سيڪشن؛ ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ماڪوڙي، ماکيءَ جي مک ۽ ڪوريئڙن جي حياتي

 

صفحو :1

ماڪوڙي، ماکيءَ جي مک ۽ ڪوريئڙن جي حياتي

ڊاڪٽر هارون رشيد ميمڻ

 

ماڪوڙيءَ جي حياتي

 

شروعات:

هِن دنيا ۾ جيڪي به جانور آهن، تن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي نموني جي حياتي گذاري ٿو. پر ڪي اهڙا به جانورماڪو

 آهن، جن جي حياتيءَ کي ڏسي اسين گهڻي اچرج ۾ پئجي ويندا آهيون. انهن مان ماڪوڙي به هڪ عجيب جانور آهي.

ماڪوڙيون جيتن جي دنيا ۾ شامل آهن ۽ جيتن مان ماڪوڙيءَ جهڙو ٻيو ڪو سياڻو يا ڏاهو جيت ورلي ملندو. ماڪوڙين جون ڪيتريون ئي ذاتيون آهن، اُنهن ۾ جنهن کي اسين ڪيوِلي يا ڪيِل  يا جنهن کي اسين ماڪوڙو چوندا آهيون، اُهي به شامل آهن. اندازو لڳايو ويو آهي ته سڄيءَ دنيا ۾ رڳو ماڪوڙين جون به اٽڪل اٺ هزار ذاتيون آهن.

سڀني ساهوارن کي ٻن ٽولن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪ، جيڪو جماعتي يا سماجي حياتي ٿو  گذاري، جيئن انسان، ٻئي ٽولي ۾ اُهي جانور اچي وڃن ٿا، جيڪي گهڻي قدر اڪيلي سر حياتي ٿا گذارين ۽ پاڻ جهڙن ٻين جانورن سان به ڪو گهڻو ۽ ڊگهو لاڳاپو نٿا رکن. ماڪوڙيون به سماجي حياتي گذارڻ واري ٽولي مان آهن، يعني هو به انسانن وانگر هڪٻين جي سَنگ ۾ گڏجي گذارينديون آهن ۽ ڪم ڪار ۽ ڏکُ سکُ گڏجي ونڊينديون آهن.

ماکيءَ جي مکين وانگي، ماڪوڙين جي هر ميڙ يا آباديءَ ۾ ٽن قسمن جون ماڪوڙيون ٿينديون آهن؛ هڪڙيون ”راڻيون“ جن کي مادي يا ”ماءُ ماڪوڙيون“ به چئبو آهي. راڻي ماڪوڙي ٻارهن ورهين تائين جيئري رهي سگهي ٿي ۽ ڪم رڳو آنا لاهڻ هوندو اٿس. ٻيون ”پورهيت ماڪوڙيون“، جيڪي ماڪوڙين جي هر آباديءَ ۾ گهڻي کان گهڻي تعداد ۾ هونديون آهن. اُهي نه نَرُ ٿين، نه مادي. اهي ٽن يا چئن ورهين جي ڄمار جون ٿيو مريو وڃن ۽ سڄي ڄمار پنهنجي ديري جي اندر توڙي ٻاهر رڳو پورهيو ڪنديون رهنديون آهن. ٽيون ”نَرُ ماڪوڙيون“ ٿين، جن جو سواءِ مادين سان لڳ ڪرڻ جي ٻيو ڪو به ڪم نه هوندو آهي. اهي ڇهن يا ستن هفتن کان وڌيڪ جيِ نه سگهنديون آهن ۽ مادين سان ميلاپ کانپوءِ ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ مري وينديون آهن. اِهو ڏٺو ويو آهي ته جيتن جي دنيا ۾ پوءِ، اهي ماکيءَ جون مکيون، اڏوهي يا ڪوريئڙا ڇو نه هجن، نَرَ سدائين قربانيءَ جا ٻڪرا بڻبا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن اوهان ماڪوڙين کي اڏامندي ڏٺو هوندو. اهي سندن فقط ماديون ۽ نَرَ هوندا آهن، ڇو ته پَرَ رڳو انهن کي ڄمندا آهن، جيڪي پڻ سندن ميلاپ کان پوءِ ڇڻي پوندا آهن. پورهيت ماڪوڙين کي پَرَ ڪو نه ڄمن.

ماڪوڙين جي حياتي گذارڻ جو طريقو راڄوڻي  يا جمهوريت وارو ٿئي ٿو۔ سندن راڄ جي هلائڻ جون واڳون هڪ ”ڳجهيءَ ڪائونسل“ جي حوالي هونديون آهن. سائنسدان نهايت گهڻيءَ جاکوڙ کانپوءِ اهو صحيح نه ٻڌائي سگهيا آهن ته ماڪوڙين جي اها ڳجهي ڪائونسل سندن راڻيون هلائين ٿيون يا نر هلائين ٿا يا سندن پورهيت ٿا هلائين. گهڻن ڄاڻن جو خيال آهي ته  اها سندن ڪائونسل پورهيت ماڪوڙيون هلائين ٿيون ۽ سندن ننڍڙي راڄ جا سڀئي فيصلا، مثال طور ڪم جي ورڇ، لڳ وقت نَرَن ۽ مادين جي چونڊ، لڙائيءَ وغيره جو حڪم جاري ڪرڻ ۽ ٻيا اهڙا راڄ جي گڏيل ڀلائيءَ جا فيصلا سندن اها پورهيتن جي ڳجهي ڪائونسل ڪندي آهي.

اهو ڏٺو ويو آهي ته ماڪوڙيون جڏهن به ڪو نئون ڪم شروع ڪنديون آهن ته ڪن پنهنجين پورهيت ماڪوڙين کي اڳيان ڪري، انهن جي پويان هلنديون آهن. سندن اها ننڍڙي اڳواڻ ٽولي عام پورهيت ماڪوڙين کان الڳ ڪا نه هوندي آهي ۽ نه ئي وري انهن کي ڪو الڳ پوش پهريل هوندو آهي ۽ نه ئي وري انهن تي ڪو نشان لڳل هوندو آهي؛ پر تنهن هوندي به سندن راڄ جون ٻيون سڀ ماڪوڙيون انهن کي هڪدم سڃاڻي وٺنديون آهن.

ماڪوڙين جو گهڻو وقت اونداهيءَ ۾ ئي گذرندو آهي ۽ ڪي ته پنهنجي سڄي ڄمار سج جو منهن به نه ڏسنديون آهن. ماڪوڙيون ٿڌ کان ڀڄنديون ۽ لِڪنديون آهن، جيتوڻيڪ ٿڌ انهن کي ماري ڪا نه وجهندي آهي ۽ انهيءَ ڪري هو اونهاري ۾ خوراڪ ڪــٺي ڪري، سياري ۾ پنهنجي ديري ۾ اندر آرام ڪنديون آهن ۽ بهاري اچڻ تائين گهرن ۾ پيون هونديون آهن. انهيءَ سڄي عرصي ۾ کين ٻاهر جي دنيا جي ڪا به ڳڻتي نه هوندي آهي، پوءِ اتي يعني سندن ديري کان ٻاهر کڻي ڪو طوفان، مينهن، يا ڪا ٻي اهڙي مصيبت ڇو نه اچي.

پراڻي زماني ۾ ماڪوڙين کي ڏاڍو خراب جيت ڪري ليکيو ويندو هو؛ پر هينئر اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته هوءَ ڏاڍي هڪ بهادر، بي غرض ۽ سڀ جو ڀلو گهرندڙ مخلوق آهي.

