سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٽي گهر

 

صفحو : 8

 

باب ستاويهون

 

برف ۾ ٻن ماڻهن جا پيرا

 

         انهيءَ وچ ۾ ”مارٽن“ ماٺ ڪري ڪين ويٺو.  پهرين خيال هوس ته گهوڙي تي چڙحي ’آلٽن‘ وڃي ۽ اتي پڇا ڪري ته اسٽيشن تان ’لارڊ گلينلن‘ ڪو آگ گاڏيءَ تي چڙهيو، جو شڪ هوس ته لنڊن ويو هوندو، پر ڪڙهه تائين ويندي، برف تي صفي جي دريءَ جي ٻاهران، ۽ اتان وٺي باغ تائين ٻن ماڻهن جا پيرا ڏٺائين، پيرا ڇوڪرن جا هئا، جنهن ڪري شڪ پيس. پر باغ جي لوڙهي وٽ پيرا بيهي رهيا، جو انهيءَ جي ڀرسان سڙڪ هئي، انهيءَ تي خبر پئجي نه سگهي ته اهي پيرا ڪهڙي پاسي هليا.

”هن ٻه پيرا ڏٺا، پر خيال ۾ نه آيس ته ٻه ڪيئن ٿيا. هڪڙو ته کڻي گلينلن هوندو، پر انهيءَ سان ٻيو ڪير هوندو؟ هڪڙيءَ ڪري ’رالف‘ جو به گمان پيس ٿي جو ڄاتائين ته ’رالف‘ کانسواءِ ’گلينلن‘ ٻئي ڪنهن سان ڪين ويندو. پيءُ ڪري اهو اعتبار نٿي آيس ته ’رالف‘  جهڙو چڱو ڇوڪرو اهڙو ڪم ڪيئن ڪندو، جو ’گلينلن‘ کي ٺڳاري پاڻ سان وٺي ويندو ۽ اهو الزام پاڻ تي آڻيندو.

صفي جي دريءَ وٽ هڪڙي ڇوڪر جا پيرا هئا، جي هلي باغ ۾ اچي ٻئي جي پيرن سان گڏيا آهن- ۽ پوءِ ٻئي گڏجي باغ مان هلي، سڙڪ تائين آيا آهن. دريءَ جي ويجهو باغ وٽ ٽئي ماڻهو جا به پيرا هئا، جي پوءِ لڙي، جاءِ جو پاس ڏيئي پٺئين در ڏي ويا آهن.

شڪ لاهڻ لاءِ، مارٽن، گهوڙي تي چڙهي ”گرينج“ تي آيو. ٻاهران ڪرسٽيءَ کي ڏٺائين، جو ڪتاب کنيو بيٺو هو. هميشه وانگي بلڪل ملول ۽ غمناڪ ڪين هو. البت چهرو بهتر ٿي ڏٺس. ”مارٽن“ گهوڙو لوُڙهي جي ڪاٺين سان اٽڪائي، وڃي ”ڪرسٽيءَ، کي هٿ ڏيئي گڏيو ۽ چيائينس ته ”ڪرسٽي، آءٌ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان جو تون اڄ البت خوش ٿو ڏسجين.“

”ڪرسٽيءَ چيو ته ”مارٽن ، خدا جو شڪرانو آهي.“ ”مارٽن، وري چيو ته ڀانئجي ٿو ته رالف وٽان ڪو خط پٽ آيو اٿئي؟“

’ڪرسٽيءَ‘  چيو ”خط پٽ ڇا، مون ڏٺو به اٿمانس!“ مارٽن کي ڇرڪ پيو، ۽ شڪ جيڪو پيو هوس، سو پڪو ٿيڻ لڳس. پڇيائين ته ”ڪيئن ڏٺو اٿئيس؟.... ڪڏهن؟“

هن چيو ته ”ڪالهه صبح جو.“ پوءِ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس ۽ اهو به چيائين هو پڪو  انجام ڪري ويو آهي ته ڇهين ٻاهرين مهيني وري ايندس ۽ پوءِ  رهي پوندس. ’ڪرسٽي‘  سمجهيو ته ”مارٽن“ ”رالف“ جو پڪو دوست آهي،  تنهن ڪري اها خبر ٻڌي خوش ٿيندو، پر ’مارٽن‘ پاڻ ملول ٿيو ۽ چيائين ته ”ڪرسٽي، تون هي ڇا پيو چوين!“

تنهن تي هن پڇيس ته ”مارٽن ڇو، ٻيو ته خير آهي؟“ ”مارٽن“ ورندي ڏني ته ”ڪرسٽي“ منهنجي دل نٿي چوي ته توکي ٻڌايان... گلينلن به گهر مان ڀڄي ويو آهي، ۽ مون کي شڪ ٿو پوي ته اهو به رالف سان ويو آهي!“

’ڪرسٽيءَ‘ چيو ته ”رالف سان؟ ائين ڪڏهن نه هوندو. هو بنهه ڪالهه ٻپهرن جو مون وٽان ويو آهي. تنهن کانسواءِ جي گلينلن وٽ وڃڻو هجيس ها، ته مون کي ٻڌائي ها. متان توکي شڪ آهي ته رالف، گلينلن کي ٺڳاري ڀڄائي ويو آهي؟ پر، هو اهڙو ڪم ڪڏهن ڪرڻ وارو آهي!“

تنهن تي ”مارٽن“ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. ته ڪيئن باغ ۾ برف تي ٻنهي جا پيرا ڏٺا هئائين ۽ ڪيئن سندس شڪ انهيءَ ۾ هو. ”ڪرسٽيءَ“ ماٺ ڪري اهو ٻڌي، وري به  چيو ته ته ”مارٽن، ظاهري شڪ اهڙو پوي ٿو، مگر حقيقت ڪري انهيءَ جي پٺيان ٻي ڪا ڳالهه هوندي، جنهن جي اسان کي خبر ڪانهي. تون رالف ۾ اهڙي بدگماني ڪرين ته ڀلي ڪر، مگر مون کي هر ڪنهن طرح سان يقين آهي ته هو اهڙو ڪم هرگز نه ڪندو- آءٌ هن جو چڱو واقف آهيان. پاڻيهي هڪڙي ڏينهن اها ڳالهه کلندي ۽ تون ڏسندين.“

’مارٽن‘ چيو ته ”ڪرسٽي، تو کي خبر آهي ته منهنجي رالف سان گهڻي محبت آهي ۽ هن جي نسبت ۾ تمام چڱي راءِ آهي، مگر ٿورن ڏينهن کان هن جو هوش جاءِ نه آهي. هن ڀڄي وڃڻ جو غلط ڪم ڪيو، اسان کي ڪوشش ڪري هن کي موٽائي پاڻ وٽ آڻڻ گهرجي، ڪا خبر اٿيئي ته تو کان موڪلائي پوءِ هو ڪهڙي پاسي وڃڻو هو؟“

ڪرسٽيءَ ورندي ڏني ته اها خبر مون کي پوريءَ طرح نه ٻڌايائين، پر هو هن پاسي ٻنين مان لنگهي، ٻيٽ جي پريان هليو ويو.“

”مارٽن“ چيو ته  ”بس، هاڻ مون سهي ڪيو! اهو چارو ’پورٽ لايس“ ڏي ٿو وڃي. آءٌ انهيءَ پاسي گهڻو ويو آهيان، آءٌ هڪدم گهوڙو ڪاهيو ٿو وڃان، ۽ آسپاس گهمي خاطري ڪندس. هاڻ الهه واهي، ڪرسٽي، خوش ٿي دل نه لاهه!“

*   *  *  *  *

پر ”ڪرسٽيءَ خوش ٿيڻ جي بدران پاڻ زياده غمگين ٿيو. ماڻس سندس منهن ڏسي هڪدم سهي ڪيو ته ڪا خراب خبر ’رالف‘ بابت ٻڌي اٿس. پڇائينس ته ”ڪرسٽي، ڪا ٻي وڌيڪ انتظار جهڙي ڳالهه ٻڌي اٿئي، ڪيئن؟“

هن چيو ته ”هائو، امان.“

ماڻس پڇيو ته ”وري ڏٺو اٿئيس، يا وٽانئس ڪو خط آيو اٿئي؟“

ڪرسٽي، بابا جي هو ڪٿي ويجهو هجي، ته مون وٽ وٺي اچينس...“

ڪرسٽيءَ ورندي ڏني ته ”امان هو ڪالهه ئي هليو ويو پر....“ هن وڌيڪ ڪين چيو ۽ منهن پاسي ڪري ڳوڙها اگهڻ لڳو.

