سيڪشن؛  ٻاراڻوادب

ڪتاب: ڇهه ڇهه پئسا ٻه ٻه پايون

 

صفحو : 2

انگريزي جي دور ۾ سندن ئي ترغيب تي جڏهن ٻارڙن لاءِ نثري نظم لکجڻ جي ابتدا ٿي ته ڪاڪو ڀيرو مل، شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، محمد صديق مسافر، جمع خان غريب ۽ ڪشنچند بيوس سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي شاعري جي پيڙهه جو پٿر بڻيا. دنيا جي ڪنهن به ادب ۾ سٺي ۽ فڪري ارتقا جي لاءِ ٻاراڻي ادب جي ايتري ئي ضرورت هوندي آهي، جيتري ڪنهن به اڏاوتي ڪم ۾ مضبوط بنياد جي. ڇو ته مضبوط بنياد تي ئي مضبوط  عمارت کڄي سگهندي آهي. انهن مٿين  سرموڙ شاعرن بيشڪ ته ٻارن لاءِ پنهنجي  ڏات جا رنگا رنگ گل، ادب جي ايوان ۾ ورکايا، پرا نهن سڀني مانوارن نالن مان ٻاراڻي شاعريءَ جي سرواڻ طور فخر سان جي ڪنهن جو نالو وٺي سگهجي ٿو ته اهو فقط ۽ فقط ڪشنچند بيوس جو ئي نالو ٿي سگهي ٿو. 1925ع ۾  جڏهن حيدرآباد مان ٻارڙن جو رسالو ”گل ڦل“ جاري ٿيو ته بيوس سائين نهايت سنجيدگيءَ سان پنهنجي ڏات  جي انوکي سوغات ٻارن کي ڏيڻ شروع ڪري ڏني ۽ جڏهن باقاعدگيءَ سان سندس ٻاراڻا گيت ”گل ڦل“ ۾ اچڻ لڳا، تڏهن ٻارن ۾ ڄڻ خوشيءَ جي  ڪائي سُريلي لهر ڊوڙي ويئي.، وري جو ٻارن لاءِ ڪراچيءَ مان ’گلستان‘ مخرن جاري ٿيو ته ان کي به سينگارڻ ۾ ”بيوس“ جون ٻاراڻيون ٻوليون بيحد مددگار ثابت ٿيون.

        ”بيوس“ سائينءَ جي ڌيءَ ”پورن ديوي“ لکيو آهي ته: ”بابا سائينءَ جا جيڪي به ”ٻال گيت“ آهن، سي هن پنهنجن ٻارن سان گهر ۾ راند روند ڪندي، ٻارڙن جي موج مزي ۽ سکيا لاءِ لکيا آهن. اُهي مڙيئي گيت هڪ ’آدرشي سنيهه پتا‘ جي تصوير آهن، جن جي لفظ لفظ مان ’پتا‘ جو پيار ڇلڪي رهيو آهي“ دادا هري دلگير گواهي ڏني آهي ته ”بيوس سائين شاعري ڄمي ويهي نه، پر ڳالهائيندي ٻولهائيندي، گهمندي ڦرندي، نهايت سولائيءَ سان ۽ منٽن ۾ تيار ڪري وٺندو هو.“ ڀاءُ تاج جويي جو انومان آهي ته ”هن جا موجي گيت“ ۾ شايع ٿيل سمورا گيت ۽ نظم، محسوس ٿئي ٿو ته هن گهر ۾ يا گهٽين ۾ ٻارڙن سان ڊوڙون پائيندي ۽  رانديون رهندي لکيا آهن ۽ سچ پچ لڳي ٿو ته آهي به ائين ئي!“ سندس ٻاراڻا نظم پڙهو ته جهڙا آرسين ۾ ٻار رانديون ڪندي ٺينگ ٽپا پيا ڏين ۽ هٿ ۾ هٿ ڏيو،د ائري ۾ ويٺا ڳائن ۽ خوش ٿين. بيوس جي انهن نظمن جي حيرت انگيز ڳالهه هي به آهي ته ٻاراڻن نظمن ۾ هن نوان نوان ۽ دلچسپ موضوع متعارف ڪرائي، منجهانئن رنگ ۽ خوشبو سميٽي جيڪو گدلستو ڪالهه جوڙيو هو، ان مان هر نسل جي ٻار جو وات ڄڻ کنڊ پتاشا ٿيندو رهيو آهي.