پورهيت ماڪوڙيءَ جي هيٺئين ڌڙ وٽ هڪ خاص قسم جي ڳوٿري ٿيندي آهي، جنهن کي ”سماجي ڳوٿريد“ چئبو آهي. اُن ڳوٿريءَ مان اُن جي سڄي سڀاءَ، چڱين عادتن ۽ رهڻيءَ ڪرڻيءَ  جي ڪافي خبر پئجي سگهي ٿي. اِها ڳوٿري اُن جو پيٽ به ناهي ۽ نه ئي وري ان ۾ هاضمي جا ڪي غدود ٿينس ٿا، پر ان ۾ هوءَ خوراڪ گڏ ڪندي آهي.  گهڻو ڪري اُن کي ڀريل رکندي آهي ۽ ڏاڍيءَ خوشيءَ سان اُن مان خوراڪ اوڳاريندي، پنهنجو منهن پنهنجي راڻين ۽ نر ماڪوڙين جي منهن سان ملائيندي، اُنهن کي اها خوراڪ ڏيندي ويندي آهي، جيڪي اُها خوراڪ پوءِ چپ چاپ پنهنجي پيٽ ۾ وجهنديون وينديون آهن. پورهيت ماڪوڙيون پنهنجي راڄ ۾ ڪنهن به ماڪوڙيءَ کان اُها خوراڪ نه لڪائينديون آهن، پوءِ کڻي اُها سندن دشمن ڇو نه هجي. انهن کي ائين خوراڪ اوڳارڻ ۽ ٻين کي ڏيڻ ۾ ايتري ته خوشي ٿيندي آهي ۽ مزو ايندو آهي، جيترو کانئن وٺندڙ ۽ کائيندڙ ماڪوڙين کي به نه ايندو آهي. پورهيت ماڪوڙيون ڪڏهن به گوڏا ورائي پنهنجي پيٽ ڏانهن نه ڪنديون آهن، پر سدائين ٻين جو اونو رکنديون آهن. پنهنجي لاءِ کين ڪٿان ڪا ٿوري ”آلاڻ“ ملي ويئي، ته هو بس ان ۾ ئي خوش هونديون آهن، پوءِ خدا کي خبر اُن آلاڻ مان اُنهن کي ڪهڙي ٿي سگهه ملي، جنهن تي اُهي جيئريون ٿيون رهن. ڪڏهن اُهي خوراڪ اوڳارڻ ۽ اُن جي خيرات ۽ سخاوت ڪرڻ جي رنگ ۾ ايتريون ته ڀرجي وينديون آهن، جو سندن سماجي ڳوٿري سڄي خالي ٿي ويندي آهي. اُن حالت ۾ به، هو پاڻ اُهائي ”آلاڻ“ ڇٽينديون، پنهنجي اُن سماجي جهوليءَ کي وري ڀرڻ ۾ لڳي وينديون آهن.


 

ماڪوڙين جو لڳ ۽ سندن پيدائش

 

ماڪوڙين جي ديري ۾، جيڪو سندن سڄي راڄ جو گهر آهي، پورهيت ماڪوڙين، ماءُ-ماڪوڙين ۽ نَرَ-ماڪوڙين جو تعداد سندن ”ڳجهيءَ ڪائونسل“ جي مرضيءَ يا فيصلي پٽاندڙ هوندو آهي، ۽ سدائين پورو پورو ۽ هڪ ڪرائتو هوندو آهي. هاڻي سوال ٿو اُٿي ته وٽن اهڙو تُز فيصلو  يا پورو ”ڪاٿو“ آخر ڪيئن ٿو ٿئي ته سڄي ديري جي سهوليت ۽ سک لاءِ وٽن هيتريون پورهيت، هيتريون ماديون ۽ هيتريون نَرَ ماڪوڙيون هئڻ گهرجن. سچي ڳالهه آهي  ته ان راز جي اسان کي ڪا به خبر پئجي نه سگهي آهي، ۽ نه شايد ڪڏهن پئجي سگهي؛ ڇاڪاڻ ته ماڪوڙين جي دنيا اسان جي دنيا کان الڳ آهي، ۽ هنن جي سمجهه ۽ سرت ڪهڙو ڪم ٿي ڪري سو ته اسين سمجهي سگهون ٿا، پر ڪيئن ٿي ڪري سو اسان جي سمجهڻ کان مٿي آهي.

 ماڪوڙين جي نَرن ۽ مادين جو لڳُ يا ميلاپ زمين ته نه پر مٿي هوا ۾ ٿيندو آهي. اُن لاءِ کين پَرَ نڪرندا آهن، ۽ لڳ جي سڌ ۾ ٻئي ڌريون وٺي مٿي اُڏامنديون آهن. اُن کي سندن ”لڳ جي اُڏم“ چئبو آهي. هر هڪ ماديءَ جي پٺيان ڪيترائي نر هوندا آهن، پر انهن مان رڳو پنج يا ڇهه پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندا آهن. باقي نَرَ مادي وٽ پهچڻ کان اڳ ۾ ئي مري ويندا آهن.پوءِ انهن ڪامياب نَرَن مان به هر هڪ نَرُ لڳ ڪرڻ کان هڪدم پوءِ، هيٺ زمين تي اچي ڦهڪو ڪندو آهي، ۽ ٻن-ٽن ڪلاڪن کان پوءِ هو مري ويندو آهي.

سڄيءَ ڄمار ۾ مادي ماڪوڙي رڳو هڪ ڀيرو ميلاپ ڪندي آهي. ميلاپ کانپوءِ هوءَ هڪدم هيٺ زمين تي لهي، پنهنجي اَجهي جي ڳولا ۾ نڪرندي آهي. هيٺ لهڻ سان ئي هوءَ پنهنجا پر ڇاڻي ڇڏيندي آهي پوءِ پاڻ کي ڇنڊي ڦوڪي، ڪنهن موافق هنڌ تي زمين کي کوٽڻ لڳندي آهي ته جيئن اُتي پنهنجو ”گهر“ ٺاهي سگهي. اُن جي ان محنت سان ماڪوڙين جي هڪ نئين ديري يا نئين راڄ جو بنياد پوندو آهي.

اُها مادي، جيڪا اڳتي هلي، اِئين ماڪوڙين جي ماءُ بڻبي آهي، سڄي ڄمار پاڻ کي قيد خاني ۾ بند رکندي آهي. ”لڳ جي اُڏام“ کان اڳ به اُها ڪڏهن گهر کان پير ٻاهر نه رکندي آهي. جيتوڻيڪ گهر ۾ بند رهڻ ڪري اُن کي ڪو خاص اهنج ڏسڻو ڪو نه پوندو آهي، پر اُن قيد خاني ۾ کيس پنهنجو هر ڪم، سواءِ خوراڪ گڏ ڪرڻ جي، پاڻ ڪرڻو پوندو آهي. ان مان اهو ٿو ظاهر ٿئي ته مادي-ماڪوڙي هڪ غير رواجي جسماني ۽ اخلاقي قوت جي مالڪ ٿئي ٿي. ڪي ماديون گهر جي ڪم ڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ سان هڪ ڊزن کن پورهيت ماڪوڙيون رکنديون آهن. اُهي پورهيت ماڪوڙيون ”راڻيءَ“ جي ”اُڏام“ کانپوءِ اُن کي نئين گهر ٺاهڻ، ۽ خوراڪ  گڏ ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون آهن ۽ پڻ اُن جي آنن ۽ ٻچن جي سنڀال لهنديون آهن.

ماديءَ وٽ، ”سماجي ڳوٿري“ نه هئڻ سبب، پورهيت  ماڪوڙين وانگر خوراڪ گڏ ٿيل نه هوندي آهي. لڳ کان اڳ جيڪا کيس خوراڪ ملي هوندي، ان کانپوءِ کيس ٻي ڪا خوراڪ ڪڏهن ته بلڪل ڪا نه ٿي ملي، ۽ جي ملي ٿي ته به تمام ٿوري. انهيءَ ڪري هوءَ ويٺي ويٺي، نهايت ڏٻري ۽ ڪمزور ٿي ويندي آهي. تنهن کانسواءِ  کيس نئين گهر ٺاهڻ ۾ پڻ طاقت خرچ ڪرڻي پوندي آهي. ٿورن ڏينهن کانپوءِ نيٺ هوءَ آنا لاهڻ شروع ڪندي آهي، جيڪي مقرر ٽائيم تي ڦُٽندا آهن. آنن مان اُن جي ڦُٽل ٻچن کي ”لاروا“ چئبو آهي. ”لاروا“ پنهنجي وات مان هڪ قسم جو پَٽُ ڪڍندا آهن، جنهن کي هو پنهنجي جسم جي مٿان ويڙهي، پاڻ کي ان ۾ بند ڪري ڇڏيندا آهن. اُن کي ”ڪَڪُون“ چئبو آهي. ”ڪَڪُون“ ۾ ٻچن جي اُن واڌ جي ڏاڪي ڏاڪي کي سندن ”آرام جو ڏاڪو“ چئبو آهي. سڀني جيتن جا ٻچا ائين ”ڪڪون“ ٺاهي، ان ۾ آرام ڪندا آهن. ان ڏاڪي کان پوءِ، جڏهن هي ٻچا وڌي، ڪجهه جوان ٿيندا آهن، تڏهن اُنهن کي ”نِمفِ“ چئبو آهي، جيڪي هونئن ته بلڪل وڏي سڄي جيت وانگر هوندا آهن، پر اڃا سندن پَرَ ۽ جنسي عضوا پورا وڌيل نه هوندا آهن. ان کانپوءِ، ٿورا وڏا ٿي، ماڪوڙين جون الڳ الڳ ٽوليون، يعني ماديون، نَرَ ۽ پورهيت ماڪوڙيون ٿي پوندا آهن.

