سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون  1995ع

باب: --

صفحو :4

لوهار هٿ ۾ جهليل ٿيلهي بادشاهه کي ڏيکاريندي چو ۽ ادب منجهان بيٺو رهيو، بادشاهه کي لوهار جي معصوميت ۽ سندس ڪيل محنت جو احساس ٿيڻ لڳو، هن لوهار کي وراڻيو.

اي غريب نوجوان! هونئن ته اسان علاج ڪرائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، پر تون اسان جي لاءِ تيار ۽ محبت منجهان دوا آندي آهي، ان ڪري اسان کي توکي ناراض ڪين ڪنداسين. ٻڌاءِ تو اسان جي لاءِ ڇا آندو آهي.“ لوهار اڳتي وڌيو ۽ بادشاهه جي ڀرسان اچي بيهي رهيو.

”بادشاهه سلامت، علاج شروع ڪر کان پهريائين، آئون اوهان جو هٿ ڏسڻ ٿو چاهيان.“

”ته ڇا، اها به تنهنجي خواهش آهي“ بادشاهه مرڪندي پڇيس.

”نه سائين! اها منهنجي خواهش نه پر، منهنجي علاج جو طريقو آهي، ڇاڪاڻ ته آئون هٿ جي لڪيرن جي مدد سان علاج ڪندو آهيان“ بادشاهه پنهنجو ساڄو هٿ لوهار جي هٿ ۾ ڏنو. لوهار مسلسل سندس هٿ ڏسندو رهيو ۽ هٿ جي لڪيرن مٿان پنهنجي آڱر ڦيريندو رهيو. هٿ جي لڪيرن کي ڏسندي ڏسندي لوهار ڇرڪ ڀريو۽ بادشاهه جو هٿ سندس هٿ مان ڇڏائجي ويو.

”ڇا ٿيو....!“ بادشاهه تعجب مان پڇيس.

”سائين آئون اوهان جو علاج نٿو ڪري سگهان“ لوهار ڏڪندي وراڻيو.

”پر ڇو! ڳالهه ڇا آهي!!“ بادشاهه به منجهي پيو.

”سائين“ جي جان جي معافي ملي ته ٻڌايان“ لوهار ڏڪندو رهيو.

”ها ها توکي ڪجهه به نه ٿيندو، تون اسان جو مهمان آهين ۽ مهمان جو قدر اسين بهتر ڄاڻون ٿا“ بادشاهه آٿت ڏيندي چيس.

”سائين! آئون اوهان جو علاج ان ڪري نٿو ڪري سگهان جو اوهان .... اوهان چاليهه ڏينهن کان پوءِ.... هن دنيا مان ئي هليا ويندا“ سمورا درٻاري اٿي بيهي رهيا، بادشاهه کين هٿ جي اشاري سان ويهڻ لاءِ چيو ۽ لوهار کان پڇڻ لڳو ”ڇا مطلب؟!“

”بادشاهه سلامت، مطلب اهو ته اوهان چاليهه ڏينهن کان وڌيڪ زندهه رهي نه سگهندا“ لوهار بادشاهه کان ٿورو پوئتي هٽي بيي رهيو.

”اهو تون ڪيئن ٿو چئي سگهين؟ زندگي ۽ موت ته رب العزت جي هٿ ۾ آهي“ بادشاهه اٿڻ جي ڪوشش ڪئي اٿي نه سگهيو. لوهار بادشاهه کي ٻانهون ٻڌندي جواب ڏنو ته

”سائين هن غريب جي اهڙي مجال ڪٿي، اهو ته اوهان جي زندگي جي لڪير ختم ٿي چڪي آهي، جنهن جو مطلب آهي...!!!“

بادشاهه جي موت جي خبر ٻڌي سموري دٻار تي غمگيني ڇانئجي ويئي، لوهار دل ئي دل ۾ پنهنجي ترڪيب جي ڪاميابي تي خوش ٿيڻ لڳو ۽ آهستي آهستي اتان کسڪڻ لڳو ته بادشاهه روڪي ورتس.

