سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: تنقيدون

باب: --

صفحو :13

وري فارم اها شئي آهي، جنهن کي توهان جو پڙهندڙ فارم سمجهي ٿو ۽ فارم جي حيثيت ۾ قبول ڪري ٿو. سنڌي شاعريءَ جي فارم کي فارم سمجهيو ۽ قبول ڪيو ويو آهي يا نه، هن سوال تي مون هڪ تجربو ڪيو آهي. مون جڏهن معلوم ڪيو ته منهنجو هڪ شاگرد جيڪو ايم-اي سنڌيءَ ۾ آهي، سو مهراڻ جا ارڙهن منتخب شعرن (جن جو فارم ناقص هو)، سي لڳاتار ٽن مهينن جي ڪوشش کانپوءِ به پوريءَ ريت ۽ برابر رڳو پڙهي به نه سگهيو، تڏهن مون ان مان ڪي نتيجا ڪڍيا، جن مان هڪ اهو به هو ته توهان جو پڙهندڙ توهان جي فارم کي فارم سمجهي قبول ڪري نه ٿو سگهي. ڳالهه هيئن آهي ته؛-

انهيءَ سڀني نظمن ۾ ڪوبه هڪ فارم نه هو.

ڪنهن به هڪ نظم جو فقط هڪڙو فارم نه هو.

هڪ نظم ۾ ڪن حالتن ۾ هڪ کان وڌيڪ فارم هئا، ۽ ڪن حالتن ۾ هڪ کان وڌيڪ فارم هئا، ۽ ڪن حالتن ۾ نظم ۾ ڪوبه فارم نه هو.

ڪنهن به نظم ۾ فارم جو حسن موجود نه هو.

ڪوبه نظم اهڙو نه هو، جو ان جو فارم پڙهندڙ کي اڳ ۾ ئي معلوم هجي، ۽ پڙهندڙ ان فارم کي بار بار پڙهيو هجي، ۽ پوءِ ان سان مانوس ٿي ويو هجي.

پڙهندڙ دم ۽ واڪ جي جي نشانين کان واقف نه هو، ۽ ڪن هنڌن تي ته ايڊيٽر يا پرنٽر يا شاعر پاڻ به تڪميل جي قاعدن کي پاسيرو رکي ڇڏيو هو. (پر پڙهندڙ سنڌيءَ شاعريءَ جي عظمت جي باري ۾ مخلص هو.) ڏوهه ڪنهن جو آهي، سا ڳالهه آءٌ ڪانه ٿو  ڪريان. ڳالهه رڳو اها آهي ته فارم جي سڀني ڪمزورين جو سبب آهي ٽيڪنيڪ جي عدم واقفيت. فارم مقصود آهي ۽ ٽيڪنيڪ وسيلو، ته ڀلا ٽيڪنيڪ ڇا آهي؟

هر فارم جي لاءِ توهان کي وسيلا گهرجن. عام وسيلا موجود هي آهن؛-

ٻولي (آواز- انداز- موسيقيت- توازن ۽ ادائيگي).

تڪميل جون نشانيون.

قالب.

خيال ۽ فڪر، يا مواد.

توهان جو پنهنجو تجربو يا ڪاريڪگري.

تربيت جو جوڳو انتظام.

هنن سڀني ڳالهين کي گڏي ٽيڪنيڪ ٿو چئجي، ۽ ٽيڪنيڪ جي مدد سان فارم ٿو بڻجي. لاتعداد دوست اهڙا آهن، جن ٽيڪنيڪ جي باري ۾ نه ويچار ڪيو آهي نه تربيت جو بندوبست.

ڀلا گذريل 25 سالن جي عرصي ۾ سنڌ ۾ گهڻا وڏا شاعر پيدا ٿيل آهن؟ آءٌ ڀانيان ٿو سنڌي شاعريءَ ۾ وڏا نالا اڄ به اهي ئي آهن جيڪي 25 سال اڳ هئا، جو فقط اهي ئي ٻه ٽي همراهه ڪنهن نه ڪنهن فارم ۾ لکي سگهن ٿا.

