سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 5/ 1996ع

باب: --

صفحو :5

جاني جي هڪ خوبي ڳڻائڻ جهڙي آهي ته هن ڪڏهن به مون تي پنهنجي مرضي نه هلائي؟ پر مون کيس پنهنجي مرضيءَ سان هر وقت پي استعمال ڪيو؟ اهو به نسورو سچ آهي ته هو به پنهنجي رضا خوشيءَ سان منهنجي خواهش جي ڦاهي گهاٽ تي هر وار لٽڪي، هر وار نئين جنم سان نباهه ڪندو ئي پر رهيو؟ پر اڄ منهنجي خواهش جي صليب تي چڙهي تڪميل ڪرڻ بدران اُبتو مون تي بنهين پئي ٿي ٿي ڪاوڙيو ويٺو هو؟

جاني....؟ اوچتو توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ مون سندس ڪاوڙ جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ڪشڪول وڌايو؟

جيءُ جاني! هن انتهائي بيدليءَ سان روايت کي ڀرم ڏيندي وراڻيو: ”اهڙي هل هنگامي ۾ هاڻ توسان گڏ رهڻ ڏيو پيو نظر اچي! مون کي ماٺ، سانت ۽ اڪيلائپ کپي؟“

”اڙي ڀوڪ بصر! گهر جي ماڙيءَ جو اڪيلو ڪمرو، تنها کٽ، وياڪل ڪرسي، مجبور ميز، وکريل ڪاڳر، تو جهڙو يتيم ساٿي ۽ مون جهڙو لاوارث ليکڪ، سڀ هڪ هنڌ گڏيل قبر ۾ سلامتي سان گڏ رهي رهيا آهيون، پوءِ به توکي ڪهڙي اڪيلائپ کپي؟“ مون جاني کي رام ڪندي چيو: ٻيلي ذاهو ٿي وڃ، سير تي ڦرهو نه ڪڍ! منهنجي مجبوريءَ کي به ڪجهه محسوس ڪر!!!

چيم نه، مونکي مڪمل تنهنجي اندر واري قبرستان جهڙو سڪون کپي؟ هن منهنجي مجبوري کي هڪ ئي ڌڪ سنان نظرانداز ڪندي چيو: ”اڄ منهنجي مرضي هلندي“ هن هوڏ جو نغارو وڄايو.

هن جي غير متوقع ڳالهين مون کي به هي سڪوني جي ٽڪاڻن ۾ منتشر ڪري ڇڏيو، سندس ڪاوڙيل احساسن کي دلاسو ڏيڻ جو ارادو ڪندي، کيس ماڙيءَ جي ڪمري تان لاهي هيٺ ڌرتيءَ تي آندم، هٿ هٿ ۾ ڏيئي بازار جو رخ ڪيوسين.

شاهي بازار کي سَر ڪندي، ڪنڊ تي هڪ اهڙي هوٽل ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، جنهن ۾ ان وقت ڊش تي چسڪا ڏيندڙ هڪ فلم هلي رهي هئي. گوڙ گهمسان به ڏاڍو هو. ننڍي عمر جا ڇوڪرا به جام هئا. ڪن جي وات ۾ گهٽڪو ته ڪن جي هٿن ۾ جلندڙ سگريٽ هئا.

عجيب هُو هوا جو عالم هو؟ هوٽل جي دخل تي سيٺ نه پر سندس پتڪڙو پٽ ويٺل هو. اوٺي ڪپڙن وارو اسڪولي يونيفارم پاتل هئس. سندس ڌيان دخل تي گهٽ پر ڊش تي وڌيڪ هو؟ سندس سيٺ پيءُ هوٽل جي دڪيءَ تي ڪنهن وڊيو سينٽر جي مالڪ سان روح رهاڻ ڪرڻ ۾ محو هو.

مون دخل تي ويٺل ٻارڙي کي چيو ته، پنهنجي پيءُ کي سڏ ڪر هن مصعوم گهنٽي وڄائيندي بيري کي حڪم ڪيو. کن پل ۾ سيٺ دخل تي جاءِ والاريندي فرمايو: ”حڪم ڪريو، ڇا کپي؟“

سڪون کپي؟ مون ڦڙتي سان جواب ڏيندي چيو:

ڇا؟ سيٺ توائي ٿيندي سوال جو ورجاءُ گهريو؟

منجهه نه سيٺ صاحب! هٿ تي نوٽ رکندي ۽ ٽي وي سيٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيومانس: ”هن کي بند ڪريان ويٺلن جي وات تي تالو هڻي چاٻي ڏي ته سڪون ملي پوندو.“

