سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل فيبروي 1990ع

باب: --

صفحو :4

مون چپ چاپ واريءَ تي ويٺي سوچيو ته هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اُڃ به ڏاڍي لڳي هئي، سو اٿي اٽڪل فرلانگ کن سمنڊ جو ڪنارو ڏئي هليو هئس ته هڪ هنڌ کڏو هو. جنهن ۾ برسات جو مٺو پاڻي گڏ ٿي ويو هو ۽ مان جھڪي ٻڪن سان پاڻي پي اڃ اجھائي- پاڻي پيئڻ کان پوءِ بک به ڀڙڪي اُٿي، پر هتي ته کائڻ لاءِ ڪجھ به نه هو. وڻ اهڙا هئا جن ۾ ڪو ڦر نظر نه پئي آيو.

مون سوچيو پئي ته رات ڪنهن وڻ تي گذارجي، ان ڪري ته ڪهڙي خبر، رات جو ڪا بلا نڪري ماري نه وجھي.

مون هڪ وڻ کي رات گذارڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو. ٿڪجي به ڏاڍو پيو هئس. رات جا پاڇا به وڌندا پئي ويا. مون کي هن مهل تائين هن ٻيٽ بابت ڪا ڄاڻ نه هئي.

نه ئي وري مون ۾ ايتري سگھ هئي، جو ٻيٽ کي ڪجھ گھمي ڏسان ها. ٿڪ ۽ بک بيحال ڪري ڇڏيو هو. سو مان ان چونڊيل وڻ تي چڙهي سمهي پيس.

منهنجي اک تڏهن کلي جڏهن سج اڀري چڪو هو. وڻ تان هيٺ لهي ڏٺم ته سمنڊ ماٺو ٿي ويو هو. اسان جي تباهه ٿيل جھاز جو ڍانچو پري سامونڊي ٽڪرين ۾ ڦاٿو پيو هو. مون کي پنهنجن ساٿين جي موت رئاري وڌو. بهرحال جيڪي ڪجھ ٿيڻو هو، ٿي ويو. ان سڄي مامري تي منهنجو وس ته نه پئي هلي سگھيو.

سوچيم ته تباهه ٿيل جھاز تي وڃان. ڇو ته ائين ڪرڻ سان جهاز مان مون کي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ملي پئي سگھيو. اهو پهه ڪري پنهنجي ڀڳل ٽٽل ٻيڙيءَ وٽ آيس. ٻيڙيءَ جا ڪنارا ڀڄي پيا هئا، پر هن جو ترو اڃا سلامت هو. ونجھ طوفان ۾ نه ڄاڻ ڪٿي ڪري پيو هو. هاڻي هن مهل ونجهه ڪٿان پئي آڻي سگھيس، سو توڪل ڪري ڪاري تي بيٺل ٻيڙيءَ کي سمنڊ ۾ گھلي چڙهي ويٺس. قسمت جي ڳالهه هئي، جو هڪ لهر اهڙي آئي جو منهنجي ڀڳل، بنا ونجھ ٻيڙيءَ کي اوڏانهن گھلي وئي جتي ٽڪرين ۾ جھاز ڦاٿل هو. پوءِ هٿ جا ٿاڦوڙا هڻي وڃي جھاز جي اڌ حصي کي پهتس، باقي اڌ حصو سمند ۾ ٻڏي چڪو هو. باقي جيڪو حصو ٽرن ۾ ڦاٿل هو، اهو جھاز جو پويون حصو هو ۽ مون کي خبر هئي ته هن حصي ۾ سواءِ ڪپهه جي ڳٺڙين ۽ بورچي خاني جي ٻيو ڪجھ ڪو نه هو. ظاهر آ. جهڙي حالت آهي، اهڙي حالت ۾ بورچيخاني جو ته سمورو سامان تباهه ٿي ويو هوندو.