فارم پيدا ڪرڻ ۾ اسان جي ناڪاميءَ جا ڪي سبب آهن. ڪهڙا؟

ٺيڪ آ، اسان عربي فارم قبول نه ڪيو. اسان وٽ ڪي دليل وزندار آهن. ٻوليءَ، تڪميل جي نشانين، قالب ۽ ڪاريگريءَ جي بنيادن تي اهي فارم اسان لاءِ موزون نه هئا. اردو ۾ لکڻ وارن مان به ڪيترن ئي عالمن جو رايو هو ته عربي فارم اردوءَ لاءِ به موزون نه هو. تنهن کانسواءِ اسان وٽ مقامي فارم موجود هئا ۽ انهن جي ٽڪنيڪ جي باري ۾ به اسان وٽ مواد موجود هو. اسان جون زبانون آزاد هيون. انهن جي مٿان انگريزيءَ جو اهو رعب تاب لهي ويو هو، جيڪو ميڪاولي جهڙن ماڻهن قائم ڪيو هو ۽ جنهن جي خلاف اسان جدوجهد به ڪئي هئي. اسان وٽ پنهنجا فارم به موجود هئا، ۽ هي نوان فارم اسان جي طبعيت ۾ گهر ڪري ويا هئا، ۽ پڙهندڙ طبقو انهن کان مانوس هو. هن طرح، ڪافي، وائي، بيت، دوهو، سورٺو ۽ ٻيا لاتعداد فوڪ لور ۽ لوڪ ادب جا فارم موجود هئا، جن تي مهارت سان لکڻ وارا به موجود هئا. ڇا، اسان هڪڙو فارم ڇڏيو ۽ ٻيو مڪمل فارم اختيار ڪيو؟ جن ائين ڪيو، سي سنڌي شاعريءَ جا وڏا نالا بڻجي ويا. جن ائين نه ڪيو تن کان فارم اڄ سوڌو ڪونه لڌو.

مَنَ! فارم چئجي ئي روايت کي ٿو ۽ مقبوليت جو وڏو سبب روايت ئي هوندي آهي. روايت جيڪي ڪم سماج ۾ ٿي ڪري، اهي ئي ادب ۾ به ڪري ٿي. روايتن جي ٽٽڻ سماج ۾ بي آراميءَ جو سبب ٿو بڻجي ۽ ادب ۾ انارڪيءَ (Anarchy) جو.

ته ڀلا روايت جي معنيٰ ترقي پسنديءَ جي بنياد تي توهان ڪهڙي ٿا ڪريو!

ساڳي معنيٰ جيڪا اسان سماجيات جي بنياد تي ٿا ڪريون، ان ۾ ڪوبه مونجهارو ڪونهي. تبديلي اسان گهرون ٿا،جو اها تاريخ جو نفس آهي. انقلاب اسان نه ٿا گهرون، جو ان جي قيمت رڳو اسان کي نه پر زبان ۽ ادب کي به ادا ڪرڻي پوندي.

عربي صورتخطي ڇڏي ديوناگري اختيار ڪريون-

نه نه، اها تبديل نه پر انقلابي ڳالهه آهي. صورتخطيءَ ۾ سڌارا آڻيون؟- هائو، جو انهن سان تعليم و تدريس ۽ ٻوليءَ جي نظام ۾ سهوليت ٿيندي ۽ اها تجويز عملي طور تي اختيار ڪري به سگهجي ٿي. سو ادب جو مقصود انقلاب (Radicalism) نه آهي، پر تبديل (Change) آهي. ترسو ته نئين ڳالهه سان من گهڻا ماڻهو سمجهن ۽ پوءِ ان سان مانوس ٿي وڃن. اهڙيءَ ريت اوهان کي اوپرو يا ڌاريو سمجهيو نه ويندو. هن جو مطلب سماجيات ۾ اهو آهي ته گهوڙي ۽ ان سان گڏهه گاڏيءَ جي رفتار هڪجهڙي هئڻ گهرجي. گهوڙن جي رفتار گاڏيءَ کان وڌيڪ ٿيندي، ته به نتيجو اهو نڪرندو جيڪو انهيءَ صورت ۾ نڪري ها، جنهن ۾ گاڏيءَ جي رفتار گهوڙي جي رفتار کان وڌيڪ هجي ها ۽ هو گهوڙي جون پويون ٽنگون زخمي ڪري، ان کي ڪيرائي وجهي ها ۽ پاڻ به وڃي اوجهڙ ۾ پوي ها، ۽ انهيءَ وچ ۾ سوار پنهنجي انقلابي فلسفي سميت زمين دوز ٿي وڃي ها. ادب ۾ سماجياتي اصولن جي پابندي اسان کي ڪرڻ گهرجي، اها چڱي ڳالهه آهي.

