سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1979ع

باب: --

صفحو :5

هوندراج بلواڻي                  (ريڊيو ناٽڪ)

ماڻهو بڻيو مشين

آواز- دوستو، وقت جو هڪ هڪ پل گذرڻ سان دنيا بدلجندي رهي ٿي. دنيا ڪالهه جتي هئي، اڄ ان کان گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي. اڄ کان پوءِ ڪٿي پهچندي، ڪير ٿو ڄاڻي! اسان جي دنيا کي بدلائڻ ۾ سائنس جو به گهڻو هٿ آهي. سائنس جون نيون نيون کوجنائون ٿيڻ سان انسان جي زندگي وڌيڪ سولي بڻجندي پيئي وڃي! انسان مشينن ۽ اوزارن جي وچ ۾ رهي خود به هڪ مشين بڻجندو پيو وڃي، سڀاڻي هن جي حالت ڪٿي پهچندي، چئي نٿو سگهجي. سڀاڻي انسان  جي اڳيان پٺيان، هيٺ مٿي، مشينون ئي مشينون هونديون، مشينون ئي مشينون هونديون،  مشيون ئي مشينون هونديون.... ۽ پوءِ انسان جو اُٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، هلڻ چلڻ مشينن ذريعي هوندو.

اچو ته توهان کي اڄ کان گهڻا  گهڻا سال پوءِ جي زندگيءَ جي ٿوري تصوير ڏيکاريون................

(سنگيت)

(هڪ ڇوڪريءَ جي جنم دن تي ”هئپي برٿڊي“ جو گڏيل آواز)

ڇوڪري جو پپا- ننڍڙا ساٿيو، اڄ جنم دن جي خوشيءَ ۾ مان پنهنجي طرفان جئڪيءَ کي هڪ اوزار سوکڙيءَ طور ڏيئي رهيو آهيان. جنهن جو نالو آهي ونڊر باڪس يعني عجيب باڪس.

جئڪي – ٿئنڪ يو پپا!

پپا- هن باڪس کي واندڪائيءَ جو ساٿي ڪري چوندا آهن. جڏهن به ڪوئي واندو ويٺو هجي تڏهن باڪس جي هن بٽڻ کي دٻائيندو  ته هن مان  سريلو گيت ٻڌڻ ۾ ايندو. ٻئي بٽڻ دٻائڻ سان ميوزڪ ٻڌي سگهبو. ٽيون بٽڻ هيٺ ڪرڻ سان چرچا ٻڌي سگهبا ۽ چوٿين بٽڻ سان آکاڻي ٻڌڻ ۾ ايندي.

نيلا- يو آر لڪي جئڪي، تون  خوشنصيب آهين.

ٽينا- مزو ته تڏهن ايندو جڏهن هينئر ئي ان کي ٽيسٽ ڪجي:

ٽنڪو- هاشُڀ ڪم ۾ دير ڪهڙي!

جئڪي- ڏسو مان هينئر پهرين بٽڻ کي دٻايان ٿو.

(جئڪي جي بٽڻ دٻائڻ سان ’جنم دن‘ جو گيت ٻڌڻ ۾ اچي ٿو).

دٻو-

جنم دن مبارڪ، جنم دن مبارڪ. ننڍا ٻار توکي، جنم دن مبارڪ. سدا شال جڳ ۾ تون ٽڙندو، مٺي مرڪ جڳ کي تون ڏيندو رهين. خوشين سان ڀرين تون گهر کي سدا، کلين مسڪرائين تون هر پل سدا. ٿئي وار ونگو نه تنهنجو ڪڏهن، لڳي ڪين ڪوسي هوا ڀي ڪڏهن. اچي روز هيءَ ڏينهن جنم دن مبارڪ . جنم دن مبارڪ، جنم دن مبارڪ. (گيت پورو ٿيڻ تي تاڙين جو آواز) نيتو- ويري گُڊ، ڏاڍو مزو اچي ويو.

پنڪي- گيت به ڪيئن نه موقعي سان ٺهڪندڙ هو. هيءُ باڪس جنهن وٽ هوندو، اهو ڪڏهن به بور نه ٿيندو.

جئڪي- هينئر مان ٻيو بٽڻ ٿو دٻايان.

ٽينا- ٻئي بٽڻ سان ڇا ٻڌڻ ۾ ايندو؟

جئڪي – ميوزڪ....... انگلش ميوزڪ (انگريزي سريلو ۽ وڻندڙ ميوزڪ)

نيتو- ڏسو ڏسو، ميوزڪ پيو ٻڌڻ ۾ اچي. ميوزڪ ته ڏاڍو مست آهي.

جئڪي- اچو ته ٿورا چرچا ٻڌون. دٻو- هڪ تيل وارو ماڻهن جي ميڙ ۾ بيهي، پنهنجي تيل جي مشهوري ڪري رهيو هو ۽ چئي رهيو هو  ”پيارا ڀائرو، توهان جا وار ڪِرڻ لڳا آهن ته هن تيل کي استعمال ڪريو، هڪ ئي هفتي ۾ نوان وار ڄمي ويندا.“

هڪ ماڻهوءَ وچ ۾ چئي ڏنو، ”ان جي ڪهڙي ثابتي آهي؟“ تيل واري چيو ”ڏسو، لڳ ڀڳ ڏهه ڏينهن اڳ منهنجي ڦڻوٽي تي هيءُ تيل هارجي پيو هو. هينئر ان مان برش ٿي پيو آهي.“

(ٻارن جو ٽهڪڙو)

دٻو- هڪ گهر ۾ رات جي وقت چور گهڙيو. هن پنهنجو پستول ڪڍي گهرجي مالڪ کي چيو”توکي سڄي ملڪيت ڏيڻي پوندئي نه ته مان توکي ماري ڇڏيندس.“

گهر جي مالڪ ڪجهه دير سوچي جواب ڏنو ”منهنجي جان ڀلي وٺ روپيا ته مون ٻڍاپي لاءِ جمع ڪري رکيا آهن.“

(ٽهڪڙو)

دٻو- هڪ هندستاني آمريڪا گهمڻ ويو.........

نيتو- (وچم) هاڻي اهي چرچا بند ڪر. جئڪي، چوٿون بٽڻ دٻاءَ ته ڪا آکاڻي ٻڌون.

جئڪي- چڱو چڱو، هينئر چرچا بند ٿا ڪريون. ٻڌو آکاڻي......

دٻو- هڪڙي ڏينهن هڪ گڏهه گهمندي گهمندي باغيچي ۾ پهتو. اُتي ڪيترن ميون جا وڻ پوکيل هئا. زمين تي به ميون جون وليون پکڙيل هيون. گڏهه صوفن جو وڻ ۽ هنداڻن جي ول ڏسي ويچار ۾ پئجي ويو. سوچڻ لڳو، ڀڳوان جي ليلا به عجيب آهي!

اُتي باغ جي ڀت تي هڪ جهرڪي به ويٺي هئي. هن گڏهه کي ويچار ۾ کوهيل ڏسي کانئس پڇيو، ”ڇو ڪهڙي ڳالهه آهي جو تون هيئن ويچار ۾ پئجي ويو آهين؟“

گڏهه چيو، ”ڀڳوان جي ٺهيل هيءَ دنيا بنا سمجهه جي ٺهيل آهي. هر ڪا شيءِ مورکائيءَ سان ٺاهي ويئي آهي.“

جهرڪي پڇيو سو وري ڪيئن؟“

گڏهه جواب ڏنس، ”ڇا تون پاڻ نٿي ڏسي سگهين؟ هي ننڍڙا صوف ڪهڙين نه مضبوط ٽارين ۾ اٽڪيل آهن ۽ هيڏا وزن وارا هنداڻا زمين تي تمام سنهي ول ۾ اٽڪيل آهن! هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بيوقوفي چئبي؟“

جهرڪي چيو، ”اڙي مورک اها ته پاڻ سياڻپ جي ڳالهه آهي نه؟“

گڏهه کيس ويچارا ڏيندي غصي ۾ چيو ”ها، سياڻپ جي ڳالهه آهي! سياڻپ تڏهن ليکجي ها جڏهن صوف ول ۾ پيدا ٿين ها ۽ هنداڻا وڻ ۾ ڄمن ها.“

ائين چئي گڏهه وڻ جي ٿڙ سان پنهنجي پٺي گسائڻ شروع ڪئي. اوچتو هڪ صوف وڻ مان ڪِريو ۽ اچي هن جي مغز تي لڳو، گڏهه کان رڙ نڪري ويئي، ان وقت ڀت تي ويٺل جهرڪي کلڻ لڳي. پوءِ گڏهه کي چيائين ته ”ويچار ڪري ڏس، جيڪڏهن وڻ ۾ صوف بدران هنداڻو هجي ها ته؟ هڪ ننڍڙو صوف لڳڻ سان توکان رڙ نڪري ويئي پر جيڪڏهن توکي هنداڻو لڳي ها ته ڪٿي پهچين ها! هاڻي تون اُميد ته سمجهي ويو هوندي ته ايشور هرڪا شيءِ سياڻپ ۽ سمجهه سان ٺاهي آهي. گڏهه تڏهن کلندي چيو، ”ڀائي، اهڙن لڇڻن جي ڪري ئي ته ماڻهن منهنجو نالو گڏهه رکيو آهي.“

نيتو- آکاڻي ته چڱي سکيا دائڪ آهي.

