سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: پکين جي پارليامينٽ

باب: --

صفحو :12

واسطيءَ جو يهودين جي قبرن کي ڏسڻ

هڪڙي دفعي، واسطي جيئن سرگردان وڃي رهيو هو، تيئن سندس نظر وڃي يهودين جي قبرن تي ۽ بعد ۾ خود يهودي تي پيئي. ڏسي چوڻ لڳو، ته هي سڀيئي معذور آهن، ليڪن هي راز ڪنهن جي اڳيان سلي نٿو سگهجي. قاضيءَ جو ملازم، جو اتي بيٺو هو، سو هيءَ ڳالهه ٻڌندي ئي غصي ۾ اچي ويو ۽ کيس وٺي آڻي ان جي اڳيان حاضر ڪيائين؛ پر جڏهن ته ان جي ڳالهه قاضيءَ جي لائق نه هئي، تڏهن هن صاف انڪار ڪيو (ته ڪو هي يهودي معذور آهن). واسطيءَ کيس چيو ته هيءَ تباهه قوم (جا قبرن اندر آهي)، جڏهن تنهنجي حڪم هيٺ ئي نه آهي ته تون ان کي معذور رک. مان توکي ٻڌايان ٿو ته آسمان جي خدا جي حڪم سان هن وقت هي سڀيئي معذور آهن، پوءِ تون مڃين، خواه نه مڃين!

 

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو عشق بازيءَ ۾ ڊاڙ هڻڻ متعلق سوال

هڪڙي ٻئي پکيءَ، هدهد کي چيو، ته جيستائين مان جيئرو آهيان، تيستائين ان جي عشق لاءِ لائق ۽ مناسب آهيان، مان ته ساري مخلوق سان قطع تعلق ڪري، هميشه هن جي عشق جون ئي ڊاڙون هڻان ٿو. ان جي عشق ۾ مون پنهنجي جان ئي قربان ڪري ڇڏي آهي ۽ سمجهان ٿو ته ان جو وصال ماڻڻ جو وقت اچي ويو آهي؟

 

هدهد جو جواب

اڙي اياڻا، محض دعويٰ ۽ ڊاڙ جي زورتي ڪوبه سيمرغ جو همنشين بڻجي نٿو سگهي. تون هر وقت ان جي عشق جي ڊاڙ نه هڻ، ڇالاءِ جو هو هر زيد ۽ بڪر جي پهچ کان ٻاهر آهي. ها، جيڪڏهن ڪا تنهنجي قسمت موچاري آهي ته پوءِ ته هو توکي خود ئي پنهنجي راهه تي وٺي آڻي، پاڻ سان اڪيلو ويهاريندو. ان درجي تي پهچڻ بعد جيڪڏهن تون عشق جي دعويٰ ڪرين ته ان ۾ تون سچو آهين. هاڻي هي ٻه چار ڳالهيون ڌيان ڏيئي ٻڌ.

 

 هڪڙي مريد جو بايزيد کي خواب ۾ ڏسڻ

جڏهن حضرت بايزيد هن دنيا مان رحلت ڪري ويو، تڏهن هڪ مريد، ان رات کيس خواب ۾ ڏسي کانئس پڇيو ته، منڪر ۽ نڪير کان توکي ڪيئن ڇوٽڪارو مليو. چيائين، ته جڏهن انهن ٻنهي مون کان خدا تعاليٰ متعلق سوال ڪيو، تڏهن مون کين ٻڌايو ته ههڙو سوال نه مون لاءِ ۽ نه توهان لاءِ ڪو ڪمال جي نشاني آهي؛ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مان کڻي چوان ته خدا اهو آهي ۽ بس ته منهنجو هيءُ چوڻ به منهنجي هوس جو دليل آهي. بهتر آهي ته توهان واپس خدا تعاليٰ وٽ وڃو ۽ پوءِ جيڪڏهن هو مونکي پنهنجو ٻانهو سڏي ته پوءِ اهڙي ڪا ٻي ڳالهه!

اي بندا! عاشقيءَ جو اظهار به ان جي طرف کان ٿئي ته اهو سڀ کان سٺو، باقي تنهنجي طرف کان عشق جي دعويٰ خير ڪا وزن رکي ٿي!