ماڪوڙين جا پهريان ڦُٽل ٻچا جڏهن جوان ٿيندا آهن، ته گهٽ خوراڪ جي ڪري ڪجهه ڪمزور ۽ ڏُٻرا هوندا آهن. پر اُن هوندي به هو ”گهر“ جون ڀِتيون ڀڃي، اُن ”قيد خاني“ مان ٻاهر نڪرندا آهن، ۽ پنهنجي ماءُ لاءِ خوراڪ جي ڳولا ۾ نڪرندا آهن. پوءِ جيڪا به کين پهرين خوراڪ مِلي، ته اها هڪدم آڻي پنهنجي ماءُ جي آڏو رکندا آهن. اُن کانپوءِ ماءُ ماڪوڙيءَ جا سڀ ڏک ڏوُر ٿي ويندا آهن، ۽ کيس پوءِ ڪا به ڳڻتي نه رهندي آهي ۽ هوءَ پنهنجي آڏو رڳو سکيا ڏينهن ڏسندي آهي. سندس ڪم پوءِ رڳو آنا لاهڻ هوندو آهي، ۽ جيستائين جيئري هوندي آهي، تيستائين ائين ئي آنا لاهيندي آهي.

اهڙيءَ طرح اُهو اُن جو پهريون ”گهر“ جيڪو اُن جو ننڍڙو قيد خانو هو، سو آهستي آهستي وڌي چڱو موچارو ”شهر“ بڻجي ويندو آهي ۽ پنهنجي پوري اوج ۾ اچي ويندو آهي، ۽ پوءِ جڏهن ماڪوڙين جو هيءُ نئون ”ديرو“ يا آبادي وڌي، پنهنجيءَ هڪ حد تائين پهچندي آهي،  تڏهن  منجهن ساڳي اڳي وانگر نَرَن ۽ مادين جي ”چونڊ“ شروع ٿي ويندي، انهن ۾ پَرَ ڄمندا، اُنهن  جا جنسي عضوا پورا وڌي ايندا ۽ اِئين ماڪوڙين  جي دنيا ۾، هڪ نئين ”ميلاپ جي اُڏام“ شروع ٿيندي.

ماڪوڙين جو گهر يا ديرو

اٽڪل نوي سيڪڙو ماڪوڙين جون ذاتيون  پنهنجا گهر زمين اندر ٺاهينديون آهن، باقي ڪي وڻن جي پورن ۾ ۽ ڪي وري پنن کي پاڻ ۾ ڳنڍي انهن ۾ رهنديون آهن. زمين اندر ماڪوڙين جا گهر سنوت ۾ پٿريل ۽ بيشمار  ورن وڪڙن وارا هوندا آهن. اندر اهي ايترا ته منجهائيندڙ هوندا آهن، جو جيڪڏهن اسان جو گهر اهڙي قسم جو هجي ته جيڪر اسان مان ڪو به ان مان جيئرو ٻاهر نه نڪري سگهي. جيتريون ماڪوڙين جون ذاتيون ٿينديون آهن اوترين ئي رٿائن جا اِهي سندن گهر هوندا آهن. بنيادي طرح، گهرن اَڏڻ جي ڪاريگري البت سڀني جي ساڳي هوندي آهي.

ماڪوڙين جا اِهي گهر ڪيترين ئي ماڙين جا ٺهيل هوندا آهن: اٽڪل ويهه ماڙيون انهن جون زمين هيٺ، ۽ اوتريون ئي زمين جي مٿان ٿينديون آهن. زمين اندر سندن گهر چڱو خاصو هڪ شهر لڳندو آهي. اوهان اڪثر واٽ ويندي، مِٽيءَ ۽ واريءَ جا ننڍا ننڍا دڙا ڏٺا هوندا، جن جي وچ ۾ سوراخ هوندو آهي، اصل ۾ اهي ماڪوڙين جا گهر هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اُهي ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان ٻاهران بند ٿيل هوندا آهن، ۽ ڪڏهن ته وري اهڙي نموني کليل هوندا آهن، جو ڄڻ ڪنهن هٿ سان کوٽي ڪو ڏرڙ ڪري ڇڏيو هجي.

ماڪوڙين جو گهر الڳ الڳ ڀاڱن ۾ ورهايل هوندو آهي، جهڙوڪ اَن جا ڀانڊا، اسٽور ۽ ’لارُون‘ جي پلجڻ جا ڪمرا وغيره. ماڪوڙين جي هر ذات جي گهر جي ورڇ ۽ رٿا پنهنجي پنهنجي ضرورت پٽاندر هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ساڳيءَ ذات جي ماڪوڙين جي گهرن جي ورڇ به الڳ الڳ ٿيندي آهي، جيتوڻڪ هڪ ئي ذات هئڻ سبب، سندن ضرورتون هڪ جهڙيون ئي هونديون آهن، گهرن جي ”اڏاوت“ جي بنيادي ڪاريگري يا اٽڪل، سا ماڪوڙين جي سڀني ذاتين وٽ ساڳي ٿئي ٿي. هڪ قسم جي ماڪوڙي جنهن کي ”لاسئيز“ (Lasuis) چئبو آهي، اُن جي گهر کي ڏسبو ته اُن جي مٿئين ڀاڳي ۾ پوريءَ خبرداريءَ سان آنا رکيل هوندا، هيٺين ڀاڱي ۾ پنهنجيءَ پنهنجيءَ ننڍ-وڏائي پٽاندر ” لاروا“ رکيل هوندا، انهن کان هيٺ وري ”ڪڪون“ رکيل هوندا. پر وري ساڳئي قسم جي ماڪوڙيءَ جي ٻئي گهر کي ڏسبو، ته اُن جون سڀئي شيون ڪي ڪٿي ته ڪي ڪٿي ٽِڙيون پکڙيون پيون هونديون.

گهڻو ڪري ماڪوڙين جا گهر ٻارهن کان سورهن انچ زمين هيٺ ٿيندا آهن ۽ ڪن جا ته پنج يا ڇهه فٽ به هيٺ اونها هوندا آهن. ڪي ڪي ماڪوڙيون پنهنجا گهر هڪٻئي جي ڀر ۾ ٺاهي، هڪ قسم جي ڀائپيءَ واري ڪالوني ٺاهي رهنديون آهن. هڪڙي سائنسدان، جنهن جو نالو ”فوريل“ هو، فرانس جي هڪ شهر ”جورا“ ۾ ماڪوڙين جي هڪ ڪالوني لڌي، جنهن ۾ ٻه سئو گهر يا ديرا هئا. اها ڪالوني چئن سون والن يا اڃا به وڌيڪ پٽ تي پکڙيل هئي. هڪڙي ٻئي سائنسدان، ڊاڪٽر ”مئڪڪ“ آمريڪا ۾ هڪ هنڌ ماڪوڙين جي هڪڙي اهڙي ڪالوني لڌي، جيڪا پنجاهه ايڪڙن ۾ پکڙيل هئي ۽ ان ۾ سورهن سئو گهر هئا.

ماکيءَ جي مکين ۽ اُڏوهيءَ وانگر ماڪوڙيون به اونداهيءَ جون عاشق هونديون آهن. سندن راڻيءَ جي ذري گهٽ سڄي ڄمار اونداهيءَ ۾ ئي گذرندي آهي ۽ پورهيت ماڪوڙين جو پڻ چڱو خاصو وقت اونداهيءَ ۾ گذرندو آهي. پورهيت ماڪوڙين لاءِ ته رات ڏينهن برابر هوندا آهن. گرميءَ جي ڏينهن ۾ ته خاص طرح هو ڪڏهن به سست نه ويهنديون آهن ۽ هر وقت پنهنجي ڪم ڪار کي لڳيون رهنديون آهن. اهي سدائين ڪو نه ڪو ڪم ڪنديون رهنديون آهن، جهڙوڪ: گهر جي صفائي (ماکيءَ جي مکين وانگر ماڪوڙيون به نهايت گهڻيون صفائي پسند هونديون آهن)، خوراڪ گڏ ڪرڻ، آنن، ”لارون“ ۽ ”ڪڪونن“ کي سنڀالڻ وغيره. تنهن کانسواءِ هو مائرن (يعني راڻين) جو خيال رکنديون آهن. کين خوراڪ کارائينديون، سندن صفائي ڪنديون، کين دشمن کان بچائينديون ۽ رستو ڏيکارينديون وغيره، مطلب ته هو ڪڏهن وانديون نه ويهنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ هو راند روند ۽ وندر ورونهن پڻ ڪنديون آهن.