”چريا ٿيا آهيون ڇا؟ سيٺ نوٽ واپس ڪندي ۽ دوڏا ٻاهر ڪڍندي چيو. ماٺڙي ڪري پهرين پنهنجي گهرن ۾ پاڙي واري جون ٽيويون بند ڪرائي پوءِ اسان وٽ اچو.“ ائين چئي هو اسڪرين تي اوچتو ڇانيل ڌنڌ کي صاف ڪرڻ لاءِ ٽي. وي سيٽ ڏانهن هليو ويو. آءٌ نراسيل وکن سان پوئتي موٽيس. گهر ۾ داخل ٿيس. واقعي گهر ۽ هوٽل ۾ ڪو به فرق نظر نه آيو؟ فل واليوم سان ٽي. وي تي فلم هلي رهي هئي. ديوارن جي ڪلين تي اسڪولي ٿيلها لٽڪيا پيا هئا. امڙ سمهاڻيءَ جي نماز پڙهڻ ۾ مشغول هئي. ڀاڄائي پنجن ئي ٻارڙن سان گڏ فلم ڏسي رهي هئي. وڏو ڀاءُ ليٽيو پيو هو.

ڀاءُ! مون توهان کان ڇا ورتو؟ توهان مون کي ڇا ڏنو؟ ان بحث ۾ وڃڻ نٿو چاهيان. پر خدا کي مڃ! مون سجدي ۾ ويئل امڙ ۽ ٽي. وي جي گوڙ کي محسوس ڪرائيندي چيو: ”هي روز روز جي مشڪري بند ڪرائي. مون بابا سائين جي ملڪيت نانگ سمجهي اوهان جي حوالي ڪري ڇڏي. عيوض ۾ اڄ فقط سڪون ٿو گهران؟

موٽ ۾ ڀاءُ چيو: ”ماٺڙي ڪري مٿي ڪمري ۾ ڪنن ۾ ڪپهه وجهي وڃي سمهه!!!

”ٺيڪ آهي. ڀلا آواز ڪجهه گهٽ ڪرڻ جي ضمانت ڏيو ته وڃي سمهان“ مون ويچارڳو ٿيندي مرض جي اصل پاڙ ڀاڄائي ڏانهن ڏٺو.

ڀاڄائي ۽ سندس سمورا ٻار مڇرجي پيا.

اسان جو گهر آهي. فلمون هلايون يا ڇا به ڪريون، ان ۾ تنهنجو ڇا؟ اڻ پڙهيل ڀاڄائي ٽي وال ڊگهي ڄڀ ڪڍندي راڪاس ٿي بيٺي. سندس تائيد ۾ سمورا ٻار برڙباڪاس ٿي بيٺا. اهلون ڪرڻ ۽ ٽوڪون هڻڻ شروع ڪري ڏنائون، آءٌ ٻاهر نڪري جاني کي ٻئي در کان مٿي وٺي آيس.

آڌي رات ٿي چڪي هئي. گهر ۽ پاڙي جون ٽيويون بند ٿيون ته ڪجهه سانت ٿي. چنڊ نه کِڙڻ ڪري تار به ماٺ هئا. تمام پري کان اوچتو ڪن فقيرن جو شرنائي تي پُرسوز ۽ مڌهم آلاپ ٻڌڻ ۾ آيو ته من ڪربلا ۽ اکيون بغداد بڻجندي محسوس ڪيم. جانيءِ کي مون اڃا ڇهڻ جوئي پي سوچيو ته، اوچتو ڊيڪ تان فضا ۾ ڊسڪو گاني جو زور دار آواز اُڀريو. جاني تپي ڳاڙهو ٿي ويو. ”مون کي سڪون کپي؟“ جاني تکي لهجي ۾ ٻٽيهي ڀڪوڙيندي چيو. ”ڪٿان آڻيان جاني؟“ مون ليلائيندي چيو. تنهنجي سامهون ڪوشش ته ڏاڍي ڪيم؟

پيارا ٻڌ! مون سمجهائيندي چيو. اهيو سڀ ڪجهه توکي ته حاصل ڪرڻ لاءِ ڪريان ٿو نه، جيئن منهنجي اڌ من جي زبان بڻجي سگهين؟

”ٺيڪ آهي، پر مون کي به ساهي ۽ سڪون کپي. آءٌ به ته آخر.... آهيان. هن زوڪاٽ ڪندڙ ڊيڪ جي آواز ڏانهن ڌيان ڌارئيندي وراڻيو. پهرئين گوڙ بند ڪرائي. پوءِ.....؟“

