سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: موتي ۽ مکڙيون

 

صفحو :1

موتي ۽ مکڙيون

(ٻارن لاءِ شاعري)

خليل عارف سومرو

ڇپائيندڙ پاران

’ٻار‘ مستقبل جو معمار آهي،  ڇو ته مستقبل جون سموريون رٿائون ۽ ذميواريون ”ٻار“ جي امنگن سان ئي مشروط ٿين ٿيون، اڄ جو ٻار جيترو وڌيڪ ذهين، سگهارو ۽ باشعور هوندو، قوم جو آئيندو به ايتروئي شاندار ٿي سگهندو. دنيا جون صحتمند ۽ روشن دماغ قومون پنهنجي ٻارڙن جي بهتر تربيت، پالنا ۽ تحفظ لاءِ فڪرمند هونديون آهن ۽ سچ اهو آهي ته بهتر تربيت، پالنا ۽ فڪري توڙي شعوري سگهه لاءِ ادب نمايان ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ ان ڳالهه کي آڏو رکندي سنڌي ادبي بورڊ شروع کان وٺي ٻارن جي لاءِ ڪتاب ۽ رسالا شايع ڪندو رهي ٿو، هي ڪتاب پڻ ان سلسلي جي ڪڙي آهي.

سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جو واحد علمي ۽ ادبي ادارو آهي، جنهن جي مکيه ذميوارين مان هڪ ذميواري اها به آهي، ته اُهو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ٻارڙن، عورتن ۽ مردن لاءِ علمي، ادبي، ثقافتي، تاريخي، تفريحي ۽ معلوماتي ڪتاب، رسالا ڇپرائي. هيءُ ڪتاب ”موتي ۽ مُکڙيون“ به ان ساڳي سوچ جي ڪڙي آهي. هيءُ شاعريءَ جو مجموعو ٻارڙن لاءِ خصوصي طرح سائنس، ادب ۽ تفريح جو سامان مهيا ڪري ٿو.

ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته: ”شاعري فلسفي کان وڌيڪ ڳوڙهي ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق ڏيندڙ هوندي آهي.“ ساڳي ڳالهه کي نظر ۾ رکندي چئي سگهجي ٿو ته: نظم ۽ شعر ۾ چيل ڳوڙهيون ڳالهيون، ٻارن کي وڌيڪ سمجهو بڻائڻ لاءِ تاريخ جي اهم سبقن وانگر هونديون آهن، اهي سبق ٻارن کي جلد ياد ٿي ويندا آهن، ڇاڪاڻ جو نظم جي لئي ڪچڙن ذهنن ۾ ڦرندڙ موسيقي جي سنگم سان سندن اندر جي تختيءَ تي چٽائيءَ سان اُڪرجي پوندي آهي.

محترم خليل عارف سومري جي ٻاراڻي شاعريءَ جي هن مجموعي ۾ ٻارن لاءِ ڪيترائي خوبصورت ۽ باتصوير حمد، نعت، نظم ۽ گيت ڏنا ويا آهن، جن ۾ نصيحت ڀريا نُڪتا ۽ ٻي سائنسي ۽ تفريحي معلومات پڻ موجود آهي.

اميد ته نظمن ۽ گيتن کي پڙهڻ سان نه صرف ٻارن جي ڄاڻ ۽ شعور ۾ واڌارو ايندو، پر کين هيءُ ڪتاب بورڊ جي ٻين ڪتابن وانگر پسند ايندو.

 

17- جون 2010ع

بمطابق 4- رجب المرجب 1431هه

ڄام شورو، سنڌ

پروفيسر سيد زوار نقوي

سيڪريٽري

 

 

نالي

 

فقير صِفت اِنسانَ

اڪبر لغاريءَ جي،

ٻِن گُلن

صوفيه ۽ زرياب

جي نالي.

خليل عارف سومرو

 

پنهنجي پاران

سنڌ ۾ ٻارن لاءِ ادب تمام گهٽ لکيو وڃي ٿو، جيڪا ڳالهه مستقبل لاءِ هاڃيڪار آهي.

