سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل اپريل 1993ع

باب: --

صفحو :4

انهيءَ دونهين ۾ ڪجهه اهڙا به ڪيميائي مادا هوندا آهن جيڪي آساني سان فضا ۾ موجود پاڻي، دريائن، ڍنڍن، تلائن ۽ سمنڊ جي پاڻي ۾ جذب ٿي ويندا آهن. اهو پاڻي نه صرف دريائن ۽ سمنڊ ۾ موجود مڇين ۽ ٻوٽن کي ماري ڇڏيندو آهي، پر جڏهن وري برسات جي صورت ۾ وسندو آهي ته زمين تي موجود وڻ ٻوٽا، فصل ۽ ساهوار به تباهه ۽ برباد ٿي ويندا آهن ۽ اهو فصل وري جڏهن ماڻهو کائيندا آهن ته اهي به بيمار ٿي پوندا آهن.

ايٽمي بجلي گهرن ۽ فيڪٽرين مان خارج ٿيندڙ فضول مادا ۽ اسان جي گهرن ۾ استعمال کانپوءِ ڦٽي ڪنا ڪيل دٻا، پنا ۽ گند ڪچرو به جڏهن درياءَ وسيلي فصلن ۾ پوندو آهي ته فصل خراب ڦٽندا آهن ۽ انسانن لاءِ اهي فصل هاڃيڪار ٿي پوندا آهن.

ان کانسواءِ فيڪٽرين، گاڏين، ريلن، جهازن،پن بجلي گهرن ۽ ٻين شين جو آواز ۽ انهن مان پيدا ٿيندڙ گرمي ماحول کي آلوده بڻائي ٿي ۽ اهڙي طرح انهن شين جي ڪري انسانن جي صحت ۽ طبيعت تي تمام خراب اثر پوي ٿو، اها گرمي جڏهن پاڻي ۾ داخل ٿئي ٿي ته پاڻي مان آڪسيجن جو مقدار گهٽجيو وڃي، جنهن ڪري اهو پاڻي استعمال ڪرڻ سان وري به آبي جانورن، وڻن ٻوٽن، فصلن ۽ انسانن جي صحت تي خراب اثر پوي ٿو ۽ هڪ بيمار معاشرو جنم وٺي ٿو.

فضائي آلودگي يا گرد يا گرد غبار اسان جي دنيا لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي صديون اڳ به آلودگي اسانجي سماج جو مسئلو هو، 1273ع ۾ لنڊن شهر جي فضا ڪوئلي ٻرڻ ڪري تمام گهڻي آلوده ٿي وئي هئي، 1952ع ۾ به اهڙو ئي هڪ واقعو سائنسدانن کي درپيش آيو هو، پر پوءِ سائنسدانن ۽ حڪومت ان ڳالهه جو حل ائين ڳولهي لڌو ته لنڊن ۾ هڪ قانون پاس ڪيو ويو، ۽ ماڻهن کي مجبور ڪيو ويو ته هو پنهنجي گهر صاف سٿرو رکن ، اسان مان هر هڪ به جيڪڏهن اها ذميواري محسوس ڪري ۽ گند ڪچري کي صحيح نموني سان ساڙي ڇڏي، يا دفنائي ڇڏي، اهڙا سائنسي طريقا استعمال ڪريون جو گاڏين ۽ فيڪٽرين مان گهٽ دونهون خارج ٿئي ته اهڙي طرح اسان به پنهنجي ماحول کي صاف سٿرو رکي سگهون ٿا.

(چلڊرين ڊان جي ٿورن سان)

پريتم پياسي

مور ٽلي ٿو

ٺَم ٺَم، ٺَم ٺَم مور ٽلي ٿو.

ننڍڙو نينگر خوب کلي ٿو.

سهڻا سهڻا پرڙا کولي،

سارنگ ساريو ٻوليون ٻولي،

پير چُرن ٿا، ڏيل هلي ٿو،

ٺَم ٺَم، ٺَم ٺَم مور ٽلي ٿو.