ٽينا- ڀڳوان جيڪي ڪجهه ٺاهيو آهي، ان ۾ ڀلائي سمايل آهي.

ممي- ٻارو، هينئر ان باڪس کي پاسي ڪريو. مٺائيءَ جون پليٽون تيار آهن. هڪ هڪ پليٽ کڻي وات مٺو ڪريو.

جئڪي- اچو دوستو، هينئر وات مٺو ڪريون.

(پليٽن وغيره جو آواز)

نيلا- منهنجي مامي چندر لوڪ ۾ هڪ پلاٽ ورتو آهي، جتي هو پنهنجي بزنيس جي آفيس کوليندو.

ٽينا- اڄڪلهه ماڻهن کي چندرلوڪ وڃڻ  جو گهڻو شوق ٿي پيو آهي. پوءِ ته نيلا، تون به اوڏانهن گهمڻ ويندينءَ نه؟

نيلا- ها، منهنجي مامي منهنجي روز درويشن به ڪرائي ڇڏي آهي.

نيتو- چون ٿا، اُهو به وقت هو جڏهن چندرلوڪ جي باري ۾ ماڻهو ڪجهه به نه ڄاڻندا هئا. چنڊ کي ماڻهو پوڄيندا هئا.

ٽوني – چنڊ جي ڌرتيءَ تي جڏهن پهرين پهرين آمسٽرانگ پيررکيو هو تڏهن دنيا جي ماڻهن انهن تي عجب کاڌو هو. ڪيترن ماڻهن کي ته پوءِ به وشواس نه پيو اچي. پر چنڊ تان آندل مٽيءَ کي ڏسي هنن کي وشواس ڪرڻو پيو هو.

ٽنڪو- ۽ هينئر اسان کي انهن ماڻهن تي عجب ٿو لڳي ته آخر ان ۾ وشواس نه ڪرڻ جهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي!

نيتو- ڀائي، ائين ته وقت بدلجندو ٿو رهي.نين نين کوجنائن تي ماڻهن کي عجب لڳندو آهي ته جهونيون ڳالهيون ٻڌي به ماڻهن کي عجب لڳندو آهي.

جئڪي- هينئر ڏسو ته اسان ڪيئن نه سج جي شڪتيءَ تي هلندڙ اُڏامندڙ موٽر ۾ ويهي تمام ٿوري وقت ۾ ڪٿي جو ڪٿي پهچي ٿا وڃون. اڳئين زماني جا ماڻهو پيٽرول تي هلندڙ موٽر ۾ چڙهندا هئا. اها روڊ تان هارن وڄائيندي، ماڻهن کي پري هٽائيندي آهستي آهستي هلندي هئي.

پنڪي- اڙي، مون ته ٻڌو آهي ته ان کان به گهڻا گهڻا سال اڳ آمدرفت جا ڪي به ساڌن ڪونه هوندا هئا. ماڻهو پيدل ئي هڪ شهر کان ٻئي شهر وينداهئا...... رستي تي خوفناڪ جهنگل هوندا هئا. جهنگلي جانورن ۽ ڊاڪن جو ڊپ هوندو هو. انڪري جڏهن ڪوئي به ٻئي شهر ويندو هو ته مائٽن کان روئي ڪري موڪلائيندو هو.

نيتو- روئي ڇو موڪلائيندو هو؟ ٽوني- ڇو جو واٽ تي ڪڏهن ڪڏهن ڪي جانوران کي کائي ڇڏيندا هئا، يا ڌاڙيل ڦري ويندا هئا. تمام گهڻيون تڪليفون سهي ڪوبه ماڻهو مشڪل سان پنهنجي ملڪ واپس پهچي سگهندو هو.

ممي- جئڪي پٽ، هينئر چڱو وقت ڳالهيون ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ پنهنجي ڪمري ۾ وڃي جاگرافيءَ جي ٽيسٽ ڪرائج، ٽيچر مشين هينئر رپيئر ئي آئي آهي.

جئڪي – ممي، ٻه- چار ڏينهن اڳ ئي ته ٽيچر مشين مون کان جاگرافيءَ جي ٽيسٽ ورتي هئي. ان وقت ته منهنجي جاگرافي ٺيڪ هئي.

ممي- نه پٽ، ان ڏينهن تنهنجون مارڪون گهڻيون گهٽ آيون هيون. مونکي چنتا ٿي پيئي هئي.

پپا- چنتا ڪرڻ جهڙي ڳالهه ڪانهي. ڇا ڪاڻ ته مشين ۾ ڪجهه خرابي ٿي پيئي هئي، جنهنڪري جئڪيءَ جون مارڪون گهٽ آيون هيون. پوءِ جڏهن مون کي مشين ۾ خرابي نظر آئي ته مون وري جئڪي جون مارڪون مشين ذريعي تپاسيون هيون. انوقت جئڪيءَ جي جاگرافي سنتوش—ڪارڪ هئي.

ٽمسي- اسان جي گهر جي ٽيچر مشين ته هڪ ڏينهن هسٽريءَ ۾ مون کي بلڪل فيل ڪري ڇڏيو مون ته هسٽري جا سڀ جواب بلڪل صحيح ڪيا هئا. مان ته ويچار ۾ پئجي ويئي هيس. پر پوءِ جڏهن ٽيچر مشين جي رپيئرنگ ڪرائيسين ته 100 مان 100 مارڪون آيون.

ٽوني- اهي اسان جون ٽيچر مشينون به عجيب آهن عجيب!

نيلا- ڪوئي پرزو خراب ته مشين ئي بند!

ٽنڪو- مشين ئي بند ته اسان جي پڙهائي به بند!

ٽينا- مشين ۾ خرابي ٿئي ته اسين هوشيار مان ڪَچا بڻجي وڃون!

جئڪي- مشين ۾ خرابي ٿئي ته زيرو کڻڻ وارا به پاس ٿي وڃن!

نيتو- مشين ۾ خرابي  ٿئي ته اسڪرين تي سائنس بدران مئٿسجو چئپٽر ڏسڻ ۾ اچي.

پپا- توهان کي خبر آهي ته گهڻا گهڻا سال اڳ ٻار اسڪول ۾ پڙهندا هئا.

نيلا- اسڪول؟

جئڪي- اسڪول وري ڇا آهن پپا؟

پپا- هينئر جيئن توهان کي پنهنجي ئي گهر ۾ ٽيچر مشين سڀ ڪجهه سيکاري ٿي تيئن اڳي ماڻهو سيکاريندا هئا.

نيتو- ماڻهو!

ممي- ها، اسان جهڙا ماڻهو ئي پڙهائيندا هئا. سڀ ٻار هڪڙي ئي هنڌ پڙهڻ لاءِ ويندا هئا. ان کي اسڪول چوندا هئا. اتي ماڻهو انهن کي پڙهائيندا هئا.

ٽوني- پر ماڻهو ڪيئن ٿا پڙهائي سگهن؟

نيلا- ڇا انسان کي ايتري ڄاڻ هوندي هئي، جيتري اسان جي ٽيچر مشين کي آهن؟

پپا- بلڪل، منهنجو ڊيڊي به جڏهن ننڍو هو، تڏهن اهڙن ماڻهن وٽ پڙهيو هو.

ٽنڪو- انسان ايترو هوشيار ٿي نٿو سگهي.

ممي- پر انسان ايترو هوشيار هوندو هو. اها حقيقت آهي، سڀ ٻار ماڻهن وٽ اسڪولن ۾ پڙهڻ لاءِ ويندا هئا.

پنڪي- آنٽي، جا سڀ ٻار هڪ جهڙي ڳالهه اسڪول ۾ سکندا هئا؟

ممي- ها، جيڪڏهن سڀ ٻار هڪ جيتري عمر جا هوندا هئا ته ساڳيون ڳالهيون سڀ ڄڻا گڏجي سکندا هئا.

ٽينا- پر آنٽي، منهنجي ممي  ته چوندي آهي  ته هر ڪنهن ٻار جو دماغ الڳ لڳ هوندو آهي، تنهنڪري سڀئي ٻار هڪ ئي وقت ساڳي ڳالهه ڪيئن سکندا هوندا؟

پپا- انهن کي ڪتاب ۾ لکيل ڳالهيون سمجهائيندا هئا.

جئڪي- پپا، هڪ خيال کان اهو وقت سٺوئي  چئبو .

پپا- ڪيئن؟

جئڪي- ان وقت سڀني ٻارن کي گڏجي ڪري پڙهڻ ۾ ڪيڏو نه مزو ايندو هوندو. هينئر ته هر گهڙي ٽيچر مشين سان اڪيلو ويهي پڙهڻ ۾ ڪيڏو نه بور ٿي ٿو پئجي!

ٽنڪو- هر وقت ٽيچر مشين جو منهن ڏسي اسان ته تنگ ٿي پوندا آهيون.