        ڇون ٿا ته بيوس سايئن ڪنهن به موضوع تي نظم ان وقت لکندو هو، جڏهن سمورو مواد، موضوع جو حسن ۽ مشاهدو هن جي ذهن ۾ مڪمل طرح سان گڏ ٿي ويندو هو ۽ ان کان پوءِ اُهو نظم  هن جي ڪاغذ تي ائين نقش ٿيندو هو، جيئن ميوو رسي راس ٿي ڌرتيءَ تي پنهنجو پاڻ ڪري پوندو آهي. مثال طور ’ريل‘ وارو نظم پڙهو ته انجڻ جي هلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. جڏهن ٻار پڙهي ٿو ته  ”ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون.....“ تڏهن لڳي ائين ٿو ته راند ئي راند ۾ سگنلس جي رنگن بابت معلومات  ته بس هُو ائين ئي پيو ڏئي: نظم جو اصل مقصد ته آهي ئي رڳو ٻار کي خوشي ڏيڻ.

ڳاڙهي جهنڊي ريل بهاري،

سائي جهنڊي جڏهن نهاري،

ڪوڪ ڪندي ٿي  ڇُٽي لڳايون

ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون.

        پکيئڙن ۾ مور، ڪبوتر، طوطا، جهرڪيون، ڪڪڙ، ڪڪڙيون، ڪٻريون ۽ جيتن ۾ پوپٽ، ڀنڀوريون ۽ جانورن ۾ ڪتا، ٻليون، گڏهه، گهوڙا، هاٿي، هرڻ، رڍون، ٻڪريون وغيره ٻارن کي پنهنجا دوست ڀاسندا آهن. خاص ڪري ڪتن ۽ ٻلين جي ٻچن کي ڪڇ ۾ ويهاري انهن جي نرم نرم بدن تي هٿ ڦيرائڻ يا ڪنهن مهل کين پڇ کان وٺي ڇڪ ڏيڻ، ٻارن لاءِ وندر جو من پسند وسيلو هوندو آهي. ڪُڪڙن کي هڪلڻ لاءِ ٻار جو من ڪيڏو نه اڇلون کائيندو آهي. بيوس سائينءَ ٻارن جي انهن من پسند جانورن، پکين ۽ جيتن جو ”راڻي باغ“ ڪيڏي نه ذهانت سان لفظن جي پڃرن ۾ بند ڪري، ڪاڳرن تي قائم ڪري ڏيکاريو آهي. وري هتي وڏي ڳڻ ڀري ڳالهه هي به آهي ته انهن ئي جانورن ۽ پکين جي عادتن ۽ خصلتن کي موضوع بنائي، ٻارن لاءِ عجب عجب پيغام به رکيا آهن ته اهي سندن سڀاو مان سبق پرائين. مثال طور پنهنجي نظم ”ڪُڪڙون ڪُون“ ۾ هن ٻارن جي وقت تي اٿڻ  سمهڻ ۽ وقت تي ڪم ڪرڻ جو سنيهو، ڏسو ته ڪيئن نه ذهانت سان لکيو آهي.

تارن ۾ تو لئه گهڙيال

وقت جو جنهن مان جاچين حال

ڄاڻين پهر بجا پلڪون

ڪُڪڙون ڪُون ۽ ڪُڪڙون ڪُون.