اسان جي سماج جي گهوڙي گاڏيءَ جي حالت ۾ وري گهوڙي جي رفتار گاڏيءَ جي رفتار کان وڌي ويئي آهي، ۽ هاڻي خطرو اڳيان آهي. شاعر جيڪو سماج کان ڪٽجي ٿو وڃي، اهو ڄڻ ملڪ بدر ڪيو ويو آهي. توهان پنهنجي ملڪ ۾ رهو.

(5) شاعري ۽ نفسياتي حقيقتون؛ هڪڙي شاعري اها آهي، جنهن ۾ توهان پنهنجي ذاتي تجربن کي نفسيات جي اصولن جي آڌار ۽ دليل تي بيان ڪريو ٿا ۽ هن طرح توهان انهيءَ رکيءَ اخلاقيات جي پرواهه ڪرڻ ڇڏي ٿا ڏيو جيڪا توهان جي من جي حقيقت- يعني اداسي، نااميدي، هراس، ڇڪتاڻ، لذت، آسودگيءَ، پرواهه، احتياج ۽ ڪميءَ توڙي ڪمزوريءَ. کي بيان ڪرڻ کان روڪي ٿي، ۽ پوءِ توهان پنهنجو ڪيس کڻي اچو ٿا عالم تنقيد وٽ. هاڻي توهان جو بيان ڪجهه هن طرح آهي- (جتي اختلاف هجي اتي نشان ڏيو ۽ پنهنجو بيان جاري رکو)؛ ڏسو مون کي فطرت يا قدرت حيوانن ۽ جانورن جي صف ۾ رکيو، پر مون کي بيان جي طاقت ۽ سماجيات جي هڪ ڍنگ ڏيڻ سان ٻين جانورن کان جدا رکيائين (يا آءٌ جدا ٿي ويس). پوءِ آءٌ تجربن جي آڌار تي زندهه رهندو آيس. آءٌ درد، دک ۽ اهنج سور جو هڪ تصور به رکندو آهيان ۽ خوشيءَ ۽ غم کان وٺي باقي سڀ نفسياتي ڪيفيتون ماڻيندو آهيان. انسان جي حيثيت ۾ منهنجي زندگي ئي اهڙي هئي، جو آءٌ عورت ڏانهن ڇڪبو رهيو آهيان ۽ ڏسان ٿو ته ان جي وصال کانسواءِ آءٌ مڪمل ٿي نه ٿو سگهان. آءٌ پنهنجي ڪميءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ بازارين ۽ گهٽين، پراڻن گهرن ۽ محفلن جي دروازن تي هلندو رهندو آهيان. انهيءَ وچ ۾ جيڪي به محسوس ٿو ڪريان، تنهن کي لکان ٿو، جو منهنجو جود پاڻ کي دهرائڻ لاءِ ٻڌل آهي. آءٌ ڪڏهن افسانو ٿو لکان، ڪڏهن شاعري ٿو ڪريان، پر انهيءَ ڳالهه جي پرواهه ڪري نه ٿو سگهان ته ٻيا مون لاءِ  ڇا ٿا سوچين، جو منهنجي ويجهڙي دنيا ته منهنجو من آهي، جيڪو منهنجي محور جيان منهنجي وجود جو پهريون ۽ پويون دليل آهي. هن حالت ۾ اصل ڪيس اهو آهي ته جيترو وڌيڪ آءٌ سچ چوڻ ۽ لکڻ ٿو گهران، اوترو ئي اخلاقيات جو سٽيل ۽ ماريل تنقيدنگار مون کي ڌڪاري ٿو. ڇا، منهنجي حالت ۾ ڪو قانون منهنجو بچاءُ ڪري نه ٿو سگهي؟

جانِ من، پهريائين ته تنهنجي ڪيس جا ڪاغذ پورا ڪونه آهن. تو وٽ اڳيان پنهنجي ڪا تحرير هجي ها ته چڱو هو. ان مان اصل ڪيس کي سمجهڻ مدد ملي ها. پر جيڪڏهن تو شوڪت شورو آهين ته پوءِ ٺيڪ آهي تون مشهور ماڻهو آهين ۽ ڪجهه مون به تولاءِ ڏٺو ۽ سٺو آهي.