ماڪوڙيون، ائين جيتوڻيڪ سدائين ڪم ۾ رُڌل رهنديون آهن، پر ٿَڪ لاهڻ جي اَٽل گهرج پٽاندر کين آرام جي گهرج پوندي آهي. پوءِ هو هر ڳالهه مان هٿ ڪڍي پنهنجيءَ سگهه کي تازي ڪرڻ لاءِ هر قسم جي چرپر کي بند ڪري، ننڊ ۾ غرق ٿي وينديون آهن ۽ ايتريون ته الوٽ ٿي وينديون آهن، جو دشمن جي سندن گهر تي چڙهائيءَ جي به سُڌ نه پوندي اٿن. اهڙيءَ حالت ۾ ڪو هيڻي ۾ هيڻو دشمن به مٿن اچي ڪڙڪندو، ته ٿورو جاڳي، وري سمهي رهنديون آهن يا وري وڙهڻ بدران گهر ڇڏي ڀڄي وينديون آهن.

وڻن جي پورن ۾ ماڪوڙيون پنهنجا گهر اڏوهيءَ وانگر ٺاهينديون آهن، پر وڻن جي ڇوڏن سان ڪا به هٿ چراند نه ڪنديون آهن، سائنسدان ”هُوبَر“ جو چوڻ آهي ته: وڻن ۾ گهر ٺاهيندڙ ماڪوڙيون اهڙي ڪاريگريءَ سان ماڙيءَ مٿان ماڙي ٺاهي رهنديون آهن، جو ٻن ماڙين جي وچ واريءَ ڀت يا ماڙيءَ جي الڳ الڳ ڪوٺين جي وچ وارين ڀتين جي ٿولهه تاس جي پتي کان وڌيڪ ٿلهي نه ٿيندي آهي. ماڪوڙين جا اهڙا نفيس گهر ڏسي، ماڻهوءَ جو عقل حيران ٿيو وڃي. وڻن ۾رهندڙ هي ماڪوڙيون به زمين هيٺ رهندڙ ماڪوڙين وانگر ڪٿي ڪٿي ڪالونيون ٺاهي رهنديون آهن. گرم علائقن ۾ رهندڙ هي ماڪوڙيون گهڻو ڪري پنهنجا گهر وڻن جي نوڙيل ڏارن تي ٺاهينديون آهن. سندن گهر جو رنگ به ذري گهٽ وڻ جي ڇوڏن جهڙو ٿيندو آهي.

ڪن ماڪوڙين جون ذاتيون اهڙيون به ٿين ٿيون، جيڪي پنهنجي رهائش جا پٽ بدلائينديون رهنديون آهن ۽ پنهنجا گهر ڪڏهن هت ته ڪڏهن هُت ٺاهينديون رهنديون آهن (اهڙن گهرن جي بيان لاءِ ڏسو ”خاص خاص قسم جي ماڪوڙين“ وارو باب).

ماڪوڙين جي لڙائي

ماڪوڙيون نهايت امن پسند ۽ ماٺيڻيون هونديون آهن، پر اڳرائي ڪندڙ سان ٺاهي هٿ ڳنڍينديون آهن. جيتن جي دنيا ۾ ماڪوڙيون هڪ اهڙي مخلوق آهي، جنهن وٽ فوج جو باقاعدي بندوبست هوندو آهي. اڏوهيءَ وٽ به گهر جي بچاءَ لاءِ فوج هوندي آهي، پر هو ڪڏهن به دشمن تي حملو نه ڪندي آهي ۽ رڳو داڻي پاڻيءَ لاءِ ئي گهر کان ٻاهر نڪرندي آهي.

ماڪوڙين جي دنيا ۾، جيڪي وڌيڪ هوشيار ۽ سڌريل ماڪوڙيون هونديون آهن، سي ڏاڍيءَ حرفت ۽ ڏاهپ سان ماٺيڻن ۽ مسڪين ماڪوڙين تي حملو ڪنديون آهن. ماڪوڙين جو اهو گڻ انساني تهذيب سان اچرج جهڙي مشابهت ٿو رکي.

سڀني ماڪوڙين کي ٻه ڄاڙيون ٿينديون آهن، جن سان هو وڙهنديون آهن. اهي ڄاڙيون جدا جدا ذاتين جي ماڪوڙين  ۾ جدا جدا سائيز جون ٿينديون آهن. انهن جي شڪل انبوريءَ، ڏاٽي يا نچڪڻي جهڙي ٿيندي آهي. ڪن ماڪوڙين کي پيٽ جي آخري ڇيڙي تي هڪڙي زهريلي ڳوٿري پڻ ٿيندي آهي، پر اهي ان ڳوٿريءَ کي گهٽ ڪم آڻينديون آهن. ماڪوڙين وٽ اسان کي لڙائيءَ جو هر نمونو ڏسڻ ۾ ايندو، جهڙوڪ: مُنهان منهن لڙائي، اوچتي ڪاهه، لڪي ڇپي وڙهڻ، گهيرو ڪرڻ، عام ڪوس، بچاءُ جي ويڙهه، وقتي پوئتي هٽڻ، دشمن کي دلبو ڏيڻ، هڪڙيءَ ڌر سان اتحاد ڪري ٻيءَ ڌر سان وڙهڻ، وقت ٽپائي وري اتحادي ڌر سان وڙهڻ ( جيتوڻيڪ ائين وٽن ورلي ٿيندو آهي)، ماريل ۽ هيسيل ڌر تي چٽي مڙهڻ وغيره.

ماڪوڙين جي دنيا ۾  گهڻو ڪري پيار، امن ۽ خوشيءَ جي صورت قائم هوندي آهي، پر اسان انسانن وانگر ماڪوڙين ۾ ڪي اهڙيون ذاتيون ٿين ٿيون، جيڪي اڪثر طاقتور ۽ مالدار ۽ وڌيڪ حرفتي ۽ هوشيار هونديون آهن. انهن ۾ رک رکاءُ نه هوندو آهي ۽ سندن ڌنڌو رڳو لڙائي ڪرڻ هوندو آهي. اهي لڙائيءَ ۽ فساد کي هڪ قدرتي ڳالهه سمجهنديون آهن، ايتري قدر جو ٿوري ٿوري وقت کانپوءِ هو پنهنجي پاڙيسرين جي گهرن تي حملو ڪري ڏينديون آهن ۽ انهن مان نوجوان ماڪوڙيون هٿ ڪري کين پنهنجو غلام بڻائينديون آهن.

ڪي ماڪوڙيون باقاعده ۽ پوريءَ سياڻپ سان لڙائي ڪنديون آهن. هو پهرين ماٺيڻين ۽ هيٺين ماڪوڙين جي گهر جي جاسوسي ڪري موقعو وٺي، پوءِ انهن تي حملو ڪنديون آهن. انهن ماڪوڙين کي ”اميزان“ ذات جون  ماڪوڙيون سڏبو آهي.  اهي لڙائيءَ کانپوءِ هارايل ماڪوڙين جا ”لاروا“ يا انهن جون نوجوان ماڪوڙيون هٿ ڪري، انهن کي غلام بڻائينديون آهن۔ ٻئي ڪنهن کي غلام رکڻ هڪ عياشي آهي،  پر ”اميزان“ ماڪوڙين لاءِ اها هڪ اٽل ضرورت آهي. هونئن به ماڪوڙين جي سڀني ذاتين وٽ غلام هوندا آهن ۽ سندن ذاتين جي ورڇ ۽ سڃاڻپ انهيءَ ڳالهه تي ئي ٿيندي آهي ته ڪهڙي ذات وٽ ڪيترا غلام آهن ۽ اهي ڪهڙي حالت ۾ آهن. مثال طور ”سينگوئين“ ذات جي ماڪوڙين وٽ ڇهن ماڪوڙين لاءِ هڪ غلام هوندو آهي ۽ ”اميزان“ ماڪوڙين ۾ وري هڪ هڪ لاءِ ڇهه يا ست غلام هوندا آهن. ”اميزان“ ماڪوڙيون غلامن جي مدد کان سواءِ ڪجهه به نه ڪري سگهنديون آهن، ايتري قدر جو هو پاڻ کائي به نه سگهنديون آهن. انهن ماڪوڙين جو ڪم رڳو ٻچا ڄڻڻ ۽ گهر ٺاهڻ هوندو آهي، نه ته سڄو وقت اُهي گهر ۾ بيڪار پيون هونديون آهن. انهيءَ ڪري ڪنهن به قيمت تي کين لڙائي ڪري ضرور غلام هٿ ڪرڻا پوندا آهن. اهي ماڪوڙيون جڏهن ڪنهن تي چڙهائي ڪنديون آهن، ته ڪڏهن به پوئتي نه هٽنديون آهن، پوءِ ڀلي سندن دشمن ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي. سندن مقصد رڳو زوراور يا اڳواڻ بڻجڻ هوندو آهي. اهي ماڪوڙيون لڙائيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايتريون ته چريون ٿي پونديون آهن، جو آپي کان ٻاهر نڪري وينديون آهن، پوءِ جيڪا به شيءِ سندن آڏو ايندي آهي ته ان کي پنهنجي وات ۾ ڏيئي، ڏاٽي جهڙين ڄاڙين سان ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏينديون، ايتري قدر جو ٻيءَ ڌُر جا ”لاروا“ ۽ ”نمفس“، ۽ خود سندن پنهنجا ساٿي ۽ غلام، ويندي ڪاٺ جا ذرا، مطلب ته جيڪي به سامهون ايندو اٿن تن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏينديون آهن.