        بيوس جي هن نظم جو آهنگ ڏسو ته محسوس ائين ٿيندو، ڄڻ ڪڪڙ اسان جي ڪنن جي ويجهو ڪٿي ٻانگون پيو ڏئي: ”ڪڪڙون ڪون.....“ وري اڳتي هلي، ڪهڙيءَ نه مهارت سان،ر اند روند ۾ بيوس ٻارن کي پکين جي اهميت کان ڪيئن نه ڳالهين ئي ڳالهين ۾ آگاهه ڪندو ويو آهي.

ڳائي ڪڪڙون ڪون جو راڳ

ستلن کي ٿو ڪرين سجاڳ

جاڳين ۽ جاڳائين تون

ڪُڪڙون ڪُون ۽ ڪُڪڙون ڪُون.

        هوائن مان پکين ۽ جيتن جا آواز جهٽڻ ۽ چرندڙ تصويرن کي لفظن ۾ ڏيکارڻ، بيوس سائينءَ جي ٻاراڻن نظمن جون خاص خوبيون آهن. مثال طور ٻارن کي چنڊ ۽ تارا ڏاڍا وڻندا آهن ۽ رات جو آڪاس ۾ پيا نهاريندا ۽ چنڊ ستارن بابت وڏڙن کان سوال پيا پڇندا آهن ۽ فطرت جي اها جهرمر ٻارن کي ڪيڏو نه وڻندي آهي! نظم ’تارن ڀري رات‘ ۾ ٻار جي تارن سان هيءَ گفتگو، هي مڪالمو ٻڌو ۽ معصوم ٻار ۽ چنچل ستاري کي تصور ۾ آڻي ڏسو، ڇا ته مزيدار منظر آهي:

آءُ لهي تون تارا آءُ

مون سان گڏجي ماني کاءُ

ڇو مچڪائين خالي وات

ٽمڪ ٽمڪ تاريلي رات.

        اوهان ڏٺو ته هي دلچسپ لقاءُ! هيٺ اجهو ٻار ماني پيو کائي ۽ مٿان آسمان تي ستارا وات مچڪائي رهيا آهن. ٻار ستارن کي چوي ٿو ته هيٺ لهي، مون سان گڏجي ماني کاءُ. هري دلگير هن نظم بابت ڪيڏي نه سهڻي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته ”اهي خيال ئي ٻار جي جذبات جي سچي ترجماني ڪن ٿا.“

آءٌ لڪ ڇپ راند رچايون

گڏجي هڪ ٻئي کي وندرايون

تون ڪر جهات ڪريان مان هات

ٽمڪ ٽمڪ تاريلي رات

نظم ’ڦوڪڻو ملوڪڻو‘ ته بيوس سائينءَ جي بهترين نظمن مان هڪ آهي. ايڏو لسو،ا يڏو سنگيت سان ڀريل، جيئن پُسي مٺي پاڻيءَ يا انگور – رس  سان ڀريل هوندو آهي. نظم جو ذائقو سچ  پڇو ته  ٻار لاءِ ”اگلو آئسڪريم“ يا ”چوڪ بار“ کان وڌيڪ مزيدار آهي.

        ٿورو تصور ڪيو: ڦوڪيل، مٽولا، گول گول وڏا ڦوڪڻا، ٻارن لاءِ ڪيڏي نه ڪشش رکندڙ هوندا آهن. رنگارنگي ڦوڪڻن  جا ڌاڳا هٿ ۾ جهليندي ٻار بنهه ائين خوش ٿيندا آهن، ڄڻ کين سڀ رنگ هٿ اچي ويا هجن. هي نظم، بقول تاج جويي جي، ٻار جي جذبات جي بهترين عڪاسي ڪري ٿو. هڪ ننڍڙو ٻارڙو کيسي جي خرچيءَ مان ڦوڪڻو خريد ڪري ٿو ۽ ٻيو وڏو ٻار کانئس ڦوڪڻو وٺي کيس ڦوڪي ڏئي ٿو. ان وقت ننڍڙي ٻار کي سڀاويڪ طور ڊپ ويڙهي وڃي ٿو ته متان سندس ڦوڪڻو گهڻي ڦوڪجڻ سان ڦاٽي نه پوي، ٻار جي ان بيقراريءَ ۽ اتاولائيءَ کي بيوس ڪيڏي نه دل بهار  انداز ۾ چٽيو آهي.