’مسز ڊگلس‘ پڇيس ته ”پر ڇا؟“

هن چيو ته ”لارڊ گلينلن به ڀڄي ويو  آهي، شڪ آهي ته هو ٻئي گڏ ڀڄي ويا آهن، ۽ رالف هن کي ٺڳاري گهران ڪڍي ويو آهي. ويچارو رالف! سڀڪو سندس برخلاف ٿي بيٺو آهي، ڪو به ڪونه ٿو ڀانئيس، ڪنهن جو به مٿس اختيار ڪونهي....!“

ماڻس چيو ”ڪرسٽي، اسين ته ڀانيونس ٿا، ۽ اسان جو ته مٿس پورو  اعتبار آهي! ڪهڙيءَ ڳالهه ڪري ماڻهو ائين ٿا سمجهن؟“

”ڪرسٽي، ”مارٽن“ واري ڳالهه ڪري ماءُ کي ٻڌائي. وري به ٻنهي ويچار ڪري، هڪٻئي کي اها تسلي ڏني ته ’رالف‘ اهڙو ڪم ڪڏهن نه ڪيو هوندو. جڏهن مانيءَ جي مهل مسٽر ”ڊگلس“ کي گڏيا، تڏهن هن کان معلوم ٿين  ته ’گلينلن‘ جي ڀڄي وڃڻ ۽ ”رالف“ ۾ ان جي ڀڄائي وڃڻ جي شڪ پوڻ جي خبر هن کي اڳي ئي پيئي هئي ۽ انهيءَ ڪري هو ماٺ ۾ هو. اگرچ ’رالف‘ جي نسبت ۾ چڙ ۽ ڏک به هوس، ته به ايترو سندس ڳالهائڻ مان معلوم پئي ٿيو ته هن کي به ’رالف‘ ۾ ٻئي جي ٺڳاري وٺي وڃڻ جو شڪ نٿي پيو.

*   *    *   *

’مارٽن‘، گرينج‘ مان ٿي سڌو ’پوٽ لايس‘ ڏي ويو ۽ اتي پڇا ڳاڇا ڪرڻ سان معلوم ڪيائين ته سندس گمان برابر هو. ماڻهن اتي ٻه ڇوڪر ڏٺا هئا، هڪڙي تمام وڏي پوشاڪ هئي ۽ ٻئي جا ڪپڙا سادا هئا، پر تڏهن به سکر ماڻهوءَ جو پٽ ٿي ڏٺو. ۽ هو انهيءَ ڏينهن صبح جو، سي ميڊ، جهاز ۾ چڙهي لور پول ڏي روانا ٿيا هئا.

اها خبر لهي، ’مارٽن‘ موٽي گهر آيو. ايتري ۾ شام اچي ويجهي ٿي – سياري جو سج هو. سيءُ پوڻ لڳو، برف به شروع ٿي. مانيءَ لاءِ سندس واسطي گهرن جا ڀاتي ترسيا ويٺا هئا.

صفي ۾ ’لارڊ ڊانرل‘  به ويٺو هو. جو ’سرهيزيءَ‘ انهيءَ ڏينهن دعوت ڏني هيس ته ڀلي سندس صحبت ۾ دل وندريس ۽ پٽ جي ڳالهه وسري وڃيس. ”مارٽن“ جهٽ ۾ باهه تي ڪوسو ٿي مٿي پنهنجيءَ جاءِ ۾ وڃي ڪپڙا بدلائي، ماني کائڻ لاءِ سنڀري آيو. اتي هن هنن کي خبر ٻڌائي. جا هو ٻڌي خوش ٿيا، ۽ سندس شڪر گذاري به ڪيائون، جو گم ٿيل ڇوڪرن جو پتو لهي آيو هو.

”سر هينريءَ هڪدم اها رٿ ڪئي ته پاڻ ”لارڊ ڊانرل“ لورپول وڃن ۽ جي مسٽر ”ڊگلس“ هلي، ته انهيءَ به پاڻ سان وٺيو وڃن- پوءِ جي ڇوڪرا اتي هٿ اچن، ته انهن کي موٽائي گهر وٺيو اچن، سجهين ٿي ته پاڻ گاڏيءَ ۾ ويندا، تنهن ڪري جهاز جي پهچڻ کان اڳي اتي ويندا.  ٺهراءُ ڪيائون ته رات گذاري، ٻئي ڏينهن صبح جو اوڏي روانا ٿين. مسٽر ڊگلس“ ڏي به نياپو موڪليائون. قاصد، واءُ برف ۾ ڏکيو سکيو“ ’گرينج‘ ڏي ويو، ۽ موٽي جواب وٺي آيو ته مسٽر ”ڊگلس“ به هلڻ لاءِ تيار ٿيو آهي.

جڏهن ”ارل“ وڃي ستو تڏهن ’مارٽن‘ پيءُ کي چيو ته ”بابا، مون کي وٺي هلندؤ؟“ 

’سر هينريءَ‘ چيو ته ”چڱو، مارٽن. اڄ تو چڱو ڪم ڪيو آهي. ۽ انهيءَ جي عيوض ۾ توکي خوش ڪنداسين.“ پوءِ پيار مان ’مارٽن‘  جي مٿي تي هٿ رکي چيائين ته ”خدا  جو شڪرانو ٿو ڪريان ته جڏهن اسان جن دوستن ۽ پاڙيسرين جي پٽن پنهنجن پيئرن کي فڪر ۽ انتظار  ۽ تڪليف ۾ وڌو آهي، تڏهن منهنجو پٽ منهنجي لاءِ خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جو سبب ٿيو آهي!“

’مارٽن‘ پيءُ جي منهن ۾ نهاري چيو ته ”بابا سائين، انهيءَ جو سبب اهو آهي ته اوهان جي مون سان گهڻي محبت آهي ۽ اوهين مون تي هميشه مهربان آهيو. آءٌ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان، جو اوهان مون کي پاڻ سان هلڻ جي موڪل ڏني آهي. منهنجي هلڻ ڪري، اميد آهي ته اوهان کي مدد ملندي، ڪا روڪ ۽ اٽڪ نه ٿيندي.“

جڏهن صبح ٿيو، تڏهن هنن پنهنجو ارادو ڦيرايو. ”پورٽ لايس“ مان هڪڙي عملدار اچي خبر ڪئي ته هوا سخت لڳڻ ڪري ”سي ميڊ جهاز پرتي وڃي نه سگهيو هوندو- ضرور  ساٺيڪي ميلن پنڌ تي، ”ڪير گلاس“ بندر ڌاري وڃي پناهه ورتي هوندائين. تنهن ڪري هي چارئي ڄڻا ”لورپول“ جي بدران ”ڪير گلاس“ بندر ڏي روانا ٿيا-  انهيءَ اُميد سان ته جي جهاز اتي پهتو هوندو ته هنن ڇوڪرن کي وڃي هٿ ڪندا.

 

 

باب اٺاويهون

 

’سي ميڊ‘ جهاز جو سفر

 

’سي ميڊ‘ پهرين ته چڱو پئي هليو- سمنڊ لسو هو“  جو هوا موافق هئي. ’رالف‘ ۽ ”گلينلن“ اندر جي انتظارن ۽ ڏکن هوندي به ڏاڍا خوش هئا، ۽ سمنڊ جي تازي هوا سندن طبيعت تي تمام چڱو اثر ٿي ڪيو. ”رالف“ جهاز ۾ پنهنجي ڊوڙ ڊڪ جي نوڪري چڱيءَ طرح ڏيندو هليو- جتي ٿي سڏ ٿيس، اتي ٿي حاضر ٿيو. سڀني کي پنهنجي چالاڪيءَ ۽ ڦڙتائيءَ سان خوش ڪندو آيو. ”گلينلن“ به ڪُڏ ڪري هن کي مدد ڏيندو آيو. هو صلاصين سان ڏاڍا ٺهي ويا، ۽ اهي به هنن کي گهڻو پسند ڪرڻ لڳا.