پپا- پر پٽ، پڙهڻ به ته ضروري آهي نه!

نيلا- انڪل، هن نموني ڪمري ۾ ويهي ٽيچر مشين کان پڙهڻ بدران ماڻهوءَ وٽ پڙهڻ ڪيڏو نه سٺو لڳي ها. سو به گڏ ويهي.

نيتو- آ ها، ڪيڏو نه مزو اچي ها جڏهن پاڙي جا سڀ ٻار مشڪندا، کلندا، ٽهڪ ڏيندا اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ وڃن ها، اسڪول ۾ هڪ ٻئي جي ڀرسان ويهن ها. شام جو گڏجي پنهنجي گهر موٽن ها.

ٽنڪو- سڀ ٻار ساڳيون ڳالهيون سکڻ ڪري هڪ ٻئي کي مدد به ڪري سگهن ها.

پنڪي- انڪل، اهو زمانو ڪيڏو نه سٺو هو!

نيتو- اهي انسان ٽيچرس اسان کي پيار به ڪن ها!

ٽوني- هتي ٽيچر مشين وٽ ته پيار جو نالو به ڪونهي.

ٽينا- مشين ۾ وري دل ڪٿان ايندي جو اسان کي پيار ڪندي.

نيلا- هر ڪا ضرورت مشين وسيلي پوري ٿيڻ ڪري اسان سولائي پيا سمجهون پر جهوني زماني ۾ پنهنجي هٿن سان ڪم ڪندي ماڻهن کي ڪيڏو نه آنند ايندو هوندو.

جئڪي- ۽ هينئر اسان انسانن مان مشين بڻجي ويا آهيون.

نيتو- مشين ئي اسان جي زندگي بڻجي ويئي آهي!

پپا- پٽ، اها حقيقت آهي ته انسان جيئن جيئن ترقي ڪندو پيو وڃي، تيئن تيئن مشينن جو وڌيڪ محتاج بڻجندو پيو وڃي، انسان مان اُمنگ، جذبا، پيار سڀ ڪجهه گهٽجندو پيو وڃي.

نيلا- چڱو جئڪي، گهڻو ٽائيم  ٿي ويو نيتو- چڱو باءِ باءِ:     ٽوني جئڪي- باءِ باءِ..... باءِ

ٽوني- جئڪي باءِ باءِ.            باءِ.........

(هيءُ ناٽڪ ڀارت جي احمد آباد- بڙودار ريڊيو اسٽيشن تان گذريل 19 مئي 1979ع تي براڊ ڪاسٽ ڪيو ويو. هدايتڪار خود هوند راج بلواڻي ئي هو ۽ ڀاڳ وٺندڙ سنڌ ماڊرن هاءِ اسڪول جا ٻار.)

ڀون سنڌي

ٻارن جو عالمي سال

هي سال ٻارن جو عالمي سال آهي. ٻار پنهنجي نالي سان منسوب سال کي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي رهيا آهن. رات بصران جي ٿڃ پياڪ سنگهار ، ساندهه ڏهه ڏينهن موت سان مقابلو ڪندي نيٺ موت جي آڏو مٿو ٽيڪيو. گلو کي پيليو ٿي پيو آهي. غريب آباد محلي جا ٻار مختلف بيمارين وگهي مري ٻارن جي عالمي سال کي زندگي جو ٻليدان ڏيئي رهيا آهن. ننڍڙو ٽمو کير لاءِ رڙيون ڪري ڪري هاڻي سمهي پيو آهي. رمون جو پت جانڻ پڙهي  نٿو سگهي. ڇو جو سندس پيءُ وٽ ڪتابن لاءِ پئسو ڪونهي. ڪالهه جعفر کي سندس پيءُ ڏاڍو ماريو. گهر ۾ چلهه تي چاڙهڻ لاءِ انُ ٺهي ڪونه ته مٿان ڇوري جو ضد ته پپو جهڙو رانديڪو وٺي ڏي. ڀلا ماريس نه ته ٻيو ڇا ڪري. صبح کان چو واٽي تي ماڻهن جي ڏاڍي رش لڳي پيئي آهي. رات ڪا ڪنواري پنهنجي گناهه؟  کي لڪائڻ خاطر سندس ڪک مان جنم ورتل ٻار کي چوواٽي تي ڇڏي ويئي آهي. سندس پيءُ ڪير آهي؟ شريفن جي پاڙي ۾ حرامي ٻارجو پيءُ ڪير ٿي سگهي ٿو؟ ٻالڪ ڦٿڪي رهيو آهي. هجوم ۾ بيٺل ماڻهو انتهائي شريف ٿا ڏسجن، ايتريقدر جو اُن کي ڇهڻ به گناهه ٿا سمجهن. شمن پنهنجي عقل سارو سوچي پيو ته آخر اسڪول ۾ ماستر رڳو کيس ڇو ٿو ماري، جڏهن ته هن سبق به پڪو هوندو آهي ۽ رئيس  جي پٽ جو سبق به ڪَچو هوندو آهي. ڦلان رئڻ ۾ پيئي آهي ته بس ئي نٿي ڪري. سندس گُڏي جي ڪنهن ٽنگ ڀڃي ڇڏي آهي.  هاڻي گڏيءَ  سان ڪير شادي ڪندو؟ منهنجي گڏي ته ائين ئي رهجي ويندي! هي ته هيون ٻارن جي عالمي سال جي موقعي تي ٻارن جون پنهنجون سرگرميون. ملڪي سطح تي پڻ ٻارن جو عالمي سال شايان شان نموني ملهايو پيو وڃي.

تازو بي بي شو منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪافي ٻارڙا سهڻا ۽ نوان نڪورا ڪپڙا پائي شريڪ ٿيا. گڊو، شبانه ۽ راجو ترتيب وار پهريون، ٻيو ۽ ٽيون نمبر آيا جلوه، دبو، ابو مقابلي ۾ شريڪ ٿي نه سگهيا ته اُن ۾ ڪنهن جو ڏوهه؟ نه ئي سندن پيءُ ۾ ٻارن لاءِ سٺا ۽ نوان ڪپڙا ٺهرائڻ جي پهچ هئي ۽ نه ئي وٽن سفر جو خرچ پکو هو.

ڪجهه ڏينهن اڳي ٻارن جي فلاح ۽ بهبود بابت مذاڪري ۾ وڃڻ ٿيو، صدر مجلس کان ٻارن جي عالمي سال جي موقعي تي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي ته ٻارن جي مناسب واڌ ويجهه، ۽ روشن مستقبل لاءِ مناسب ۽ موثر اُپاءُ ورتا ويا آهن.  شهرن توڙي ڳوٺن ۾ بهتر طبي سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن. تعليم جو به جوڳو انتظام ڪيو ويو آهي. بک، بيروزگاري، بيماري ۽ جهالت کي هميشہ لاءِ تڙي ڪڍيو ويو آهي. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻارن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا ڏينهن رات جانفشاني سان خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن. مذاڪري جي اختتام کان پوءِ جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته رستي تي پينو ڇوڪرو مليم، مون کي مٿس ڏاڍي چڙ آئي هيترين سهولتن هوندي به هي پني ٿو اسڪول ڇو نٿو پڙهي؟ فلاحي ادارن مان فائدو ڇو نٿو وٺي. نينگر کي ڪن مان جهلي اوڏانهن روانو ٿيس. پر مخصوص جڳهه  تي پهچي منجهي پيس . دفترن ۾ هتي، هن ئي جڳهه تي ٻارن لاءِ فلاحي ادارو ڏيکاريل  هي پر هتي ته رڳو ٺلهو ميدان آهي ادارو ڪٿي؟ خير ڪيئن به هجي جيڪو به قدم کنيو ويو هوندو، اُن جو بنيادي مقصد ٻارن جي فلاح ۽ بهبود ئي هوندو. نينگر کي اُتي ڇڏي اچي اسٽال تان اخبار ورتم اخبار جي سرخي  مان به ٻارن جي عالمي سال جي اهميت جو اندازو ٿيم. اخبار جي سرخي هئي: ڏکڻ آفريڪا ۾ يونيفارم نه پائڻ جي ڪري سوين اسڪولي ٻار گولين جو شڪار، ٻارن جي عالمي سال جي موقعي تي به ڪارا ٻار نه سڌريا ته آخر ڪڏهن سڌرندا؟ ظاهر آهي سرڪار نامدار کي هي قدم به ڪارن ٻارن جي فائدي لاءِ ئي کڻڻو پيو هوندو.

جڏهن ته ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي ٻارن جو عالمي سال وڏي ڌام ڌوم سان ملهائجي رهيو آهي. مان به سوچي رهيو آهيان ته انهيءَ موقعي تي مون کي به ذاتي طرح ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي. ٻيو جي نه ڪري سگهان ته ٻارن جي عالمي سال تي ٿورو ڪي گهڻو لکڻ ئي گهرجي. آخرڪار مان به ته بين الاقوامي برادري ۾ شامل آهيان ۽ مون تي به ته ڪي فرض عائد ٿين ٿا.