”ٻڌ نوجوان! موت ته برحق آهي، پر جيڪڏهن اسين چاليهه ڏينهن کان پوءِ به زندهه رهياسين ته توکي ان جي سزا ضرور ڏينداسين.“

”جيڪو حڪم عاليجاه“ لوهار ادب مان وراڻيو۽ درٻار کان ٻاهر نڪري آيو.

بادشاهه جي موت جي خبر سموري ملڪ ۾ پکڙجي ويئي، هرڪو بادشاهه جي زندگيءَ لاءِ دعائون ڪرڻ لڳو. رات جو جنهن وقت بادشاهه ننڊ ڪرڻ لاءِ آرامي ٿيو ته ننڊ کانئس ڪوهين ڏور هئي، گهڻي دير تائين زندگي ۽ موت متعلق سوچيندو رهيو، نيٺ انهيءَ فڪر ۾ ننڊ کيس آغوش ۾ آڻي ورتو ۽ هن هڪ خواب ڏٺو، جنهن ۾ بادشاهه ڏسي ٿو ته ڪا وڏي ۽ خوفناڪ شيءِ آهي، جيڪا آسمان کان زمين طرف اچي رهي آهي. اها شيءِ جڏهن بادشاهه جي ڀرسان اچي پهتي، ته بادشاهه کانئس پڇيو، ”تون ڪير آهين.؟“

”مان ملڪ الموت آهيان ۽ تنهنجو ساهه ڪڍڻ لاءِ مون کي حڪم مليو آهي“ اهو ٻڌي بادشاهه ڇرڪ ڀري اٿي پيو. سندس منهن پگهر ۾ شل ٿي چڪو هو ۽ دل تيز تيز ڌڙڪي رهي هئس، هيءَ دنيا ڇڏڻ جي ڏک ۽ موت جي پريشاني سبب هو بيمار رهڻ لڳو۽ وصيتون لکرائڻ لڳو.

بيماريءَ جي حالت ۾ بادشاهه نه ڪجهه کائي رهيو هو ۽ نه ئي ڪجهه پي رهيو هو. بس موت جي پريشاني ۽ غم ۾ ڏينهون ڏينهن ڪمزوري ويس ٿي وڌندي. چاليهه ڏينهن ۾، بک ، پريشاني ۽ بيماريءَ بادشاهه کي هيڻون۽ ڏٻرو ڪري ڇڏيو. بادشاهه هاڻي ڪمزور ٿي چڪو هو. چاليهن ڏينهن جي رات آئي ته هو روئڻ لڳو ۽ اندرئي اندر ۾ جهرڻ ۽ ڳرڻ لڳو. مٽ مائٽ، دوست احباب ۽ عزيزو اقارب کان موڪلائڻ لڳو، چاليهون ڏينهن به تمام گهڻي پريشاني ۽ ٻڏتر ۾ گذريس. خير سان جڏهن، چاليهين ڏينهن گذريو ۽ ايڪيتاليهين ڏينهن جي سونهري ڪرڻن سندس محلات مٿان روشني ڦهلائي ته بادشاهه جي جان ۾ جان اچي ويئي ۽ محلات ۾ جشن ملهايا ويا، مٺايون ونڊيون ويون ۽ سڀ کان آخر ۾ لوهار کي سزا ڏيڻ لاءِ اعلان ڪرايو ويو ۽ لوهار کي بادشاهه جي محل ۾ گهرايو ويو. لوهار بغير ڪنهن گهٻراهٽ جي اچي بادشاهه آڏو پيش ٿيو. بادشاهه لوهار کي ڏسندي چيو.