پر، انهن ڇوڪرن توڙي ٻين جهاز وارن جي خوشي گهڻي تائين نه هلي، هوا ٿورو ٿورو ڪري، چرندي ويئي ۽ مچندي ويئي، سخت هوا لڳي. نيٺ اچي طوفان کڙو ٿيو. جهاز اڃا ٽي ڪلاڪ مس پنڌ ڪيو هو، ته اچي لهرين جي سٽڪي ۾ پيو. پاڻي مٿي جهاز تي چڙهيو پئي آيو، ۽ سڀڪو ماڻهو ڀڄي پيو. سگهوئي برف ۽ ڳڙا به وسڻ لڳا ۽ ماڻهن ۾ منهن ۾ پيئي  پيا. اهڙي لڙاٽ ۽ ڌنڌ ٿي ويئي جو جهاز کان ٿورو ئي پنڌ پري ڏسڻ محال هو. جهاز ڪيترن ڪلاڪن تائين آهستي پئي هليو ۽ ٽلڪيو. رات به اچي پيئي ۽ اهڙي گگهه اونداهيءَ ٿي ويئي جو ڪپتان ارادو ڪيو ته لنگهر لاهي هڪڙي هنڌ بيهي رهي ۽ جڏهن وري ڏينهن ٿئي تڏهن اڳتي هلي. انهيءَ هوندي به، جهاز آني جي کل وانگي پئي اٿليو پٿليو ۽ سمنڊ جي گوڙ ۽ لهرين جي سٽڪي کانسواءِ ٻيو ڪي ٻڌڻ ۾ نٿي آيو. اَسر جو لنگر وارو رسو به ڇڄي پيو ۽ هنن کي لاچار اڳتي طوفان ۾ ئي هلڻو پيو. سڙهه ۽ قلميون ڀڄي اڏامي ويئيون. سڀني سمجهيو ته اسين خوف ۾ آهيون. جهاز جي تختن پئي چيڪو ڪيو. ۽ ان جو سنڌ سنڌ پئي چريو ۽ لڏيو. سڀني کي پڪ ٿي ته جي طوفان جلد بيٺو ته واه، نه ته خير ڪونهي. ڪپتان کي جيڪا ڳڻتي يا اُميد هئي سان اها ته ڪنهن طرح سان پتڪي رڙهي. ”ڪير گلاس“ جي بندر تائين پهچي، جو ويجهو هو، پر  رات جي اندر جهاز ۾ ڪو سوراخ ٿي پيو هو، ۽ انهيءَ مان پاڻي اندر پئي آيو. جڏهن انهيءَ جي خبر پيئي تڏهن خلاصين پاڻيءَ جي ڪڍڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر وس پجي نه سگهين، ڪپتان کان جيڪي ٿي سگهيو، سو ڪيائين، انهيءَ جي حڪم هيٺ خلاصين به ڪين گهٽايو. جهاز جو اهڙو حال اچي ٿيو جو هڪ گهڙي ڄڻ ته پاڻي ۾ پورجيو ٿي ويو  ۽ ٻيءَ گهڙي ڇوڏي وانگر اڇلجيو پري وڃي ٿي پيو. يا وڻ جي پن وانگي واچوڙي ۾ پئي ڦٿڪيو! جيتوڻيڪ سڀ ڪنهن ٿي ڄاتو ته حياتيءَ ۽ موت خدا جي اختيار ۾ آهي، ۽ اهو تقدير مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ته به في الحال هي رنگ ڏسي سڀني جو ساهه مٺ ۾ هو، پڪ ٿين ته اجهي ٿا ٻڏون!

”ڪير گلاس“، ٽڪرين، جي وچ ۾ هڪڙو ننڍڙو بندر آهي.  اهو اهڙيءَ خوفناڪ جاءِ تي آهي، جو گهڻا جهاز انهيءَ جي ٽڪرين تي لڳي ڀڳا آهن. انهيءَ هوندي به اتي پناهه وٺڻ جي لاءِ مناسب بندوبست ڪيل آهي؛ اتان ٽن ميلن تي هڪڙيءَ اُنانهينءَ ٽڪريءَ جي مٿان، ’ريل- راڪ‘ نالي هڪڙو روشنائيءَ جو منارو  جڙيل آهي، جنهن کي ڏسي جهاز رات جو سنڀالي ايندا آهن. ’سي ميڊ‘  رات جو ئي واءَ جي زور سان اهو منارو لنگهي آيو هو ۽ خلاصين کي صحيح  سلامت بندر ۾ پهچڻ جي اُميد هئي، پر لهرين جو مارو انهيءَ هنڌ گهڻو آهي، جنهن ڪري جهاز کي زياده خوف ڏسڻ ۾ آيو. ننڍڙا بتيلا جي جهاز تي کڻندا آهن، سي ڇڄي ڌار ٿي ويا هئا ۽ ٻه ٽي خلاصي به اڇلجي وڃي سمنڊ ۾ پيا هئا ۽ ٻڏي مئا هئا؛ باقي جيڪي بچيا هئا، سي ”رالف ۽ گلينلن“ سميت بهادرن وانگي پئي هڄيا، پر.... اوچتو هڪڙي قهر جي لهر جا آئي، تنهن چڪر ڀڄي وڌو ۽ سڪان به پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. جهاز رڳو  مٿان نستو ٿيو پئي لڏيو. ڪپتان جي حڪم پٺيان، سڀ خلاصي وڃي ڀڳل ڪاٺن قلمين جي ٽڪرن ۽ سڙهن جي ڳچن ۾ لڪي ويهي رهيا.

 

باب اوڻٽيهون

 

جهاز جو ڀڄڻ ۽ ٻڏڻ

 

’رالف‘ ۽ ”گلينلن“ ويچارن جو ڪهڙو حال هو...؟ ساهه جي ڊپ ۽ سرديءَ کان، بدن بيحواس هئڻ، بت جي کل تائين، پاڻي ۽ برف ۾ ڀنا پيا هئا، وسندڙ مينهن ۽ برف جي وسڪاري کان، انڌن وانگي، ڪاٺن کي چنبڙيو ويٺا هئا؛ هر گهڙيءَ ائين پئي سمجهيائون، ته اجهي ٿا سمنڊ ۾ اڇلجيو پئون! اهڙيءَ حالت ۾ هنن کي پنهنجا ڏوهه ۽ قصور  چٽا دل تي اچڻ لڳا. ياد پئي پين ته ههڙي وقت گهرن ۾ ڪهڙا نه سکيا ۽ گرم ويٺا هجون ها! پشيمان هئا ته ناحق پاڻ سان پاڻيهي اها جٺ ڪيئون! خدا کان معافي گهرڻ ۽ توبهه ڪرڻ ۽ دعا گهرڻ لڳا. ڪپتان پاڻ به، هنن کي توڙي ٻين کي، تاڪيد ڪري پئي چيو ته ”بابا، خدا کي سوال ڪريو ته اهو ڪا مدد ڪري، نه ته ليکي لَسلُ ڪونهي...!“

ائين ڪندي، اوچتو جهاز جي هيٺيان هڪڙو آواز ٿيو... خبر تڏهن پيئي، جڏهن جهاز، چير جي، ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي لڳي، ٻڏڻ لڳو. خلاصين کان دانهن نڪري ويئي. اڳيل ته  ته اصل پرزا ٿي پيئي، باقي پاڇيل ٿورو مٿڀري هئي، ڪڪرن جي ڪاراڻ مان، ڪڏهن ڪڏهن چنڊ ۽ تارن جي روشنائي پئي پيئي، پري کان ”ڪير گلاس“ جون بتيون ٽمڪندي پئي ڏسڻ ۾ آيون، ۽ پٺيان روشنائي جي مناري جي بتي پئي چمڪي.... مگر ڀڳل جهاز جي آسپاس رڳي اونداهي لڳي پئي هئي، ۽ لهرين جون چماٽون پئي لڳيون. اهڙيءَ خوف جي حالت ۾.... ماڻهن کي منٽ ڪلاڪ نظر پئي آيا، ۽ ڪلاڪ ورهيه – سڀيئي انهيءَ لاءِ تيار هئا ته اجهي ٿا پاڻيءَ ۾ داخل ٿيون!