محمد ابراهيم جويو

سائين ٽيڪن مل

(منهنجو پهريون استاد)

پنهنجي ننڍپڻ جي پهرين ياد گيرين مان هڪڙي جيڪا پياري ۾ پياري يادگيري منهنجي دل تي سدائين تري ايندي آهي، سا آهي منهنجي اسڪول ۾ وڃڻ جي پهرئين ڏينهن جي يادگيري.

منهنجي ڏاڏي مون کي اسڪول وٺي هلي هئي.

اُن کان اڳ ڏاڏو مرهيات ناني احمد موچيءَ کان مون لاءِ جُتي جوڙائي آيو هو. منهنجي غريب امڙ مون لاءِ ڪپڙن جو نئون جوڙو سبيو هو، ۽ ٽِڪن واري ٽوپي ٽونئر سان، ۽ قلم ۽ سليٽ رکڻ لاءِ هڪ بجڪي تيار ڪئي هئي، جنهن تي به هن ٽڪون جڙيون هيون ۽ ڀرت ڀري اُن کي سهڻو بڻايو هو. ڪنهن ڏينهن آءٌ پنهنجي آمڙ جي ڳالهه به لکندس . هينئر به جڏهن آءٌ هي اکر لکي رهيو آهيان، ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا آهن ۽ منهنجو هانءُ ڀرجي آيو آهي.

منهنجو ڏاڏو ۽ ڏاڏي ٻيئي پنج وقت نماز پڙهندا هئا. ڏاڏو فجر جي نماز پڙهڻ کان اڳ، سوير اُٿي، وضو ساري مصلي تي ويهي، ذڪر ڪندو هو ۽ ڏاڍي مٺي سُر سان مداحون پڙهندو هو. آءٌ به اڪثر جاڳي پوندو هوس. ۽ خاص طرح سياري ۾، هنڌ ستي ستي، هن جون اُهي مداحون ٻڌندو هوس. پرڀات مهل، سُتي لوڪ، هُن جو سُرمون کي ڏاڍو وڻندو هو. هن جي آواز ۾ ايتري ته ويچارپ، دک ۽ نيزاري ڀريل هوندي هئي، جو مون کي هن تي ڪهل اچي ويندي هئي، ۽ ڀائيندو هوس ته جنهن منهنجي ڏاڏي کي ايترو ڏک ڏنو آهي سو ڏاڍو ڪو ڪٺور ۽ ظالم آهي، ۽ وڏو ٿي آءٌ اُن سان وڙهندس.

اُن ڏينهن ڏاڏي نماز پڙهي پوري ڪرڻ کانپوءِ، مون کي پاڻ سان مصلي تي ويهاريو هو، ۽ مون کان ”الحمد“ پڙهايو  هئائين. مون ”بسم الله“ پڙهي، ”الحمد“ شروع ڪيو، ته هُن مون کي روڪي، پهريائين ”اعوذ“ پڙهڻ لاءِچيو. پوءِ مون جڏهن ”الحمد“ پڙهي پورو ڪيو، تڏهن ڏاڏي مرهيات ٻُڪ جهلي ٽي ڀيرا دعا گهري هئي، ۽ مون به ساڻس ٻُڪ کنيا هئا. هاڻي سوچيان ٿو ته وڏي ٿيڻ تي هِنن نمازن، دعائن، ’اعوذ‘ . ’بسم الله‘ ’الحمد‘ ۽ ٻين اهڙين ڳالهين بابت جيڪي ڪجهه مون پرايو هو ۽ سوچيو هو، ڏاڏو به اُنهن کي اُئين ڏسندو هو يا هُن لاءِ اُهي رڳو رسمي يا ڪريا ڪرمي ڳالهيون هيون، جيڪي سواءِ ڪنهن سبب، معنيٰ يا نتيجي جي اُئين ئي ڪرڻيون هيون جيئن اُهي (شايد) تڏهن به ۽ (يقيناً) اڄ به ٿينديون رهن ٿيون ۽ ڪبيون رهن ٿيون!

ڏاڏي جي مصلي تان اُٿيس ته ڏاڏي به تنهن وچ ۾ نماز پڙهي، کير ولوڙڻ ويهي رهي هئي. آءٌ وڌي وٽس ويس ته مون لاءِ وٽي ۾ ڌؤنئرو ۽ راتوڪو بچيل ’هٿن جو ڀت‘ پا ٽ هيٺان  اڳئي ئي ٺهيو رکيو هو، سو ڪڍي مون کي  ڏنائين. اِها منهنجي روزاني صبح سوير جي خوراڪ هئي. ان کان پوءِ سج چڙهئي اڃا مون کي مکڻ ڦٽي ۽ چوٿو مانيءَ جو به کائڻو ۽ گهاٽيءَ لسيءَ جو اڌ وٽو به پيڻو هو. ائين کائي، پي نئون جوڙو ڪپڙن جو ڍڪي، پيرن ۾ نئين جُتي پائي، مٿي ۾ ٽونئر واري ٽوپي ۽ ڪلهي ۾بجڪي وجهي  ڏاڏيءَ جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي، پهر سج چڙهئي آءٌ پهريئن ڏينهن پنهنجي اسڪول ويو هوس.

اسان جو ڳوٺ جنهن جو نالو ’آباد‘ هوندو هو، اُن جي دنيا به هڪ عجيب دنيا هئي. اُن ۾ موچين جو هڪڙُ گهر، ۽ ٻيا ٺيٻاٺي، لُنڊ، دُنبڙ، لغاري ۽ جويا رهندا هئا، جي گهڻو ڪري سڀ درياءَ تي نار چاڙهيندا هئا ڍاڪَن ۽ ڪتين جون پوکون ڪندا هئا. ڳوٺ  ۾ واڍڪو ڪم منهنجو پنهنجو نانو ڪندو هو، ۽ هو اسان کي ڪاٺ جا رانديڪڙا ٺاهي ڏيندو  هو ۽ اسان کي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجين ننڍڪڙين ڪهاڙين ۾ ڳَنَ به وجهي ڏيندو هو. ڀرسان سڏ پنڌ تي، نوداڻين جي ڳوٺ ۾ هڪڙو ڪنڀرن جو گهر هوندو هو، ۽ ٻيا ماڇي ۽ ميربحر رهندا هئا، جن مان به گهڻا پوک ڪندا هئا، پر ڪي مڇيون ۽ پلا ماريندا هئا، ۽ اُهي کارين ۾ وجهي، پنجين چوٿين ڏينهن اسان وٽ آڻيندا  هئا ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ نيئي وڪڻندا هئا. ڪجهه پر ڀرو ڏکڻ پاسي ٺٽيءَ  جي ڳوٺ ۾ لوهرن جا گهر هئا، ته اتر پاسي ڪوهه ڏيڍ  پنڌ تي لڪيءَ  جي شهر مان نانو سليمان اسان ننڍن جي مٿي جا وار لاهڻ ۽ اسان جي وڏن جي سونهارين جي سنوارت ڪرڻ لاءِ مهيني  ۾ ٻه ڀيرا ايندو هو، ۽ اسان ٻارن لاءِ ڪڏهن مٺا ڀڳڙا، ڪڏهن نقل ۽ ريوڙيون، ڪڏهن ڳڙڌاڻيون، ۽ ڪڏهن ڇا ته ڪڏهن ڇا کڻي ايندو هو، ۽ پري کان هن کي ايندي ڏسندا هئاسون ته ’نانا! نانا!‘ ڪري کيس وڃي چنبڙندا هئاسين.