اُڀ ڏي نظرون راند ڪري ٿو،

سارنگ ساريو آهه ڀري ٿو،

ڪوڪ ڪري ٿو، پاڻ ڇلي ٿو،

ٺَم ٺَم، ٺَم ٺَم مور ٽلي ٿو.

رنگ برنگي پر به ڏسي ٿو،

پوءِ به نه پنهنجو پاڻ پڏي ٿو،

سهڻو هن مان سبق ملي ٿو،

ٺَم ٺَم، ٺَم ٺَم مور ٽلي ٿو.

قدرت بخشيا روپ سمورا،

پر ”پريتم“ پير آ ڪارا،

پير ڏسي هو خود وجهلي ٿو،

ٺَم ٺَم، ٺَم ٺَم مور ٽلي ٿو.

ننڍڙو نينگر خُوب کلي ٿو.

”زخمي“ صالح سنجراڻي

حسو

ڪنهن زماني ۾ هڪ ڳوٺ ۾ هڪ غريب شخص رهندو هو. جنهن جو نالو حسو هو. هو روز جهنگ مان ڪاٺيون ڪري پنهنجي گهر جو گذر سفر پيو ڪندو هو. هڪ ڏينهن حسو جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ ويو. اتي مم آئي ۽ حسو کي کڻي هلي وئي، حسو گهڻيون دانهون ڪيون پر جهنگ ۾ هن جو دانهون ٻڌڻ وارو ڪير به ڪونه هو. ائين حسو کي ڪافي پري برپٽ ۽ ويران جاءِ تي کڻي هلي وئي، اتي هن کي پنهنجي ڏرڙ ۾ کڻي آئي، جتي مم رهندي هئي. اتي حسو جا گوڏا چٽي ڇڏيائين. هاڻي هو هلڻ کان به لاچار ٿي ويو. جيڪڏهن مم ڪاڏي ٻاهر نڪري ويندي هئي ته حسو جا گوڏا چٽي ٻاهر ويندي هئي. ان ڪري جو متان حسو ڀڄي وڃي. حسو جا ٻيا به مٽ مائٽ هئا. حسو کي مائٽن ڏاڍو ڳوليو، پر حسو جو ڪوبه پتو ڪونه پيو. حصو کي رات جو مم الائي ڪٿان مانيون ۽ قيمتي قيمتي طعام آڻي ڏيندي هئي. مم جا انهيءَ ڏرڙ ۾ ڪجهه ٻچا به رهندا هئا. حسو مم جي ٻچن کي پيو ماريندو هو.

حسو واڻ وٽڻ به ڄاڻندو هو، هن جي هٿ جي ٺهيل نوڙي گهر جو هر ڀاتي سڃاڻندو هو. هڪ ڏينهن حسو مم کي چيو ته ”تون مون کي ڪانهه آڻي ڏي“. مم رات جو جهنگ مان ڪانهي جو ڍير کڻي آئي. وري مم کي چيائين ته ”هي ڪانهه پاڻي ۾ پسائي آڻي ڏي“.مم هن کي ڪانهه پاڻي ۾ پسائي آڻي ڏنا. حسو نوڙي ٺاهڻ شروع ڪئي. هن ايتري ته وڏي نوڙي ٺاهي جو مم کي چيائين ”جتان تون مون کي کڻي آئي هئين هي نوڙي اتي وڃي ڇڏي اچ. مم پنهنجي ڏرڙ کان نڪري نوڙي کي گهلندي گهليندي وڃي اتي نڪتي جتان حسو کي کڻي آئي هئي. حسو جي ٻين مٽن مائٽن وٽ اُٺ هئا، جيڪي هر روز جهنگ ۾ اُٺ چارڻ ويندا هئا.