”گلينلن“، خوف ۽ سيءَ کان ڏند کڙڪائيندو، مدد لاءِ ’رالف‘ کي چنبڙي ويو. ’رالف‘ زياده همت وارو هو، تنهن هن کي گهڻو ئي دلاسو ڏنو. هڪڙو هٿ لوهه جي گز ۾ ۽ ٻيو پنهنجي سگنتيءَ جي ڳچي ۾ وجهي، بيهي رهيو. جي هو ائين نه ڪري ها، ته ’گلينلن‘ جو الاجي ڪهڙو حال ٿئي ها. ٻاٿون کائي، چوڻ لڳو ته ”او رالف، ڪيئن ٿو ڀانئين.... ڪو چارو ٿيندو، ڪو ڇوٽڪارو ٿيندو يا نه؟“

’رالف‘ ورندي ڏني ته ”ادا، خبر ناهي، مگر  خدا جي اُميد ججهي آهي. بندر وارن جهاز ضرور اسان کي ڏٺو هوندو، ۽ بندر جي ماڻهن کي خبر ڏني هوندائون. من ڪي ٻيڙيون اسان جي بچائڻ لاءِ اچي نڪرن! مناري وارن به اسان کي ڏٺو هوندو، اهي به ڪي ڪجهه ڪندا. پر، شل اها مدد جهاز جي ٻڏڻ کان اڳڀري اچي!“

”گلينلن“ چيو ته ”رالف، منهنجو حال ابتر آهي، منهنجي دل ٿي ڪچي ٿئي ۽ مٿو ٿو ڦري، بدن ۾ ڪابه طاقت ڪانه ٿو ڀانيان... آءٌ گهڻو جٽاءُ ڪري نه سگهندس!“

هن دلاسو ڏيئي چيس ته ”اهڙو  سوڙهو مون کي نه گهٽ، وڏي دل ڪر، خدا تي ڀروسو رک، ۽ انهيءَ کي سوال ڪر ته اهو مدد ڏئي.“

”گلينلن“ چيو ته ”رالف، تون ئي منهنجي پاران – سڀني جي پاران دعا گهر، من خدا قبول ڪري...“

’رالف‘ اکيون مٿي ڪري چوڻ لڳو؛ ”يا خدا، اي خدا خاوند اسان جا! اسان جي واهر ڪر، ۽ اسان کي بچاءِ؛ نه ته به اسان جا سڀ گناهه معاف ڪر، ۽ اسان کي همت ۽ توفيق سيکار ته ڪيئن مرون ۽ جڏهن مرون، تڏهن تون اسان کي پاڻ ڏي ني!“

’گلينلن‘ ماٺ ڪيو ويٺي هن جي دعا ٻڌي، ائين ڪندي، هڪ وڏي لهر آئي جا سندن پاسي ۾ بيٺل هڪڙي خلاصيءَ کي سمنڊ ۾ گهلي ويئي. ڊپ ۽ خوف کان رڙ ڪري چوڻ لڳو؛ ”او رالف، او رالف.... اجهو، اسان جو انهيءَ دم ٿو اهڙو حال ٿئي!.... هاڻ ڪيئن ڪريون؟“

”رالف“ چيس ته ”گلينلن، خدا تي رک – اهو بچائيندڙ آهي. پر توکي هڪڙي ڳالهه ٿو ٻڌايان، جا توکي تسلي ڏيندي، ۽ اُميد وارو ڪندي.؟“

”گلينلن“ پڇيو ته ”ههڙو وقت اها ڪهڙي ڳالهه هوندي ۽ ڪهڙي تسلي ۽ خوشي اسان کي حاصل ٿي سگهندي؟“

”رالف“ چيو ته ”اها، ته.... ته گهڙيءَ ۾، امان ۽ ڪرسٽيءَ، منهنجي حق ۾ شايد اسان ٻنهي جي حق ۾- خدا جي درگاهه مان دعا پيا گهرن، ۽ مون کي تسلي آهي ته خدا وٽ قبول پوندي، ۽ اسان جو خير ٿيندو!“

”گلينلن“  پڇيو ته ”انهيءَ جي توکي ڪيئن خبر پوي ٿي؟“

”رالف“ چيو ته هينئر مون ٻڌو جو ڪپتان ڪنهن کي ٿي چيو ته نو لڳا آهن.“ ۽ آءٌ هنن کي تاڪيد ڪري انجام وٺي آيو هوس ته هميشه پوري نائين بجي مون بابت خيال ڪن، ۽ منهنجي حق ۾ خير جي دعا ڪن.“

”گلينلن“ چيو ته ”رالف، سچ پچ اهو ويساهه ٿئي ٿو ڇا، ته خدا اسان کي هتي ڏسي ٿو، ۽ پوءِ به هنن قهر جي لهرن کي ڇڏي ٿو ته اسان کي هيئن ڊيڄارين ۽ ڌڪ هڻن ۽ اڇلائين...!“

”رالف“ چيو ته ”گلينلن، مون کي انهيءَ جو پڪو ويساه آهي، ۽ اهو به يقين اٿم ته خدا تعاليٰ امان ۽ ڪرسٽيءَ جهڙن صفا دل نيڪ نيت وارن ماڻهن جي دعا ٻڌندو.“

”گلينلن“ چيو ته ”شل ائين ٿئي! رالف، خدا توکي  خوش رکي، تنهنجين انهن ڳالهين منهنجي هانو کي گهڻو ڏڍ ڏنو آهي ۽ منهنجي دل هينئر زياده مضبوط ٿي ڏسجي. جي خدا اڄ اسان کي هن سختيءَ کان بچائي ٿو، ته پوءِ اميد ٿو رکان ته ٻيءَ طرح حياتي گذاريندس. هيستائين مون ڏاڍيءَ بيعقليءَ ۽ گنهگاريءَ ۾ عمر ضايع پئي ڪئي آهي. جيڪڏهن آءٌ هي خوف جهڙا وقت نه ڏسان ها، ته شايد پنهنجون  اڳيون غفلت ۽ نادانيءَ ۽ شرارت جو سڀاءُ ڪين مٽايان ها.“

انهيءَ وقت، ’رالف‘ کي هڪڙي ٻيڙي پاڻ ڏي ايندي نظر آئي. خوشيءَ مان دانهن ڪيائين  جنهن تي سڀني جو اوڏي ڌيان ٿيو. ڏسن ته برابر هڪڙي ٻيڙي آهي، جا سندن مدد لاءِ ڪاهيندي اچي! سڀيئي خوش ٿيا، خدا جو شڪرانو ڪرڻ لڳا. ’رالف‘ ’گلينلن‘ کي ڪن ۾ چيو ته ”ڏٺئه نه، گلينلن، مون توکي ڪين ٿي چيو ته دعا خدا وٽ اگهاڻي آهي!“ سگهوئي، طوفان ۾ اٺ بهادر مڙس، ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اچي پهتا، جيتوڻيڪ اهڙي طوفان ۾ خود ٻيڙي کي به ٻڏڻ جو خوف هو، ته به انهن ماڻهن کي شابس آهي جو انهن، پنهنجا سر تريءَ تي رکي ٻين پاڻ جهڙن انسانن کي بچائڻ جي لاءِ ڪمر ٻڌي. پر خبر تڏهن پيئي، جڏهن جهاز جي نزديڪيءَ ۾ اهي اٺ ئي ڄڻا دانهون ڪندا غرق ٿي ويا!

پر، لحظي کان پوءِ ’رالف‘ کي انهن مان هڪڙو ماڻهو ترندو ۽ ڦٿڪندو، ڀڳل جهاز جي ويجهو نظر پيو، لهرين جي گوڙ منجهان ئي هن جو آواز مدد جي لاءِ ٻڌڻ ۾ پئي آيو.