ڦاٽي پوندو سبي نه سگهبو

ٽئنڪر ڏيندي ٽوٽڻو

ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو

منهنجو آهي ملوڪڻو.

        هتي وري اسان جي رهنمائي هڪ دفعو ٻيهر دادا هري دلگير جا هي لفظ به ڪن پيا ته ”هڪ سٺي ٻاراڻي نظم جي خوبي اها آهي ته ٻار ان نظم کي  سمجهي سگهي، ان مان کيس رس اچي ۽ هو ان کي ڳائي به سگهي.“

        ”مٺڙا گهوڙا اوري آءُ“ ۽ ”هل ته ڀنڀوري ڀُڻون بزار“ ته بيوس سائينءَ جي بهترين نظمن ۾ شماري سگهجن ٿا. وقت جو واءُ ۽  اڌ صديءَ جي لٽ به هنن نظمن جي معصوم مک جي ڪشش، رنگ ۽ خوشبوءَ تي اثر انداز نه ٿي سگهي آهي، مٺڙيءَ سنڌ جو ڪهڙو پڙهيل لکيل سپوت هوندو، جنن جي نظر مان هي عاليشان نظم نه گذريو هوندو.

مٺڙا گهوڙا اوري آءُ

خوب خوشيءَ سان داڻو کاءُ

پنهنجي منهن تان لاهه لغام،

تازو گاهه هلي چر جام

 

جڏهن شام  جا وڄندا پنج

توتي وجهندس سهڻا سنج

ٻالڪ چوندا ڊ وڙو ڊوڙو

ڏسو ڪڪي جو سهڻو گهوڙو

        ٻاراڻن نظمن ۾ جانورن سان ڪهل ۽ محبت جو جهڙو مثال، هن نظم جي هنن سٽن ۾ سمايل آهي، شايد ئي ٻئي ڪنهن نظم ۾ اهڙو اثردار هوندو.

توڙي هٿ ۾ چهبڪ کڻندس،

مٺڙا توکي مور نه هڻندس.

        بيوس سائينءَ جا نظم محض وندر ورونهن  لاءِ ئي ڪونه آهن، پر هر موضوع تي لکندي ان ۾ هن جانورن، پکين ۽ جيتن جون خصوصيتون ۽ گڻ بيان ڪري، انهن ڏانهن ٻارن کي نه فقط باخبر ڪيو آهي، پر ان مان سبق حاصل ڪرڻ  جو اَڻسڌيءَ طرح سنيهو به ڏنو آهي.

ڏينڀوءَ جهڙو سونو رنگ

پرنه هڻين ٿي ڪنهن کي ڏنگ

تنهن لئه توسان آهي پيار

هل ته ڀنڀوري ڀُڻون بزار

        ائين  به ناهي ته بيوس سائين ٻارن کي رڳو ڪي سنجيده سڀاو وارا نظم ارپيا آهن ۽ رڳو هدايتون ۽ سمجهاڻيون ئي ڏنيون آهن، پر گڏوگڏ ٻارڙن ۾ کل خوشيءَ وارا جذبا بيدار ڪرڻ لاءِ پڻ سنديس ڏنا آهن.

ڪريو راند ۽ روند ٽهه ٽهه ڪري

غمن ۾ گهڙي ڀي نه گهارڻ کپي.

        ٻارن جو پيار ٺڪرن ٺوٻرن سان به ذرا زياده ٿيندو آهي، ته انهن ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو:

 

ڪوڏ ٺڪر ۽ ڪاڳر ڪانا

خاصا تولئه خاص خزانا

        ٻالڪ آئنده جو ابو آهي، تنهن جي مٺي مهانڊي، پيار ڀري دل، ٻالي ڀولي صورت ۽ مٺڙن ٻولن، استاد بيوس جي دل ۾ گهري ڇاپ ڇڏي آهي. ان ڪري ٻالڪ کي پڪاري چوي ٿو.