مون جاني جي لهجي ۾ ڪجهه ٺاپر محسوس ڪئي. ڪمري جي هڪ دريءَ جي شيخن کي جهلي اُڀ کڙيو ٿي ڏٺم. منهنجي ڪمري جي لڳو لڳ ٻئي ڪمري جي ڇت تي ڊزن کن ٻار ڊانس جي نالي ۾ ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيا هئا. ٻه ٽي گينڊي قد ڪاٺ وارا نوجوان ڊسڪو جي ڌن تي تاڙيون وڄائي ڪورس ۾ هوڪرا ڪري، پاڙي جي حقن جي مٽي پليٽ ڪري رهيا هئا. هنن مان هڪ ڇوري جي وات ۾ ڄڻ کڙتال فٽ ٿيل هئي. هڪ طرف شديد گرميءَ جي موسم، سوچيم ڪنهن گهر ۾ ڪو قضيو ٿيو هجي؟ ڪنهن گهر ۾ ڪو بيمار هجي؟ ڪنهن گهر ۾ ڪو بي آرام هجي؟ ڪنهن گهر ۾ ڪو سڪون کي ڳوليندو هجي؟ ڪنهن گهر ۾ ڪو عبادت الاهي ۾ مشغول هجي؟ ڪنهن گهر ۾ ڪنهن مسڪين بکايل جو ٻار کير جي آسري ۾ کرڙيون هڻي هڻي نيٺ سمهي رهيو هجي؟ مون سمجهيو ته پاڙي وارا لٺيون کڻي اچي ڊيڪ تي گوڙ گهمسان ڪندڙن کي مٿا ڪچا ڪندا؟ پر، ائين نه ٿيو. پاڙي وارا به ڄڻ ان ڪلچر سان سهمت ٿيندي لت کوڙي موت واري ننڊ سان لائون لهندا رهيا. آءٌ ماٺ ميٺ ۾ دريءَ تان هيٺ لهي ڪرسيءَ تي ويٺس. ٽيبل تي ٺونٺون کوڙي منهن هٿن حوالي ڪري، اندر جي ريموٽ ذريعي ڪاوڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سوچڻ لڳس. شهر وارن کي مٿي گوڙ جو گهنڊ وڄائيندڙ پراوا، نه پر برادريءَ سان ئي تعلق رکندڙ هئا! سندس وڏو حاجي صاحب ڊاڪٽر به هو، پر ذاتي طور ڀلوڙ انسان هو. هن سان آءٌ هميشه پيرين پئي ملندو هوس. سندس ٻارڙن جي فوج ۾ فقط سندس وڏو پٽ ئي نظر شناس نوجوان هو، جيڪو ڪامورڪي سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ويٺل هو. پر سندس ننڍا وڏا ڀائر ڇڙواڳيءَ ۾ حدون پار ڪري چڪا هئا!

گرميءَ جي نالي ۾ ڏيهاڙي رات جو ڇت تي سمهڻ ۾ ڏينهن جو منهنجي ڪمري جي ڇت کي راند جو ميدان بڻائي لغڙ اڏئڻ سندن مشغلو بڻجي چڪو هو. هر هفتي جي جمعي جو ڏينهن ڳوٺ/گهر ۾ گذارڻ لاءِ نماز پڙهي علمي، ادبي لکپڙهه جو ڪم شروع ڪندو هيس ته، لغڙ اڏائيندڙ ٻارڙن جي قدمن جا ڌماڪا ۽ ڏاڍيان ڳالهائڻ جو ٽرڙا لهجا تخليقي عمل ۾ رخنو پيدا ڪندا رهيا. کين حال سارو ڏاڍو سمجهايم. پر ڊش ڪلچر جي پيداوار سمجهڻ بدران ڇڙواڳي کي پنهنجو ڪندي آزاديءَ کي قتل ڪري دشمنيءَ جو ٻج ڇٽيو؟

ذرڙو مڇر آرام ۾ خلل وجهي ته سمهندڙ ننڊ جي بقا لاءِ مڇر داني هڻي دفاع ڪري يا مزاحمت ۾ مڇر کي اُڦٽ ماري سڪون حاصل ڪري؟ پر، ٻار، ڪنهن جي سڪون ستياناس ڪن ته انهن کي ڪيئن منهن ڏجي؟ ڪوبه سماج ڪو ذميوار فرد ان مهلائتي سوال جو جواب نه ڏيئي سگهيو هو؟!!