ٻي ڳالهه ته اديب ڪنهن سرڪاري (Official) اداري جيان يا ڪنهن ٽريڊ يونين جيان ڪا پارٽي ڪين آهن، جو ڪو اڳتي وڌي اچي ۽ تنهنجي بدران ڪورٽ ۾ وڪيل جيان پيش ٿئي.

ٽين ڳالهه ته ڏک جو اهو داستان جيڪو توهان بيان ڪيو آهي، اهو توهان ڪنهن غلط ماڻهوءَ سان بيان ڪيو آهي. اصل ۾ آءٌ به سنديافتو وڪيل ڪونه آهيان. آءٌ ڪورٽن جي دروازن تي ويهندو هوس ۽ عريض نويس هوندو هوس، ۽ هن حالت ۾ ڪن ڏيئي مقدمو ٻڌندو هوس. (ڪي وڪيل هونئن ڏاڍيان به ڳالهائيندا هئا.) پوءِ آءٌ لفظ ۽ جملا نوٽ ڪندو ويندو هوس. (ڪي گفتا مون وٽان گم به ٿي ويا، جو مان پان کائي، آڱريون ڪاغذن سان اگهندو هوس.) پوءِ آءٌ هڪ ڏينهن لائيٽ هائوس واري بازار وٽان ڪارو ڪوٽ وٺي آيس ۽ هن طرح اڄ حاضر آهيون، خدمت ڪنداسون سنگت جي. پر چڱو هو ته توهين هي مقدمو عبدالقادر جوڻيجي وٽ يا آغا سليم وٽ کڻي وڃو ها. (بهرحال ڳالهه رکجو دل ۾، اڄ ڪلهه گذر اسان جو به وڪالت ئي آهي.)

۽ چوٿين ۽ آخري ڳالهه ته اڄ ڪالهه ڪورٽ ۾ حاضريون آهن شاعرن جون، ۽ جيڪو مشهور ڪيس اسان هلائي رهيا آهيون، اهو آهي امداد حسيني جو. هتي آءٌ سرڪاري ڌر آهيان ۽ ملزم آهي خطرناڪ قسم جو ملزم؛ پر ان جي طرفان به مچرڪو داخل ڪيو اٿن. توهان ترسو. آءٌ ته جيڪر چوان ته توهان بور نه ٿيو، ۽ اڪيلائي محسوس نه ڪريو، ۽ اداس به نه ٿيو، ۽ نه ويران ويران. رڳو توهان جو من توهان جي وجود جو پهريون ۽ پويون دليل آهي ۽ توهان جي لاءِ وڏي ۾وڏي حقيقت آهي به اها.

توهان کي به هڪ ڪيس آهي ضرور. هن باري ۾ من ڇيد (Psychiatry) يا نارمل (Normal) هجي يا نه هجي، پر شاعر ته ضرور ابنارمل (Abnormal) ماڻهو ئي هوندو آهي. پر اسان ڪنهن جا طرفدار نه آهيون. اسان چئون ٿا ته شاعر به ماڻهو ئي هوندا آهن. توڙي جو ماڻهو بيمار، محتاج، غير رواجي، خودخيال، هوڏي، غيراسودگي ۽ بي آرامي جو شڪار، حالتن ۽ وقت جا مخالف، صحت جي معيار تي اڻپورا، دماغي طور تي روشن پر عملي طور تي منجهيل، شڪست کاڌل، روشن طبع مظلوم، فريبي دانشور، بي سمجهه سمجهو ۽ اڻ ڄاڻ ڄاڻو، ذهني طور تي گهوڙا (جن جي پٺيءَ تي ڪونه ڪو سوار رهي ئي ٿو)، عورت جي حالت ۾ ڪمزور يعني نفسياتي طور تي عورت جي ڏڪر ۽ ڪال جا شڪار، سڪڻ وارا، ويچارا ۽ ٻيا وقت گذارڻ جا ڪاريگر هوندا آهن.

توهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته جيڪڏهن توهان جو ويجهي ۾ ويجهو ماحول توهان جو پنهنجو نفسياتي وجود يا من آهي، ته پوءِ توهان جو تعارف به من-ڇيد جي ڪنهن نه ڪنهن لفظ جي مدد سان ئي ٿيندو، ۽ ان ۾ ڪو هرج به ڪونه آهي. تنهن کانسواءِ صفتون ته هنن لفظن سان به گڏائي ٿيون سگهجن. قانون جي ڳالهه آهي. گلاب جو گل رنگ سان نه پر خوشبوءَ سان ئي سڃاتو ويندو آهي- توهان کي به سڃاڻو ويندو پر خوشبوءَ سان.