تنهن هوندي به اميد جو پلئه نه ڇڏيم. ٻيڙي ڇڪي ٽڪريءَ سان بيهاري، پاڻ رسي جي مدد سان جھاز تي مٿي چڙهي آيس.

جھاز جي تباهي جو ڏيک هنيانءُ ڏاريندڙ هو. اڌ حصو ته ائين پيو ڀڳو هو، جيئن جھڻ ڪنهن چاقوءَ سان ڪي ڪپيو هجي. هي حصو، جيڪو باقي بچيو هو سو به اڳتي جھڪي ويو هو. اڃا به ٽڪرين جي ڪري اتي اٽڪيو بيٺو هو، نه ته ڪڏهن جو سمنڊ ۾ ڪري چڪو هجي ها.

 (هلندڙ(

زاهده گوپانگ

ڌرتي منهنجي ماءُ

اچ به هن جي ننڍڙي وجود تي اذيتن جا پهاڙ ڪريا هئا. وڏيري جي ڪمدار هن جي جسم تي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو. هو صرف اندر ئي اندر منجھ ڪڙهندو پڄرندو رهيو. ڀلا ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگھيو. ڇو ته ڪمدار وڏيري جو پالتو هو. هونئن ته صبح جو ساجھر، هو اٿي اچي وڏيري جي اوطاق جي صفائي ڪندو هو ۽ پاڻي پڻ ڀريندو هو پر اڄ ننڊ اهڙي وٺي ويس جو خبر تڏهن پيس جڏهن پنهنجي آڳر تي چمڪندڙ سونهري سج تي اوچتو نظر پئجي ويس. ڇرڪ ڀري اٿيو.مري ويس.“ هو چپن ۾ ڀڻڪندو اوطاق طرف وڌڻ لڳو. ڪمدار جي ڪرڙين اکين ڏانهن گھوريندي ئي کيس ڄاڻ پئجي وئي، ته اڄ سندس خير ڪونهي. اباڙي مري ويس. خدا جي واسطي سائين رب جي واسطي، اڄ مافي ڏيوم. اڳتي ساجھر اٿندس. پڻس ۽ ماڻس هن جي ڄمڻ کان پوءِ ستت وڃي مقام ۾ آرامي ٿيا ۽ هي ڇورو ڇنو ڳوٺ جي ماڻهن جي ٿڪن بجن تي پلجي اڍن نون سالن جو مس ٿيو جنهن جو ڪو به وارث نه هوندو آهي، ان جو وارث خدا، نه پر ڳوٺ جو وڏيرو هوندو آهي ۽ پوءِ هو وڏيري وٽ نوڪرن وانگي ڪم ڪرڻ لڳو.

ٻن وقتن جي ماني ڳڀي سان گڏ، وڏيري وٽان لعنتون ۽ گاريون کوڙ ملنديون هيس. هيڏي ساري ڳوٺ ۾ ڪو به ته هن جو نه هو. جنهن سان هو انگل ڪري. جيڏي مهل رات جي ڪاراڻ هر طرف پکڙجي ويندي هئي ته هو پنهنجي گهر جي منهه ۾ پيل ڇنل کٽ تي اڪيلو پاسيرو ستو پيو هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته خوف سڄي وجود کي وڻ ويڙهي وانگي وڪوڙي ويندو هوس. اوڏي مهل دل ۾ هل ننڍڙي آس ڪر موڙي اٿندي هئس. ڪاش منهنجي به جيجل امڙ هجي ها ته ان جي هنج ۾ منهن لڪائي سمهان ها. مائرون ڪيئن ٿينديون آهن.