”ڇا پيو سوچين؟“ جاني منهنجي گهرين سوچن تي آري وهائيندي چيو. ”ڄاڻان ٿو ته نڌڻڪي قوم جا سپنا ساڀيان ڪرڻ لاءِ ”ٻار ٻار“ ڪري پيو مرندو آهين. وقت کان ٻارڙن جي مفاد لاءِ مون کي به جبري طور استعمال ڪندو پيو اچين؟ پر توکي ٻارن موٽ ۾ ڇا ڏنو؟ توکي ڪجهه ڏين يا نه ڏين! مون سان ياري نڀاهڻي اٿيئي ته مون کي هر حالت ۾ سڪون وٺي ڏي، نه ته......؟“ نه ته ڇا؟ جاني جي سوال تي باهه ٿيندي جواب ڏيڻ بدران سوال ڪيم. ها، ها! ٻار ڪمزوري ضرور اٿم. پر ڇڇورا، ٽرڙا، ائڙا ڇڙواڳ ۽ بي ادب ٻار قطعي وڻندا نه اٿم. انهيءَ مؤقف جو تون به ڏٺو وائٺو شاهد آهين. پوءِ تون ڌمڪي ڇو پيو ڏين؟

ان ڪري ته منهنجي ساٿ ڇڏڻ کان پوءِ تون ڪلاشن کڻي پنهنجي ڪردارن ۽ ڪتابن کي قتل ڪري ڇڏيندين؟ هن ڪنهن فاضل جج جيان اڳواٽ نتيجو ڪڍندي ڄڻ وارننگ ڏيندي چيو. پٽڙي تان لٿل قوم جي نئين نسل لاءِ ڀنگي بڻجي گند جو ٽوڪرو کڻڻ لاءِ تيار ٿين ته، ساٿ ڏيئي  سگهندس، نه ته ......؟

بڪواس بند ڪر، مون چيو ۽ جاني جو ردعمل ماڻڻ کان سواءِ ئي لڙهندڙ وکن کي پٿريلي ڏاڪڻ جي حوالي ڪندي هيٺ گهٽيءَ ۾ لهي آيس. گهر جي گهٽيءَ سان سلهاڙيل عام رستي جو موڙ ڪاٽي، ان رستي مان حرامي ٻار جيئان جنم وٺندڙ هڪ ٻئي سنهي گهٽي ۾ داخل ٿيڻ شرط هڪ گهر تي پهتس. دروازو بند هو. کاٻي پاسي تي ڳاڙهي ننڍڙي ٻرندڙ بلب سان فٽ ٿيل بجلي واري گهنٽي جي اڇي بٽڻ تي سمورين سگهن سان اشهد آڱر سان زور ڏنم. اڌ منٽ کن گهنٽي وڄندي رهي. آڱر هٽايم ته اندروني ڏاڪڻ تان ٿڙ ٿڙ ڪندڙ بي سُرن قدمن جا آواز بلند ٿيا ۽ آواره قسم جي ڊرائيور طرفان اوچتو لڳايل بريڪ وانگر ڌماڪي سان دروازو کُليو!

ڪمال آهي؟ دروازو کوليندڙ بندري نوجوان مون تي وڄ وانگر نظرون کپائيندي روب سان چيو. آڌي رات جو ائين لاڳيتي گهنٽي وڄائي ڪنهن جو آرام ڦٽائبو آهي ڇا؟“

جي ها! مون ڄاڻي واڻي لاڳيتي گهنٽي وڄائي ته جيئن اوهان جو آرم ڦٽي ۽ بيچين ٿي هيٺ لهڻ تي مجبور ٿي وڃو. ڇو ته اوهان ۽ اوهان جي فوج حد کان مٿي چڙهي چڪي آهي؟

ڇا مطلب؟ هن وڙهڻ وارو انداز اختيار ڪندي ائين اکيون ڦاڙيندي جواب ڏنو، جيئن ڪنهن ڪسٽم آفيسر، مختيارڪار يا صوبيدار جو ننڍو ڀاءُ، پنهنجي وڏي ڀاءُ جي ڦوشٽ واري ڪرسيءَ جو اڻ سڌو حوالو ڏيئي سخت لهجو اختيار ڪندو آهي.