هاڻي توهان پاڻ ڏسي سگهو ٿا ته هڪ عام ماڻهوءَ سان ناتي ٽوڙڻ ۾ هڪڙي رڪاوٽ ته پاڻ نفسياتي وجود يا من آهي. جيڪڏهن هرڪو ماڻهو پنهنجو پنهنجو نفسياتي وجود، جنهن ۾ هو اول درجي جو جانور، سڌريل هوموساپين، حيوان ناطق يا سماجي جانور آهي. ائين بيان ڪرڻ لڳي، ته جيڪو نتيجو يقيني نظر ٿو اچي، سو اهو آهي ته تهذيب، اخلاقيات، ادب، علم ۽ ڪلچر جي باري ۾ هوند هڪ دفعي پوئتي موٽي وڃڻو پوي، ۽ وري سوچڻو پوي. توهان پاڻ جيڪي پنهنجو اگهاڙو ۽ سچو وجود بيان ڪرڻ ٿا گهرو ۽ پنهنجي انهيءَ معصوميت ۽ جبلت سان بيان ڪرڻ ٿا گهرو جيڪا هڪ سچي جانور يا جاندار جي شان وٽان آهي، سي سمجهي سگهو ٿا ته هڪڙو عام ماڻهو توهان سان اتفاق ڇو نه ٿو ڪري-

هڪ عام ماڻهو اڳتي وڌڻ ٿو گهري ۽ انهيءَ شان سان اڳتي وڌڻ ٿو گهري، جيڪو هڪ زندهه سماج قبول ٿو ڪري ۽ پسند ٿو ڪري ۽ پنهنجي لاءِ منتخب ٿو ڪري.

عام ماڻهو پاڻ کي نرو يا اصل سمجهڻ جي جاءِ تي ڍڪيل ۽ سينگاريل سمجهڻ ٿو گهري، جو ڍڪيل ۽ سينگاريل ٺاهيل ماڻهن جو هڪ طبقو آهي، جيڪو مٿانهون طبقو آهي ۽ عام ماڻهو به مٿي چڙهڻ ٿو گهري.

عام ماڻهو توهان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جدوجهد ڪري ٿو (برابر توهان مان گهڻن کي مون سان اختلاف رکڻو پوندو). اهو هن طرح، جو هو جسماني پورهيو ڪري ٿو ۽ هن جو عيوض يا اجرت گهٽ آهي. پر ان کانپوءِ به هو نااميد يا نراس (Frustrated) نه آهي ۽ هر روز نئين اتساهه سان اڳتي وڌڻ جو غرور رکي ٿو ۽ عملي طور تي سرگرم رهي ٿو. ان ڪري هر نراسائيءَ جي فلسفي (The Philosophy of Frustration) کان گهڻو واقف نه آهي.

عام ماڻهوءَ جو ويجهي ۾ ويجهو ماحول اگهاڙو تن يا نرومن نه آهي. هن جو ويجهڙو ماحول وڏيرو، پير، مير، ڦڏي باز سياستدان، ڪارخانيدار، حاڪم يا ڪامورو آهي، جيڪو وڪاڻل آهي. هن جي جدوجهد جو مرڪز سماج جي ڪا نه ڪا برائي آهي، جنهن ۾ اندر هو موجود آهي ۽ هاڻي اتان ٻاهر نڪرڻ ٿو گهري. هو اسان زندهه ماڻهن مان هڪ آهي، جيڪي آزاديءَ ۽ برابريءَ جو ڪو نه ڪو تصور رکن ها ۽ انهن شين جي ڪمي محسوس ڪن ٿا. ڪمي محسوس ڪرڻ هڪ عمل آهي، جنهن کي علم تنقيد ۾ اسان سڪڻ سڏينداسون، جنهن جا پڻ ڪي سبب آهن. جهڙي ريت اسان لفظ ادب جو مفهوم سنڌي زبان مان ورتو آهي (1)

۽ ان جي دائري جي لاءِ مواد سيدنا ڀٽائي وٽان ورتو اٿئون- جئين؛

ادب اکڙين کي ڏهاڙي ڏيان.

۽- نه ڪو قال نه قيل انين جي ادب ۾

تيئن اسان ڪيترن ئي تنقيدي اصولن جو بنياد به سيد ڀٽائي جي ڪلام تي رکي سگهون ٿا. سڪڻ جي عمل جي انتها شهادت وٽ ٿئي ٿي- سڪڻ يا شهيد

(When one feels incomplete the only wary open to him is martyrdom.)