 

هڪڙي شوريده درويش جي ڳالهه

هڪڙو درويش، عشق ۽ محبت جي فراوانيءَ کان چيخ ۽ پڪار ڪري رهيو هو ته رشڪ منهنجي جان ۽ دل ٻنهي کي جلائي ڇڏيو آهي. مون ۾ وڌيڪ روئڻ جي طاقت ئي نه رهي آهي. هاتف چيس ته تون وڌيڪ لاف نه هڻ ۽ ٻڌاءِ ته ڪهڙيءَ شيءِ کان تو ان سان بيهوده محبت لڳائي آهي؟ جواب ڏنائين، ته مون ته ڪڏهن به ڪنهن سان محبت ڪانه رکي آهي. هن ئي مون سان پيار رکيو ۽ مون تي عاشق ٿي پيو. مون ۾ ته ايتري طاقت به ڪانهي، جو کڻي ان جهڙي سان ياري ڳنڍيان؛ اهو سڀ ڪجهه هن پاڻ ئي ڪيو آهي ۽ جڏهن منهنجي دل رتورت ٿي ويئي، تڏهن هوئي هو، جنهن اهو سارو رت پي ڇڏيو.

اڙي ڇوڪر! جيڪڏهن کڻي هو عشق ڪري به، ته به هو هميشه پنهنجي صفت (صنعت) سان ئي عسق ڪري ٿو. توکي جڳائي ته منجهس محو ٿي وڃ ۽ باقي کي ڇڏي ڏي.

 

سلطان محمود جو هڪ بخاري دکائيندڙ رند وٽ مهمان ٿيڻ

هڪڙي رات، سلطان محمود جي دل ڏاڍو پريشان ٿي پئي ۽ نيٺ اچي هڪ بخاري دکائيندڙ رند جو مهمان ٿيو. هن غريب پنهنجي حال سارو سندس عزت ڪئي ۽ خشڪ ماني آڻي سندس آڏو رکي، جا بادشاه کڻي فوراً کاڌي. آخر جڏهن هن اتان وڃڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن بخاري دکائيندڙ کيس چيو، ته تو منهنجي جاءِ، کائڻ ۽ پيئڻ سڀ ڏسي ورتو. هاڻي جيڪڏهن ٻئي دفعي توکي ڪا ضرورت پوي ته پوءِ جلدي هليو اچج، ورنه توتي ڪا ميار ڪانهي. مان مسڪين تنهنجي مقابلي ۾ ته نٿو اچي سگهان (تون شاه مان گدا). بادشاه سندس گفتگو کان اهڙو ته خوش ٿيو، جو ست دفعا سندس مهمان وڃي بڻيو. آخري ڏينهن تي بادشاه کيس چيو، ته مون (بادشاه) کان جو گهُرڻو هجيئي سو گهُر، هيءُ موقعو اٿئي. بخاري دکائيندڙ عرض ڪيو ته گهر هيءَ آهي، ته بادشاهه سلامت ڪڏهن ڪڏهن منهنجو مهمان ٿيندو رهي، ڇالاءِ جو مون لاءِ تنهنجو ديدار ئي بس آهي. مون غريب لاءِ تو جهڙي بادشاهن سان مٽيءَ تي گڏجي ويهڻ تو بغير باغن ۾ بادشاهي ڪرڻ کان صدبار بهتر آهي. تنهنجي ملاقات منهنجي نزديڪ ٻنهي جهانن جي بادشاهيءَ کان گهڻو وڌيڪ آهي.

اي عزيز، جيڪڏهن توکي واقعي عشق آهي ته اهو به ان کان طلب ڪر، ۽ انهيءَ جو پاسو نه ڇڏ. پراڻو عشق هميشه نئين جو طالب رهي ٿو ۽ قيمت به ذرا وڌيڪ رکي ٿو، تون انهيءَ ڳالهه کي لحاظ ۾ رک.

 

هڪڙي پخاليءَ جو ٻئي پخاليءَ کان پاڻي گهرڻ

هڪڙو پخالي، جيئن هٿ ۾ پاڻي کنيو پئي ويو، تيئن هڪڙو ٻيو پخالي سامهون نظر آيس، جنهن کان ڊوڙي وڃي پاڻي گهريائين. انهيءَ پخالي جواب ڏنسس ته اڙي حقيقت کان بيخبر، جڏهن خود تنهنجي هٿ ۾ پاڻي موجود آهي، تڏهن ڇو نٿو کڻي ان کي پين؟ جواب ڏنائين، ته منهنجي دل (پنهنجي) پاڻيءَ کان (جو ڪجهه وقت مون وٽ رهيو آهي) ٽهي ويئي آهي ۽ اهو دستور آهي ته پراڻيءَ شيءِ کان دل (هڪ ڏينهن) کڄي ويندي آهي.