منهنجو مطلب اهو آهي ته اوهان جا نوجوان ڀائر ۽ ٻارن جي فوج کُڏ تي ڊيڪ جا واليوم ڇڙواڳ ڇڏي پاڙي جي حقن جي مٽي پليت ڪري رهيا آهن! مون سندس بيساکين جي سهاري تي چارج ٿيندڙ خراب لهجي تي فطري ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو. برجستو جواب ٻڌي گينڊو نوجوان ذري گهٽ هٻڪي ويو. ٿڏي تي سهمت ٿيڻ بدران مصنوعي فرار وارو طريقو استعمال ڪندي چيائين. ”ترسو! آءٌ ڏسي اچان ٿو.“ ائين چئي دروازو ٻيڪڙڻ بدران پوئين پير هليو ويو. ٿوري دير کانپوءِ واپس آيو. سندس جنهن تي اعتراف جون ريکائون نمايان هيون. هن وري به انا کي فنا ڪرڻ بدران اڻ سڌي معافي وٺندي چيو: ”ڊيڪ بند ڪرائي آيو آهيان، هاڻي ائين نه ٿيندو؟“

اهي عذاب اڄ نه پر مسلسل ٻن سالن کان برداشت ڪندو پيو اچان؟ مون ”نه ٿيڻ“ جي ضمانت گهُرندي سوال ڪيو. پليز! پنهنجي ٻارڙن تي ڪنٽرول ڪريو. کين مثبت سرگرمين ۾ وقف ڪريو.“

’چيم نه! هاڻ ائين ڪونه ٿيندو؟ گينڊي نوجوان اوٻاسي ڏيندي چيو. اوهان هاڻ آرام وڃي ڪريو.

سچ ته اڄ مون کي معلوم ٿيو ته ٻارڙن جي تڪرار تان وڏن وچ ۾ خوني تڪرار ڇو ٿا ٿين؟ انيڪ خاندانن جا گل ڇو ٿا اُجهامن؟ مون ڄڻ روئڻهارڪو ٿيندي سمجهايو. اوهان ته پڙهيل لکيل سنڌ جي آئيندي جي آس آهيو. اوهان به پاڙي جي حقن جي لتاڙ کان ائين لنوائي ٽرڪايو ته، اڳتي ڇا ٿيندو؟

نوجوان جو رد عمل معلوم ڪرڻ کان سواءِ ويران گهٽين مان ٿيندو پنهنجي ماڙي واري ڪمري تي آيس. عارضي طور ڊسڪو کي موت اچي چڪو هو. فضا ماٺار ۾ ڪو ڪلاسيڪل غزل جهونگاري رهي هئي. منهنجي قدمن جي ڇاپ ٻڌي، منهنجو جاني تعظيم ۾ اٿي مون ساڻ ڀاڪرين پئجي ويو. سندس لُڙڪن ڪاڳرن کي آلو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.

تون منهنجو همسفر آهين، منهنجو جاني آهين. مون سندس سرير تي هٿ ڦيريندي چيو. وچن ڪر ته هر حالت ۾ ساٿ ڏيندين؟

هڪ شرط سان؟ هن چتائڻ بدران نظرون ڪاڳرن تي وکيريندي چيو.

ڪهڙو شرط؟ مون ڄڻ اڳواٽ مڃيندي پڇيو!؟

منهنجو اصل نالو ڇا آهي؟

تنهنجو اصل نالو قلم آهي!!

بس! هاڻ وچن ڪر ته ڪردار ڀل علامتي کڻي هل، پر لوڪ جا وات بند ڪرڻ لاءِ مون کي اصل نالي سان مخاطب ٿي آرسي آڏو اچ ته.....؟

سندس جملو اڌ ڪٽيندي وراڻيم: وچن ٿو ڪريان منهنجا جاني ته اڄ کان توکي قلم ئي چوندس. پوءِ چاهي سِر قلم ڇو نه ٿي وڃي؟ ڇو ته سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ قطارن ۾ کوڙيل صليبن تي چڙهڻو ئي پوي ٿو. ائين چئي قلم کي سيني سان لائي ڪاڳرن جي دنيا ۾ گم ٿي ويس!!

 

غلام محمد غازي

گرمي

گرمي آئي آهي، گرمي آئي آهي.

ايئر ڪنڊيشن ڪمرن ۾ ڪو،

ويٺو ڪکانون گهرڙن ۾ ڪو،

آرس لڱن تان لاهي.

گرمي آئي آهي.

گرميءَ ۾ سونا سنگ لڏن ٿا،

ميوا مٺڙا خوب پچن ٿا،

کائڻ لئه دل چاهي.

گرمي آئي آهي.

الهڏتو ۽ عارف گڏجي،

واهه تي ويٺا وهنجي سهنجي،

لڱ سڪائن ٺاهي.