ماڪوڙين جي وچ ۾ پَٽ لاءِ پڻ لڙائي ٿيندي آهي، پر اها لڙائي ايتري ڇِتي ۽ ظلم واري نه هوندي آهي جيتري ”امينزان“ ماڪوڙيون ڪنديون آهن. انسان وانگي ماڪوڙين کي پنهنجي جائداد ملڪيت جو پورو پورو خيال هوندو آهي. اهو خيال رڳو پنهنجي گهر تائين محدود نه هوندو اٿن، پر اُن ۾ سندن اُهو سڄو پٽ اچي وڃي ٿو، جتان هو پنهنجي خوراڪ هٿ ڪنديون آهن. اِن خيال کان، گرم علائقن جي ماڪوڙين جي ويچاريءَ اَڏوهيءَ سان قدرتي دشمني هوندي آهي. اهڙي لڙائيءَ ۾ اُڏوهي هميشہ مارجي ويندي آهي ۽ ماڪوڙين جو سدائين سندن گهر تي قبضو ٿي ويندو آهي.

آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ برازيل ۾ هڪڙيون اهڙيون ماڪوڙيون ٿينديون آهن، جن کي ”ملاقاتي“ يا ”ڊرائيور“ ماڪوڙيون چئبو آهي. اهي ماڪوڙيون نهاقت طاقتور ٿينديون آهن، ۽ طاقتور  هجڻ ڪري ڪا به شيءِ سندن آڏو بيهي نه سگهندي آهي. اهي بلڪل هڪ واچوڙي يا طوفان وانگر اينديون آهن ۽ ڪنهن کي به همت نه ٿيندي آهي، جو سندن کڻي مقابلو ڪري. سائنسدانن آفريڪا ۾ هڪ اهڙي ماڪوڙي لڌي آهي، جيڪا بلڪل انڌي ٿيندي آهي. اُن ماڪوڙيءَ جو ڌنڌو رڳو گوشت کائڻ، ڦرلٽ ۽ قتل عام هوندو  آهي. اهي ماڪوڙيون ڪنهن به هڪ جاءِ تي ڪين ٽِڪنديون آهن، پر ضرورت وقت رستن تي يا کليل ميدانن ۾ ڇانوڻي هڻي، اتي پنهنجو ديرو ڄمائي ويهنديون آهن. ائين کڻي چئجي ته اهي سانگي ماڪوڙيون آهي.

 انهن ماڪوڙين جي ڪاهه ۽ ڦرلٽ هڪ قابل فوج وانگر پوريءَ رٿا پٽاندر عمل ۾ ايندو آهي. اهي ٻن ٽن، ڀيرن جي جاسوسيءَ کانپوءِ حملو ڪنديون آهن ۽ ڦرلٽ ڪنديون آهن. جيڪڏهن سندن شڪار ڳرو هوندو آهي، ته ان کي اتي ئي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، کڻي وڃي پنهنجي اسٽور ۾ رکنديون آهن. جيڪڏهن اهڙي حملي وقت ڪا ڪڪڙ يا ٻيو ڪو ننڍو جانور هٿ چڙهي وين ته ان جو گوشت کائي، باقي وڃي هڏا بچائينديون آهن.

پئسفڪ سمنڊ جي ”ٽونگا“ نالي هڪڙي ٻيٽ تي هڪ ڀيري پڃري ۾ پيل هڪ چيتي تي انهن ماڪوڙين حملو ڪري، ان کي هڪ ئي رات ۾ کائي کپائي ڇڏيو. پراڻي وقت ۾ اُتي جڏهن قيدين کي ڪا ڳري سزا ڏيڻي هوندي هئي، ته ان کي انهن ماڪوڙين جي حوالي ڪري ڇڏبو هو. پوءِ ٿوري ئي وقت ۾ اُهي ان ماڻهوءَ جا وڃي هَڏا بچائينديون هيون۔ انهيءَ ڪري اُتي جا رهواسي ههڙين خطرناڪ ماڪوڙين کان بچڻ لاءِ گهرن ۾ کَٽن جا پاوا شراب سان ڀريل وڏن پيالن ۾ رکندا هئا.  ان سان گڏ کين اهو پڻ خيال رکڻو پوندو هو ته سندن گهرن جي ڇِت ۾ ڪو کليل سوراخ نه رهجي وڃي، ته اهي ماڪوڙيون متان انهن سوراخن مان اندر اچي مٿن حملو ڪن ۽ کين نقصان پهچائين. هي ماڪوڙيون ڪنهن ڳوٺ تي حملو ڪنديون آهن ته پوءِ اتي جي پکين، جانورن ۽ ٻين جيتن جو خير نه هوندو آهي، اتان جا خود ماڻهو به انهن کان پاڻ بچائڻ لاءِ اڪثر پنهنجا گهر ڇڏي ڀڄي ويندا آهن.

ماڪوڙين جي پاڻ ۾ خيالن جي ڏي-وٺ

ماڪوڙيون ذري گهٽ انڌيون ٿينديون آهن، پر ان هوندي به هو بنان ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجي گهر جي اندر ۽ ٻاهر ڪم ڪار ڪنديون رهنديون آهن. هو پنهنجي ساٿين کي سڃاڻينديون آهن. دشمن جي ڪاهه جي سُڌ کين هڪدم پئجي ويندي آهي؛ خوراڪ گڏ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرنديون آهن، ته صحيح سلامت گهر موٽي اينديون آهن. اهي ۽ ٻيا سڀ پنهنجا ڪم هو پنهنجي ”سنگهڻ واري حواس“ جي وسيلي ڪنديون آهن، جيڪو سندن ”ڇهڻن“ ۾ موجود هوندو آهي. گهڻين کوجنائن ۽ تجربن کان پوءِ سائنسدانن اهو ڏٺو آهي ته ماڪوڙين ۾ ٻين حواسن کان ”سنگهڻ جو حواس“ وڌيڪ طاقتور هوندو آهي. اوهان ڏٺو هوندو ته جڏهن ٻه ماڪوڙيون گهمندي ڦرندي پاڻ ۾ گڏبيون آهن ته سدائين پنهنجن ڇهڻن سان هڪٻئي کي اشارا ڏينديون آهن، اصل ائين ڄڻ هڪٻئي سان ڪجهه ڳالهائي رهيون آهن. اِهائي پڪ ڪريو ته هنن جي پاڻ ۾ خيالن جي ڏي-وٺ آهي.

جڏهن ڪا پورهيت ماڪوڙي ٻاهر ڪا خوراڪ ڏسندي آهي ته پهرين ان کي چڱيءَ طرح جاچي ڏسندي آهي. پوءِ جيڪڏهن اها شيءِ سندن مطلب جي هوندي ته پهرين پاڻ ان کي گهر ڏانهن گِهلڻ جي ڪوشش ڪندي؛ پر جيڪڏهن کانئس ڳري هوندي ته اوهين ڏسندا ته هو موٽي گهر ويندي ۽ ٿوريءَ جهٽ ۾ ڪيترين ئي پنهنجن سنگتياڻين سان ان شيءِ ڏانهن موٽي ويندي، ۽ پوءِ سڀئي ماڪوڙيون ان کي ساڻ کڻي گهر موٽي وينديون! ان مان صاف ظاهر آهي ته ان ماڪوڙيءَ گهر وڃي پنهنجي سنگتياڻين کي چيو هوندو ته شيءِ کڻڻ ۾ هلي سندس مدد ڪن. اوهين هڪ ٻي ڳالهه پڻ ڏسي سگهندا ته اها ماڪوڙي جنهن رستي سان گهر ويئي هوندي، انهيءَ ئي رستي سان پاڻ ۽ سندس سنگتياڻيون واپس ان جاءِ تي آيون هونديون. سائنسدانن ڪيترائي تجربا ڪيا آهن ۽ ڏٺو آهي ته ماڪوڙي جڏهن به ڪو گسُ وٺندي آهي ته هوءَ اتي هڪ خاص قسم جي بوءِ ڇڏيندي ويندي آهي، ۽ پوءِ موٽڻ مهل ان بوءِ کي سنگهندي، گهر پهچندي آهي. اهڙي قسم جي رستي کي ماڪوڙين جي ”بوءِ وارو گس“ چئبو آهي.

