سيڪشن؛ ٻاراڻوادب

ڪتاب:سائنس بخشي سونهن

باب: 1

صفحو :1

سائنس بخشي سونهن

غلام محمد ”غازي“

 

ناشر طرفان ٻه اکر

 

سائنس معنيٰ علم. پر اهو، جنهن جي تصديق ڪري سگهجي، ته هي تجربو هيئن ڪبو، ته هيءُ ئي نتيجو نڪرندو. سائنس انهيءَ لحاظ کان، اهڙو خاطريءَ وارو علم جو ڏينهون ڏينهن، انهيءَ جو قدر، قيمت ۽ درجو وڌندو رهي ٿو. اهڙيون ڳالهيون جيڪي ظاهري طرح مڃڻ ۾ نه اچن. سي به سائنس جي حوالي سان ڪبيون ته ماڻهو مڃيندا، ڇو ته سائنس جي ڄاڻ رکندڙ ماهرن ڪيئي غير معمولي ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن، مثلاً: هوائي جهاز ٺاهيا اٿن، جيڪي هوا ۾ تيزيءَ سان پکيءَ کان به وڌيڪ رفتار سان اڏامندا وڃن ٿا، ۽ اهڙيون ننڍيون مشينون ٺاهيون اٿن ، جو ڪن تي رکو، ته گهر ويٺي پيا هزارين ميل پري، انگلنڊ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ ماڻهن سان ڳالهايو.

جيڪڏهن اسان پنهنجن ٻارڙن کي سائنس جو علم سکڻ لاءِ شوق ڏيارينداسين ته وڏي هوندي، انهيءَ علم ۾ اڳتي وک وڌائيندا. هي ڪتابڙو آهي ته ننڍڙو، پر ڏاڍو وڻندڙ. ٻارڙا پڙهندا ته کين وڻندو. منجهن سائنس سکڻ جو چاهه پيدا ٿيندو.

مصنف هي ڪتاب وڏيءَ محنت ۽ محبت سان لکيو آهي. هو هر طرح تحسين جو لائق آهي جو هن هڪ اهم موضوع تي قلم کنيو آهي .

اميد آهي ته هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ خاطر خواهه واڌارو ثابت ٿيندو .

 

  غلام رباني آگرو

 سيڪر يٽري

سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com