هن جي ننڍڙي ذهن ۾ سوال اڀري ايندا هئا. شايد رمون جي امڙ جھڙيون ٿينديون آهن. پر نه.... نه.... رمون جي ماءُ ته مون کي ڪاوڙ ڀرين نظرن سان ڏسندي آهي. اهڙيون کوڙ سوچون سوچيندي ننڊ وٺي ويندي هيس. وڏيري جي اوطاق جو ڪم ڪار لاهي هو سڌو روڊ جي پريان ٺهيل پڪين سرن واري اسڪول ڏانهن هليو ويندو هو. جتي هن جيترا کوڙ ٻارڙا هٿن ۾ ڪتاب ۽ سليٽون کنيو ويٺا لکندا ۽ پڙهندا هئا. هي پري کان انهن کي حسرت وارين نگاهن سان بيٺو ڏسندو هو. اهو سندس ڏهاڙي جو معمول بنجي چڪو هو.

هڪ ڏهاڙي هن رمونءَ کي چيو، جيڪو هن جو گھاٽو سنگتي هو. رمون يار منهنجي به دل چوي ٿي ته مان به پڙهان. رمون هن ڏانهن گول گول اکين سان گھورڻ لڳو، پر پڙهڻ لاءِ ڪتاب گھرجن تو وٽ ته ڪتاب به ڪونهن. هن جو ننڍڙو ذهن منجھي پيو. هو پنهنجي پتڪڙي دل چندي هيس ته جيڪر مون وٽ به اهڙو ڪتاب هجي ته مان رات جو بتي ٻاري دير تائين ويٺو پڙهان. پوءِ ته ڀو به ڪو نه ٿيندو. رمون جا امتحان ٿيا ۽ رمون ٻي درجي ۾ پڙهڻ ويٺو. پهرين درجي جا ڪتاب رمون هن کي ڏنا.

ڪتاب ۽ سليٽ هن کي ڇا ملي، ڄڻ خوشين جو خزانو ملي ويس. وڏيري جي اوطاق جو ڪم ڪار لاهي اسڪول ويندو هو. هو هاڻي شام جو ڳوٺ جي ننڍڙي هوٽل تي به ڪم ڪندو هو. جنهن جا هن کي ڏهاڙي ٻه رپيا ملندا هئس، جيڪي هو لڪائي رکندو هو. ڇو ته ٻي درجي جا ڪتاب به ته هن کي وٺڻا هئا.

وقت رڙهندو رهيو. هوريان هوريان وهندڙ ماٺيڻي ندي وانگي وڌندڙ وقت سان گڏ هو به وڌڻ لڳو. پنج درجا سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري، ڀر واري شهر جي اسڪول ۾ ڇهين درجي ۾ داخلا ورتائين. ڪورس جي ڪتابن سان گڏ، هو پنهنجي جيجل جي سنڌي ٻولي ۾ نڪرندڙ سنڌي ٻاراڻا رسالا به پڙهڻ لڳو هو، رات جو هاڻي هو جيجل امڙ ڪاڻ نه سوچيندو هو، ڇو ته هن کي هاڻي ڄاڻ پئجي وئي هئي ته سنڌ ڌرتي ئي اسان جي ماءُ آهي.

وسيم سومرو

گل ڦل وٺندس

آئون به گل ڦل وٺندس ٻارو!

علم ادب کي پڙهندس ٻارو.

مون کي گل ڦل ”مور“ پڙهايو،

احساسن کي آ اُڌمايو،

گل ڦل جون آکاڻۡيون پياريون،

گيت، نظم ۽ وايون نياريون،

آئون ڳجهارت ڀڃندس ٻارو!

آئون به گل ڦل وٺندس ٻارو!

پنهنجي سَرَلَ سوادي ٻولي،

پڙهي ڀريان لفظن جي جهولي،

پنهنجي گفتن کي سينگاري،

ٻولن مان ڪي لاٽون ٻاري،

ڏاهپ جڳ کي ڏيندس ٻارو!

آئون به گل ڦل وٺندس ٻارو!

آئون پڙهان ۽ دوست پڙهائي،

چاهت، ساهت لاءِ وڌائي،

ليک لکي ڪو ٻالڪپڻ تي،

جنهن کي گل ڦل منجهه ڇپائي،

ننڍڙو ليکڪ ٿيندس ٻارو!