الجزائر ملڪ جو هڪ سائنسدان ”ڪارنپز“ تجربي طور، چوي ٿو ته ”هڪ ڊگهي مسافريءَ تان موٽندڙ ماڪوڙيءَ کي پڪڙي، گس تان ٿورو هٽائي، پري رکو، اوهين ڏسندا ته هوءَ اتي ئي گول چڪر پيئي هڻندي ۽ ڪڏهن به گهر جو گس نه لهي سگهندي.“ ٻئي سائنسدان ”پئير آن“ جو چوڻ آهي ته ماڪوڙي ”پٺن جي يادگيري“ جي مدد سان هڪ کان ٻيءَ جاءِ تائين سفر ڪندي آهي، ۽ پوءِ پنهنجي ابتي يادگيريءَ سان گهر موٽي ايندي آهي. سائنسدان ”بِرُون“ ”پيئران“ جي نڪتي کي ذهن ۾ رکندي، انومان ڪڍيو آهي ته ”ماڪوڙي اهڙي نموني سان ٿي هلي، جو ڄڻ وٽس ڪا ”قطب نما“ هجي، جنهن جي مدد سان هو گَس ٿي لهي. هن صاحبه جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ”ماڪوڙيءَ وٽ ڪو فاصلي ماپڻ جو اوزار پڻ موجود آهي، جيڪو کيس لڳاتار اهو ٻڌائيندو رهندو آهي ته هن گهر کان ڪيترو فاصلو طئي ڪيو آهي.“ ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته جڏهن ماڪوڙي گهر ۾ رهندي آهي، تڏهن ان جي ”قطب نما جي سُئي“ سست ۽ غير مقناطيسي هوندي آهي ۽ جڏهن هوءَ ٻاهر نڪرندي آهي ته سندس ان ”سُئيءَ“ جي مقناطيسي قوت جاڳي پوندي آهي ۽ کيس رستي ڏيکارڻ جو ڪم ڏيندي آهي!

خاص خاص قسم جون ماڪوڙيون

ماکيءَ واريون ماڪوڙيون

کنڀيون پوکيندڙ ماڪوڙيون

کيتي پوکيندڙ ماڪوڙيون

اڻندڙ ماڪوڙيون

مفتخور ماڪوڙيون

ماکي واريون ماڪوڙيون

ماڪوڙين کي ٻي خوراڪ، جهڙوڪ جيت، اَن وغيره کان، ماکي ۽ مٺيون شيون وڌيڪ پسند هونديون آهن. ڪي ماڪوڙيون ته رڳو ماکي ئي کائينديون آهن. هو ماکيءَ جي مکين وانگر ماکي گلن مان نه، پر ٻوٽن تي ٿيندڙ ننڍڙن جيتن مان حاصل ڪنديون آهن. ماڪوڙيون انهن جيتن کي ائين پالينديون آهن جيئن اسين ڳئون، مينهون يا ٻڪريون پاليندا آهيون. پوءِ جيئن اسين پنهنجي مال مان کير ڏُهندا آهيون تيئن ماڪوڙيون انهن جيتن مان ماکي ڏهنديون آهن. ماڪوڙيون انهن جيتن جي واڌ لاءِ سندن چڱي پر گهور لهنديون آهن. ڪي ماڪوڙيون انهن جيتن تي باقاعدي پهرو ڏينديون آهن ۽ کين دڙڪي داٻ ۾ رکي انهن کان زوريءَ ماکي حاصل ڪنديون آهن. ڪي ماڪوڙيون ته انهن جيتن جا پَرَ وڍي ڦِٽي ڪنديون آهن، ته جئين هو ڀڄي نه وڃن۔ آمريڪا ۾ ڪي اهڙيون ماڪوڙيون آهن، جي انهن جيتن جا ٻچا پالينديون آهن ۽ انهن کي بچاءَ خاطر  نرم ڪاغذ جا پڃرا  ٺاهي، انهن ۾ رکنديون آهن. ڪي وري پنهنجي گهر ۽ انهن وڻن تائين جن ۾ ماکي ڏيندڙ جيت رهندا آهن، زمين جي اندر ئي اندر چُرون ٺاهينديون آهن؛ پوءِ جڏهن کين ماکيءَ جي ضرورت پوندي آهي ته انهن چرن جي ذريعي سڌو ماکي ڏيندڙ جيتن تائين وڃي رسنديون آهن. ڪي ماڪوڙيون وري انهن جيتن جا آنا گهر کڻي اينديون آهن ۽ جڏهن آنن مان ٻچا ڦٽندا آهن، ته انهن کي پالي وڏو ڪري، پوءِ منجهانئن ماکي حاصل ڪنديون آهن.

ڪي ماڪوڙيون سوٻٽن (يعني پوپٽ جي ٻچن) کي پڪڙي، انهن تي ائين چڙهي وينديون آهن، جيئن اسين ڪنهن وهٽ تي آڙي هڻي ويهندا آهيون. پوءِ هو انهن جي جسم جي آخري ڇيڙي تي پنهنجن ڇُهڻن سان اهڙي نموني ٿڦڪي ڏينديون آهن، جو سوٻَٽ پنهنجي جسم مان هڪ مٺي رس ڪڍندا آهن، جنهن کي ماڪوڙيون نهايت شوق سان چوسينديون آهن.

هڪڙي سائينسدان جو چوڻ آهي ته: اهي ماڪوڙيون مينهوڳيءَ ۾ سوٻٽن جي ڳولا ۾ نڪرنديون آهن. پوءِ ڪيترائي سوٻٽ هٿ ڪري، هو پنهنجي گهر کڻي اينديون آهن. پهرين ته اُهي چُري به نه سگهندا آهن، پر ماڪوڙيون سندن وڏي ٿيڻ جو انتظار ڪنديون آهن. پوءِ جڏهن هو وڏا ٿيندا آهن، ته ماڪوڙيون انهن مان مٿي ٻڌايل طريقي سان مِٺي رس حاصل ڪنديون آهن.

سائنسدان ”مئڪڪ“ ٻڌائي ٿو ته آمريڪا ۾ ڪي اهڙيون ماڪوڙيون ٿينديون آهن، جو رڳو شاهه بلوط جي وڻ مان نڪرندڙ رس تي گذران ڪنديون آهن. اهي وڻ کي تيستائين چهٽيون پيون هونديون آهن، جيستائين سندن پيٽ وڌي، ٽيڻو يا چؤڻو يا ڪڏهن ڪڏهن پنجوڻو يا ڇهوڻو نه ٿي پوندو آهي. پوءِ اهي ماڪوڙيون گهر موٽنديون آهن ۽ ان وقت سندن وزن اٺوڻو هوندو آهي، ۽ پڪل انگورن وانگر پيون لڳنديون آهن. پوءِ هو پاڻ کي اڳين ڄنگهن سان ڇِت تي لڙڪائي ڇڏينديون آهن ۽ مرڻ تائين اتي ئي لڙڪنديون رهنديون آهن. ان وچ ۾ ڪا بکي ماڪوڙي انهن ڏانهن ماکيءَ لاءِ ويندي آهي ته ان کي به ذرو ماکيءَ جو ڏيئي، خوش ڪري، موٽائينديون آهن.

کنڀيون پوکيندڙ ماڪوڙيون

هي ماڪوڙيون جدا جدا شڪلين جون ٿينديون آهن ۽ نهايت طاقتور قبيلي مان آهن، سندن ڄنگهون ڊگهيون ۽ قد وڏو ٿيندو آهي. هي نهايت هٻڇي ۽ چالاڪ ٿينديون آهن.

اُنهن کي ”کنڀيون پوکيندڙ ماڪوڙيون“ اِنهيءَ لاءِ چئجي ٿو. جو اُهي کنڀيون پوکي، اُن کي ئي کائينديون آهن، ۽ ٻي ڪا خوراڪ اصل نه واپرائينديون آهن.

کنڀيون پوکيندڙ ماڪوڙيون وڻن جا پن ڪَٽي، انهن کي پنهنجي جاڙين سان سنهو ڪري، ان ۾ پنهنجي ڪِرفتي ملائي، ڀاڻ ٺاهي‏، پٿيري، اُن ۾ کنڀين جو ٻج پوکينديون آهن، جيڪو نهايت جلدي، شايد رڳو ٻن-ٽن ڪلاڪن ۾ ڦُٽي پوندو آهي.