’رالف‘ جهٽ ۾ هڪڙيءَ  مضبوط رسيءَ جو ڇيڙو هن کي اڇلائي ڏنو- هو انهيءَ کي چهٽي پيو.” رالف“ ۽ گلينلن“ ڏاڍي زور سان انهيءَ کي اٽڪائي ڇڪي جهليو – تان جو هو مٿان مونا هڻي لتڙ جي پتڙجي، وٽن چڙهي آيو؛ ۽ ٻڌايائين ته نديءَ مان هڪڙي مضبوط ٻيڙي، ماڻهن سميت، ڪلاڪ – ٻن جي اندر اچي پهچندي. هو ماڻهو ”رالف“ جو ڏاڍو شڪر گذار ٿيو؛ ۽ هن جو هٿ وٺي چوڻ لڳو ته ”ڇوڪرا، تو منهنجي جان بچائي آهي، خدا ڪندو ته اسين سڀ بچي پونداسين ۽ پوءِ منهنجي زال ۽ منهنجا ٻار گهڻي قدر تنهنجا احسانمند ٿيندا.“

ڀڳل جهاز کي در جي بدرجي پاڻيءَ ۾ ويندو ڏسي، خلاصي ويچارا نااُميد ٿيندا ويا. هر گهڙيءَ پئي ڀانيائون ته اها اسان جي پوئين  گهڙي آهي. نيٺ وري به اونداهيءَ ۾ ’رالف‘ جي نظر انهيءَ مدد واري مضبوط ٻيڙيءَ تي پيئي. انهيءَ کي ويجهو ايندو ڏسي، خلاصين رسا لاهي هيٺ ڪيا- انهن کي جهلي انهيءَ ٻيڙيءَ وارا چڙهي آيا.

”گلينلن“، جو تمام زبون حال ۾ ويٺو هو، تنهن کي ٻک وجهي، لاهي ٻيڙيءَ ۾ وڌائون. پوءِ ته ڀڳل جهاز وارا ڪاهي اچي ٻيڙيءَ ۾ ٽپڻ ۽ پنهنجي جان بچائڻ لڳا. وڏو گوڙ ۽ گهمسان اچي متو. سڀڪو ڀانئي ته آءٌ پهريون ٻيڙيءَ ۾ پوان. اچن جي ٻه شاهي لهريون هڪٻئي جي پٺيان، سي، رسا ڇنائي، ٻيڙيءَ کي ڀڳل جهاز کان پري سمنڊ جي وچ ۾ ڌڪي ويون..... انهيءَ دم ڀڳل جهاز به سڄوئي پاڻي ۾ گم ٿي ويو. پوءِ ته ٻيڙيءَ وارن آڻي ڳنن تي زور رکيو. جانچ ڪيائون، ۽ ڳڻيائون ته جهاز جي اصلوڪن يارهن خلاصين مان فقط ست بچيا هئا. ڪپتان چيو ته ”ڇوڪرن مان رڳو هڪڙو بچيو آهي!“ ٻڏل ٻيڙيءَ مان بچيل ماڻهوءَ جو پڻ انهيءَ ٻيڙي ۾ هو، تنهن رڙ ڪري چيو ته ”يا خدا... رڳو هڪڙو ڇوڪر بچيو آهي ڇا؟  هن جهاز تي ڏسڻ ۾ ته ٻه گڏ بيٺل ٿي آيا- آءٌ ويجهو هوسان. هي ته اهو نه آهي، جنهن منهنجي جان بچائي هئي...! اهو ڏاڍو بهادر ڇوڪر هو. ڏاڍن مڙسن جو مٽ هو. آءٌ ٻڏان ها ته حرڪت ڪانه هئي، پر هو بچي پوي ها ته بهتر هو، ڇالاءِ جو آءٌ وري به وڏيءَ عمر جو آهيان ۽ هوا اڃا ٻارهو!“

ائين چئي، هو ماڻهو ننڍڙي ٻار وانگي ويهي روئڻ لڳو. پر هينئر اجايو وقت وڃائڻو نه هو، سڀ ڪنهن کي پنهنجي ساهه بچائڻ جي ڳڻتي هئي. ڏاڍي تجويز  ۽ هوشياريءَ سان، هنن ڳن ڏيئي ٻيڙيءَ کي خوفناڪ لهرين منجهان لنگهائي آندو. اڳيان سوين ماڻهو منجهن اکيون وجهيو بيٺا هئا. انهن ۾ زالون هيون. ڀيڻون هيون، مائون هيون، سڀ ڪناري تي سيءَ ۽ واءَ ۾ منتظر بيٺيون هيون، ۽ اونداهيءَ ۾ چتائي چتائي سمنڊ ڏي پئي نهاريائون. ڪي ته وار ڇوڙيو، ٻانهون کنيو، خوف کان دانهن ڪرڻ  ۾ مشغول هيون ۽ ڪي وري پُسيل واريءَ تي گوڏا کوڙيو، سچيءَ دل سان خدا کان دعا گهرڻ ۾ مشغول هيون. انهنءَ جي لاءِ ٻيڙيءَ جي ڳن جو آواز ڄڻ ته خدائي سرود هو. انهيءَ دم ويهه مضبوط ماڻهو پاڻي ۾ ڪاهي پيا ۽ ٻيڙيءَ جا رسا ڇڪڻ لڳا: ٻيا خوشيءَ جا نعرا هڻڻ ۽ خدا جا شڪرانا ڪرڻ ۽ مبارڪون ڏيڻ لڳا، ۽ ٻيڙيءَ ۾ ويٺلن کي هيٺ لاهڻ لڳا.

جهاز وارن مان جيڪي بچيا، سي ته اچي نڪتا، پر باقي ٻيا ڪيڏي ويا؟ ٻه ته انهيءَ ڏينهن ۽ رات جي عرصي ۾ طوفان ٻهاري ويو ۽ انهن کي سڀني اکين سان لهرين جي وچ ۾ ٻڏندو به ڏٺو؛ ٽيون ڪاٺ تان ڪري سمنڊ ۾ پيو هو؛ باقي ”رالف ڊگلس“....  تنهن کي ڏٺو هئائون ته ڀڳل جهاز تي بيٺو هو، ۽ هميشه ٻيڙيءَ ۾ ماڻهن کي چڙهندو پئي ڏٺائين، ۽ پاڻ لهڻ جو وجهه پئي ڳوليائين ته  لهرن اچي ورايو هوس... پر، جڏهن انهن لهرين ٻيڙيءَ جا رسا ڇني انهن کي ڌڪي ڇڏيو، ۽ ڀڳل جهاز سڄو ئي ٻڏي ويو، تڏهن اونداهيءَ ۾ انهيءَ جو پتو ئي ڪونه پيو ته ڪيڏي ويو!

 

باب ٽيهون

 

گم ٿيل ماڻهو

 

جيڪي ماڻهو ڪناري تي ٻيڙيءَ جي لاءِ منتظر بيٺا هئا، تن ۾ ”لارڊ ڊانلرن“، ”سر هينري آلربي“ ”مارٽن ۽ ”مسٽر ڊگلس“ به هئا. انهن کي خبر هئي ته جيڪو جهاز ٻڏو آهي سو ”سي ميڊ“ آهي. اها خبر ڪن ٻين جهازن به ڏني هئي، جي لنگهندي انهن کي ڏسندا آيا هئا. ماڻهن هنن کي سڃاڻي گوڙ مان جاءِ ڏنين. ”لارڊ ڊانرل“ انجام ڪيو هو ته هڪ سئو پائونڊ ٻيڙيءَ وارن خلاصين کي ورهائي ڏيندس. هنن جي هانو ڌڪ – ڌڪ  پئي ڪئي ۽ انهيءَ انتظار ۾ هئا ته خبر پوي ته جهاز مان ڪهڙا بچيا.

”مارٽن“ اوچتوئي پري کان دانهن ڪري چيو ته ”اجهو... گلينلن!“

”ارل“ انتظار مان، اونداهيءَ ۾ پٽ کي نه ڏسي، پڇيو ته ”سچي پچي آهي؟ ڏسجي ٿو؟.... هائو، برابر! شڪر، شڪر.... هاؤئرڊ! هاؤئرڊ!“

شمعدان جي سوجهري تي ”گلينلن“ جي به نظر پيءُ جي منهن تي پيئي؛ ۽ هن جو آواز به ڪن تي پيس. جيتوڻيڪ تمام ضعيف ۽ لتڙيل حال ۾ هو، ته به اڌ خوشي اڌ ڊپ مان، ڊوڙي وڃي پيءُ جي پيرن تي ڪريو ۽ ڀاڪر پائي سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. ”لارڊ ڊانرل“ پيار مان اٿاري ڇاتيءَ سان لاتس. ”گلينلن“ اهڙو هيڻو ۽ پاڻيءَ سان ڀنل هو، جو ٻين ماڻهن، ڪي جهلي ڪي کڻي پاسي واريءَ هوٽل ۾ آڻي لاٿس.