آئون به گل ڦل وٺندس ٻارو!

رضا ياسين گوپانگ

ناني ڪريمان

اسان جي ڳوٺ ۾ ناني ڪريمان نالي هڪ عورت رهندي هئي. کيس سڀ ناني چوندا هئا. آئون به کيس ناني چوندو هومانس. ناني ڪريمان سڄي ڳوٺ جو نڪ هوندي هئي. ناني ڪريمان جو هڪ پٽ هوندو هو، جيڪو مزدوري ڪرڻ لاءِ ٻاهر رهندو هو. آئون پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهندو هئس. ناني نون کي روز چوندي چئي ته ابا مون کي خط لکي ڏي. مان کيس پڪ ڏئي ۽ ٽاري ڇڏيندو هوس. آئون هڪ ڏينهن اسڪول کان اچي رهيو هوس ته ناني واٽ تي ويٺي هئي ۽ مون کي وڏيون وڏيون ميارون ڏيڻ لڳي. مون کي گھڻي بک هجڻ جي ڪري ۽ جان ڇڏائڻ جي ڪري، اتي ئي کيس خط لکي ڏن، ۽ ناني ڪريمان کلندي کلندي خط کڻي ويئي. اچانڪ هڪ ڏينهن آئون بيمار ٿي پيس. رات جو حالت خراب ٿي ويئي، ماءُ جيان ناني سڄي رات ويٺي هئي. سندس اکين مان لڙڪ ڪرندا رهيا ۽ منهنجي وارن کي هٿ ڦيرائيندي رهي ۽ مون کي دعا ڪرڻ لڳي ته ابا، تون الله ڪندو ته ماستر ٿيندي.“ سندس لڙڪ اتي ڪري رهيا هئا، جيئن صبح سوير ماڪ ڦڙا ڪنهن گل لي تازگي بخشي ڇڏيندا آهن. شايد ناني ڪريمان جون دعائون ثابت پيون ۽ مان ماستر ٿي ويس.

اڄ جڏهن مان صبح سوير اسڪول اچي هنجن جھڙن حسين ٻارن جون ٻاتيون ٻوليون ۽ الف- ب پڙهندي ٻڌندو آهيان ته منهنجي سيني ۾ ناني ڪريمان پنهنجي پوري ٻاجھ ۽ شفقت سان جاڳي پوندي آهي ۽ مان ٻارن کي وڌيڪ پڙهائڻ لڳندو آهيان. ڇو ته اهي ئي ٻار اسان جي مستقبل جا معمار آهن.

لطيف سنائي (ترجمو)

گرين هائوس

هيل.... ل.... اُو.... اُو اُو....“ هن ڪارن پرن واري صورت، هوا ۾ خاموشيءَ سان ترندي پٽ تي اچي، ٻُچِي ٻڪريءَ ۽ ماسي ٻليءَ جي ڀر ۾ ڪري.

هيڏي گرميءَ ۾ هيلو هيلو چوڻ ڪيڏو نه مشڪل آهي! مان کي پڪ آ، هيلو ڪو سال پر کانگھڻو گرم آهي.“

ماسي ٻليءَ يڪ ساهي چاچي چٻري کي معافي گھرڻ واري انداز ۾ چيو.

هه... هه... آ... ها سياڻن وانگر ڪنڌ ڌوڻيندي چاچي چٻري چيو: ۽ اهو سڀ گرين هائوس جي خرابيءَ جي ڪري آهي.“

گرين هائوس. چاچا، گرين هائوس، اهي شيشي جا ٺهيل گھر ته ڪين آهن، جيڪ ٿڌن ملڪن ۾ ٿيندا آهن، جن ۾ سڄو سال ٻوٽن جي واڌ ويجھ ٿيندي آهي؟ ٻُچي ٻڪريءَ سوچيندي چيو.