ٻالڪ ننڍڙا تون گل ڦل

رهين سڀن سان ٿي رل مل

مٺو مهانڊو ڇا من مهڻو

ڏوتل گل کان سندر سهڻو

صورت تنهجي ٻالي ڀولي

ڇا ٻاتيلي تنهنجي ٻولي

        ٻارن ۽ شاعرن لاءِ ازل کان ”چنڊ“ ڪشش جو وڏو ڪارڻ رهيو آهي. اسان جو بيوس، جو شاعر به هو ۽ ٻار جهڙي معصوم دل رکندڙ انسان پڻ، تنهن ڏسو ”چنڊ“ کي ڪهڙي نه سادي ۽ سلوڻي انداز ۾ اسان جي اکين اڳيان آڻي بيهاريو آهي.

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال

چوکي تنهنجي چنچل چال.

        اڳتي هلي نظم ”چنڊ“ ۾ ڏسو ته هن ٻارن جي معلومات ۾ ڪهڙي نه آسان انداز ۾ اضافو ڪيو آهي.

اُڀ ۾ اُڀري نو لک تارو

تو راجا بن آهي انڌارو

تارن جي توسان نه  مجال

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال

        هن ئي نظم جي ٻين مصراعن ۾ معلومات ڏيندي بيوس سائينءَ ٻارن کي ٻڌايو آهي ته چنڊ کي پنهنجي ڪائي جوت ڪانهي. اها ان کي سورج وٽان اڌاري ملي ٿي يا چنڊ جڏهن پهرين تاريخ تي اڀري ٿو ته اهو ”لاٽ“ وانگر ٿئي ٿو ۽ چوڏهين تاريخ تي سندس چوڌاري چمڪاٽ ٿين ٿا. هن نظم جي حوالي سان هري دلگير لکيو آهي ته هي نظم ”بيوس“، يقينن ٻارن جي سکيا ۽ انهن جي معلومات ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ ئي لکيو آهي.

        ۽ هاڻي ٿورو ٻارن جي پينگهه ’Sea Saw‘ جو ڏيک ڏسو، جنهن  ۾ هڪ ساهيڙي ٻي ساهيڙيءَ کي سڏي چوي ٿي:

آءُ ته ادڙي راندڪ ڏون

تختي واري پينگهه لڏون

هڪڙي هيٺ مٿي ٻي ٿيندي

پينگهه مزي سان لوڏا ڏيندي

        هن نظم جي وچ ۾ بيوس  ڇا ته مزيداري رکي آهي جو ان ۾ ڪتي جي موجودگيءَ سان نظم جي منظر ۾ ڏسندي ’Sea Saw‘ جي جهولڻ جو مزو به اچي ٿو ۽ ڪتي جي ڪنڌ ڌوڻ تي کل به نڪريو وڃي.

هڪڙي هيٺ مٿي ٻي ٿيندي

پينگهه مزي سان لوڏا ڏيندي

ڪتو به وچ تي پيو واجهائي

ٿورا ٿورا لوڏا کائي

        وري ”بدڪون ۽ ڪتا“ واري گيت ۾ ڏسو ته ڪيئن نه همدرد دل واريون ٻولڙيون ٻوليون اٿس:

نه وڌ منهنجي بدڪن سُٺين ڏي ڪُتا

هجن شل هي قائم سدا اي ڪتا

مون پاليون نپايون هي پاٻوهه سان

نه جهل تن کي ڊوڙي اچي ڊوهه سان.