هن جو مفهوم اهو ئي آهي ته سڪڻ هڪ لامتناهي سلسلو آهي، جو تهذيبي زندگيءَ جو عمل ارتقائي آهي ۽ توڙ ڪرڻ وارو ڪونهي، ۽ امر ٿيڻ لاءِ اهو ئي عمل ڪافي آهي. سو ڪمي محسوس ڪرڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ انساني ۽ مهذب عمل آهي، پر ان جو اظهار ڪيترن ئي طريقن سان ڪري ٿو سهگجي، ۽ سڌريل طريقو اهو آهي جنهن سان ڪمي پوري ڪري سگهجي.

وڌيڪ عرض ته ڪمي محسوس يا ڪمي پوري ڪرڻ جا عمل اخلاقيات جي ڪنهن به نظام جا طفيلي عمل (Dependent Forces)  ڪونه آهن، ان ڪري توهان تي ڪڙي نظر رکڻ وارو، اخلاقيات جو سهارو وٺي نه ٿو سگهي، جو جنهن وقت توهان سماجيات ۾ رهو ٿا تنهن وقت توهان تي قانون به سماجيات جو لاڳو ٿئي ٿو ۽ سڪڻ ۽ شهيد ٿيڻ، جو جيڪو مفهوم اسان سمجهون ٿا اهو به سماجي قانونن تي ٻڌل آهي (هن باري ۾ وڌيڪ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ مون هڪڙو ٻيو مضمون سماجياتي تنقيد جي نالي سان به لکيو آهي).

سماجيات جي دائري ۾ سماج جو ڪوبه تصور، ڪلچر ۽ تهذيب جي تصور کانسواءِ، مڪمل ڪونه ٿو ٿئي، پر ائين نه آهي ته ڪلچر ۽ تهذيب جي نالي سان ڪي شيون موجود آهن، جيڪا انعام طور فقط هڪڙي طبقي يا فقط استحصالي طبقي کي ئي آڇي سگهجن ٿيون. ڪلچر ۽ تهذيب جو هڪڙو تصور، پاڻ بهتر تصور ته هڪ صاف سٿري ۽ غيرطبقاتي سماج سان ئي ٻڌل آهي. پاڻ غير طبقاتي هئڻ جي معنيٰ به سڌريل هئڻ ئي آهي. جو اهڙو سماج هڪ اشتراڪ تي مدار رکي ٿو ۽ اهو اشتراڪ غير برابريءَ، غلاميءَ ۽ استحصال جو دشمن ۽ برابريءَ ۽ انصاف جو دوست آهي.

جيستائين اهڙي شاعر جي ذات جو تعلق آهي، قانون موجود آهي ۽ ان کي ملڪ بدر ڪري نه ٿو سگهجي- ڇو؟

ڇو ته بيمار کي ملڪ بدر ڪيو نه ويندو آهي پر ان کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويندو آهي.

هرڪو چڱو ڀلو بيمار ٿي سگهي ٿو ۽ هرڪو بيمار به چڱو ڀلو ٿي سگهي ٿو، ۽ ٻيو ته هر ڪو صحتمند ماڻهو سماج ۾ مفيد ۽ ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو. پري وڏي ڳالهه ته-

سچ چوڻ، سچ ڳالهائڻ ڪو گناهه ناهي. سچ پنهنجي ذات جي باري ۾ ڳالهائجي يا انسان ذات جي باري ۾، ڳالهه ساڳي آهي.

جيئن پڙهندڙ پاڻ معلوم ڪندا، مون مٿي جيڪو استدلال ڪيو آهي، ان جو بنياد، وجوديت جي فلسفي تي نه آهي، پر عام سماجيات ۽ نفسيات تي آهي. وجوديت جدا فلسفو آهي، ان جي دائري ۾ اخلاقيات، سماجيات، نفسيات، ۽ ادب جا اصول ڀڃ گهڙ جي حالت ۾ اچي ويا آهن. ادبي تنقيد جي باب ۾ وجوديت جو سوال هن جاءِ تي اٿاري نه ٿو سگهجي.