هڪ ڏينهن اُٺ چاريندي چاريندي جڏهن وچ جهنگ ۾ پهتا ته اُتي هنن کي نوڙي ڏسڻ ۾ آئي. هن نوڙي سڃاتي ۽ چيائون ته ”هي نوڙي ته حسو جي ٺهيل آهي. هنن دل ۾ صلاح ڪئي ته هاڻي هن نوڙي جي سهاري اسانکي حسو لڀي ويندو. اهو ان ڪري جو هي نوڙي حسو ٺاهي آهي جتي هي نوڙي کٽندي اتي حسو هوندو. سڀني چيو ٺيڪ آهي. هي سڀئي اُٺن تي چڙهيا. انهيءَ نوڙي جي پاسي هلڻ لڳا. نيٺ وڃي اتي پهتا، جتي نوڙي ختم ٿي. اتي ڏٺائون ته نوڙي ڏرڙ ۾پئي وڃي. ڏرڙ جي پاسي ۾ مم جا پيرا ٺهيل هئا. پهرين ڊڄڻ لڳا. پوءِ دل ٻڌي سڏ ڪيائون: ”حسو ، او حسو“. اندران آواز آيو: ”مون کي ڪڍو“. ٻه ماڻهو انهيءَ ڏرڙ ۾ لهي ويا. حسو کي ٻاهر ڪڍي آيا. حسو ويچارو هلڻ کان لاچار هو. مم هنجي گوڏا چٽي ڇڏيا هئا. حسو کي اُٺ تي ويهاري کڻي هلڻ لڳا. هي ڪافي پري ويا ته اوچتو مم اچي وئي. ڏرڙ ۾ ڏٺائين ته حسو ڪونهي. ڏرڙ کان ٻاهر نڪري ڏٺائين ته حسو کي اُٺ تي کنيو ٿا وڃن. مم حسو وارن جي پٺيان رڙيون ڪندي گهڻو ڊوڙي، پر حسو جا مائٽ اٺن کي ڊوڙائي اچي ڳوٺ پهتا. جتي ڳوٺ وارا ڏاڍا سرها ٿيا ۽ حسو جو هڪ حڪيم کان علاج ڪرايائون. حسو جا گوڏا ٺيڪ ٿي ويا ۽ هو هلڻ ڦرڻ لڳو.

محمد فواد پنهور

بادشاهه ۽ هاٿي

ادا ڳالهه مشهور آهي ته جڏهن نادر شاهه دهلي فتح ڪئي. انهيءَ کان پوءِ سندس تعلقات شهنشاهه محمد شاهه سان قائم ٿيا. هڪ ڏينهن صبح جي وقت هُن چاهيو ته شهر گهمان. جنهن ڪري سندس سواريءَ لاءِ شهنشاهه محمد شاهه جي هڪ شاهي هاٿيءَ جو بندوبست ڪيو ويو ته جيئن موصوف شهر جو دورو ڪري سگهي.

نادر شاهه ”بادشاهه“ هاٿيءَ تي هڪ ڏاڪڻ ذريعي سوار ٿيو. هو هاٿيءَ جي ٻئيءَ مٿان رکيل ٻالڪي (سيٽ) تي ويٺو ۽؛ هن هاٿيءَ جي سوار کي چيو ته ”هاٿيءَ جي هلائڻ جون واڳون منهنجي حوالي ڪر“. سوار کي بيحد عجب لڳو ۽ عرض ڪيائين ته ”جناب والا! هيءُ هاٿي بنا واڳن جي آهي ۽ مون کان علاوه ٻيو ڪوبه هن کي قبضي ۾ نه رکي سگهندو“. نادر شاهه کيس چيو ته ”مون ڪڏهن به اهڙي قسم جي سواري نه ڪئي آهي ۽ نه وري ڪڏهن ڪندس به. جڏهن ڪنهن سواري جون واڳون ڪنهن ٻئي جي هٿن ۾ هجن“. بنا ڪنهن دير ٿيڻ جي هو هاٿيءَ تان هيٺ لٿو.