گرمي آئي آهي.

گرميءَ ۾ پهراڻ کي پائي،

پائوڊر خوب لڱن کي لائي،

رک ٽوپ مٿي تي ٺاهي.

گرمي آئي آهي.

 

وفا منظور علي چوهاڻ

وڻ

واهه بڻايا قدرت وڻ

آهن رب جي رحمت وڻ

وڻ زلزلن کي روڪين ٿا

سڀ کي مصيبت کان بچائين ٿا

وڻ آهن رب جي نعمت

جنهن جي ناهي ڪا قيمت

ڪاٺ مان رانديڪا ٺهن ٿا

ٻارن کي سي خوب وڻن ٿا

جيڪو ڦل وڻ پيدا ڪن ٿا

تنهن کي ميوو ۽ ثمر چون ٿا

وڻ جي ٻارو ڇانو ٿڌي آ

مان پڻ ڇانو ۾ کٽ رکي آ

وڻ پوکڻ جي وفا ڪر فڪر

جنهن جو قرآن ۾ آهه ذڪر

منير احمد پنهور

اصلي طريقو

اڄ وري بابا جا پئسا ڪمري مان چوري ٿي ويا ۽ اهو الزام هميشه جيان مون تي آيو. جڏهن به گهر ۾ ڪا چوري ٿيندي هئي ته سڀ منهنجي مٿان چڙهي ويندا هئا. ڄڻ مان ڪو خانداني چور هئس، ڪوبه گهر جو ڀاتي اسان جي نوڪر فضلوءَ تي شڪ به نه ڪندو هو. پر مون کي فضلوءَ تي ٿورو شڪ هُيو. ڇو ته بابا ۽ مان هڪ ڪمري ۾ سمهندا آهيون، بابا رات جو کيسي مان پئسا ڪڍي ٽيبل تي رکندو هو ۽ صبح جو آفيس وڃڻ مهل پئسا کڻندو هو ته اهي گهَٽ هوندا هئا ۽ اهو الزام مون تي ايندوهو ته تون ٿو پئسا چوري ڪرين. پر مان اُٿڻ مهل پئسا کڻڻ ته ٺهيو پر خوف کان ٽيبل ڏي به نه نهاريندو آهيان ته متان پئسا کُٽي وڃن. منهنجي وڃڻ کان پوءِ فضلو ڪمري جي صفائي ڪرڻ ويندو هو ان ڪري مون کي ان تي ڪجهه شڪ هو.

اڄ وري جڏهن بابا جا پئسا چوري ٿيا ته ان مون کي ڪمري ۾ سڏي چيو ته پٽ خالد چوري ڪرڻ خراب عادت آهي. تون سچي ٻڌاءِ تو چوري ڇو ڪئي آهي. مان پنهنجي صفائي پيش ڪئي، پر بابا تي شڪ جو ڀُوت سوار هو. سو ان منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. مان ڪمري ۾ آيس ۽ اچي سوچڻ لڳم ته آخر سڀ الزام مون تي ڇو ٿا لڳن آخر ٻيا به ته ماڻهو آهن پوءِ بابا انهن تي شڪ ڇو نٿو ڪري گهڻي سوچڻ کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ هڪ ترڪيب آئي، مان شام جو مووي واري دڪان تي ويس ان سان صلاح ڪري رڪارڊنگ ڪئميرا ۾ وڊيو ڪيسٽ لڳائي ڪئميرا گهر کڻي آيس. رات جو سڀني کان لڪي مووي ڪئميرا کي بابا جي ٽيبل تي سيٽ ڪري رکيم ۽ سمهي پيس. صبح جو اٿي ان کي اسٽارٽ ڪري ٻاهر نڪتس ته فضلو صفائي لاءِ اندر ويو مان تمام گهڻو خوش ٿيس، ۽ فضل جيئن ئي ٻاهر نڪتو مان اندر وڃي ڪئميرا مان ڪيسٽ ڪڍي وي سي آر ۾ لڳائي ته حيران ٿي ويس ڇو ته مان پنهنجي اَٽَڪَلَ ۾ ڪامياب ٿي ويو هوس. مون کي جيڪو فضلوءَ تي شڪ هو سو هاڻي پڪ ۾ تبديل ٿي چڪو هو ڇو ته مون ٽي وي تي ڏٺو ته فضلو ڪمري ۾ اندر داخل ٿي ٽيبل تان 5 سؤ کنيا ۽ پوءِ صفائي ڪرڻ لڳو. مان اها رڪارڊنگ ريورس ڪري بلڪل سيٽ ڪري وي. سي. آر لڳائي ويهي رهيس. بابا جڏهن پئسا ڳڻيا ته اهي کُٽَلَ هئا هو سڌو اچي منهنجي مٿان بيٺو ۾ مون کان چوري جو سبب پڇيائين. مون چيو ته بابا فضلو ۽ سڀني گهر جي ڀاتين کي سڏايو. فضلو ۽ سڀ ڀاتي اچي گڏ ٿيا. مون فضلوءَ کان پڇيو ته تو پئسا چوري ته نه ڪيا آهن. فضلو چيو ته سائين منهنجي ته ملائڪن کي به خبر نه آهي. مون اداڪارن وانگر ٽَو ڏنو ۽ چيم مان پئسا چوري ڪيا هئا. مون چيو خواتين و حضرات ٿورو ٽي وي ڏي نهاريو سڀني مون ڏي عجيب نظرن سان ڏٺو ۽ ٽي وي ڏي نهاريائون. مون ٽي وي آن ڪيو ته سڀ حيران ٿي ويا ۽ فضلو جو اصلي روپ ظاهر ٿي ويو.