”اي نوجوان! هي ڏس، اسان چاليهون ڏينهن کان پوءِ به زندهه آهيون، تنهنجي نجومت  حڪمت ڪوڙي، تون ڪوڙو، هاڻي اسان پنهنجي حڪم جي پيروي ڪندي، تنهنجي لاءِ سزا تجويز ڪئي آهي. هاڻي تون سزا ڀوڳڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃ.“ بادشاهه جي اها ڳالهه ٻڌي لوهار مرڪڻ لڳو ۽ مرڪندي وراڻيائين،

”بادشاهه سلامت! مون کي ه سزا بجاءِ انعام ڏنو وڃي!“ لوهار جي اهڙي ورندي ٻڌي بادشاهه کي عجب لڳو.

”انعام..... ! ڪهڙي خوشيءَ ۾، توکي ته سزا ڏني پئي وڃي.“

”بادشاهه سلامت انعام ان لاءِ جو مون اوهانجو علاج ڪيو آهي“ لوهار ادب سا بيٺو رهيو.

”علاج.....!!“ بادشاهه وي حيرت ۾ پئجي ويو.

”هائو سائين“ لوهار وراڻيو ۽ وڌيڪ وضاحت پيش ڪندي چوڻ لڳو، ”سائين مون سوچو، اوهين بادشاهي ٻار آهيو، ۽ اوهان جي زندگي خوشي ۽ آرام منجهه پئي گذري ۽ جنهن انسان جي زندگيءَ ۾ خوشي ۽ آرام کان سواءِ بيو ڪجهه به نه هجي ته ان جي صحت ڪيئن خراب ٿي سگهي ٿي، ۽ اهوئي سبب آهي جو اوهان تي ڪنهن دوا يا علاج جو اثر نه پيو ٿئي. بادشاهه سلامت، تڏهن ته چوندا آهن ته ”خوشيءَ جهڙي خوراڪ ڪونهي ۽ ڳڻتيءَ جهڙو مرض ڪونهي.“ ان ڪري مهنجي ذهن ۾ اها ترڪيب سُجهي آئي ته بادشاهه کي ڪهڙي به نموني ڳڻتي ڏني وڃي. بس سائين اوهان جي لاءِ اهوئي واحد ۽ آخري علاج هيو. هاڻي اوهين آرام سان گهمي ڦري سگهو ٿا، رعيت جا مسئلا، ڏک ڏاکڙا ٻڌي ۽ ونڊي سگهو ٿا. ٻي ڳالهه ته آئون نه نجومي آهيان، ۽ نه ئي حڪيم آهيان آئون ته اوهان جي رعيت جو هڪ ادنى حقير لوهار آهيان، هاڻي اوهين چاهيو ته سزا ڏيو ۽ چاهيو ته آزاد ڪريو.“

بادشاهه پنهنجي شڪل ۽ ڏٻري جسم کي ڏٺو ته لوهار جي ذهانت ۽ چالاڪيءَ تي خوشيءَ منجها مرڪڻ لڳو. لوهار کي ڪيترائي انعام ۽ اڪرام ڏنائين ۽ شاهي درٻار ۾ نوڪري پڻ ڏنائينس.

وفا منظور علي

وقت جي پابندي

چنڊ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي

چنڊ مان ٻارو نصيحت سکجي

ڏينهن کان پوءِ رات ٿئي ٿي،

چنڊ جي پوءِ بات ٿئي ٿي،

ڪڏهن اڀري ٿو هو سنهڙو،

ڪڏهن گول ڏيکاري منهڙو،

ڪوبه نه گهر هن کان ٿو وسري،

چنڊ سڀ جي اڱڻ تي اڀري

ٿڌڙي روشني چنڊ جي ڀائي

اکڙين کي ٿڌا پهچائي،

چنڊ چڪور جو پيار آ جهڙو

ٻي ڪنهن جو ڪو ناهي تهڙو،

چنڊ تي هاڻي بنگلا ٺهندا

جڳ جا ان ۾ ماڻهو رهندا

چنڊ تي پهچي ويو انسان

ڳالهه انهيءَ تي ڏيندا ڌيان،

چنڊ کي غور سان ٻارو ڏسو،

روشن روشن راهون پسو،

چنڊ ”وفا“ ٿو سبق سيکاري،

وقت جي پابندي ڪري ڏيکاري.