”مارٽن“ ۽ سر هينري، مسٽر ”ڊگلس“ وٽ بيٺا رهيا. ٻيڙيءَ ۾ گهڻو ئي نهاريائون، پر جنهن کي ٿي ڳوليائون سو نظر نه پين؛ تنهن ڪري ويچارن جا هانوَ ئي ڊهي پيا.

”سر هينريءَ“ ٻيڙيءَ وارن کان پڇيو ته ”بس، ٻيو ڪو جهاز مان ڪونه بچيو؟“

  هنن ورندي ڏني ته ””نه سائين سڀ هي آهي، ٻيو ڪونهي.“

مسٽر ”ڊگلس“ ڏک جهڙي آواز سان پڇيو ته ”ڀڳل جهاز جي تختن تي رهيل ڪونه ڇڏيو اٿو؟“ هنن چيو ته ”نه سائين... اسان نڪتاسين ٿي، تڏهن جهاز سڄوئي پاڻيءَ ۾ غرق ٿي ويو.“

وري پڇيائين ته ”جيڪي به جهاز ۾ هئا سي سڀ صحيح سلامت نڪتا؟“

خلاصين مان جنهن مکيه ماڻهوءَ مسٽر ”ڊگلس“ سان ٿي ڳالهايو، سو رڳو مٿو ڌوئڻ لڳو، ڳالهايائين ڪين تنهن تي مسٽر ”ڊگلس“ وري پڇيو ته ’ گهڻا  گم ٿيا؟“

هن ورندي ڏني ته ”سائين، ٽي مڙس ۽ هڪڙو ڇوڪر.“

مسٽر ”ڊگلس“ پڇيس ته ”ڇوڪر جو نالو اچيئي ٿو؟“

هن چيو ته ”نه، سائين هو رڳو ٻه ڏينهن ٿيا جو اچي خلاصين ۾ داخل ٿيو هو.“

مسٽر ”ڊگلس“ ڏاڍي غم ۾ هٿ مروٽي چوڻ لڳو ته ”هاءِ هاءِ.... منهنجو پٽ، منهنجو پٽ ڇوڪر رالف! .... هو مري ويو.... هو ٻڏي ويو! يا خدا هاڻ ڪيئن ڪريان؟ اها منهنجي سختي هئي، جنهن هن کي گهر ڇڏايو، ۽ هن کي ٻوڙي ماريو! ڪهڙو شڪ ته مرڻ گهڙيءَ تائين مون کي ڌڪاريندو ويو!... او منهنجا غريب پٽ، او منهنجا مسڪين ڇوڪر!“

ڪابه ڳالهه هن کي دلاسي ۽ تسلي ڏيڻ جهڙي ڪانه هئي. صاف هو ته ”رالف“ ٻڏي مئو. ڪهڙو ڪوڏن جهڙو هو!.... سندس مزي جهڙو کلڻ ڳالهائڻ سندس خوبصورت منهن، سندس هوشياري ۽ چالاڪي، سندس خوش طبعي ۽ خوش خلقي! اهڙي مزي جهڙو ڇوڪر سمنڊ جي کاري پاڻي ۾ ٻڏي مئو، ۽ مڇين جو قوت ٿيو... هاءِ هاءِ! اهڙي پٽ جو مسٽر ”ڊگلس“ کي هينئر گهڻو قدر پيو. سڀ ڳالهيون اچي ياد پيس، ڏک کان اونڌو ٿيو ٿي پيو. ”سر هينري“ ۽ ”مارٽن“ کي به هن جو ڏک ۽ ارمان گهٽ نه هو. هڪڙي کي هو پٽ وانگي ۽ ٻئي کي ڀاءُ ۽ گهاٽي دوست وانگي هو، تن کي ڀلا ڇو نه ڏک ٿيندو؟ انهن کي روئڻ اچي ويو.

ٽئيي ڄڻا ڏک ۽ ارمان ۾ هوٽل ۾ آيا. ”گلينلن“ کٽولي تي سنئون ٿيو ستو پيو هو. جيسين هن جي لاءِ ڪو بسترو ۽ سمجهڻ جي جاءِ ٺاهيائون، تيسين هن کي ننڊ کڻي ويئي. ”لارڊ ڊانرل“، ڪي فڪر ۽ ڳڻتي ۾ ۽ ڪي خوشيءَ ۾، انهيءَ کي نزديڪ ويٺو هو. مسٽر ”ڊگلس“ جو حال ڏسي انهيءَ تي خيال ڪري همدرديءَ کان، هن کي نهايت گهڻو ئي ڏک ٿيو. نيٺ مسٽر ”ڊگلس“ اٿي، هڪڙيءَ خلاصيءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃي، پنهنجي هنڌ تي پاڻ کي اڇلائي وڌو، ڪپڙا به ڪين مٽايائين. ننڊ ته اصل ڪين آيس. ٻيو واءَ جو گهوگهٽ پئي آيو، ۽ برف جو ۽ سمنڊ جي لهرين جو سٽڪو پئي پيو- هن اکين پئي سمجهيو ته ڄڻ آسمان به سندس لاءِ پئي رنو ۽ دانهون ڪيون. انهيءَ طرح سڄي رات هن اکين تي ڏٺي. ڪڏهن ويٺو ٿي، ڪڏهن جاءِ ۾ هليو ۽ آيو ويو ٿي. اهي پئي خيال ڪيائين ته  گهر هلي زال کي ۽ ننڍي پٽ کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس، ۽ ڇا چوندس؛ هو اها بد خبر ٻڌي الاجي ڪهڙا حال ڪندا! اهي خيال ڪري، اٿي گوڏا کوڙي خدا کان دعا گهرڻ لڳو ته پنهنجو لطف ڪري ’رالف‘  کي بچاءِ ۽ موٽ  آڻي مون کي ملاءِ. اگرچ ظاهري پڪ هئي ته هو ٻڏي مئو آهي، پر تڏهن به ويچاري پيءُ ائين پئي ڄاتو ته ’خدا مئن کي جياري نٿو سگهي ڇا، ۽ ڪنهن به رستي سان هن جي جيئري موٽڻ جو سبب پيدا ڪري نٿو سگهي ڇا؟“

ٻئي ڏينهن، صبح جو سوير، ”مارٽن“ ريلوي اسٽيشن تي وڃي پنهنجيءَ ماءُ کي تار ڏني ته ”جهاز ڀڄي پيو آهي، گلينلن بچيو آهي، اسين اڄ اينداسين. هن ڄاڻي ٻجهي ’رالف‘ جو اشارو ڪونه ڏنو ته  متان هن جي مائٽن کي خبر پوي- پر هن جي ابتڙ ڪجهه نه چوڻ مان ئي سڀ ڪجهه پئي معلوم ٿيو.

جڏهن ناشتو آيو، تڏهن مسٽر ڊگلس اچي هنن کي گڏيو. هن جو ڏاڍو بڇڙو حال هو. هن  کي ڏسي هو حيران ٿي ويا. عمر کان ڏهه ورهيه وڏو پئي ڏٺو، بلڪه ڪي وار اڇا به ٿي ويا هئس. هڪڙيءَ رات جي ڏک ۽ انتظار هن جي صورت ئي بدلائي ڇڏي هئي.

”لارڊ گلينلن“ پنهنجي پيءُ جي پاسي ۾ ويٺو هو. اڃا تمام ضعيف هو ۽ موڳو پئي ڏسڻ ۾ آيو، نه ته ٻيءَ طرح چڱو ڀلو هو. هن گهڻو ڳالهايو نٿي، ماٺ ڪيو ويٺو هو. ايترو معلوم ڪري سگهيو ته منهنجون سڀ ڳالهيون ظاهر ٿيون آهن، اهي معاف به ٿيون آهن. انهيءَ خيال ڪري هن جي اندر ۾ البت آرام هو، جو گهڻا ڏينهن ڪونه هوندو هوس. پر مسٽر ”ڊگلس“ جي شڪل ڏسي هن کي روئڻ اچي  ويندو هو.