بابا فضلوءَ کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو ۽ منهنجي عقل کي ساراهڻ لڳو هاڻي ڪو به الزام مون تي نه لڳندو آهي.

نسيم حبيب کوسو

محبت جي وادي

ڪاشي جي دل ۾ آصف لاءِ نفرت جا لاوا ڀڙڪي رهيا هئا... ان وقت سندس من نفرتن جي شعلن جي لپيٽ ۾ هيو. جڏهن سالياني امتحان ۾ فرسٽ پوزيشن اچن جي ڪري آصف جي مان ۾ هڪ پروگرام رکيو ويو.

آصف جي مان ۾ رکيل رنگ برنگ پروگرام ڏسي ڪاشي جي دل ۾ نفرت جون لهرون ڇوليون هڻي رهيون هيون.....آصف جي پڙهڻ سان دل هئي. هو هر دفعي پوزيشن کڻندو هو. سندس والدين کين ڏاڍو چاهيندا هئا. جڏهن ته ان جي برعڪس ڪاشي سڄو ڏينهن شرارتن ۾ پورو هوندو هيو ۽ ڪلاس ۾ به سٺا نمبر نه کڻنندو هيو. والدين کيس بلڪل نه چاهيندا  هئا. تنهن ڪري ڪاشف مان ڦيرائي کيس ڪاشي سڏڻ لڳا. ڪاشف، آصف سان ڪنهن حد تائين نفرت ڪندو هيو.....

صبح سوير آصف فرج ۾ کير رکي ڇڏيو هيو ته جيئن هو شام جو ڪسٽرڊ ڍاهي کائي... ڪاشي کي اها ڳالهه بلڪل پسند نه آئي. آصف جي هيڏي هوڏي ٿيڻ کان پوءِ ڪاشي آهستي آهستي فرج طرف وڌڻ لڳو. ايڪشن ۾ ڊٻيل قدمن سان فرج ڀيڙو ٿيو. هن آهستي آهستي فرج جو دروازو کوليو ۽ ڏڪندڙ هٿن سان کير وارو ٿانو کڻي اهڙي طرح هاريائين ڄڻ ڪنهن ٻلي کير هاريو هجي. جڏهن شام ٿي ته آصف کير ڪڍڻ لاءِ فرج ڏانهن وڌيو.....!! کير هاريل ڏسي مايوس ٿي موٽيو.

”امان! ڪسٽرڊ لاءِ رکيل کير الاءِ ڪنهن هاريو....!!“ آصف نماڻن لفظن سان پنهنجي ماءُ کي شڪايت ڪندي چيو.

”پڪ اها ڪا شي جي شرارت هوندي.......“ سندس ماءُ شڪ ظاهر ڪندي چيو.

”ڪاشي....او! ڪاشي....“ سندس ماءُ ڪاشي کي آواز ڏنو، سڏ ٻڌي ڪاشي يڪدم اتي پهتو.

”ڪاشي! سچ سچ ٻڌاءِ کير ڪنهن هاريو.....؟“ سندس ماءُ نهايت ڪاوڙ مان چيو.

”امان! مون ته نه هاريو.... شايد ٻليءَ هاريو هجي....“ ڪاشي ڳالهه لڪائيندي چيو. ”پر! ٻلي ڪيئن فرج جي دروازو کولي سگهندي....؟“ سندس ماءُ حيرت مان پڇيو.