کنڀين پوکيندڙ ماڪوڙين جي ٽولي ۾ هر هڪ ماڪوڙيءَ جي ذات جو کنڀين پوکڻ جو طريقو پنهنجو پنهنجو ٿيندو آهي. اُنهن مان ڪن جي گهر ۾ ٽن قسمن جون پورهيت ماڪوڙيون ٿينديون آهن، جهڙوڪ: هڪڙيون نهايت وڏيون، جيڪي گهر کان اصل ٻاهر نه نڪرنديون آهن ۽ رڳو گهر جي دروازي وٽ پهرو ڏينديون آهن، ٻيون وچئين قد جون پورهيت ماڪوڙيون، جن جو ڪم وڻ جا پن ڪَٽڻ ۽ انهن مان ڀاڻ تيار ڪرڻ هوندو آهي؛ ٽئين قسم جون اهي پورهيت ماڪوڙيون، جيڪي نهايت ننڍيون ٿينديون آهن، ۽ انهن جو ڪم کنڀين جي باغ جي نگهباني ڪرڻ هوندو آهي. ٻئي ڪم سان گڏ هو کنڀين جي باغ کي گهاٽي ٿيڻ کان بچائينديون آهن ته متان فصل خراب نه ٿي وڃي، ۽ اُن لاءِ وقت بوقت هو اُنهن جي ڇانگ ڪنديون رهنديون آهن.

کنڀين پوکيندڙ ماڪوڙين مان ڪي اهڙيون ته خطرناڪ ٿينديون آهن، جو جڏهن هو ڪنهن وڻ تي حملو ڪنديون آهن، ته ان کي چٽ ڪري ڇڏينديون آهن.

سندن هڪ ٽولي ان وڻ جا سڀئي پن ڏانڊين سميت هيٺ ڪيرائيندي، جن کي وري ٻي سندن ٽولي ٽڪرا ٽڪرا ڪندي ويندي، پوءِ سڀئي گڏجي پنن جو چُورو کڻي ائين گهر وينديون، ڄڻ مٿي تي ڇٽي ٿيون پايون وڃن. انهيءَ ڪري ڪي سائنسدان کين ”ڇٽيءَ واريون ماڪوڙيون“ به چوندا آهن. گهر پهچي، انهن مان ڀاڻ تيار ڪري، پوءِ هُو کنڀيون پوکينديون آهن. ڪي ماڪوڙيون پنهنجن گهرن کان ٻاهر پڻ کنڀيون پوکينديون آهن، جيڪي نهايت وڏيون ٿينديون آهن.

انهن ماڪوڙين جون ڪي ماديون ”لڳ جي اُڏام“ وقت پاڻ سان کنڀين جو ڪجهه ٻج يا تاندورا ساڻ کڻنديون آهن، پوءِ ميلاپ کانپوءِ هيٺ لهي، سڀ کان پهرين کنڀين پوکڻ جي زمين تيار ڪري، ان ۾ اُهو ٻج يا تاندورا پوکينديون آهن.

کيتي پوکيندڙ ماڪوڙيون

کيتي  پوکيندڙ  ماڪوڙين جون پنج يا ڇهه ذاتيون ٿينديون آهن. اهي ماڪوڙيون اڪثر ڏکڻ آمريڪا ۾ ”اميزان“ ندي جي ڪناري تي ملنديون آهن. اهي پنهنجا گهر کينهوڙن وانگر گول شڪل جا، وڻن جي شاخن ۾ جوڙينديون آهن. هو اُنهن گهرن ۾ هڪ خاص قسم جا ٻوٽا پوکينديون آهن، جن کي ”ايپفيائيٽِس“ چئبو آهي.

اهي ٻوٽا ننڍا ٿيندا آهن ۽ سدائين ٻين وڏن قدرتي ٻوٽن جي مٿان ٿيندا آهن، پر اهي انهن ٻوٽن مان خوراڪ حاصل نه ڪندا آهن. هڪ سائنسدان اڀياس ڪندي ٻڌايو آهي ته جڏهن هِنن ماڪوڙين کي اُنهن قدرتي ٻوٽن جو ميوو ڏبو آهي، ته اهي ميوي جي رس چوسي ان جي کوکڙي کي پوکڻ لاءِ، پنهنجي گهر کڻي وينديون آهن.

ڪي ماڪوڙيون پنهنجي گهر جي آسپاس ٻيو جهنگلي گاهه، ڏاڍيءَ محنت سان، پاڙئون پَٽي، پري ڦِٽي ڪنديون آهن، ۽ رڳو هڪ خاص قسم جو گاهه، جنهن کي ”ماڪوڙين جون ساريون“ يا ”چهنبيارو گاهه“ چئبو آهي، باقي ڇڏينديون آهن. ڪن سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڪي ماڪوڙيون پاڻ پوکڻ نه ڪنديون آهن، پر ٻين ماڪوڙين جي پوک لڻي، پنهنجا گودام ڀري ڇڏينديون آهن. ڪي سائنسدان اهڙين ماڪوڙين کي ”کيتي پوکيندڙ“ نه پر ”ڪک چونڊيندڙ“ ماڪوڙيون سڏين ٿا.

کيتي پوکيندڙ ماڪوڙين ۾ ڪي اهڙيون به ماڪوڙيون آهن، جيڪي ڏاڍيون ظالم هونديون آهن. جڏهن اونهارو ختم ٿيندو آهي ۽ کين خوراڪ تيار ڪندڙ ماڪوڙين جي وڌيڪ ضرورت نه هوندي آهي، ته پوءِ هو انهن جا سِرَ سسيءَ کان ڌار ڪري ڇڏينديون آهن ۽ وري جڏهن بهار جي مند ايندي آهي ته سندن ”ڳجهي ڪائونسل“ مادين کي ٻين پورهيت ماڪوڙين ڄڻڻ جو حڪم ڪندي آهي.

اُڻندڙ ماڪوڙيون

اڻندڙ ماڪوڙين جو اڪثر وقت وڻن تي ئي گذرندو آهي. کين ”وڻن تي رهندڙ ماڪوڙيون“ به چئي سگهجي ٿو. هِن ڪم ۾ سندن هنرمندي ۽ ڪاريگري ڏاڍي اعليٰ نموني جي ٿئي ٿي. هي ماڪوڙيون ايشيا، آفريڪا ۽ آسٽريليا  کنڊن جي گرم علائقن ۾ ملنديون آهن. ويجهڙائيءَ ۾ اڻندڙ ماڪوڙيون برازيل ۾ پڻ ڏٺيون ويون آهن. انڊوچائنا ۾ ته انهن ماڪوڙين کي نهايت عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ماڪوڙيون اتي جي فصل تي ٿيندڙ ننڍڙن نقصانڪار جيتن کي کائي کپائي ڇڏينديون آهن.

اهي ماڪوڙيون گهر ٺاهڻ وقت پهرين وڻ جي ٻن ٽن پنن کي نظر ۾ رکي، هڪ پن جي ڪنارن تي قطارون ٻڌي بيهنديون آهن. ان پن کي سوگهو جهلي پوءِ ڀر واري پن کي جهلي، پاڻ ڏانهن آڻينديون آهن. جيڪڏهن ٻنهي پنن جي ڪنارن تي هڪ ئي وقت نه پهچي سگهنديون، ته هڪٻئي جي مٿان چرهي، زنجير ٺاهي، هڪ ٻن جي ڏانڊيءَ کي زور ڏيئي، ان کي ٻئي پن جي ڪناري سان سوگهو جهلي بيهنديون. اُن مهل پوءِ سندن هڪ ٽولي ايندي، جن مان هر هڪ جي وات ۾ هڪڙو پَٽُ ڪڍندڙ ٻچو يا ”لارود“ هوندو، پوءِ اُنهن ”لارون“ کي هو نَڙي وانگي هيڏي هوڏي ڦيرائينديون وينديون آهن، تان جو ٻنهي پنن جا ڪنارا پَٽَ سان ڳنڍجي پوندا آهن. اهو سندن ڪم تيستائين جاري رهندو آهي، جيستائين سندن گهر جڙي راس ٿيندو آهي.

مفتخور ماڪوڙيون

اڪثر ماڪوڙيون نرم طبعيت، ماٺيڻيون، معصوم ۽ نهايت مهمان نواز ٿينديون آهن، ۽ هر وقت پنهنجي گهر جا دروازا کليل رکنديون آهن. پوءِ ڪي مفتخور ماڪوڙيون مهمان نوازيءَ جو غلط فائدو وٺي، انهن جي گهر ٽپي پونديون آهن، ۽ سڄي ڄمار هنن جي ’اٽي تي چٽي‘ بڻجي ويهي رهنديون آهن. هِتي ائين چوڻ به غلط نه ٿيندو ته مهمان نواز ماڪوڙيون اڪثر ائين پنهنجو گهر سڏي ڦُرائينديون آهن.