 

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو خودبيني ۽ ڪمال بابت سوال

هدهد کان، هڪڙي ٻئي پکيءَ اتي سوال ڪيو ته يار، مان سمجهان ٿو ته مون پنهنجو ڪمال حاصل ڪيو آهي ۽ سخت رياضتون به پوريون ڪيون آهن. جڏهن مون هتي پنهنجو ڪم پورو ڪيو آهي تڏهن هيءُ هنڌ ڇڏي ٻئي هنڌ وڃڻ، مون لاءِ واقعي مشڪل آهي ڀلا، تو ڪڏهن اهڙي شخص کي ڏٺو آهي، جو خزانو ڇڏي وڃي بيابانن ۾ پريشان ڦرندو؟

 

هدهد جو جواب

هدهد جواب ڏيندي چيس، ته تون سراسر ٺڳيل ۽ خيال ۾ گرفتار آهين. نفس جو توتي قبضو آهي ۽ شيطان تنهنجي سر تي ويٺو آهي. درحقيقت تون ساروئي گمان جو هڪ مجسمو آهين، مگر سمجهين نٿو. معرفت جي فضا توکان گهڻو پري آهي ۽ جو ڪجهه نور تون ڏسين ٿو، اهو به تولاءِ هڪ آگ آهي، ۽ جيڪڏهن توکي ڪو ذوق آهي ته اهو به محض تنهنجوگمان آهي. تنهنجو وجد ۽ تنهنجو فقر خيال آهي ۽ جو ڪجهه تون چئي رهيو آهين، سو محال آهي ۽ ٿئي نٿو سگهي.

اي پيارا، جيستائين تون پنهنجي گمان ۽ خوش فهميءَ ۾ اٽڪيل رهندي، تيستائين تنهنجو پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ هڪ دمڙيءَ جي لائق به نه آهي. هاڻي تنهنجي ئي نصيحت خاطر مان توکي ٻه چار آکاڻيون ٻڌايان ٿو.

 

شيخ ابوبڪر نيشاپوريءَ جي آکاڻي

چون ٿا ته، هڪڙي دفعي شيخ ابوبڪر نيشاپوري، پنهنجي مريدن سان گڏ هڪڙي گڏهه تي سوار، ڪنهن رستي تي وڃي رهيو هو ته اوچتو سندس گڏهه کان ريح (واءُ) نڪري ويئي. شيخ ان سبب في الفور حال ۾ اچي ويو ۽ نعرا هڻڻ ۽ ڪپڙا ڦاڙڻ لڳو مريدن کي هيءَ ڳالهه البت پسند نه آئي، تنهنڪري انهن مان هڪڙي کيس چيو ته سائين! آخر ڪهڙي سبب توهين هتي حال ۾ اچي ويا آهيو؟ جواب ڏنائين، ته مان مريدن جي هيتري ساري مجمعي کي ڏسي خيال ڪيو ته مان بايزيد کان ڪو گهٽ ڪونه آهيان ۽ سڀان قيامت ڏينهن به هن عزت ۽ ناز سان محشر جي ميدان ۾ ويندس، جڏهن هي خيال ڪيم، تڏهن اتفاق سان گڏهه ريح ڇوڙي ۽ ائين ڪرڻ سان، هن مون کي هيءُ جواب ڏنو ته جو به شخص اهڙي ڊاڙ هڻي ٿو، تنهن جو جواب اجهو هيءُ آهي (گڏهه اجهو هيئن واءُ ڏئي ٿو). انهيءَ ڪري منهنجي اندر ۾ آگ لڳي ويئي ۽ حال ۾ اچي ويس.

اي عزيز، جيستائين تون غرور (خود پسنديءَ ۽ خوش فهمي) ۾ مبتلا آهين، تيستائين تون حقيقت کان پري پيل ۽ سون بلائن ۾ گرفتار آهين. ”مان“ جو لفظ ڪڏهن به نه چؤ ته جيئن ابليس جي ڄار ۾ ڦاسي نه پوين.