شاعرن جو مخاطب گروهه؛ اسان ڳالهه انهن شاعرن جي ٿا ڪريون، جيڪي نفسياتي حقيقتن تي ٻڌل شخص آهن، ۽ جن جو خطاب پاڻ جهڙن انسانن کي هوندو آهي. اهڙا شاعر شعر جوڙين ٿا ۽ شاعريءَ جي افاديت ۽ مقصديت جي باري ۾ نه مشڪوڪ آهن ۽ نه منجهيل. اهڙا شاعر ٻوليءَ جي مدد سان ۽ هڪ شاعراڻي فارم ۾ ڪونه ڪو خيال ذهن ۾ آڻين ٿا ۽ پوءِ ان کي لکن ٿا. هنن مان گهڻا جهونگارين ٿا يا پنهنجي فارم جي خاص لئي ۾ ڳائين ٿا. هنن مان گهڻا اهڙا فنڪار آهن، جيڪي، فڪري ۽ نظري، ڪونه ڪو پيغام پکيڙڻ گهرن ٿا، پر ڪي اهڙا به آهن، جيڪي محبت ۽ پيار جا لطيف جذبا اڀارڻ گهرن ٿا ۽ لکن انهيءَ ڪري ٿا ته سندن شعر ڳايو وڃي. جن شاعرن جو شعر ڳايو ٿو وڃي، سي وڌيڪ مقبول ٿين ٿا. ان ڪري تمام وڏا شاعر بيت ۽ بهادراڻو نظم لکن ٿا ته جيئن سندن فڪري ۽ نظري شاعريءَ کي وڌ ۾ وڌ مقبول ٿيڻ جو ڪونه ڪو جواز ملي وڃي. وڏا شاعر گهڻو ڪري داستان گو به ٿين ٿا. هومر، ملٽن، شيڪسپيئر، فرودسي، جامي، گوئٽي ۽ شاهه لطيف توڙي تلسيداس ۽ ڪاليداس سڀ دنيا جا مقبول شخص ۽ وڏا شاعر مڃيا ٿا وڃن، پر انهن ۾ هڪجهڙائي آهي ته اها آهي، جو اهي سڀ داستان لکن ٿا ۽ شاعريءَ ۾ ڪردار ڪم آڻين ٿا. جئين مون اڳ ۾ چيو آهي، سنڌ ۾ ويجهڙائيءَ ۾ ڪردارن جي بنياد تي شاعري ڪرڻ وارن ۾ رڳو اياز، نياز (1)۽ ڪو هڪ اڌ ٻيو نالو وٺي ٿو سگهجي، پر شهادت رڳو اياز مان ئي ملي ٿي سگهي. سنڌي زبان ۾ هن قسم جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو شاهه صاحب سرانجام ڏنو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو وڌ ۾ وڌ مقبول شاعر به اهو ئي آهي، ته ڇا داستان گوئيءَ ۽ ڪردار نگاريءَ کي ئي مقبوليت جو سبب چئبو؟ هائو، پر اسان کي معلوم هئڻ گهرجي ته صلاحيت، خلوص، فڪر، ادائيگي، ٽيڪنيڪ ۽ فارم مان ڪنهن به هڪ خاص ڳالهه جي ڪمي شاعر جي عظمت کي ڌڪ هڻڻ لاءِ ڪافي آهي. ٻي ڳالهه ته داستان يا پلاٽ تي ٻڌل ڪا ڪهاڻي وڏي به ٿئي ٿي ۽ ننڍي به ٿئي ٿي. ننڍين ڪهاڻين ۽ مختصر داستانن لکڻ وارن شاعرن به مقبوليت حاصل ڪئي آهي. شيلي، ايليٽ، ٽينسين جيان ڦٽين چونڊڻ واري جو خاص تنوير، ٻانهين واريءَ توڙي مڪليءَ جو خالق نياز ۽ حملي واري ناجائز ٻار جو خالق امداد ننڍن داستانن لکڻ وارا شاعر آهن. ننڍا داستان ويجهڙائيءَ ۾ فهميده رياض (بدن درديده) به لکيا آهن، ۽ اردو ۾ ڳچ جيترا ٻيا شاعر ننڍا داستان لکي چڪا آهن. ننڍن داستانن جا ڪردار گروهن جا گروهه ٿين ٿا ۽ اهي انساني معاملات جو تمام وڏو حصو پاڻ ۾ سمائين ٿا. هنن داستانن جي ئي مدد سان شاعرن جو تعلق باقي دنيا سان قائم رهي ٿو.