        ٻار جڏهن اهڙا گيت ۽ نظم ڳائيندو، جنهن ۾ قرب، پيار، همدردي، سچ ۽ سونهن سان گڏ روزانه واري زندگيءَ ڏانهن به اشارا هوندا ته ازخود ٻارن تي سٺا اثر پوندا ويندا. پکين پسن جي عادتن ۽ انهن جي جيوت جي باري ۾ ٻارن کي ههڙي وندر ورنهن ۾ سيکارڻ، ڪيڏو نه سٺو ۽ اثرائتو طريقو آهي. وري سون تي سهاڳو اهو جو جيڪي ٻار هي نظم هڪ دفعو پڙهن ٿا، پوءِ سڄي زندگي انهن جو هنن نظمن سان ڄڻ رت جو رشتو جڙيو وڃي.

آيو پاڻي ليٽ ڪري

ڪاغذ جي هي ٻيڙي تري

ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي

مون هي پنهنجي پاڻ بنائي

ڦوڪ ڏيڻ سان لهرون ٿينديون

ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون

ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي

مفت ۾ ايندي مفت ۾ ويندي

        اها ته اسان بيوس سائينءَ جي انهن معصوم ۽ موهيندڙ نظمن جي جهلڪ ڏٺي، جيڪي لڳ ڀڳ پنجن ستن سالن جي ڄمار وارن ٻارن لاءِ هن لکيا هئا. ٿورن وڏيرڙن يعني چوڏهن پندرهن سالن جي ڄمار وارن شاگردن لاءِ لکيل بيوس سائينءَ جا نظم پڻ پنهنجي وجود ۾ انوکا موضوع ۽ انوکا سنگيت رکندڙ نظم آهن.هر موضوع تي نظم  جوڙيندي هن نهايت مهارت سان لفظ لفظ ۾ موسيقيءَ جا مينهن وسايا آهن. اهوئي نه، سٽن ۾ موسيقيءَ جي لهر روان دوان رکڻ لاءِ هن هر هڪ مصرع جي اندر قافين سان قافيا ملائي پنهنجي فن جي وياکتا به ڪئي آهي.

آيا مڙي، بادل کڙي، آيا ٽڙي ٽانگر به خوب

پڻ چڙي ٺاري نڙي، گهر ۾ گهڙي ٿڌڪار ۾.

        بيوس پنهنجو اهو نظم ”برسات“ 1901ع ۾ لکيو هو، جڏهن هو سورهن سالن جو ڇوڪرو مس هو. نقادن هن جي ان ئي نظم کي هن جي پهرين ”بالغ ڪوتا“ به ڪري سڏيو آهي، نظم جي فني گهڙت جو جائزو وٺبو ته بيوس ان جي هڪ هڪ مصرع ۾ پنج ڇهه قافيا ائين ويهي جڙيا آهن جو پڙهندڙ تي مستيءَ جو خمار چڙهيو ٿو وڃي ۽ نظم پڙهندي برسات جي بوندن جي رم جهم ۽ ڪڪرن جا گوڙ گڙڪا بلڪل چٽا ٻڌڻ ۾ پيا اچن:

رعد رڙڪا، گوڙ گڙڪا خوب ڪڙڪا ٿو ڪري

پڻ تنبورا ساز سُرندا سارنگن جي سار ۾

پي پپيهو خوب پاڻي، ڍؤ منجهان ڍاپيو گهمي

بلبليون چيها چتون آهن لڳا للڪار ۾.

        نظم ”ندي“ ۾ وري نديءَ جي آتم ڪهاڻي آهي. هي نظم به بنهه نديءَ وانگر رنگا رنگ ڪنول جي گلن سان ٽمٽار نظر اچي ٿو. سُر سان جهونگاريو ته فضا ۾، نديءَ جي ڌيرج ڀري وهڪري جو آواز چوڏس ٻُرندو پيو ڀاسندو.

 

کيتن ۾  جي خوشيءَ سان، ڪنهن وير پير پايان،

ڀنڊار برڪتن سان سرسبز سي بڻايان

گلزار ۾ گلن جا ڪي رنگ ٿي رچايان

ڌرتيءَ جي فرش تي ٿي، ته مخملي وڇايان

 

منهنجي ڦڙي ڦڙي ۾ جلوو ۽ جان آهي

هر جيو جي رڳن ۾ منهنجو نشان آهي.