هڪڙيون مفتخور ماڪوڙيون نهايت ننڍڙيون ۽ انڌيون ٿينديون آهن ۽ زمين اندر ئي رهنديون آهن. اهي ماڪوڙيون ٻين وڏين ماڪوڙين جي گهر ڪاهي پونديون آهن.ننڍڙين هجڻ ڪري، اهي وڏين ماڪوڙين جي نظر کان اوجهل هونديون آهن، ۽ وجهه وٺي، هو اُنهن جا آنا چورائي وٺنديون آهن. جڏهن اُهي آنا کائي کپائي ڇڏينديون آهن، ته پوءِ وري هنن جي ٻچن کي پاسو ڏينديون آهن. تان جو پڇاڙيءَ ۾، خود اُنهن مهمان نواز وڏين ماڪوڙين تي حملو ڪري ڏينديون آهن.

هڪڙيون مفتخور ماڪوڙيون اهڙيون به آهن، جو ٻين ماڪوڙين جي گهر ”لڳ جي اُڏام“ وقت ٽپي پونديون آهن. اهي ماڪوڙيون به ننڍڙيون ۽ ڏاڍيون بيحيا ٿينديون آهن. اهي ڪو گهرُ ٽپندي ئي، آنن وارن ڪمرن ڏانهن ڊوڙنديون آهن، ڄڻ اُها ڪا سندن جاگير هجي. اتي پهچڻ سان ئي، هو پهرين راڻيءَ کي قابو ڪري، ان جي سسي لاهي ڇڏينديون آهن، پوءِ وري ڪنئارين راڻين کي ڊيڄارڻ شروع ڪنديون آهن. جيئن ته پورهيت ماڪوڙيون هر صورت ۾ گهر سان وفادار هونديون آهن، ان ڪري هو اُنهن ڦورو ماڪوڙين جي آڻ مڃي، اُنهن جي حڪم هيٺ ٿي رهنديون آهن. اُن کان پوءِ اصلي ماڪوڙين جو نسل، سندن پنهنجي ئي گهر ۾، آهستي آهستي ختم ٿي ويندو آهي.

ڪي مفتخور ماڪوڙيون ڏاڍيون حرفتي ٿينديون آهن. اهي پورهيت ماڪوڙيون اصل ڪو نه ڄڻين، رڳو نَرَ ۽ ماديون پيدا ڪنديون رهنديون آهن، جن جو ڪم رڳو لڳُ هوندو آهي. اِنهي ڪري اهي ماڪوڙيون رڳو ڦَرَ ڄڻينديون آهن. انهن ماڪوڙين جي راڻي ڪنهن نه ڪنهن اشراف ماڪوڙين جي گهر ٽپي پوندي آهي، جتي سندس چڱو آڌرڀاءُ ٿيندو آهي ۽ کائڻ لاءِ چڱو چوکو ملندو اٿس.پوءِ هوءَ کائي کائي، سُڄي پوندي آهي، ايتري قدر جو ڦوڪڻي وانگر ٿي پوندو آهي. ان کان پوءِ هوءَ اُتي آنا لاهڻ شروع ڪندي آهي ۽ لاهيندي ئي رهندي آهي. انهن مان نيٺ ٻچا ڦٽندا، ۽ ڦٽندا ئي رهندا آهن، جن جون مهمان نواز پورهيت ماڪوڙيون ايترو ته خيال رکنديون آهن، جو اوترو پنهنجن ٻچن جو به نه رکنديون آهن.

ڪي مفتخوريون وري ٻين جي گهر ٽپي، اتان جي ماڪوڙين کي لوڌي ڪڍي، اتي پنهنجو ديرو ڄمائي ويهنديون آهن.

ڪي مفتخور ماڪوڙيون چڱي خاصي قد بت جون ٿينديون آهن. اهي جيتوڻيڪ مهمان نواز ماڪوڙين کي ڪو جاني نقصان نه پهچائينديون آهن، پر اُنهن جي ’اٽي تي ضرور چٽي‘ هونديون آهن. اهي ماڪوڙيون مهمان نواز ماڪوڙين سان ائين رلي ملي، گڏ رهنديون آهن، ڄڻ پنهنجي گهر ۾ رهنديون هجن.

ڪي اهڙيون مفتخور ماڪوڙيون به آهن، جي رڳو پنهنجن ڇُهڻن جي لاڏ ڪوڏ سان ٻين ماڪوڙين جي دل کسي وٺنديون آهن، ايتري قدر، جو هو انهن جي راڻيءَ کي پڻ جهٽ ۾ پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏينديون آهن.

اوهان کي ٻڌي حيرت ٿيندي ته ماڪوڙين جي گهر ۾ ماڪوڙين کانسواءِ ٻيا جيت پڻ ماڪوڙين جي خرچ تي پلجندا آهن. هڪ بڇڙيءَ شڪل جو ننڍو جيت ٿئي ٿو، جيڪو جڏهن به ڪنهن پورهيت ماڪوڙيءَ کي ڏسندو آهي ته ٻي ماڪوڙيءَ کي خوراڪ پئي کارائي، تڏهن هڪدم خوراڪ ڏيندڙ ماڪوڙي جي ڄاڙين ۾ هليو ويندو آهي. موٽ ۾ اُها ماڪوڙي جيت سان برو سلوڪ ته ٺهيو، پر ڏاڍي ڌيان سان هن کي پڻ خوراڪ جو حصو ڏيندي آهي. هڪڙا ٻيا جيت ٿيندا آهن، جيڪي ماڪوڙين جي جسم تي جُوئن وانگر رهندا آهن. اهي جيت ماڪوڙين  جي جسم جي جدا جدا ڀاڱن ۾ رهندا آهن؛ ۽ هو اُنهن کي ائين پالينديون آهن ڄڻ ته سندن اولاد هجي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اهي جيت مفتخور ماڪوڙين جهڙا نه ٿيندا آهن، پر مهمان نواز ماڪوڙين جي گهر جو ٿورو گهڻو ڪم به ڪندا آهن، جهڙوڪ: گهر مان بدبوءِ چوسي ڪڍڻ، ۽ ٻين نقصانڪار جيتن کي گهر مان لوڌي ڪڍڻ وغيره.

مفتخورن جيتن مان گهڻا الڳ الڳ شڪلين ۽ قدبت جا ٽنڊڻ  ٿيندا آهن. اها مخلوق اهڙي ته سست ٿيندي آهي، جو هر وقت ويچاريون ماڪوڙيون اُنهن کي کنيو پيون هلنديون آهن. ٽنڊڻن جي زبان ننڍي ۽ وات وڏو ٿيندو آهي ۽ سندن ڳلو خاص قسم جي بُجن سان ڀريل هوندو آهي، جن تي ماڪوڙيون موهت ٿي پونديون آهن ۽ کين خوب کارائينديون پيارينديون رهنديون آهن. آمريڪا ۾ هڪڙا اهڙا ٽنڊڻ به  ٿيندا آهن، جو سياري جي موسم ۾ ماڪوڙين جي هڪ ذات تي چٽي هوندا آهن، ته اونهاري ۾ وري ٻيءَ ذات تي، ماڪوڙيون اُنهن ٽنڊڻن جي ٻچن جي اهڙي ته آءُ - ڀڳت ڪنديون آهن، جو خود پنهنجي ٻچن جي به اهڙي نه ڪنديون آهن.

جڏهن اُهي ٽنڊڻ ماڪوڙين کان اوڳرائڻ ذريعي خوراڪ کائي کائي تنگ ٿي پوندا آهن، ته پوءِ ماڪوڙين جي اولاد کي ڳيهڻ لڳندا آهن. اُن کانسواءِ هو پورهيت ماڪوڙين کي پنهنجي ڳلي جا بُج ڏيکاري ڏيکاري، اهڙو بگاڙي ڇڏيندا آهن، جو اُهي پنهنجي راڻيءَ جي ٻچن ڏانهن اصل ڌيان نه ڏينديون آهن. ائين پوءِ اُنهن جو نسل آهستي آهستي ختم ٿي ويندو آهي.

 ماڪوڙين جي گهر ۾ جيڪي به مفتخورا جيت رهندا آهن، اُهي نهايت خطرناڪ، بي رحم ۽ شڪي مزاج جا هوندا آهن. انهيءَ حالت ۾ ماڪوڙين جو اُنهن سان عام لاڳاپو به اُن ئي نموني جو هوندو . ماڪوڙيون سدائين هڪ ڀيانڪ خواب ۾ گذارينديون آهن، ڇاڪاڻ ته سندن گهر جي ڀتين ۽ دالانن ۾ رهندڙ جن ڀوت (يعني مفتخورا جيت) سدائين مٿن آڪرا ٿيا وتن ۽ هميشہ سندن ساهه مُٺ ۾ رکيو ويٺا هوندا آهن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com