حقيقت ۾ اهو نادر شاهه جو ڀيانڪ خود اعتماد جو نمونو هو.

ليکڪ: عنايت الله عباسي          (قسط پهرين)

نٿو نانوائي

نٿوءَ جو نعلبندن جي پاڙي ۾ چڱو خاصو نانوانيءَ جو دڪان هو. نعلبندن جو پاڙو، مارڪيٽ جي پٺيان گهٽيءَ ۾ هو. بابو ڳالهه ڪندو هو ته ”اسين ننڍڙا آهيون ته انگريزي سرڪار هڪ شاهي مارڪيٽ ٺهرائي“. مارڪيٽ ۾ هڪ پاسي ٻاڪرو گوشت ته ٻئي پاسي مڇي مارڪيٽ هئي. گوشت مارڪيٽ ۾ رڳو ٻاڪرو گوشت ۽ ان جو ٻيو وکر وڪامندو هو. اهڙي طرح مڇي مارڪيٽ ۾ رڳو مڇي پلو وڪامندو هو. گوشت مارڪيٽ ۾ هر ڪنهن وکر جو الڳ الڳ ٺيلهو يا دوڪان هوندو هو. هڪڙا گوشت وڪڻندا، ٻيا وري منڍي پاوا، ٽيان وري جيرانڊي، اوجهري وغيره. اهڙي نموني مڇي مارڪيٽ ۾ ڪنهن وٽ ڏنڀرو ته ڪو پلو آنيرو ۽ کيرا رکيو ويٺو هوندو. ڪن وٽ مورا کي مڇي، ڪن وٽ ڪرڙيون، ته ٻيا وري کڳا ۽ گندڻ پيا وڪڻندا پاپليٽ ۽ سرمائي ماڇي ۽ گانگٽ اتفاق سان ڪراچيءَ مان اچي نڪرندا. هن مارڪيٽ ۾ ڪيترن ٺيلهن تي ساٽياڻيون ويهي وڪڻنديون هيون.

مارڪيٽ جي ڏکڻ اوڀر واري ڏاڪڻ ختم ٿيڻ سان ٽين جي ڇپرن هيٺان وري ڀاڄين ڀُتين وارا، ڪي ٿلهن تي ويٺل هوندا. ڀاڄي به هر ڪنهن قسم جي هر موسم ۾ ملندي. انهن جي سامهون وارن ڇپرن هيٺان وري بصر، پٽاٽا، ٿوم، دالين وارا، مارڪيٽ جي احاطي ٻاهران وري ميوي فروٽ جا دڪان ۽ گاڏا. مطلب ته مارڪيٽ جي ٺهڻ سان شهر جي ضرورت به پوري ٿي، شهر جي رونق به وڌي ۽ آس پاس وارين گهٽين ڳلين جي آبادي به وڌڻ لڳي. مارڪيٽ ۾ بقر سارو ٻاهران، يعني پسگردائيءَ وارن ڳوٺن مان ايندو هو، اهي ٻهراڙيءَ وارا سانجهين کان پنهنجين ڍڳي گاڏين، اٺن ۽ گهوڙن تي مال آڻڻ شروع ڪندا ۽ اهڙي طرح فجر تائين پيو مال ايندو رهندو. ٻهراڙيءَ وارن ماڻهن جي آمدرفت ڪري مارڪيٽ جي ماڻهن وارن پاڙن ۾ ڪن ڌنڌن جي مناسبت سان پيشي وارا آباد ٿيندا ويا. ڍڳي گاڏين ۽ ريڙهن جي ڍڳن ۽ گهوڙن کي نعل هڻڻ لاءِلوهر پاڙو ٻڌي اچي ويٺا. اهڙي طرح ٻهراڙي وارن جي ماني ٽڪي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ نانوائي دڪان کولڻ لڳا. دراصل اهي ٻهراڙِ وارا جڏهن ته رات کان اچي سهڙبا ۽ دلالن جي معرفت سندن بقر فجر ڌاري نيلام ٿيڻ شروع ٿيندو. صبح جو مال کپائي حساب ڪتاب ڇڏائي ڏوڪڙ وٺي مارڪيٽ کان ٻاهر نڪرندا ته بک کان برو حال هوندن. ان کي مٽائڻ لاءِ نانوائي جي دڪان تي چڙهي پيٽ ڀري ماني کائيندا ڏينهن مٿي چڙهندو ته اڳي پوءِ ڍڳن جا نعل هڻائي ويندا. اهڙي طرح ان گهٽي ۾ نه فقط نعلبندن جا دڪان به هئا، ڪيترا نانواين جا دڪان به کلي ويا.