اسان جي ڳوٺ جي هيءَ ننڍڙيءَ دنيا اسان جي اهڙي هڪ پنهنجي دنيا هوندي هئي، جو سڀڪو اُن ۾ ڄاڻندو هو ته هو پاڻ ۽ ٻيا سڀ ڇا ڇا ڪري رهيا آهن. رڳو اسين ٻار به ڄاڻندا هئاسين ته ڪير ڪٿي هو ۽ ڇا ڪري رهيو هو. ناني حميد لنڊ ڳوٺ  جون مينهون ٿي چاريون. مامي ماڪوڙي لغاريءَ  پنهنجون ۽ ڳوٺ جون ٻڪريون ٿي چاريون. ۽ اهڙيءَطرح ڪنهن وري ڳئن جو وڳ ٿي پهرايو. دنبڙن ۾ نانو الهڏنو هوندو هو، جنهن کي سڀيئي ملو الهڏنو، چوندا هئا، ۽ اهو مسجد ۾ نماز پاڙهيندو هو. ۽ ڳوٺ جي اسڪول سان گڏ جيڪو مڪتب هوندو هو، اُن ۾ ٻارن کي قرآن شريف پاڙهيندو هو. هن کي ڳوٺ جا سڀيئي  راڄ، سواءِ ڪن ڪن گهرن جي، جيڪي ڪڏهن کانئس ڪاوڙجي پوندا هئا. پنهنجن پنهنجن مئلن جي نالي ۾ ٽڪيون ڏيندا هئا. منهنجي ڏاڏي وري پنهنجي گهر ۾ ڳوٺ  جي ڇوڪرين کي قرآن پاڙهيندي هئي، ڇو ته مُلي الهڏني جي زال، ناني عزت، جيڪا  مُلياڻي سڏبي هئي، قرآن پڙهيل ڪانه هوندي هئي، انهيءَ ڪري اهو ڪم منهنجي ڏاڏيءَ کي ڪرڻو پوندو هو، جنهن کي هوءَ وڏو ثواب جو ڪم سمجهندي هئي، ۽ ان لاءِ هوءَ ’آخوندياڻي‘ سڏبي هئي. ڏاڏو مرهيات وري ’آخوند‘ سڏبو هو، ڇو ته هو به ڪڏهن ڪڏهن، ۽ خاص طرح تڏهن جڏهن ملو الهڏنو بيمار پوندو هو يا نه هوندو هو، ته مسجد ۾ نماز پاڙهيندو هو، ۽ جيڪي گهر مُلي الهڏني کان وقتي ناراض هوندا هئا اُهي اوترا ڏينهن پنهنجو ٽڪيون گهر ويٺي اسان کي ڏيئي ويندا هئا ڇو ته ڪنهن جي مئل مائٽ کي مانيءَ کان يا مانيءَ جي ثواب کان ڪنهن به صورت ۾ خالي رهڻو نه هو! ائين اسان وٽ لوهرن، ڪنڀرن ۽ واڍن جا به، ضرورت وقت ڪم اچڻ لاءِ، هلڪا سلڪائي سهي پرٻٽا بندوبست موجود هوندا هئا پوءِ ڳو‎‎ٺ ۾ نه ته ڳوٺ کان ڪجهه پرڀرو ڪنهن ٻئي  ڳوٺ ۾ ئي سهي. فقط موچين جو گهر اسان وٽ هڪڙو ئي ناني احمد جو گهر هو، ۽ اُن جون البيلايون ۽ ارڏايون هر ڪنهن کي سهڻيون پونديون هيون. پر هو ڳالهين جو ڳهير هوندو هو، ۽ سدائين سندس دُکَڻَ  تي ماڻهن جا ميڙا هوندا هئا. آءٌ ته پهرن جا پهر وڃي سندس دُکن ۾ ويهندو هوس.  هو ڪم به پيو ڪندو هو ۽ ڳالهيون به پيو ٻڌائيندو هو. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي ناني بادل مرهيات وٽ به ويندو هوس جيڪو واڍوهو، ۽ سندس مزيدار ۽ کلائيندڙ  ڳالهيون ٻڌندو هوس، جيڪي به ڪڏهن کٽنديون ڪين هيون.

مطلب ته اسان جي ڳوٺ جي هيءَ ننڍڙي، ننڊاکڙي پر بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ڪم ڪندڙ دنيا اهڙيءَ هڪڙيءَ ڪَلَ مثل هئي. جيئن ڪو هُرلو، گهاڻو يا ڪو هُرڦارُ، وعيره، جنهن ۾ هرڪو ماڻو توڙي راڄُ  پاڻ کي ائين پورو جَڙيل ۽ پنهنجي پنهنجي ڪم سان لڳل ڀائيندو هو، جيئن اهڙيءَ ڪنهن رمڻي ڪَلَ جو ڪو پاند يا پُرزو. آءٌ سوچيان ٿو ته اُن ڏينهن جڏهن آءٌ سوچيان ٿو ته اُن ڏينهن جڏهن آءٌ ڏاڏيءَ  جو هٿ جهليو، پهرئين  ڏينهن اسڪول پئي ويس، تڏهن ڳوٺ  جي اُن پنهنجيءَ  آچيت ۽ ماٺاريَل دنيا کي مون ائين ئي ٿي ڄاتو جيئن هتي لکيو اٿم، يا اِها ڄاڻ مون کي، پوءِ ڪنهن موقعي تي، وڌيڪ پڙهڻ، سمجهڻ  ۽ ڪنهن خاص سوچ پرائڻ تي پيئي  هئي! پر ايترو سو پرائڻ تي پيئي هئي پر ايترو سو آءٌ پوري ڀروسي سان چئي سگهان ٿو ته منهنجي من ۾ اُن سوچ جي اُسرڻ، صورت وٺڻ  ۽ پختي ٿيڻ ۾ منهنجي  پهرئين استاد سائين ٽيڪن مل جو وڏو هٿ هو. ڇو ٿو آءٌ ائين سمجهان،  اِها ڳالهه آءٌ اڳتي ٻڌائيندس.

اسان جي ڳوٺ ۾ هندن جا به پنج ڇهه گهر هوندا هئا، جن مان ناني سُکوءَ سان منهنجي خاص دل هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته صبح سانجهيءَ  آن لَپ جهولَ ۾ کڻي آءٌ  کانئس وڃي مٺائي وٺندو هوس. هن جي پٽ چيلي  جو پٽ ريوو منهنجو يار هو، ۽ قسمت جي ڳالهه ڏسو ته اُهو به اُنهيءَ ئي ڏينهن مون سان گڏ اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو هو. ريوي سان منهنجي پڪي ياراني 1947ع تائين قائم رهي، ۽ پوءِ هو هندستان هليو ويو، ۽ اسين وڇڙي وياسين. اُن کان اڳ  ڪن سالن کانپوءِ هو ڳوٺ ڇڏي لڪيءَ ۾ وڃي رهيا هئا،۽ اسان جي ڳوٺ ۾ڪو به هندوءَ جو گهر باقي ڪونه رهيو هو: ڇو ته اسان جو ڳوٺ، جيڪو درياءَ جي ڪنڌيءَ  سان، درياءَ جي ئي ڌوم ڌام سبب ’آباد هو، اُن کاندادلي درياءَ، اوچتو ۽ بي سبب، مُنهن ڦيري ڇڏيو، ۽ اُن جي غضبناڪ پائيندڙ جو اُهو اهڙو شڪار ٿي ويو، جو اُن جا ماڻهو پنُ  پنُ ٿي ويا، ۽ وري گڏجي ڪٿي: ڪونه ويٺا  هندو لڪيءَ هليا ويا، ۽ ٻين ذاتين وارا پنهنجي پنهنجي سَهي سان پنهنجا پنهنجا گهرڙا، ڪي ڪٿي ڪي ڪٿي، اڏي وڃي ويٺا، ۽ اُن کانپوءِ اڳيان اُهي ۽ انهن جا ڪاٺ ڪِلا ۽ ڍور ڍڳا، ۽ پٺيان اُنهن جي درياءَ جي پائيندڙ مٿان پائيندڙ ۽ اُٿل مٿان اٿل بس ’آباد‘ وري ڪٿي آباد ٿي نه سگهيو، ۽ اڄ ايترن سالن گذرڻ کان پوءِ، اُن جو رڳو نالو وڃي رهيو آهي.

نه ته ڳوٺ اصلوڪو اسان جو پراڻو ۽ پڪو هو، اُن جون جايون پڪيون (مطلب ته ڪچين ورانڊن ۽ وڏن اڱڻن سان هونديون هيون، جن ۾ خاص طرح نمن جا وڻ چوڌاري ڇانو ۽ ساوڪ لايو بيٺا هوندا هئا، ۽ اُهي وڻ اسان ٻارن لاءِ وڏيون وندر جن جايون بلڪ (هاڻوڪيءَ ٻوليءَ  ۾ ٿو چوان) وڏا ميوزم يا عجائب خانا هئا. انهن جا پيلا ۽ ساوا پن، لامون، ڏار، ٿُڙ، گل، نموريون ۽ انهن جي پٺيان ڊوڙندڙ نوريئڙا، سُرندڙ ۽ اڏامندڙ  جيت، پکي پکڻ، ماکيءَ  جا مانارا، بس ڪهڙي ڳالهه ڪجي اُنهن نمن جي! گهر گهر جي نم اسان لاءِ ڪنهن نه ڪنهن مقرر مطلب جي جاءِ هوندي هئي. ۽ اهڙي هڪ  وڏي، شاهي نم اسان جي اسڪول جي شاهي اڱڻ ۾ به هوندي هئي، جتي شام جو سائين ٽيڪن مل کٽ وجهيو، ڪرسيون ۽ بينچون رکايو ويٺو هوندو هو، ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ويٺل ڪونه هوندو هو، ۽ ٻيو ڪو ڪم ڪونه هوندو هوس، ته ويٺو پڙهندو هو يا لکندو هو.