بيخود بلوچ

موڪلون

جوُن جولاءِ ورايون، موڪلون،

ڪينڪي بيڪار گهاريون، موڪلون.

ڪم ملي اسڪول مان جيڪو ڪجي،

خوامخواهه رُلڻ پنڻ ڪٿ ٿو ٺهي؟

مان محنت وارو ٿو جڳ ۾ لهي،

پيار سان گذرن پياريون، موڪلون.....

ها، مناسب وقت تي گهُمجي سدا،

سير ڀي بهتر ئي چئبو آ، ادا،

تاريخي جايُون ڏسي ڪو واهه وا،

سال جون آهن نياريون موڪلون....

گُلَ بڻجو آدمين جي راههَ ۾،

سڪَ جي سُرهاڻ ساههَ ۾،

زندگي ٻارو!، گذاريو ٺاههَ ۾،

ڪين ڪلفت ۾ گذاريون، موڪلون....

علم سان اُلفت رکي اڳت وڌون،

ديس ۾ موٽائجن سڀ رونقون،

عزم سان منزل ڏي اي بيخود هَلوُن،

ايئن ڪٽيون هن سال واريون موڪلون.......

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

 

گلاب جو گل

گلاب جو گل سڀني گلن جو بادشاهه آهي، حسن، خوشبوءِ ۽ طبي فائدن جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن جو حسن اکين کي فرحت بخشي ٿو، ۽ روح کي راحت رسائي ٿي، انهن خوبين جي ڪري عام ٿوڙي خاص ماڻهو هن کي بيحد پسند ڪن ٿا. گلن جا هار، توڙي گلدستا هن گل کانسواءِ بي مزي نظر ايندا. هن جي سونهن ۽ سڳنڌ ضرب المثل آهي. شاعرن پنهنجي شعر ۾ هن جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ مصورن هن جون خوشنما تصويرون ڪڍيون آهن. هن گل جي ڏانڊيءَ تي ڪنڊا هوندا آهن. انهيءَ ڪري عام چوڻي آهي ته، ”جتي گل آهن، اتي خار به آهن.“

هن گل جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. چون ٿا ته هن وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هن جون 792 جنسون آهن. انهن مان اٽڪل هڪ سئو جنسون اهڙيون آهن، جن کي سڄي دنيا ۾ شهرت حاصل آهي، سڀني جنسن کي مکيه ٻن خاندانن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي: آهي يورپ ۽ مغربي ايشيا وارو خاندان، جنهن جون سڀ جنسون فقط اپريل مئي ڌاري گل جهلين ٿيون. انهيءَ ڪري انهن کي ”موسمي گلاب“ چئبو آهي. هن خاندان جي ڪجهه جنسن جانالا هي آهن: گلنٽائين يا سويٽ براير، بانڪيشن روز، مشقي گلاب، گل صد برگ پيلو يا ايراني گلاب وغير.

ٻيو آهي: مشرقي ايشيا وارو خاندان، جنهن جا ٻوٽا گهڻو ڪري سڄو سال گل جهلين ٿا. انهن کي ”سدا گلاب“ چئبو آهي، هن قسم جي گلن ۾ ”موسمي گلاب“ جي نسبت حسن ۽ خوشبوءِ گهٽ ٿيندي آهي. هن خاندان جي مکيه جنسن جا نالا هي آهن: بورني گلاب، چيني گلاب، دمشقي مدامي گلاب، مشقي گلاب وغيره.

زراعت جي ماهرن انهن ٻنهي خاندانن جون جنسون ملائي نيون نيون جنسون پيدا ڪيون آهن، انهن جا به جدا جدا نالا آهن: گلاب جي گل جو عام طرح هڪ مخصوص رنگ ٿيندو آهي، جيڪو هلڪو ڳاڙهو ٿيندو آهي. اهڙي رنگ کي چون ٿا ”گلابي رنگ“ ان کانسواءِ بين رنگن ۾ به ٿئي ٿو، جهڙوڪ: پيلو گلاب، اڇو گلاب، سائو گلاب، ڳوڙهي ڳاڙهي رنگ وارو گلاب، ڪارو گلاب وغيره.

