌ گهمون

جهمپير

جهمپير جنهن ۾ واديءَ مهراڻ جي مشهور ڍنڍ ڪينجهر ڇوڙ کائي ٿي، ضلعي ٺٽي ۾ واقع اهي ۽ تمام سهڻو ۽ دلنشين شهر آهي. جهمپير جي آبادي تقريباً 52000 ٻاونجاهه هزار آهي جهمپير اڃا صرف تپي جي حيثيت رکو ٿو.

جهمپير ريلوي اسٽيشن ميئن ريلوي روڊ جي حيثيت رکي ٿو. جنهن ڪري هتي لوڪلن سواءِ ٻيون گاڏيون به بيهن ٿيون ريل گاڏيءَ ذريعي هتي هر وقت سياح ڪينجهر گهمڻ ايندا ويندا رهندا آهن. جنهن جي ڪري ڪينجهر ڪنارا ۽ جهمپير جو شهر رات ڏينهن رڌل رهن ٿا.

 

هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراه،

اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءِ،

لڳي اتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي،

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه

 

جهمپير جي مڇيءَ پوري پاڪستان ۾ ڌوم مچائي ڏني آهي. هيءَ مڇي نه رڳو سنڌ صوبي کي، پر پاڪستان جي ٻين صوبن کي پڻ سپلاءِ ڪئي وڃي ٿي. جنهن مان هتي جا واپاري چڱو ناڻو ڪمائين ٿا.

روڊن جي لحاظ کان، هتان روڊ ته ڪافي لنگهن ٿا پر آهن سڀ ڪچا. هينئر هڪ پڪو روڊ سپر هاءِ وي (نوري آباد) کان اچي رهيو آهي ته وري نيشنل هاءِ وي به تيار ئي ٿيڻ وارو آهي. پوءِ اميد ته جهمپير ملڪ جي ٻين شهرن سان سڌو سنئون ڳنڍجي ويندو. جهمپير جا پاڙيسري شهر هي آهن. اوڀر طرف سجاول، جهرڪ، دڙو بلڙي شاهه ڪريم، وغيره. اتر طرف ڪوٽڙي، حيدرآباد. ڏکڻ طرف ٺٽو، جنگشاهي، ڀنڀور ويندي ڪراچي تائين اولهه طرف ڪوهستان جا شهر اٿس جهڙوڪ سري، ٿاڻو بولا خان.

هتي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي مل اسٽيل جي پڻ شاخ آهي، ان کان سواءِ هتي هڪ برف جو ڪارخانو به هلي رهيو آهي. هتي فلور مل پڻ لڳائي ويئي آهي.

تعليم جي لحاظ کان جهمپير کي سرڪاري طور ڪابه ترقي ناهي. ايتريقدر جو هاءِ اسڪول به پوليٽري فارم ۾ هلي رهيو آهي.

هتي واٽر سپلاءِ ۽ اسٽريٽ لائيٽ جي سهولت آهي پر سئي گئس اڃا ناهي ملي. هتي جي سرڪاري ادارن ۾ ماڻهن جي اسپتال، جانورن جي اسپتال، اسڪول، ريلوي اسٽيشن ريلوي ٿاڻو، پوليس ٿاڻو، پوسٽ آفيس ۽ واپڊا آفيس شامل آهي.

هن علائقي ۾ 86 فيصد ڪئلشم جو پٿر موجود آهي. جيڪڏهن وسندي پڄنديءَ وارو هي پڙهي ته مان ان کي صلاح ڏيندس ته هتي سيمينٽ فيڪٽري لڳائي وڃي.

جهمپير جي اديبن ۾ اثر سنڌي، رسول بخش درس، ۽ خير محمد ڪوي اچي وڃن ٿا. فنڪارن ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو فنڪار ”الغوزونواز“ غلام حسين ڪٽي ۽ ريڊيو پاڪستان ڪراچي جو ”الغوزونواز“ سچل درس اچي وڃن ٿا.

هن وقت جهمپير ترقي جي راهه ڏانهن وڌي رهيو آهي. انشاء الله جهمپير جن مسئلن جو شڪار آهي اهي جلد حل ٿي ويندا ۽ جهمپير ترقي يافته شهرن مان ليکبو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com