هَئو، اُس ٻوٽن کي گرمائش ڏئي ٿي ۽ گرين هائوس ۾ ٻوٽن جي پوک ٿئي ٿي. ٻوٽا گرمي خارج ڪن ٿا، جيڪا شيسي مان لنگهي نه سگهندي آهي. گرين هائوس، ان ڪري گرم ٿي ويندو آهي.“

هو ڇا ناقص گرين هائوس جوڙي رهيا آهن؟ ماسي ٻليءَ مونجهاري ۾ مٿو لوڏيو.

گهر.... رِيُن... هَائوش... اِي... اڦيڪٽُ چاچي چٻري آهستي آهستي ڳالهايو: ڌرتي به گرين هائوس وانگر آهي. جيتوڻيڪ شيشو هوا کي اندر گرم رکي ٿو، پر ان هوندي ڌرتيءَ جي گلي تي ڪجھ خاص گئسون آهن، جن کي گرين هائوس گئسون چئجي ٿو، جيڪي هوا کي گرم ڪن ٿيون.“ هن آسمان ڏي گھور وڌي. ڄڻ گرين هائوس گئسون ڏسندو هجي پر گئسون ته ڏسڻ ۾ ڪو نه اچن. سو يقينا هو انهن کي ڏسي ڪو نه سگھيو هوندو.

گئسون ڌرتيءَ کي پوري پني گرميءَ جي درجي تي رکڻ لاءِ ڪافي هيون. پر ماڻهو، ها! (ٿڌو شوڪارو ڀريندي) اهڙا ڪم ڪن پيا، جن سان هي گئسون وڌي رهيون آهن. هي گئسون هوا کي ججھي گرمي ڏين پيون ۽ ڌرتيءَ جو گرميءَ جو درجو وڌي رهيو آهي.

گرين هائوس گئسون وڌي رهيون آهن؟ ٻچي ٻڪريءَ وڏي آواز ۾ چيو.

اي... اي... اچو ته هاڻ ڏسون. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، انهن گئسن مان هڪ آهي. ماڻهو توانائيءَ لاءِ جيترو ڪوئلو، تيل ۽ سوئي گئس ٻاريندا يا زمين حاصل ڪرڻ لاءِ گرم ملڪن جي ٻيلن جا وڻ ساڙيندا، اوترو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وڌيڪ خارج ٿي هوا ۾ ايندي.“

ٻچي ٻڪري ڊنل پئي لڳي. ٻچي ٻڪريءَ چيو: ان جو مطلب، ڇا اهو آهي ٻڪريءَ دانهن ڪئي.

هه... هه... هون... هون... صرف ڪناري ويجھو هيٺاهينءَ وارا علائقا.“ چاچي چٻري وقفو ڪندي چيو، سمنڊ ۾ ٻڏي سگھن ٿا. مان سمجھان ٿو، سڀ ماڻهو ۽ حيوان مٿانهين علائقن ڏي وڃي رهندا يا هي علائقا ڇڏي ٻين علائقن ۾ ويندا. پر مان کي تعجب آهي ته هر هڪ لاءِ ايتري زمين ايندي ڪٿان؟

پر ڪجھ ته اسنا جي وس ۾ هوندو. آئون هتي ٻڏي مرڻ لاءِ هرگز هرگز تيار نه آهيان.“ ٻچي ٻڪريءَ پنهنجي پير کي پٽ تي ڦهڪائيندي چيو.

بيشڪ!“ چاچي چٻري جون اکيون وڏيون ٿي چمڻ لڳيون. اسين ماڻهن تي زور ڀرينداسين ته هو اجايو وڻ وڍڻ بند ڪن !۽ وڌيڪ وڻ پوکين! ڇاڪاڻ ته وڻ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي هوا مان جذب ڪن ٿا، جيڪا گرين هائوس گئسن مان هڪ اهم گئس آهي. دنيا ۾ جيترا ججھا وڻ هوندا، هوا ۾ هيءَ گئس اوترو ٿوري هوندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com