هي گل هر قسم جي زمين ۾ پوکي سگهجي ٿو. البت سيڪ واري زمين ۽ تمام خشڪ زمين هن لاءِ چڱي نه آهي. ڪلراٺي به هن ٻوٽي لاءِ نامناسب آهي، آب و هوا جي لحاظ کان واقف موسم هن لاءِ مناسب آهي. سخت سردي ۽ سخت گرمي هن کي نقصان پهچائن ٿيون.

هن ٻوٽي جا ٻيا طريقا آهن: قلم لڳائڻ وارو طريقو ۽ ٻجن پوکڻ وارو طريقو.

عام طرح قلم لڳائڻ وارو طريقو ئي مروج آهي. قلم، نومبر مهيني ۾ هڻ گهرجن ۽ انهن جي مٿان ڳائي مال جو ڇيڻو يا مٽي لڳائي ڇڏڻ گهرجي. قلمن لڳائڻ کان پوءِ ٽين ڏينهن تي انهن کي ٿورو پاڻي ڏجي. موجوده دور ۾ ٻيا طريقا به اختيار ڪيا ويا آهن. جهڙوڪ پيوند، اوڌ وغيره.

حسن ۽ خوشبوءِ کان سواءِ گل مان ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن. هن جو عرق ڪيترن ئي دوائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. ان کانسواءِ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ به ڇڻڪايو ويندو آهي، ۽ ڪيترن شين ۾ وڌو ويندو آهي. هن جو روغن ڪيترن ئي بيمارين لاءِ فائديمند آهي، هن مان گلقند به ٺهي ٿو، جيڪو کنڊ ۽ گل جون پنکڙيون ملائڻ سان ٺهندو آهي، پيٽ جي سور لاءِ نهايت مفيد آهي. حڪيم ڪن بيمارين لاءِ دوائون سان گڏي به کارائيندا آهن. پانَ کي لذيذ ۽ مٺو بنائڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي.

اسد الله منگي

وليم رونتجن

وليم رونتجن جو سڀ کان اهم ڪم ”ايڪسريز“ جي ايجاد آهي، ان ايجاد جي ڪري هو دنيا ۾ مشهور ٿيو.

هي 27 مارچ 1845ع ۾ جرمني جي شهر لينپ ۾ پيدا ٿيو، هن ابتدائي تعليم کان پوءِ هالينڊ زيورخ جي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. وليم رونتجن بعد ۾ جرمنيءَ ئي جي شهر پروشيا ۾ رهائش اختيار ڪئي.

1875ع تائين گهڻو مشهور ٿي چڪو هو. هي تمام گهڻو هوشيار ۽ ذهين هو. سندس ان ئي قابليت جي ڪري کيس ”هو هن هيم“ جي زرعي اڪيڊميءَ ۾ علم طبيعات ۽ رياضيات جو پروفيسر بنايو ويو.

ان سان گڏوگڏ هو اتان جي اعلى ۽ مشهور تعليمي ادارن ”سٽراس بورگ“ ۽ ”گيسن“ ۾ به پڙهندو رهيو. آخر ۾ هو ”دورز برگ“ جي يونيورسٽيءَ ۾ تحقيق ڪندو رهيو. ان ئي جاءِ تي هن پنهنجي مشهور دريافت انجام ڏني.

وليم رونتجن ايڪسري جي شعاعن کي صرف اتفاقي طور تي دريافت ڪيو هو. هن جي سمجھ ۾ نه آيو هو ته هي ڪهڙي شيءِ آهي اهو ئي سبب آهي جو هن انهن شعاعن کي x (يعني نامعلوم) جو نالو ڏنو هو. بهرحال انهن ڪارآمد شعاعن کي دريافت ڪرڻ ۽ انهن کي ڪارآمد بنائڻ جي ذميواري ان ئي پوري ڪيئي. وليم رونتجن جي هٿان ايڪسري جون شعاعون ڪيئن اتفاقي طور تي پيدا ٿيون؟ اهو هيٺ پيش ڪجي ٿو.

