سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا (ٻارن لاءِ شاعري)

باب:

صفحو:4 

سائيڪل

 

مون کي سائيڪل چوندا آهن!

ننڍڙا وڏڙا مون کي چاهن!

منهنجي سستي سواري آهي،

سواري ڏاڍي پياري آهي.

ٻن ڦيٿن تي هلندي آهيان،

ٻارن کي مان وڻندي آهيان.

مون کي خوب ڀڄائن ٻالڪ،

پنهنجي دِل وندرائن ٻالڪ.

تتيءَ ٿڌيءَ ۾ هلندي آهيان،

ڪڏهن نه هر هر ڊهندي آهيان.

پوندو ڪو پئٽرول نه آهي،

تڏهن ته مون کي هرڪو چاهي.

مون کي ٿو ”ملهار“ هلائي،

۽ هر ننڍڙو ٻار هلائي.
 

منهنجي ناني

 

 

ناني مون سان پيار ڪندي آ،

ڪک به نه مون تي هوءَ سهندي آ.

منهنجي ناني سُٺڙي سُٺڙي،

ماکيءَ کان وڌ مٺڙي مٺڙي.

پوڙهي هاڻي جهور ٿي وئي آ،

نيڻن کان بي نور ٿي وئي آ.

ڪونه رکي مايوسيون من ۾،

محبت آ هُنَ جي جذبن ۾.

ڪونه رکي ٿي ساڙ ۽ ڪينو،

صاف سدائين هُنَ جو سينو.

جي مڪتب جو ڪم نه ڪيان ٿو،

نانيءَ جي پوءِ مار سهان ٿو.

مون کي ڏاڍي وڻندي آهي،

ناسَ جڏهن هوءَ ڏيندي آهي.

هُنَ کي ٿورو تنگ ڪندو هان،

چوريءَ هُنَ جي لَٺ کڻندو هان.

پو ته مڇرجي ويندي آهي!

مون کان ٻارو! رُسندي آهي.

مان هُن کي پرچائيندو هان،

کيس گهڻو نه ستائيندو هان.

ائين ”ملهار“ جي، ناني پياري،

جيئن طوطي، جي ڳاني پياري.
 

اسڪول

 

ملي ٿي روشني اسڪول ۾ ٻارو!

ٺهي ٿي زندگي اسڪول ۾ ٻارو!

ڪڏهن مون کان نه سا وسري سگهي ٿي،

گذري جا گهڙي اسڪول ۾ ٻارو!

رکي اُلفت ڪتابن سان وڃي ڪريون،

پُڄاڻي جهل جي اسڪول ۾ ٻارو!

توهان تي بارُ اچڻو آ وطن جو،

ٿيو ڏاها پڙهي اسڪول ۾ ٻارو!

رانديون ٻار کيڏن ٿا سڀئي گڏجي،

هردم آ خوشي اسڪول ۾ ٻارو!

جي چاهيو ٿا وڏي عهدي وڃي رسجي،

ڪيو محنت رهي اسڪول ۾ ٻارو!

ٻين کي به ڀي وڃي سيکاريو سوئي،

وڃو جيڪو سکي اسڪول ۾ ٻارو!

چوي ”ملهار“ پنهنجي زندگي ساري،

ڪيو روشن وڃي اسڪول ۾ ٻارو!
 

سائنس جو ڪمال

 

دنيا جيڪا ترقي ڪئي آ،

ڌرتي روشن بڻجي وئي آ.

سائنس جو سڀ ڪمال آهي،

اوندهه جو ٿيو زوال آهي.

ڀل ته سمورا علم پرايو،

سائنسي پر ڄاڻ وڌايو.

سائنسي آ کوٽ اسان وٽ،

ٻارو! اُن ۾ ڪونه ڪيو گهٽ.

سائنسدان ۽ ڏاها بڻجو،

سنڌ وطن جي خدمت ڪريو.

سنڌوءَ جو ٿئي نالو روشن،

ان تان صدقي پنهنجو تن من.

ٻالڪ سڀ ”ملهار“ پيارا،

محنت سان ٿيندا ناميارا.
 

نظم

 

اچو ته سنڌ سنواريون ٻارو!

پنهنجو نانءُ جيئاريون ٻارو!

جهل جي اوندهه دور ٿي ويندي،

علم جا ڏيئا ٻاريون ٻارو!

محنت سان ئي منزل ملندي،

غفلت ۾ نه گذاريون ٻارو!

سڀ کان اڳ ۾ لکجي پڙهجي،

پوپٽ پوءِ اُڏاريون ٻارو!

اگر اچي مشڪل جيون ۾،

هانءُ نه هرگز هاريون ٻارو!

سهڻي ڪئي ”ملهار“ نصيحت،

هرگز ڪونه وساريون ٻارو!
 

نصيحت

 

علم آ روشني ٻارو!

سنواري زندگي ٻارو!

جهِل، نفرت ۽ سُستيءَ سان،

ڪجي ڇو دوستي ٻارو!

معذورن سان همدردي،

وڏي آ بندگي ٻارو!

گذاريو ڪونه جيون جي،

ڪا غفلت ۾ گهڙي ٻارو!

سنڌوءَ جو نانءُ روشن ٿئي،

وڃو اڳتي وڌي ٻارو!

گذاريو خوب محنت سان،

سموري زندگي ٻارو!

سبق آموز مون ڪئي آ،

اوهان لئه شاعري ٻارو!

رهو ”ملهار“ موجن ۾،

ڪريو حاصل خوشي ٻارو!
 

روشنيءَ سان پيار

 

روشنيءَ سان پيار!

آهِه ضروري ساٿيو!

تحفو آهي قيمتي،

زندگيءَ سان پيار!

آهِه ضروري ساٿيو!

ديس کي سنوارجي،

سنڌڙيءَ سان پيار!

آهِه ضروري ساٿيو!

وقت ڇو وڃائجي؟

هر گهڙيءَ سان پيار،

آهِه ضروري ساٿيو!

پنهنجي خلقڻهار جي،

بندگيءَ سان پيار،

آهِه ضروري ساٿيو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org