        نظم ”آسمان“ به اسڪولي شاگردن لاءِ لکيل آهي. هن نظم ۾ به ”ندي“ نظم وانگر روانيءَ جو مستم مهراڻ موجزن آهي.

اي آسمان نيلا

تارن سندا وسيلا

سهڻا لغڙ سدائين، ٿو انڊلٺ مان ٺاهين

بادل مٿان اُڏائين، ڇا راند ٿو رچائين

ڇا صبح سون – ڏنگي

ڇا شام لعل – رنگي

        انڊلٺ جي رنگن مان سهڻا لغڙ اڏائڻ، بادلن جي اڏامڻ کي راند رچائڻ سان ڀيٽ ڏيڻ، بيوس جو ئي فني ڪمال آهي. هن نظم ۾ عام رواجي خيال نه پر هڪ تخليقي سوچ سمايل آهي جيڪا ٻار جي ذهن کي محدود نٿي ڪري، پر ان کي اعليَ خيالن جي هندوري ۾ لوڏي منجهس اتم خياليءَ کي جنم ڏئي ٿي. هن ئي نظم ۾ ”آسمان“ جي وسعت ۾ رهندڙ سج ۽ چنڊ جي موجودگيءَ کي بيوس اڀ جون اکيون سڏي، ڪيڏي نه تخليقي انداز ۾ انهن کي شاعريءَ جو موضوع بنائي ڇڏيو آهي.

تيزي نظر نهارين

ڌرتيءَ تي باهه ٻارين

ماٺي نگهه سان ٺارين

ٿوهيٺ کير هارين

تنهنجا ٻه نيڻ نيارا

سج چنڊ نانو وارا.

        ”مکڙيءَ جي بيتابي“ پڻ بيوس سائينءَ جو شاگردن لاءِ لکيل هڪ لافاني نظم آهي. منجهس ڏيکاريل آهي ته ننڍڙي مکڙي بيتاب ۽ اُتاولي آهي ته جلد از جلد گل بڻجي پوي ۽ سنسار کي وقت کان اڳ سرهاڻ ڏئي. پر شاعر کيس چوي ٿو ته مکڙي اجائي تڪڙ نه ڪر. وقت اچڻ تي پاڻ ئي کلي ٽڙي پوندينءَ. هن نظم ۾ به پڙهندڙن لاءِ وڏو سنيهو رکيل آهي ته تڪڙ اجائي شيءِ آهي. نظم جو پهريون ۽ آخري بند پڙهي ڏسو.

سُرهي سڳنڌ آهيان

ٻاهر اچڻ ٿي چاهيان

هي ڪوٽ ڪيئن ڊاهيان

پردي جو پئد لاهيان

ڪڏهين بهار ايندو

کوپو خلاص ٿيندو

-

جيسين اڃا ڪچائي

بيوس اندر سمائي

تيسين تڪڙ اجائي

مکڙيءَ کڻي مچائي

اندريون اُڇل جي ڏيندو

ٻهريون نه سٽ جهليندو.

        ”اسڪائوٽ“ کي موضوع بڻائي لکيل بيوس سائينءَ جو هي نظم اڌ صديءَ کان به اڳ جو لکيل هجڻ جي باوجود به جهڙوڪر اڄ جو لکيل ٿو لڳي. ڪالهه وانگر ”اسڪائوٽ“ اڄ به شاگردن لاءِ ساڳيءَ ريت سماجي راند ۽ خدمت جو درجو رکي ٿو  ۽ ان جو متو اڄ به اهوئي آهي جيڪو هن نظم جي سٽ سٽ ۾ سمايو پيو آهي. هن راند ۾ شاگردن جون مشغوليون ڪهڙيون ڪهڙيون  هونديون آهن ۽ انهن جو مقصد  ڇا هوندو آهي، ان جو تت بيوس سائين اجهو هيئن ڏنو آهي:

آهه بيوس هن تحرڪ ۾  ڌريل جادو اثر

ٿو ڪري ٻارن کي ڦيري شير بانڪو، تيار رهه!