1895ع جو ذڪر آهي، هڪ ڏينهن رونتجن شيشي جي هڪ نليءَ مان، جيڪا ڪاري ڪاغذ سان پوري طرح ويڙهيل هئي ۽ جنهن مان هوا بالڪل خارج ڪئي وئي هئي. بجليءَ جي ڪرنٽ گذاري رهيو هو، جيتوڻيڪ ڪاري ڪاغذ جي ڪري بجليءَ جي ڪرنٽ مان ڪابه روشني نظر پئي اچي، پر هن ڏٺو ته جڏهن بجليءَ جو ڪرنٽ نليءَ ۾ وڃي ٿو ته ڀرسان رکيل ”بيريم پلاٽينو سائنائيڊ“ جا ذرڙا چمڪي پون پيا.

تونتجن نليءَ ۽ ان ي ڪارڊ جي وچ ۾،  جنهن تي اهي ذرڙا پيا هئا، مختلف قسمن جون شيون رکي ڏٺيون، پر اهوئي معلوم ٿيو ته اهي شعاع انهن مادن مان گذري وڃن ٿا، جن مان معمولي روشني گذري نه ٿي سگهي.

آخر تمام ڄاڻو ماڻهن ۽ اهلِ علم وارن مڃيو ته اها دريافت يعني (X-rays) ڊاڪٽريءَ جي لا ڪرآمد رهندي، آمريڪا ۾ پهرين ئي آزماش جي وقت هڪ مريض جي ٽنگ ۾ گولي صاف نظر آئي، انهن شعاعن جو نالو شعاعون x-rays 0ايڪس ريز) رکيو ويو، يعني (نامعلوم = x) ۽ (شعاعون rays) يعني نامعلوم شعاعون، اهو ان ڪري جو رونتجن انهن شعاعن کي اتفاقي طور لڌو هيو.

ان کان پوءِ هڪ انگريز سائنسدان ”هربرٽ جيڪسن“ ايڪسريجي نليءَ کي مڪمل ڪيو، جيڪا رونتجن جي نليءَ کان وڌيڪ ڪارآمد هئي ۽ اڄ تائين اُهائي نلي ڪم ڪري رهي آهي.

رونتجن بجلي ۽ مقناطيس جي متعلق ڏاڍيون ڪرآمد ايجادون ڪيون. هن جي خدمتن جي ڪري کيس 1901ع ۾ علم طبيعات تي نوبل اعام مليو. ان اعزاز ملڻ تي هي تمام گهڻو خوش ٿيو. ان کان اڳ هن کي 1896ع ۾ رائل سوسائٽيءَ جو ”رمفوڊ تمغو“ پڻ ڏنو ويو.

سائنس جي ميدان ۾ اهم ايجادون ڪندڙ هي سائنسدان آخرڪار 10 فيبروري 1923ع ۾ وفات ڪري ويو.

سندس وفات تي ان وقت جي حڪمرانن تمام گهڻو افسوس ظاهر ڪيو ۽ سندس زندگيءَ کي خراج تحسين پيش ڪيو.

مقصود بلوچ

ڪارو سون

ٿر مان ڪارو سوُن لڌو

ٿر وارن جو ڀاڳ وريو،

خوشين جو سج اڀرڻ تي

ساهه ڏکڻ جو نڪرڻ تي

ٿيندو ديس اڇو اجرو

ٿر مان ڪارو سون لڌو.

پاڻ ڪمائي کائيندا،

مارن منجهه ورهائيندا

محنت جو ڦل آهه مٺو

ٿر وارن جو ڀاڳ وريو.

چورَ چڪار ڀڄايون سڀ

پنهنجو ڌن بچايون سڀ

ڏور هٽايون ڏاڍ ڏچو

ٿر مان ڪارو سون لڌو.