اسين ننڍڙا ٻار، مثلاً ريور، آءٌ ۽ ٻيا، جيڪي اڃا اسڪول ۾ ڪونه ويا هئاسين، سي ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٻه، چار چار گڏجي، وڃي اسڪول جي در کان، واري وٽيءَ  سان، اندر جهاتي پائي، سائين ٽيڪن مل کي کٽ تي  ويٺل ڏسي، يا جي هو کٽ تي ڪونه هوندو هو، ته اُتي ئي بيٺي بيٺي، هيڏي هوڏي لؤڻا هڻي، ورانڊي ۾ يا ڪٿي هن تي نظر پوڻ سان ئي وٺي  پوئتي ڊوڙندا هئاسين، ۽ گولِي ٿي ڀڄي ويندا هئاسين. ۽ گولِي ٿي ڀڄي ويندا هئاسين.  ڪڏهن ڪڏهن سائين ٽيڪن مل ڇا ڪندو هو، جو ڀت سان ٿي بيهندو هو، ۽ هيڏانهن اسان مان ڪنهن منهن ڪڍيو ۽ هو اسان کي ڏسي، وٺي ”هُو....!“ ڪندوهو، پوءِ اسان جي ڪي ڀڄڻ هوندا هئا! مجال آهي، جو لؤڻو ورائي پوئتان ڏسون به! ائين هو عجيب طريقن سان ڪڏهن ڪڏهن ڪوشش ڪندو هو ته  اسين اندر اسڪول جي اڱڻ ۾ وڃون – هن جي مرضي شايد (شايد ڇا، پڪ ئي پڪ) اِها هوندي هئي ته اسين هن وٽ  وڃون ۽ هن سان رانديون رونديون ۽ ڳالهيون ٻولهيون ڪري سگهون. اسين به پنهنجي پر ۾ هن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ۾ هئاسون. ڇاڪاڻ ته هو اسان لاءِ نئون ماڻهو هو- هڪ ته اسان جي ڳوٺ جو نه هو ۽ ٻيو ته ڪپڙين لٽين ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين ۾ هو اسان لاءِ اوپرو هو، ۽ ٽيون ته ڳوٺ ۽ آس پاس جا اسان جهڙا ٻار هن جي هٿ ۾ هوندا هئا ۽ هن کان ڊڄندا  هئا، ۽اسان جا مائٽ ۽ ٻيو هر ڪو وڏو، ٿوريءَ گهڻيءَ  ڳالهه تي اسان کي سائين ٽيڪن مل جا دڙڪا پيو ڏيندو هو!

پرهُن سان واقفيت ڪرڻ لاءِ اسين اسڪول جي درکان اندر هڪ پير به وجهڻ لاءِ تيار ڪونه هوندا هئاسون. ڇو ته اسين هن کان سچ پچ  ڊڄندا هئاسون. منهنجو وڏو ڀاءُ، جيڪو اسڪول ۾ پڙهندو هو، تنهن مون کي، ۽ ٻين جي ڀائرن اسان مان ٻين کي، ۽ اسان جي مائٽن ۽ ٻين سڀني وڏن اسان سڀني کي ڊيڄاري ڇڏيو هو ته سائين ٽيڪن مل ٻارن کي ڪَنن ۾ ٿو ٻِليون چنبڙائي! بس اِها ڳالهه هر وقت اسان جي من تي چڙهي بيٺي هوندي هئي. ڪنن ۾ ٻلين جو چنبڙڻ هيءَ ڪا معمولي ڳالهه ته ڪانه هئي! هاڻي ٿو آءٌ سوچيان ته اسان جا مائٽ جيڪڏهن چاهين ها ته اُهو ڊپ اسان جي دلين مان سولائيءَ سان لاهي ڇڏين ها. خود سائين ٽيڪن مل به شايد چاهيو ٿي ته اسين اُنهي ڊپ ۾ رهون! ڇو ته وڏن جي ٻارن بابت  پاليسي تڏهن ته پوريءَ طرح ائين هئي، پر هاڻي به گهڻي قدر ائين ئي آهي ته ٻار ڊپ ۾ رهن ۽ ٻارن کي ڊيڄاري ۽ ڊپ ۾ رکي ئي سڌاري ۽ سيکاري سگهجي ٿو. رڳو ٻارن لاءِ ئي نه پرهر هيڻي لاءِ هر ڏاڍي جي اِها پاليسي هئي ۽ اڄ به گهڻي قدر ايحا ئي پاليسي آهي ڇا ، چي، سؤنٽي هجي ساڻ  ته گڏهه گوهي نه ڪري!“ گويا ڏاڍي لاءِ هرڪو جيڪو هيڻو هو، سو گڏهه هو ۽ ائين هڪڙن ماڻهن ٻين ماڻهن وانگر  سؤنٽين سان هلائڻ گهريو ٿي ۽ هاڻي به هو ائين گهرن ٿا. اِنهيءَ  پاليسيءَ هيٺ ئي فارسيءَ جي وڏي شاعر  ۽ عالم، شيخ سعديءَ، ڏاڍن جو پاسو وٺندي، چيو هو ته ”گهوڙن کي، زالن کي ۽ ٻارن کي ڪُٽيوئي ڪُٽيو!“

سو اُن ڏينهن جڏهن آءٌ ڏاڏيءَ  جو هٿ جهليو، پهريون ڀيرو اسڪول پئي ويس،  سو ڪو خوشيءَ  سان ۽ کلندو ٽپندو ڪونه پئي ويس. مون کي دل ۾ ڏاڍو ڊپ هو سائين ٽيڪن مل جو ۽ سڄي اسڪول جو.  مون کي سچ پچ ته ايترو خوف هو. جو جنهن گهڙيءَ  اسڪول ۾ هن جي اڳيان آءٌ اچڻو هوس، اُن گهڙيءَ  جيڪڏهن هو رڳو اُٿي  بيهي زور سان مون کي دڙڪو ڏئي ها ته منهنجو الائي ڪهڙو حال ٿئي ها! ڏاڏيءَ  سان اسڪول ڏانهن هلندو ته ويس پئي، پر منهنجي دل ويهندي پئي ويئي ۽ گلو ۽ چپ منهنجا سڪي ٺوٺ ٿي ويا هئا. من ۾ اُهوئي ڪانڍو هوم ته الائي ڇا ٿيندو!

پوءِ نيٺ اسڪول به آيو ۽ اسين اُن جو ٻاهريون در ٽپي اندر ٿياسين ۽ وڌي سائين ٽيڪن مل جي اڳيان وڃي بيٺاسين. ڏاڏيءَ  کي اندر گهڙندي  ڏسي، هو اُٿي بيٺو، ۽ هن سان گڏ سڀ ٻار به اُٿي بيٺا. اِهو مون کي چٽو ياد آهي:  ڇو ته جڏهن سڀ ٻار اُٿي بيٺا هئا ته ريوو، جيڪو مون وانگر ئي ڪو اُنهيءَ ڏينهن اسڪول آيو هو، سو ويٺو ئي رهيو، ۽ سائين ٽيڪن مل سڏ ڪري اُن کي چيو هو: ”ريوا، تون به اُتي بيهه! ڏسين نٿو آخوندياڻي آئي آ!“ ۽ پوءِ هو به اکيون ڦاڙي اُتي بيٺو هو.

سائين ٽيڪن مل پوءِ ٻارن کي ويهڻ  لاءِ چيو، پر پاڻ اُهو ئي بيٺو رهيو، ۽ ڏاڏيءَ  سان ڳالهائيندو رهيو، ۽ ڳالهائيندي ڳالهائيندي، هن منهنجي  مٿي تي هٿ رکيو،  ۽ پوءِ نِوڙي، مون کي ٻنهي ڪڇن کان جهليندي، مٿي کڻي،  ميز تي بيهاريائين، ۽ منهنجي ڀاءُ کي  سڏيندي چيائين: ”عيسيٰ، هي تنهنجو ڀاءُ!“ وري مون کان پڇيائين: ننڍا”سِرائي، هتي پنهنجو ڪو يار ڏسين ٿو؟“ (اسين ڳوٺ ۾ ”سرائي“ به سڏبا هئاسين.) مون  هٻڪي هٻڪي، ڀڻڪو ڪيو: ”ريوو!“ پوءِ سائينءَ ريوي کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽ ڪرسيءَ  تي ويهي، مون کي ميز تان لاهي، هڪڙي پاسي هڪڙيءَ ٻانهن سان مون کي ڀاڪر پاتائين، ۽ ٻئي پاسي ٻي‎ءَ  ٻانهن ۾ ريوي کي ڀاڪر ۽ جهليائين،  ۽ ريوي کان پڇيائين: ”هيءُ تنهنجو يار آهي؟“ اِتي ريوي مشڪي ڏنو ۽ ڪنڌ لوڏي ’هائو‘ ڪيائين جنهن تي سائينءَ چيو: ”اوهان ٻيئي يار آهيو!وڙهجو نه! سدا ياررهجو!“ پوءِ ميز جو خانو کولي، سائينءَ اسان ٻنهي کي ٻ ٻه کٽمٺڙا ڪڍي ڏنا، ۽ چيائين: ”هاڻي ٻيئي يار، اوهين وڃي بينچ تي محمد عيسيٰ سان گڏجي ويهو!“ تنهن وچ ۾ ڏاڏيءَ جيڪا ٽٻڻي پتاشن سان ڀريل پاڻ سان آندي هئي ۽ اچڻ سان ميز تي رکي ڇڏي هئائين، اها سائينءَ کڻي ادا عيسي کي ڏني ۽ چيائينس ته سڀني کي ورهائي ڏي!“ پوءِ هن سائينءَ کي پتاشا ڏنا ۽ سڀني ٻارن کي به اُهي ورهائي ڏنا، ۽ پوءِ ڏاڏي مون کي اُتي اسڪول ۾ ڇڏي  گهر هلي ويئي.