اها باقي دنيا اسان زندهه ماڻهن جي هڪ دنيا آهي، جنهن ۾، سنڌ يا پاڪستان جي حالت ۾، شاعريءَ جو يا شاعرن جو مخاطب گروهه آهي. ويهه سيڪڙو پڙهيل ۽ باقي اسي سيڪڙو اڻ پڙهيل ماڻهو. ان مخاطب گروهه کي هن طرح به ورهائي ٿو سگهجي ته سڄي ملڪ جي ويهه سيڪڙو پڙهيل ماڻهن مان اصل ۾ پڙهڻ جي باري ۾ سنجيده رڳو ڪي پنج سيڪڙو مس ٿيندا ۽ انهن مان به ڪي رڳو اخبار پڙهن ٿا، ڪي فڪشن پڙهن ٿا، ۽ سچ پچ ته هزار مان رڳو ڪي ٻه ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي رسالن ۽ ڪتابن مان شعر به پڙهن ٿا (۽ ٿي سگهي ٿو ته اهي ٻه ماڻهو پاڻ به شاعر ئي هجن). هيءَ صورتحال تنقيد واري عالم لاءِ ڏاڍي اهم آهي، جو هن مان ئي کيس شاعر جي مقبوليت جي باري ۾ ڪو فيصلو ڪرڻو آهي. ته ڇا اها حقيقت آهي ته شاعر جي مخاطب دنيا ايتري مختصر آهي؟ نه- اهو نتيجو اسان کي صرف اهو ٿو ڏيکاري ته شاعريءَ کي لفظن جي هڪ فارم جي صورت ۾ پڙهڻ وارا ايتر ٿورا ماڻهو آهن. ٻيا ماڻهو، جيڪي پڙهيل ڪونه آهن، سي به شاعريءَ ۾ دلچسپي رکن ٿا. اجهو هن طرح؛

جمعي جي رات ڀٽ جي درگاهه تي هزارن ماڻهن جو انبوهه عجيب روحاني حالت ۾ شاهه جو شعر ٻڌي ٿو، جهونگاري ٿو ۽ پوءِ ڏينهن جا ڏينهن وري اهو شعر دهرائي ٿو. هر رات ڪيترائي ماڻهو ريڊيو ۽ ٽي- وي فنڪارن جي مدد سان شعر ڳائجندي ٻڌن ٿا ۽ واقعي لطف حاصل ڪن ٿا.

استاد، مقرر، تنقيدنگار، محفلن جو ملوڪ شاعريءَ جي وسيلي ڳالهه ٻولهه ۾ رس پيدا ڪري ٿو- مثال ڏئي ٿو.

غزل ۽ قواليءَ جون ڌار محفلون ٿين ٿيون. اسان وٽ ڪافيءَ جون محفلون درگاهن سان به منسوب ٿين ٿيون. صوفي درويشن جي درگاهن تي راتين جون راتيون محفلون ٿين ٿيون ۽ رڳو هڪڙي ئي شاعر جو ڪلام ڳايو ٿو وڃي.

شاعريءَ ۾ هن قسم جي دلچسپي وٺڻ جو هڪڙو جواز انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته هنن حالتن ۾ شاعريءَ کي مقبول بڻائڻ ۾ وڏو هٿ موسيقيءَ جو آهي. ٻي وڏي ڳالهه جيڪا عام طور تي قبول ڪيل آهي سا اها آهي ته هيءَ شاعري گهڻي حد تائين فن جي بجاءِ انهيءَ فڪر سان ٻڌل آهي، جيڪو عوام مذهبي رکائپ، ڪٽرپڻي، جبر، جهل ۽ پاپائيت جي خلاف هڪ ڪارآمد وسيلي طور اختيار ڪري ورتو آهي، ۽ جيڪو اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو هاڻي سڄو سارو دائرو ولاري ٿو. هن حالت ۾ شاعر مبلغ ٿئي ٿو، هو نظريي جو پرچار ڪري ٿو ۽ ڪن نظرين جي مخالفت ۾ دليل بازي ڪري ٿو ۽ هيءَ سڄي ڳالهه هو راڳ جي علم ۽ آواز جي مدد سان ڪرڻ ٿو گهري.


(1)  الهداد ٻوهيو؛ سنڌي ٻولي جو سماجي ڪارج، سنڌالاجي، 1978ع، (ڀاڱو ٻيو)

(1)  مثال ساڻيهه جي سڪ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com