آءٌ 1978ع کان ٻارن لاءِ لکان پيو ۽ مون کي خوشيءَ سان گڏ فخر آهي ته ٻارن لاءِ لکان پيو. ٻارن لاءِ ڪيل شاعري جو هِڪ ڪتاب ”مهڪار“ 1985ع ۾ ڇپيو. سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيل منهنجو اِهو ڪتاب ٻارن ۾ ايترو ته مقبول ويو جو سنڌي ادبي بورڊ کي اُن جا وڌيڪ ٽي ڇاپا شايع ڪرڻا پيا. اها ڳالهه مون لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهي 1992ع ۾ ان ڪتاب کي مُحمود پبلشرز ڪراچي طرفان ٻارن جي بهترين ڪتاب جو ايوارڊ ڏنو ويو. جيڪو مون ان وقت سنڌ جي وزير اعليٰ مظفر شاهه هٿان وصول ڪيو.

”موتي ۽ مکڙيون“ ٻارن لاءِ شاعري جو ٻيو ڪتاب آهي جيڪو پڻ سنڌي ادبي بورڊ ڇَپرائي رهيو آهي، مون کي خوشيءَ سان گڏ اِها اميد به آهي ته منهنجو هيءُ ڪتاب به ٻارن جي علم ۾ اضافو ڪندو.

خليل عارف سومرو

خيال نگر جوهي- ضلع دادو سنڌ

03073259148

 

ٻارن جو بهترين شاعر: خليل عارف سومرو

سائين احمد خان مدهوش جي جُهوپڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ شاعر ابن الشاعر خليل عارف سومرو باصلاحيت نثر نويس ۽ شاعر آهي. شاعريءَ کي ڄمار ڏيندڙ هِن شاعر شاعريءَ جي شروعات ننڍپڻ ۾ ٻارن لاءِ شاعريءَ سان ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ خاص طور گيت ۽ غزل احساس کي ڇُهندڙ هوندا آهن. خليل عارف جي شاعريءَ ۾ ڪم آيل عام ۽ سادي سلوڻي ٻوليءَ ۾ موجود تخليقي عنصر کيس بهترين شاعر جي صف ۾ آڻي بيهاريو آهي. سندس شاعريءَ ۾ شامل رنگين احساس پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي احساسن کي به رنگين بڻائي ڇڏن ٿا.

سندس شاعري ۾ موزونيت ۽ موسيقيت به مڪمل نظر ايندي آهي.

خليل عارف جي ٻارن جي لاءِ ڪيل شاعري گهڻي مقبوليت ماڻي آهي. ان جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته سال- 1985ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو طرفان ڇپايل سندس شاعري جي مجموعي ”مهڪار“ جا هيل تائين چار ڇاپا مارڪيٽ ۾ اچي چُڪا آهن جڏهن ته پاڪستان سطح تي مختلف ٻولين ۾ ٻارن لاءِ تخليقي ادب تي محمود پبلشرز ڪراچي پاران سال 1992ع ۾ ايوارڊ ڏٺا ويا هئا. سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ بهترين شاعريءَ جو ايوارڊ سندس مجموعي ”مهڪار“ کي ڏنو ويو هو.

ٻارن لاءِ ڪيل سندس شاعريءَ جي بهترين خوبي اها به آهي جو، هن ٻار  جي سمجهه، سوچ ، ذهني سطح ۽ سندن ٻوليءَ کي ذهن ۾ رکي شاعري ڪئي آهي. سندس ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ جي مقبوليت جو راز پڻ سندس انهيءَ ڏانءُ جي پلئه پيل آهي.

سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ٻارن لاءِ ڪيل سندس شاعري جو ٻيو مجموعو ڇپرائي رهيو آهي جيڪا نه صرف خوش آئندهه ڳالهه آهي پر سندس شاعريءَ جي قبوليت ۽، ۾ سُٺي سنوڻ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿي. هن سان نه رڳو ٻارن کي نوان نڪور ۽ خوبصورت نظم ۽ گيت پڙهڻ لاءِ ملندا پر سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ٻارن لاءِ تخليقي ادب جي اڻاٺ کي ختم ڪرڻ لاءِ مثبت وک پڻ هوندي. 

 

عزيز ڪنگراڻي

گورنمينٽ ڪاليج جوهي

17- فيبروري 2009ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com