اِهو منهنجي اسڪول جو پهريون ڏينهن هو، بلڪ پهرئين ڏينهن جون اِهي پهريون گهڙيون هيون، جيڪي  منهنجي دل تي پوريءَ  طرح نقش آهن، ۽ تاحيات نقش رهنديون.

اسڪول جي اُن پهرئين ڏينهن جي تصويرن مان هڪڙي تصوير سڀ کان پياري ۽ سڀ کان چِٽي منهنجي دل تي ويٺل آهي. ۽ اُها آهي خود سائين ٽيڪن مل جي تصوير، هو کير جهڙا اڇا ڪپڙا پائيندو هو-

ڊگهين موڪرين کليل ٻانهن، بُٽي ڪالر ۽ وچينءَ بَريءَ  وارو مردنو سنڌي چولو ڊگهو، ٿورو گوڏن کان مٿڀرو، ۽ ويڪرن پائنچن  وارو پائجامو پيرن جي ڀيڊن تائين ڪاري رنگ جو سليپر ۽ ڪاري بخمل جي ٽوپي اُها هن جي سدائينءَ جي پوشاڪ هئي. هو 25- 30 سالن جو جوان مڙس هو، قد جو ڊگهو، ڪجهه سنهاڻ  ڏانهن مائل، رنگ جو ڪڻڪائون ڀورو هوندو هو. منهن سندس گول، نڪ سنهو پورو پنو، پيٺل کاڏي، اکيون وڏيون ڪاريون، پيشاني ڪشادي ۽ پوئتي گولائينمڙيل، ۽ وڏي ڳالهه ته ڪَنَ هن جا ڪافي ڪجهه وڏيرا ۽ لؤندڙين کان پڌرا ٻاهر نڪتل هوندا هئا. هو جڏهن منهن ۾ نهاريندو هو، ته ڀانئبو هو ته ڪنهن عجب ۾ ورتل آهي ۽ سندس اکين جي چمڪ مان ائين سمجهبو هو ڄڻ ماڻهوءِ جي منهن ۾ ڏسي، اُن ۾ ڪجهه ڳولي  رهيو آهي. هن جو ڳالهائڻ به خاص هو- آواز سنهو، ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ اوچو، تاءَ  وارو ۽ تاهوت لائيندڙ، ڳالهائيندو هو ته به پيو مشڪندو هو.ائين ٻڌائڻ لاءِ به آتو هو ۽ ٻڌن لاءِ به آتو هو. سائين ٽيڪن مل کانسواءِ ٻيو مردن ۾ فقط منهنجو ڏاڏو مرهيات آهي، جن جون شڪليون، قدبت۽ سڄِي اُنهن جي ڏک ۽ بيهڪ، منهنجي ننڍپڻ جي ڏينهن جون ڏٺل، منهنجي اڳيان اڄ به ائين صاف ۽ جيئريون جاڳينديون بيٺل آهن، جو جيڪڏهن آءٌ مصور هجان ته پنهنجي حافظي مان اڄ به اُهي  هوند ڪنواس تي هوبهو آڻي ٿو سگهان.

سائين ٽيڪن مل اسان جي ڳوٺ کان ڪي ويهارو ميل کن پري آراضيءَ جي شهر جو ويٺل هو. هر ڇنڇر تي هو ڳوٺ ويندو هو ۽ سومر  ڏينهن صبح جي پهر موٽي  ايندو هو.  موٽڻ تي هو پاڻ سان هڪ نه ٻي شيءِ ڪڏهن ٻوراني، ڪڏهن چَوري، ڪڏهن مٺيون مانيون، ڪڏهن سَڱر ۽ بوندي، ڪڏهن رڌل ڪُم ۽ لوڙهه، ۽ اچڻ سان چوندو: ”امڙ هن ڀيري اوهان لاءِ هي ٽول ٺاهي  ڏنو.“ ۽ ائين چئي، اُها شيءِ  اسان سڀني  ٻارن کي ٿوري ٿوري ڪري ورهائي ڏيئي ڇڏيندو هو.

سائين ٽيڪن مل ميز جي خاني ۾ سدائين کنگهه لاءِ چاٽي جي برني ۽ پڪل چاش جون ٽڪيون، جن  ۾ ڪارا مرچ ۽ لؤنگ پيل هوندا هئا ۽اُهي به ٿڌ ۽ زڪام لاءِ هونديون هيون، پاڻ وٽ رکندو هو. اُهي به هو گهران آڻيندو هو ۽ چوندو هو ”هي منهنجي ڪاڪي جون ٺهيل آهن.“ (اسان کي پوءِ خبر پيئي هئي ته هو پنهنجي پتا کي ’ڪاڪو، چوندو هو.) اسان جي ڳوٺ ۾ سڄو سال، ۽ خاص ڪري سرءُ ۽ سياري ۾ ليس ۽ کنگهه ۽ سيءَ تپ جون بيماريون  عام هونديون هيون، ۽ مشڪل سان ڪو ماڻهو اُنهن کان بچيل هوندو هو. (اڄ به جڏهن آءٌ ڳوٺ ويندو آهيان- هاڻي اسان جو ڳوٺ لڪي آهي،  ڇو جو درياءَ اسان جو ڪچو کڻي ويو ۽ اسان کي ٻوڙي ٻوڙي، پائي پائي، نيٺ  پڪي تي نيئي، لڪيءَ  جي شهر  ۾ وڃي آباد ٿيڻ تي مجبور ڪيو اٿس، تڏهن سڄي رات پنهنجي گهر ۾ توڙي  آسپاس جي گهرن مان رڳو ماڻهن جي کنگهڻ ۽ کانگهارن جي اُڇل  جا آواز پيو ٻڌندو آهيان) سائين ٽيڪن مل اسان ڪلاس ۾ ويٺل ٻارن مان ڪنهن کي کنگهندي ڏسندو هو ته هڪدم ميز تي پاڻ وٽ سڏائي، پنهنجي پاسي ۾ بيهاري، چاٽو چٽائيندو هو، ۽ جي ڏسندو هو ته ڪنهن جي کنگهه گهڻي آهي ته اُن کي کنگهه جون ٽڪيون ڏيئي، ۽ ڪاڙهي جو نسخو لکي گهر اماڻي ڇڏيندو هو، ۽ چوندو هوس: ”اميءَ کي چئج ته اِهو ڪاڙهو ڪاڪي سکومل جي هٽ تان وٺي ڪاڙهي، اُن ۾ مُستيءَ  چپٽي وجهي، صبح سانجهيءَ توکي پياري، ۽ جي تپ ٿي پويئي ته سمهي پئج، هيڏي هوڏي نه رلج!“

تپاوليءَ جي موسم ۾، جنهن کي ڏاڏي مرهيات ”سُکاوليءَ جي موسم چوندي هئي، هر جمعي  جي ڏينهن پوئين پهر، سائين ٽيڪن مل اسان مان ويڙهي ويڙهي جو هڪ هڪ ڇوڪرو گهرائيندو هو، ۽ انهن کي پاڻ سان وٺي  ڳوٺ جا الڳ الڳ ويڙهن ۽ آسپاس جي ڳوٺن  ۾ ويندو  هو ۽ ماڻهن ۾ تپ جون ٽڪيون ورهائيندو هو،  ۽ اُنهن جو استعمال  انهن کي ٻڌائيندو هو اُنهن ٽڪين جانالا به اسان جي ڳوٺ ۾ مزي جا هوندا هئا. ڪي اُنهن کي رڳو ’ڪڙيون ٽڪيون‘ به چوندا هئا. ڪنيون ٽڪيون به چوندا هئا. پر هيون اُهي ڪوئنين جون ٽڪيون. هڪ ڀيري ڪنهن مٿئين درجي جي ڇوڪري جي مُنهن مان گفتو نڪتو: ”اِهي ناهن ڪنيون ناهن ڪڙيون، آهن ٽڪيون ٽيڪن مل ّ جون!“ شايد پنهنجي ڪنهن وڏي کان هُن اُهو گفتو ٻڌو هو، جيڪو ڪو زورِ چرچائي هو. پر جيئن ئي اُهو گفتو اسان ٻارن جي ور چڙهيو، تيئن اسان لاءِ اسان جي کل خوشيءَ  ۽ رؤشني جو ڄڻ هڪڙو نئون گس نڪتو. ۽ پوءِ ته ان تي ڪيئي  گفتا ۽ ڪيئي پد ٺهي ويا: ”ناهن ڪِنيون، ناهن ڪَڙيون، آهن ٽڪيون ٽيڪن ملّ جون“ (”مل“ تي زور)- ڪنيون ناهن، ڪڙيون ناهن (ڪڙيون ناهن، ڪنيون ناهن)، ٽيڪن مل جون ٽڪيون آهن“. مون ته پوءِ دل ۾، توڙي پنهنجي مُنهن واٽ ويندي ۽ پنهنجي گهر ۾ (جڏهن ڏاڏو گهر ۾ نه هوندو هو) ڏاڍيان اُهو گفتو ڪي هزارين ڀيرا اُچاريو هوندو هڪ ڀيري ته ڏاڏيءَ  کان ان کي گهڻي ونڌڻ ڪري، مار به کاڌيم، ۽ پوءِ گهر ۾ ان جي ونڌ ڇڏي ڏنيم. اسين ڇوڪرا گڏجي ڪٿي اڪيلا ٿيندا هئاسين ته زور سان لَئي ۾ ۽ جدا جدا  نموني جي جهيل سان اُن کي اچاريندا هئاسين. ٿيندي ٿيندي، اسان ۾ وري ”ڪتو ٻڌي ڇيلو کا، ڇيلو ٻڏي ڇيلو کا!“ جهڙن وِ نڌ ڪاري ٻولن وانگر ”ٽڪيون ٽيڪن مل جون، ٽيڪن مل جون ٽڪيون!“ ”ٽڪن وارو !“ جا ٻول به عام ٿي ويا. ٽن، چئن،  پنجن جي ٽولي ٺاهي ويهندا هئاسون، هڪڙو ڏهن ، ويهن ، چاليهن تائين انگ ڳڻيندو هو، ٻيو تڪڙو تڪڙو ٻول چوندو هو، ۽ ٽيون ڳڻيندو هو ته ڪنهن ڪيترا ڀيرا  اُهو  ونڌيو يا دهرايو هو جنهن جو وچ ۾ ڪو  ٽاڪاڻو پيو ته اُن جو اُهو وارو ختم. سائين ٽيڪن مل ڪڏهن اسان جا اُهي رؤنشائي ٻول ٻڌي به وٺندو هو، پر ائين ڪن لاٽار ڪري ڇڏيندو هو، ڄڻ هن ڪجهه ٻڌوئي ڪونه هو، ۽ اسين هن کي ڏسي ائين چپ ٿي ويندا هئاسين، ڄڻ اسان کي ڪا ماٺ بلا سونگهي ويئي هئي.