کاڻيون کوٽي ڪوئلن جون

جهوليون ڀريون نوٽن جون

ڪارو سونُ ٻري ٿو پيو،

ٿر وارن جو ڀاڳ وريو.

ٻالڪُ هاڻي ٿر جو ڪو،

بک نه مرندو ٻارَ ٻڍو،

ڄاڻ ڏڪر جو ديوُ مئو،

ٿر مان ڪارو سون لڌو.

ٿر مان ڪرو سون لڌو!

ٿر وارن جو ڀاڳ وريو!

الهورايو بوزدار

فيڪس مشين

پيارا ٻارو! اوهان سائنس جي انيڪ ايجاد دريافت ۽ ڪارنامن کان ته واقف آهيو ۽ هن وقت دنيا جيڪا ترقي ڪئي آ ۽ ڪري پئي، ان جو دارو مدار سائنسي جاکوڙ تي ئي آهي. ريڊيو، ٽي وي ۽ فون کان پوءِ ڪمپيوٽر جي عظيم ايجاد انساني زندگيءَ کي گهڻن ڏکيائين کان ڏور ڪري ڇڏيو. وري ”فيڪس“ جي ايجاد ته ڄڻ دنيا کي هڪ ڪري ڇڏيو. فيڪس ذريعي اوهين هڪ سيڪنڊ ۾ پنهنجو ڪوبه پيغام لکت ۾ لاڙڪاڻي کان لنڊن ۽ ماٿيلي کان ماسڪو تائين پهچائي سگهو ٿا. فيڪس جي ايجاد دنيا جي ملڪن کي ڄڻ ته ملائي ڇڏيو آهي. ”فيڪس مشين“ جو ٻين مشينن سان فون ذريعي رابطو ٿيندو آهي. ڪنهن کي فيڪس ڪرڻ لاءِ ٻي فيڪس مشين جو نمبر هوندو آهي، جيئن فون جو نمبر آهي.ف يڪس ڪرڻ وقت اسين اڳ ۾ پنهنجي لکيل خط يا ڪنهن به لکت واري ڪاغذ کي فيڪس مشين ۾ وجهنداسين، مشين ۾ اڳي ئي هڪ خاص قسم جو ڪاغذ پيل هوندو آهي، جنهن تي اسان جي ڪاغذ تي لکيل تحرير جو مڪمل عڪس ٺهي ويندو، پوءِ ان تي مشين ۾ موجود ”فلووي سينٽ ليئمپ“ وسيلي تيز روشني وڌي ويندي آهي ۽ ان روشنيءَ وسيلي روزانه ٿيندڙ پيغام جو عڪس ٺهي ويندو آهي. بعد ۾ ڪجهه خاص قسم جا ڪَل (اوزار) ان عڪس کي برقي اشارن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اهي برقعي اشارا سيڪنڊن ۾ ٻي فيڪس مشين ۾ موصول ٿيندا آهن، جتي انهن کي ٻيهر ڪجهه خاص قسم جا اوزار تيز روشني ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اها روشني مشين ۾ موجود ڪاغذ تي ڪري ٿي ته ساڳي پيغام جو عڪس ٺهي ٿو، ۽ اهڙي ريت فيڪس مشين ذريعي مهينن جو ڪم منٽن ۽ ساعتن ۾ ٿئي ٿو. اڄ ڪلهه آفيسن، ڪارخان ۽ ٻين ادارن ۾ خاص ڪري اخبارن جي آفيس ۾ فيڪس جو استعمال عام ٿئي ٿو ۽ فيڪس وسيلي سڄي دنيا سان تفصيلي رابطو رکڻ آسان ٿي پيو آهي. جڏهن ته ترقي يافته ملڪن ۾ ”فيڪس“ جي نظام، ڪارڪردگي ۽ معيار کي وڌيڪ بهتر مور ۽ انتهائي اعلى بنائڻ لاءِ تيزيءَ سان ڪم ٿي رهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com