”شايد ايڪويهين صديءَ جي ٻلي هوندي....!!“ ڪاشف مرڪندي چيو. ”هون! ان جو مطلب آهي ته مون کي به ايڪويهين صديءَ جو جوتو لاهڻو پوندو....“ سندس ماءُ جتي طرف هٿ وڌائيندي چيو. ان کان پوءِ ڪاشي کي جوتن جي نيرن ڪرڻي پئي. ڪاشيءَ لاءِ اهو واقعو ناقابل برداشت ڪيو... هن دل ۾ آصف کان بدلو چڪائڻ جو عهد ڪري ڇڏيو ڇو ته آصف جي ڪرئي کيس جوتا کائڻا پيا. اسڪول جي باغ ۾ ڪاشي ويٺو آصف کان بدلو چڪائڻ لاءِ ٽل سوچي رهيو هو. سوچيندي سوچيندي سندس ذهن ۾ هڪل شرارت جنم ورتو...

”هون! ته آصف کي ڪوئن کان ڊپ ٿيندو ئي آهي...“ ڪاشي اهو چئي مرڪندي اٿيو. ۽ اسڪول پراڻي ڪمري ۾ ويو، جتي ڪٻاڙي جون شيون پيون هيون. هن اتي ڪاشي ڳولهڻ شروع ڪئي، ڳولهيندي ڳولهيندي هن کي هڪ پراڻي ڪپڙي جي ٿيلهو هٿ آيو... ڪاشيءَ کيسي مان بسڪيٽ جو ٽڪر ڪڍي ان ۾ رکي ڇڏيو. ۽ ٻاهر هليو ويو ۽ ڪجهه پلڪن کان پوءِ واپس ان جاءِ تي اچي پهتو. هن ان ننڍڙي ٿيلهي ۾ نهاريو ان ۾ ٻه ڪوئا بسڪيٽ کي ڪُرٽي رهيا هئا. ڪاشيءَ مرڪندي ان ٿيلهي جو منهن بند ڪيو ۽ لڪندي لڪندي اچي آصف جي ڪتابن جي بيگ ۾ جلدي ۾ وڌائين ۽ تڪڙ ۾ بيگ جي زپ بند ڪيائين ۽ ڪلاس روم مان نڪري هليو ويو. ڪجهه دير کان پوءِ رسيس بند ٿيڻ جو گهنڊ وڳو ۽ سڀ ڇوڪرا ڪلاس ۾ ويهي رهيا.... ڪجهه دير کانپوءِ ڪلاس ٽيچر ڪلاس ۾ داخل ٿيندي ئي ڪتاب کولڻ جو حڪم ڏنو. آصف جيئن ئي پنهنجي بيگ کي کوليو ته ان مان ٻه ڪئا ٽپا ڏيندي نڪتا...”آ...آ..... آ......“ ڪلاس ۾ آصف جون چيخون گونجڻ لڳيون. ان کان پوءِ ڪوئا ڪلاس ۾ ڦرن لڳا... شاگرد چيخون ڪندا هيڏي هوڏي ڊوڙڻ لڳا.... ان کان اڳ جو آصف تي بي هوشي جي ڪيفيت طاري ٿئي ها. ڪن شاگردن جلدي ۾ دريون کوليون ڪوئا ٽپا ڏيندا درين مان نڪري هليا ويا. ۽ پوءِ شاگردن سک جو ساهه کنيون ڪلاس ٽيچر خود پريشان ٿيو.

”سچ...  سچ ٻڌايو اها ڪنهن جي شرارت هئي....“ ڪلاس ٽيچر تکو ٿيندي چيو.

”سر! ڪاشي کانسواءِ ڪو ٻيو اهڙي قسم جي شرارت ڪري نه ٿو سگهي....“ ڪن شاگردن شڪ ظاهر ڪيو.

”ڪاشي! اڄ سچي ڪر... جيڪڏهن اڄ ته سچي ڪئي ته توتي سزا معاف آهي....“ ڪلاس ٽيچر ڪجهه هلڪو ٿيندي چيو. ڪلاس ٽيچر جو پيار ڀريو لهجو ۽ ان لهجي ۾ ڳالهائڻ ڪاشي کي پسند آيو شرم وچان سندس ڪنڌ جهڪي ويو. ڪجهه دير خاموش ٻين جي نگاهن جو مرڪز بڻيو بيٺو هيو. ”آئيم سوري سر...“ ڪاشي نهايت شرمندي ٿيندي چيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com