        اسڪول ۾ پلڪار هڪ عام رواجي اوزار هوندو آهي جو جاميٽري ۽ ڊرائنگ ۾ ڪم ايندو آهي. ان جو مثال ڏيئي، ڏسو بيوس جهڙو مفڪر شاعر ڪيڏو نه سولائيءَ سان  وڏو فڪر شاگرد کي ڏيندي چوي پيو ته:

پير هڪ پلڪار وانگر جي رهي مرڪز مٿي

پير ٻئي سان پڙ ڦرڻ ۾ ڪانه اوکائي اچي.

        ”سنڌ سونهاري“  نظم ۾ وري سنڌ جي پوري جاگرافيائي حدن ويندي سنڌ جي مشهور پوکن جو نهايت وڻندڙ انداز ۾ ذڪر سمائي، شاگردن کي وڏي معلومات هڪ ئي هنڌ هٿيڪي ڪري ڏني ويئي آهي ۽ فقط اهوئي نه، بيوس سائين هي معلومات به شاگردن لاءِ فراهم ڪئي آهي ته سنڌ جو ڪهڙو طبعي ڀاڱو ڪهڙي پوک ۽ ڪهڙي جنس کان مشهور آهي.

ڪڻڪ جو جابجا داليون ۽ تيلي ٻج به ڪٿ ڪٿ ٿين،

سروٿر، ٻاجهري، جوئر، وچولي لاڙ ۾ ساري.

ڪيا ماڙي عجب واري، منهوڙي تي مزيداري،

ڪلفٽن جي برج ڀاري، ڏياري ياد ڪوٺاري

        سنڌ ۾ ڪڙميءَ جي پوئتي هجڻ جو ڪارڻ سندس علم کان دوري ئي آهي. بيوس سائين ڪڙميءَ کي پنهنجي حالت سڌارڻ لاءِ ڪهڙو نه وقتائتو ۽ اهم پيغام ڏنو آهي.

علم سان پاڻ سڌاري تي اگر چاهه رکين

هوند حالت نه رهي تنهنجي نماڻي ڪڙمي.

        سندس نظم ”محنت“ به اهڙن ئي جيءَ جياريندڙ  ۽  همٿ  ڏياريندڙ جذبن سان ڀرپور آهي.

ڪر ڪوشش سان کيتي واڙي

وڍ جهنگ کڻ تون ڪوڏر  ڪهاڙي

محنت جنهن جي آهي اڳياڙي

سرهي تنهن جي آهي پڇاڙي

مند مٿي  ٿي پوک تيار

محنت ڪر تون محنت يار.

        سچ جي واکاڻ ڪندي، ان جي خوبين جو تت ڪڍي، شاگردن کي ترغيب پيو ڏئي ته:

سچو بيوس رڳو رهبو ته ٻيا گڻ ڊوڙندا ايندا

سچو چتُ چاهه مان ازخود وڃي پوندو سچائيءَ تي.

        نظم ”ڪتن جي ويڙهه“ ۾ شاعر، اٻوجهه ماروئڙن کي سنڌ ۾ وڏيرن جي چالبازين کان آگاهه ڪندي، سمجهاڻي ڏئي اهو  ٻڌايو ۽ سجاڳ ڪيو آهي ته ڪنهن زورآور ۽ زردار جي چرچ تي اسان مسڪين ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهڻ نٿو جڳائي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان غريب ماڻهوءَ کي پلئه پوندي آهي رڳو خلق خواري ۽ ٻيو ڪجهه به نه.

ڏسو ڪتن جي لڳي لڙائي

خلق تماشو ديکڻ آئي.

گگدامن کي ساس پيارو

ڪا ساين کي ماس پيارو

مروان موت ملوڪان شڪار

الٽو دنيا جو وهنوار

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com