هاڻي، آءٌ ٿو سوچيان ته سائين ٽيڪن مل جي ڪونئين جون ٽڪيون ايڏيون ڇو اُنهن ڏينهن ۾ اسان وٽ واڪجي يا واکاڻجي ويون هيون! هڪ ته اُهي انهن ڏينهن ۾ اسان  وٽ نيون نيون آيون هيو، ٻيو ته سائين ٽيڪن مل اُنهن کي ماڻهن ۾ ورهائڻ ۽ عام ڪرڻ ۾ گهڻي پرجستائي ٿي ڪئي، ۽ ٽيون ته اُهي ٽڪيون ڪي ڪڙيون هونديون هيون! بس جهڙيون زهر! ۽ وري اسين ننڍڙا بار، خاص طرح، جو اُنهن جي ڳهَڻَ مهل ڪندا هائسون کيٽو، اِنهيءَ  ڪري هونئن جو آرام سان تارونءَ وٽ رکي، پاڻيءَ جي ٻن ڍُڪن پيئڻ سان ڳِسي وڃن (جيئن سائين ٽيڪن مل اسان کي سمجهائيندو هو) سي اسان جي آتَن ڏيڻ سبب، يا پوريءَ  ريت تارونءَ وٽ نه رکڻ ڪري، جيسين اُهي گيسجي، اندرنڙگهٽ مان لنگهي، پيٽ ۾ وڃن ئي وڃن، تيسين مٿي وات  ۾ ئي اُهي ڳَرڻ شروع ڪري ڏينديون هيون، ۽ اسان جي زبان ته پوءِ اُنهن جي ڪڙاڻ  جا اسان کي مزا چکائي  ڇڏيندي هئي! ۽ گهرن ۾ تپيل ٻارن جا هوندا هئا ٻوڪاڙن تي ٻوڪاڙ! مٿان سائينءَ جي اُهائي  ڌُم لڳي پيئي هوندي هئي: ”دوا آهي، ڪَري هجي، مِٺي هجي، کلي به وٺبي، ڙوئي به وٺبي!  دُک دوا ٻيئي ڳالهه ساڳي، ڙوئي سهڻ بدران ٻيئي ڳالهه ساڳي، ڙوئي سهڻ بدران کيل سهجن ته سُٺا!“

آءٌ ڀايان ٿو ته  ٻئي يا ٽئين درجي م هوس، جو هڪ ڀيري ڏاڏيءَ سان گڏجي درياءَ  جي تڙ تي ويس. منهنجي هٿ ۾ ٽي اچر ماچيس جا خالي کوکا هئا، جن کي ٻهراڙيءَ ۾ تڏهن باڪَسَ (واحد باڪَسُ)  چوندا هئاسين. اُهي مون ٻاراڻي خيال کان گڏ ڪيا هئا. منهنجي کيسي ۾ ڪي ٻه ٽامي وارا، تڏهوڪي  دور جا ڳرا پئسا به هئا،  ٻه اُنهن جااڌ، يعني ”آڌيلا، به ،۽ هڪڙُ ٽاميجو ٽَڪو به هو، جيڪو اڄوڪي روپئي کان ڏيڍوڻو وڏو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻيڻو ڳرو هوندو هو. ڏاڏيءَ کي ڪونڊي ڪپڙن جي ڌوئڻي  هئي، ۽ مان ويهي ڪپ سان راند ڪرڻ  لڳس. ڇا ڪيم، جو هڪڙو باڪسُ  کولي، اڻ ۾ هڪڙو پئسو وجهي، اوڀاري هٿ کان کڻي پاڻيءَ  ۾ ڇڏيم، ته اُهو ترندو جڏهن منهنجي لهواري کڻي ورتم. پوءِ اُن ۾ ٻيو پئسو وڌم ۽ وري به اُن کي اڳي وانگر تاري کڻي ورتم. پوءِ اُن ۾ کڻي ٿو ٽڪو به وجهان، پر اُهو مٿا ترندي، منهنجي لهواري هٿ تائين اڃا پهتو ئي مس، ته چڀڙڪ ڪري پاڻيءَ  ۾ ٻڏي ويو اُن جو وڏو سبب شايد اِهو هو ته ٻه ٽي ڀيرا تري اچن ڪري، اُن تي چنبڙيل پنو پُسي ڀَتُ ٿي ويو هو، ۽ مٿان جو پيس ڳري ٽَڪي جو بار، سو سَٽ جهلي نه سگهوي ۽ ٻُڏي ويو. باڪَس جو ٻُڏڻ ۽ منهنجو اُن کي جهلڻ لاءِ هيٺ  تيکَ ۾ هٿ هڻڻ. بس اِن ۾ منهنجو پير ترڪي ويو ۽ وڃي پاڻيءَ  ۾ پيس. ۽ اُٿلي، پيٽ ڀير پئجي، ڪپ جي چيڪيءَ  ترڪڻي مٽيءَ  کي هٿ سان رهڙڻ لڳس.  ڏاڏيءَ، جو اِهو حال ڏٺو، سو ”رس رسول خدا جا !“ ڪري، وٺي پاڻيءَ ۾  مون ڏانهن اڇل کاڌائين، ۽ مون کي پڪڙي، کڻي مٿي اڇليائين. بس، پوءِ هلي پچا. ۽ مون سچي ڳالهه ڪري ٻڌايس. ”ڇو ٿي ائين ڪيئي؟“  ”ٻيڙيءَ کي ٿي تاريم!“ ”پئسا ڇو ٿي وڌئيس؟“ ”بار تي کڻايومانس!“

بهرحال ڳالهه سڄي ويڙهي ۾۽ ڳوٺ ۾ پکڙجي ويئي ته ”آخوندياڻيءَ جو پوٽو خدا کڻي بچايو آهي! ڏاڍو ڇوڪرو آهنڊ ٿي پيو آهي! باڪس ۾ ٿا  پئسا وجهجن، سو ٿو درياءَ ۾ تري! درياءَ جو به ڪو ڊپ نه!“ پهرين ته ڏاڏيءَ کنج ڪڍي، پوءِ ڏاڏي ڪن مهٽ ڪئي. امڙ گوڏي تي ويهاري ڳوڙها ڳاڙيا. ۽ ٻئي ڏينهن هلي دانهن سائين ٽيڪن مل وٽ. سائين ٽيڪن مل سڄي ڳالهه ٻڌي، مون کان پڇيو: ”پٽ ابراهيم! پاڻيءَ مان ڇا ٿي ڪڍيئي؟“ ”سائين باڪس جي ٻيڙي!“ ”ان ۾ پئسا ڇو ٿي وڌئي؟“ ”سائين بار ٿي کڻايومانس!“ اِهو ٻڌي، سائينءَ  ڏاڏيءَ کي چيو: ”آخوندياڻي، تنهنجو هيءُ پوٽو ته پاتاري ٿيندو! هن ته ٻڏل ٻيڙي ٿي ٻاهر ڪڍي! هيءُ پئسي جي پٺيان نه پڃ جي پٺيان هو. هيءُ سوار ٿي نه پر سهڪاري ٿيندوَ.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com