هيستائين ”مسٽر ڊگلس“ کي رالف“ بابت ڪا پڪي سڌي خبر نه ملي هئي، تنهن ڪري هن ڀانيو ته پڇا ڳاڇا ڪرڻ مناسب آهي. همت جهلي ”گلينلن“ کان پڇيائين ته ”هو توکي ٺڳاري وٺي ويو هو ڇا؟“

”گلينلن“  چيو ته ”نه نه، هرگز نه.. هن ويچاري تي اها تهمت نه رکو: هن مون کي اتفاق سان ڏٺو، ۽ جيترو ٿي سگهيس اوترو مون کي سمجهايائين ۽ روڪيائين.“

مسٽر ”ڊگلس“ ٿڌو ساهه کڻي چيو ته ”انهيءَ لاءِ آءٌ خدا جو شڪرانو ڪريان ٿو.“

”مارٽن“ جو پاسي ۾ ويٺو هو، تنهن ”گلينلن“ کي چيو ته ”گلينلن“ جي ست ساري سگهين ته سڄي ڳالهه ڪري ٻڌاءِ؛ آءٌ ڀانيان ٿو  ته مسٽر ڊگلس کي انهيءَ جي ٻڌڻ جي خواهش هوندي.“

”گلينلن“ مختصر طرح سڄي ڳالهه ڪري ويو. ”جي ’رالف‘ مدد نه ڪري ها، ته جهاز مان منهنجو بچڻ ڪونه هو. هو مون کي لهرن جي لوڏن ۾ قابو جهليو بيٺو هو، ۽ دلاسا دلبريون پئي ڏنائين. پنهنجو  وڏو ڪوٽ منهنجي مٿان وجهي مون کي ڍڪيو آيو ۽ جيڪو هڪڙو  بسڪوٽ باقي بچيو هو، تنهن جو به اڌ ڀڃي مون کي ڏنائين. آيل ٻيڙيءَ واري هڪڙي ماڻهو کي ٻڏڻ کان بچائي، اچي منهنجي پاسي ۾ بيٺو، ۽ مون کي مدد ڏيئي، لاهي، ٻيڙي ۾ وڌائين. انهي مهل آءٌ ساڻو ٿي پيو هوس ۽ سمجهان ٿو ته منهنجي پٺيان پاڻ به لٿو ٿي؛ پر ائين ڪندي...“

اتي ”گلينلن“ جو آواز بيهي ويو، ۽ ڪن منٽن تائين ڳالهائي نه سگهيو.

تيستائين مسٽر ”ڊگلس“ ۽ ٻيا ٻڌڻ وارا ڏاڍي انتظار ۾ ويٺا هئا. نيٺ ساهه پٽي وري چوڻ لڳو ته ”ائين ڪندي ماڻهو ڳاهٽ ٿي اچي ٻيڙيءَ ۾ پيا، سڀڪو ڀانئي ته آءٌ اڳڀرو وڃان” هو  ويچارو هٽي بيٺو ته ڀلي ٻيا لهن. منهنجون اکيون منجهس هيون. هو بلڪل ٽپڻ تي هو، ته اوچتو هڪڙي وڏي قهر جي لهر اچي ٺڪاءُ ڪيو. اسان ڀانيو ته اسان جي ٻيڙي اونڌي ٿي پيئي. پر جان مٿي نهاريان ته...“

اتي وري به گلينلن جو آواز بيهي ويو، ۽ مسٽر ”ڊگلس“ نهايت انتظار مان اشارو ڏنس ته ڳالهه پوري ڪر. تنهن تي  هن چيو ته ”جان مٿي نهاريان ته ڀڳل جهاز، رهيو کهيو پاڻيءَ ۾ غرق ٿي ويو. ۽ رالف، نڪو ٻيڙيءَ ۾ هو نه ڪنهن ٻئي هنڌ اصل ڏسڻ ۾ ئي ڪونه آيو!“  ائين چئي، وري اچي روئڻ ۾ پيو.

پوءِ ته سگهوئي مسٽر ”ڊگلس“ ۽ ٻئي آلربي“ پنهنجين ڪوٺين ۾ ويا؛ پر ”گلينلن“ اڃا به مٿو ٻانهن تي رکيو سڏڪا پئي ڀريا. ”ارل“ به ڇڏيس ته ڀلي دل جو درد ٺاري. جڏهن ڏک جو جوش ڍرو ٿيس، تڏهن پٽ جو هٿ وٺي چوڻ لڳو ته ”ويچارو رالف ته ويو. پر هائوئرڊ، اسان کي خدا جو ڪيترو نه شڪرانو ڪرڻ گهرجي جو هن تنهنجي حياتي بچائي ۽ توکي وري اسان سان ملايائين!“

”گلينلن“ چيو ته ”بيشڪ، بابا، پر هن، ٻن ڏوهارين مان جيڪو وڌيڪ خراب هو، تنهن کي بچايو. رالف ڪو به ڏوهه ڪونه ڪيو هو، رڳو گهر کان ڀڄي نڪتو هو؛ پر مون....“

پوءِ پيءَ ڏي نهاري، ترسي، آهستي پڇڻ لڳو ته ”بابا، اوهان کي ته سڀ حقيقت معلوم ٿي آهي نه؟“

هن چيو ته ”هائو، ابا، مون کي سڀ معلوم آهي. جيڪڏهن هي پويان ڊپ ۽ اتفاق، اهي ڳالهيون منهنجن خيالن مان هڪالي ڪڍي نه ڇڏين ها، ته آءٌ جيڪر قبر ڀيڙو اچي ٿيان ها! هاؤئرڊ، ارمان جي ڳالهه آهي ته ڊانرل نسل جو ٿي، تون جعلسازي ڪرين، ۽ هڪڙي خسيس نوڪر جو غلام بنجين، ۽ اچي هڪڙي عام ڏوهاريءَ جو مٽ ٿين!

”گلينلن“ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو، ۽ نيٺ پيءُ جي ڪلهي تي مٿو رکي جهڪي پيو؛ ڪڇيائين ڪي به ڪين.

”ارل“ وري چيس ته ”هائوئرڊ، مون کي اُميد آهي ته اڳتي تون اک پٽيندين، ۽ انهيءَ مان سبق سکندين“

هن چيو ته ”هائو، بابا. جي وري آءٌ ڪريان ۽ انهيءَ مان نصيحت نه وٺان، ته رحم ۽ مهربانيءَ جو لائق نه ٿيان. پر مون کي اُميد آهي، آءٌ اهو سبق وري ڪڏهن ڪين وساريندس. بابا اوهان کي خبر ناهي ته جڏهن مون ڄاتو ٿي انهيءَ دم ٿو ٻڏان ۽ مران، تڏهن ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون لحظي ۾ بجليءَ وانگي منهنجي دل مان لنگهيون هونديون! جي رالف منهنجي مدد نه ڪري ها، ته آءٌ ذري گهٽ مئو هوس. جيستائين سمنڊ جي تري ۾ مڇين جو قوت هجان ها!“

”ارل“ وري پڇيو ته ”هائوئرڊ، تو ڪيئن اهڙو ڪم ڪيو؟ ڪيئن اهڙو بيعزتيءَ ۽ خواريءَ جهڙو ڪم ڪرڻ  تي تنهن جي دل چيو؟“

هن ورندي ڏني ته ”خبر ناهي ته مون کي ڇا ٿيو. اوچتو شيطان اچي جوجڪي ڏني. تنهن کانسواءِ، ايتريون خرابيون اچي سوڙهيون ٿيون، جو آءٌ پاڻ کي روڪي نه سگهيس؛ لاچار ٿي پيس. اهي آءٌ  اوهان کي ٻڌائي نٿو سگهان.“

پڻس چيو ته ”هائوئرڊ پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ ويساهه ۽ ڀروسو هئڻ گهرجي؛ اڳتي پاڻ کي گهرجي ته هڪٻئي کان ڪو به حال يا ڳجهه واڃي نه رکون.“

