سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٻار اکين جا ٺار (ٻارن لاءِ شاعري)

باب:

صفحو:2 

گم ٿيل ٻار جي ڳولا

 

واهيري جي وير نه آيو،

هن کي ڳولڻ ماءُ هلي آ،

روئي روئي ڳچ ٿي ڳاري،

ڀيڻ رڙي ٿي ”ڀاءُ هلي آ!“

 

مسجد ۾ اعلان ڪيائون،

”نُور“ نه موٽيو نانءُ کنيائون،

”اڇن لٽن ۾، اٺ سالن جو“،

نينگر جا سڀ پار ڏنائون.

 

اهڙا اُٺاگير ڪي آيا،

جگر جو ٽڪرو ٽوڙي ڄاڻن،

ڪئمپن ۾ ٻارن کي وڪڻي،

پاڻ پيا ٿا موجون ماڻن.

 

جيجل جي لهه سار او موليٰ!

موٽائي ڏج ٻار او موليٰ!

بيهوشيءَ جي حالت ۾ هي،

ڪيسين رهندي ڌار او موليٰ!

 

صفائيءَ جو رُجحان

 

صفائي آ ايمان جو جُز ادا،

رکج پاڻ کي صاف سُٿرو سدا.

 

صبح ساڻ وِهنجڻ ته آ لازمي،

صفائيءَ سوا آ گندو آدمي.

 

هٿ ڌوئجن ڪجهه به کائڻ کان اڳ،

نه بيمار ٿئي سو، وتو جنهن هي دڳ.

 

صفائي بنا ماڻهو گدلو چريو،

صفائيءَ جو رجحان پيدا ڪريو!
 

پنهنجو ديس- پنهنجو ويس

 

پنهنجي ڌرتي پنهنجو ديسُ،

واهه وڻي ٿو پنهنجو ويسُ.

 

ٽوپي سان گڏ پَٽَڪو سونهي،

خوب ٺهي پهراڻ لِبيسُ.

 

اجرڪ جي گُلڪاري موهي،

خاصو کٿو، لوئي، کيسُ.

 

ڪوهستان ۽ لاڙ، اُتر ۾،

ٿر بَر ۾ ڀي ڪوئلو گيسُ.

 
ٽانگي وارو

ٽَپ ۡ ٽَپ ۡ ٽَپ ۡ ڊوڙي گهوڙو،

هَڪلي ٿو پِيو مامو ڪوڙو.

 

ائين ٻُجهن آواز سُنبن جا،

ڪورس ۾ جيئن ٽِڪي جو کوڙو.

 

ٻگهي ۽ گهوڙي جي سواري،

سڀ کان آهي ادا نياري.

 

ٽانگي تي اسڪول وڃون ٿا،

ٻين ٻارن کان اڳي پُڄون ٿا.

 

مامو گهوڙو روز هلائي،

گهر جو ٿو وهنوار هلائي.

 

ٻِڪَي جي کوڙي مان سبق

 

ايڪِ ڏُون ڏُون،

مان ڀيڻ تنهنجي،

ڀاءُ تون، تون!

 

ٻه ڏون چار،

علم ڏي ادڙا،

ڌيان ته ڌارِ.

 

ٽِه ڏون ڇهه،

رَمُون کان رِسيس ۾،

وٺون ٿا بِهَه.

 

چار ڏُون اٺ،

پڙهي پاس ٿيڻ سان،

ٺَٺ ئي ٺَٺ.

 

پنج ڏون ڏهه،

پڙهڻ لکڻ جا،

پَچائج پَهَه.

ڇهه ڏون ٻارَهن،

ڪوڙ جي مُنهن ۾،

ڪيرِي ڪارنهن.

 

ست ڏون چوڏهن،

سچ جنهن پاسي،

وڃجي اوڏهن.

 

اٺ ڏُون سورهن،

نيڪيءَ جي ڪم ۾

ڪجي نه ”نَنهَن“.

 

نَوَ ڏون ارڙهن،

رکجي صفائي،

ڪٽجن نَنهن.

 

ڏهه ڏون وِيهَه،

وڌجي اڳتي،

ڪجي نه گِيهَه.

 

والدين جو ادب

ابي ۽ امان جو ڪري جو ادب،

سدا ٿو سَڻائي ڪري سندس رب.

 

ادب وارو ماڻي ٿو جلدي مقام،

رهي ڀٽڪندو ٿو سدا بي ادب.

 

وڏن جي نه جنهن وٽ رهي ٿي شناس،

پُڻائي ٿو پنهنجو حسب ۽ نسب.

 

اسان با ادب، بي ادب جو نمونو،

پريل ڪِيو آ پڌرو ٻُڌائي سببُ.

قلندر لال جي حضور ۾

 

تو وَٽ کوڙ سوالي لال،

ڀر هي جهولي خالي لال!

 

پري پري کان لوڪ اچي ٿو،

هن نگريءَ ۾ ناچ نچي ٿو،

هڻن ڌمال ڌمالي لال!

 

سچ پچ سائين تو وٽِ آئي،

رب ٿو سڀ جي آس پُڄائي،

رَهنِ نه ڪنهن جا هِيڻا حال.

 

سنڌ سنڌين لئه باسي آ سک،

ڏولاوا ۽ ڏور ٿين ڏک،

پريل آس هي پالي لال!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org