نٿوءَ جو نانواين جي دڪانن جي قطار ۾ ٽيون نمبر هو. ان گھٽي ۾ ڪل ست نانواين جا دڪان يا هوٽل هئا. سڀ کان ڇيڙي تي مائي نوران جو دڪان هو . نانوائيءَ مڙئي نانواني پر هر ڪنهن جي هٿ ۾ پنهنجي پنهنجي شيري ۽ سواد هو. چاچو ٻوڙو سومرو منڍي رڌڻ جو ڪاريگر هو. برادي واه جا پاوا ٺاهيندو هو. عرس قيمي ڪري مشهور هو مائي نوران جو سَيَل پلو ۽ چانورن جي ماني چئي بس ڪر مطلب ته سڀ ڪنهن جو رس ۽ گس هو. پر نٿو رڳو نانوائي جي نالي ۾ مثال هو. حقيقت ۾ پڻس محرم نانوائي سڀني کان بهترين نانوائي هو پنهنجي وقت جو مشهور نانوائي هو. سندس دڪان تي ماڻهن جا ميڙا لڳا پيا هوندا هئا. ڇا ڏس صبح، ڇا منجهند ۽ رات، صبح جو منڍي ۽ پاوا، منجهند جو ڀُڳو قيمون،، تريل مڇي ۽ سَيَل پلو ۽ رات وري قيمي، پٽاٽي جون ٽڪيون ۽ ڪباب، اهي سڀ طعام ڏاڍا لذيذ هوندا هئا.

ڪيترا گهرن، تڙن وارا هتان چهر وٺي گهر وڃي ٻچن سان کائيندا هئا. اهو ئي سبب هو جو نٿو ڪجهه نه سکي سگهيو. سارو وقت پڻس جي دڪان ۾ بيراگيري پيو ڪندو هو. سندس سڀ کان وڏو نڀاڳ اهو هو ته کيس رڌڻ پچائڻ سکڻ جو بنهه شوق نه هو. محرم گهڻو ئي چاهيندو هو ته، نٿو به سندس جهڙو بهترين بورچي، راڌائو ۽ نانوائي ٿئي؛ پر هن کي گراهڪن اڳيان ماني رکڻ، جوٺا برتن کڻي صاف ڪرڻ، بنسبت ڪلاڪن جا ڪلاڪ باهه تي ويهي رڌڻ پچائڻ کان وڌيڪ سهل ۽ آسان لڳندا هئا. جيتوڻيڪ سندس هوٽل ۾ ڇوڪرا بيرا گيري به ڪندا هئا. هڪ هوٽل اندر ٻيو ٻاهر کٽن تي ويٺلن گراهڪن جي ٻاهر واري ڪندا هئا، پر هي ٻنهي پاسي پيو چڪر هڻندو، رش واري وقت ۾ ته محرم خود چاهيندو هو ته نٿو ڀلي گراهڪن کي سروس ڪندو رهي، پر آخر تي پيءَ هو، ۽ هرڪو پيءُ اهو چاهيندو آهي ته جنهن پيشي ۾ هو ماهر ۽ نالي وارو آهي ته سندس اولاد به اهڙو ئي ٿئي. پر نٿو هو جو رڳو گٽر ماسٽيءَ ۾ خوش هو. وقت گذرندو رهيو. جهڙي ريت ٻهراڙيءَ وارا مارڪيٽ ۾ رات جو بقرآڻي صبح جو ڳوٺ ويندا رهيا، تهڙي ريت انسان به پنهنجي سجھي حياتي جو وارو دنيا جي مارڪيٽ ۾ پورو ڪري واپس ورندو آهي. انسانن جي اهڙي حياتيءَ جي مارڪيٽ ۾ هڪ ڏينهن محرم به پنهنجن اعمالن جي سودو سلف ۽ بقر کپائي وڃي ابدي آرام ڪيو.