”گلينلن“ تڏهن همت جهلي پڇيو ته ”بابا، هاڻ مون کي اوهان معاف ڪيو نه؟“

هن ورندي ڏني ته ”هائو، هائوئرڊ، بلڪل معاف ڪيم، هاڻ ڄاڻ پرتاسين. چيڪ جا پيسا مون اڳي ئي ڏيئي ڇڏيا آهن ۽ ڪلارڪ مون ٻڌو آهي آسٽريليا ڏي هليو ويو آهي.“

”گلينلن“  خوشيءَ مان وڏو ساهه کنيو ۽ چوڻ لڳو ته ”آءٌ دل ۽ جان سان خدا جو شڪرانو ٿو ڪريان. آءٌ سندس اهڙين مهربانين جو لائق ناهيان. بابا، هاڻ هلو ته قلعي ڏي هلون. آءٌ ڀانيان ته ٿوري وقت تائين هلي آرام وٺان. بابا سائين اُميد آهي ته اڄ کان وٺي اوهين مون کي بهتر پٽ ڏسندؤ.“

”ارل“ هن کي پيار مان ڳل تي چمي ڏني، ۽ چيائين ته ”هائوئرڊ ، اسين اڄ ئي موٽي گهر ٿا هلون. ويچارو مسٽر ”ڊگلس“!... آءٌ پنهنجي پٽ سان گڏجيو ٿو هلان، پر هينئر هن جي دل ۾ ڇا ڇا نه هوندو! جي اسين هن کي ڪا واهر ڏيئي سگهون ته واه.... پر ڪي ڏک واهر کان ٻاهر آهن!“

”ڪير گلاس“ ۾ هاڻ وڌيڪ ٻيو ڪي ڪرڻو نه هو. ٻيڙيءَ جي ناکوئن کي به اڳي ئي انعام ڏنو ويو- بلڪ ”سي ميڊ“ جهاز مان جيڪي ماڻهو مري بچيا هئا تن جي لاءِ به وڏي رقم ڇڏيائون، ۽ جيڪي ٻڏا هئا بيوهه زالن ۽ ٻارن لاءِ به مناسب چندو ڪيائون. نيٺ سمنڊ تي پڇاڙي جي نظر ڪري هي اٿي هليا طوفان اڃا به زور هو، گهٽيو ڪين هو. لهرن جو اڃا به ٽڪرين تي سٽڪو پئي پيو ۽ ڀڳل جهاز جي تختن ۽ ڪاٺين  جا ٽڪرا به پري کان سمنڊ جي گجيءَ ۾ پئي چڙهيا ۽ لٿا. انهيءَ ڏينهن صبوح جو ”مارٽن“ ’ رالف‘ جي پتي لهڻ لاءِ، سڄو ڪنارو گهمي ڏٺو هو. ڀانيائين ته من هن جي لاش اڇلجي ٻاهر پيئي هجي جو ٻئي هڪڙي ٻڏل جي لاش به نڪتي هئي... پر هن کي ڪو به نشان ملي نه سگهيو.

* * * *

هو، هڪڙي گاڏي ڀاڙي ڪري انهيءَ ۾ چڙهي، موٽي ”آلٽن“ آيا. ”ارل“ ۽ ”سر هينريءَ“ اڳي ئي تار موڪلي هئي ته اسان جون پنهنجون گاڏيون اسٽيشن تي اچن. مسٽر ”ڊگلس“ اهڙي تار ڪانه موڪلي هئي. هن ويچاري کي انهيءَ ڳڻتيءَ وچان ڪي به نٿي سجهيو ته ڪيئن اڪيلو گهر هلندس. ۽ ڪهڙو به احتياط رکبو آهي ته به ضرور اتان لنگهڻو هون. ”مارٽن“ جو گهوڙو به سندس لاءِ آندو هئائون، سو انهيءَ تي چڙهي، گاڏيءَ کان به اڳي ”گرينج“ ڏي هليو.

وچينءَ جي مهل هئي، جو هي سڀ ”آلٽن“ ۾ پهتا هئا. جڏهن ”مارٽن“ گهوڙو ڊوڙائي ”گرينج“ تي آيو، تڏهن اڃا ڏينهن جي روشنائي هئي، رات نه پئي هئي. مسٽر ”ڊگلس“ جي غير موجودگيءَ ۾ اتي وارن کي گهڻو نهايت  انتظار رهندو هو ۽ ڪوڙ  رهندو هو، ۽ ڪوڙا سوڙا افواهه به اڳيئي اتي بيٺا هئا، تنهن ڪري انهن کي پاڻ زياده انتظار هو، ان ڪري جڏهن سڙڪ تان گهوڙي جي ٽاپڙ- ٽاپڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ اهو اچي گهر جي ويجهو بيهي رهيو. تڏهن ”ڪرسٽي“ مٿي اگهاڙو ئي گهر مان ڊوڙي ٻاهر نڪري آيو. هن ڀانيو ته بابو آيو آهي. جڏهن ”مارٽن“ تي نظر پئيس، تڏهن ڊوڙي انهيءَ وٽ آيو. هن جي خوف جهڙي صورت ڏسي، ”مارٽن“ حيران ٿي ويو.

”مارٽن“ گهوڙي تان اڳي ئي لهي بيٺو هو، ۽ انهيءَ خيال ۾ هو ته هن سان ڪيئن ڳالهه چوريان. ڀلا  ڪيئن سڄي ڳالهه جو اشارو هن کي ڏئي؟ ماٺ ۾ ”ڪرسٽي“ جو هٿ لوڏيندي، هن کي اکين ۾ ڳوڙها نڪري آيا. ”ڪرسٽي“ کي هڪدم بڇڙو شڪ دل ۾ گذريو. ڏک ۽ انتظار مان پڇيائينس- ”رالف...؟“

”مارٽن“ چيو ته ”پيارا ڪرسٽي، تنهنجو پيءُ پاڻيهي توکي انهيءَ بابت خبر چار ڏيندو.“

هن وري پڇيس ته ”رالف ساڻس آهي يا نه؟“

”مارٽن“، جواب ڏيڻ جي بدران اوڇنگارون ڏيئي اچي روئڻ ۾ پيو، ۽ رڳو ڪنڌ لوڏي نهڪر جو جواب ڏنائين.

بس، انهيءَ  مان ”ڪرسٽي“ سڀ ڪجهه سمجهي ورتو... هو دانهن ڪري، آٿڙجي، ڪري پيو. مارٽن کڻي ڀاڪر ۾ جهليس.

هن جي دانهن تي ”مسز ڊگلس“ به نڪري در تي آئي. هن ”مارٽن کي ڏٺو ته ڪرسٽيءَ کي جهليو ويٺو آهي، ڪرسٽي بيهوش ٿي پيو آهي. هڪدم سهي ڪيائين ته ڇا حال آهي. پر ”ڪرسٽي“، جي حالت نازڪ هئي. انهيءَ جو ترت بندوبست ڪرڻ ضروري هو. هڪڙو لحظو در جي پيلپائي تي ٽيڪ ڏيئي بيهي، پوءِ خدا کان صبر ۽ تحمل جي دعا گهري، ”مارٽن“ کي مدد ڏيئي ٻار کي اندر وٺي آئي. سگهوئي گاڏي جو آواز به آيو، ۽ مسٽر ”ڊگلس“ گهڙي آيو هو. هوءَ انهيءَ مهل ”ڪرسٽيءَ“ جي مٿان نوڙيو بيٺي هئي، ۽ هن لوندڙين کي ”ڪلون واٽر پئي لاتائين. مڙس کي ڏسي، سنئين ٿي، آهستي چوڻ لڳي ته ”ايوان، خدا شل اسان کي مدد ڪري! ائين چئي، زار زار روئي، مڙس جي ڀاڪر ۾ کڻي پاڻ کي اڇلايائين.

ڪهڙو واقعو ماٺ ۽ چپ ۾ انهيءَ دم ٿي گذريو، ۽ ڪيترو وقت انهيءَ موت جهڙي ماتم ۾ گذريو. تنهن جي بيان مان پڙهندڙن کي نهايت غم ۽ الم ٿيندو- تنهن ڪري بهر آهي ته اسين انهيءَ تي کڻي پردو وجهون.

 

ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com