نٿو تي جڏهن دڪان جو بوجهه پيوته هڪدم گهٻرائيجي ويو. هن سمجهيو هو ته سندس پيءُ پيو رڌيندو ۽ وڌيندو ۽ هي اهي رڪيبيون گراهڪن اڳيان پيو رکندو ۽ کڻندو، ۽ اهڙي طرح حياتيءَ جو گاڏو پيو گهلبو. پهرين ته ڏاڍي ڏکيائي ٿيس. ڪچو ڦڪو رڌيو پيو گراهڪن جي مٿي ۾ هڻندو هو. پر جن گراهڪن سندس پيءُ محرم جي هٿ جي شيريءَ وارو کاڌو کائي ڏٺو هو، سي هن جو بي سوادي رڌل کاڌو ڪٿي ٿا کائين. نتيجو اهو ٿيو جو پڻس جي وقت هميشه جا ڪيترائي ٻڌل گراهڪ، هڪ هڪ ٿي ٻين نانواين وٽ ۽ هوٽلن ۾ کائڻ لڳا. هن جو ٻوڙ ڪڏهن ڪچو، ڪنهن مهل سڙيل (تر لڳل) ڪڏهن ڦڪو يا کارو، آخر جيڪو پئسا ڏيندو سو شيءَ ته سٺي طلبيندو. ڪئين ڀيرا ماڻهو ڪاوڙجي اڌ ۾ ماني ڇڏي اٿي ويا هوندا ۽ ڪو ڪو ته منهن ماري به ڪري وجهندو هو.

ٻيا ته سڀ گراهڪ ٽڙي پکڙجي ڀڄي ويا. باقي هڪڙو مستقل گراهڪ چاچو عبدالله اڃا به هر روز نٿوءَ وٽ اچي ماني کائيندو هو ۽ ڪڏهن به هن جي رڌل کاڌي مان ويڪ نه ڪڍيائين. چاچو عبدالله اصل نيروٽي هو. پنهنجي جوانيءَ واري وقت ۽ نيروٽيءَ جي ڌنڌي مان خوب پئسو ڪمايائين. ان مان ٻه چار جايون وٺي ڇڏيون هئائين. سندس زال ڪيترو وقت اڳ مري ويئي هئي. هڪڙو پٽ هئس تنهن کي شادي ڪرائي پاڻ سان رهايائين پر ان جي زال، مڙس جا ڪن ڀري، پٽ کي پيءُ کان جدا ڪري ڇڏيو. پٽس سيٽلمينٽ کاتي ۾ ڪلارڪ هو. هن وجهه وٺي ڪوٽڙي ۾ هڪ هندوءَ جي جاءِ پهرين الاٽ ڪرائي، پوءِ خريد ڪري ان ۾ جوءِ سوڌو رهڻ لڳو. جهڙي ريت سيٽلمينٽ کاتي جي پٽيوالن کان وٺي وڏن آفيسرن خوب دولت ڪمائي، ته هن به چار ڏوڪڙ ٺاهي ورتا. صبح جو نوڪري ڪري ۽ شام جو کير جي ڊائري جو ڌنڌو ڪندو هو. جيئن پيءُ کي ڇڏي ويو ته وري ڪڏهن به لڙي نه آيو عبدالله جو ماني ٽڪي ۾ ڏکيو ٿيو تنهن اچي محرم جو دڪان وسايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com