 

 حضرت موسيٰ ۽ ابليس جي آکاڻي

الله تعاليٰ هڪڙي دفعي، حضرت موسيٰ کي ابليس کان رمز سکڻ جي تلقين ڪئي. بعد ۾ جڏهن هن ابليس کي رستي تي ڏٺو، جڏهن ان کان رمز جي طلب ڪيائين، جنهن تي ابليس سمجهايس ته، تون هڪڙي ڳالهه کي سدائين ڌيان ۾ رکيو اچ، يعني ته ”مان“ جو لفظ ڪڏهن به نه چئو ته جيئن تنهنجي حالت منهنجيءَ وانگر نه ٿئي.

 

هڪڙي پاڪ دين جي گفتگو

هڪ دفعي، هڪڙي پاڪ دين چيو ته مبتديءَ جو اوندهه ۾ رهڻ سندس لاءِ بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ابتدا ۾ کيس ڪا (غيبي) شيءِ ڏسڻ ۾ آئي ته هو دوکو کائي ويهندو ۽ منڪر ٿي پوندو.

اڙي بندا، جو حسد ۽ غصو تنهنجي اندر ۾ آهي، تنهن کي صاحبِ نظر جي ئي اک ڏسي ٿي ۽ نه تون. ڪم از ڪم هيترو ته خيال ڪر ته تنهنجي پيدائش خاڪ ۽ خون (مان بڻيل) آهي ۽ اهي ٻئي شيون حرام آهن. جڏهن تون پاڻ ۾ ايتري گندگي به ڏسين ٿو، تڏهن به خبر نه آهي الائجي ڇو مطمئن ٿيو ويٺو آهين.

 

 

هڪڙي شخص جو ڪُتي کان دامن پري نه ڪرڻ جي آکاڻي

هڪڙي شخص جي پاسي ۾، هڪڙو پليد ڪتو وڃي رهيو هو، ليڪن هن انهيءَ کان پنهنجو دامن پري نه ڪيو. جڏهن هڪڙي سائل ان کان احتراز ڪرڻ طرف سندس ڌيان ڇڪايو، تڏهن جواب ڏنائين، ته هيءُ ڪتو ظاهر ۾ پليد آهي ۽ مان اندر ۾ پليد آهيان. هاڻي جڏهن منهنجو باطن ڪتي جي ظاهر جهڙو آهي، تڏهن ان کان ڪيئن ڀڄي پاسو ڪريان؟

 

هڪڙو عابد جو ڏاڙهيءَ جي ٽهل ٽڪور ۾ مشغول هو، تنهن جي آکاڻي

حضرت موسيٰ عليہ السلام جي ڏينهن ۾، هڪڙو وڏو عابد ٻانهو هو، مگر باوجود جهجهي عبادت جي هو الاهي ذوق ۽ اندر جي سوجهري کان صفا خالي هو. کيس هڪ وڏي ڏاڙهي هئي، جنهن کي هر گهڙيءَ پيو ڦڻي ڏيندو هو. هڪڙي ڏينهن، حضرت موسيٰ کي ڏسي، اچي کيس عرض ڪرڻ لڳو، ته مهرباني ڪري الله تعاليٰ کان پڇي ٻڌائينم ته ان جو ڪارڻ ڇا آهي؟ حضرت موسيٰ دريافت ڪري کيس ٻڌايو، ته الله تعاليٰ جو چوڻ آهي ته هو هميشه پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ ئي مشغول آهي ۽ اسان جي وصل جي درد کان ڪورو ۽ ڪوهين ڏور آهي. هيءُ ٻڌي، هو ڏاڙهيءَ کي پٽڻ ۽ روئڻ ۾ لڳي ويو. ايتري ۾ جبرئيل ڊوڙندي اچي حضرت موسيٰ کي ٻڌايو ته، هيءُ شخص اڃا به پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ مشغول آهي. جڏهن ڏاڙهيءُ کي سنواريائين ٿي، تڏهن به پريشانيءَ ۾ رهيو ۽ هاڻي جڏهن ان کي پٽي ٿو، تڏهن به انهيءَ جي ئي خيال ۾ آهي.

اي انسان، الله تعاليٰ جي ياد کان سواءِ، هڪڙو دم کڻڻ به وڏي خطا آهي. ڪاش تون ان کي سمجهين!

 

هڪڙي ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ واري جي آکاڻي

هڪڙي بيوقوف کي ڊگهي ڏاڙهي هئي؛ هڪ دفعي اوچتو درياءَ ۾ ڪري ٻڏڻ لڳو. هڪڙو چرچائي، جو ڪناري تي بيٺو هو، تنهن کيس ڏسي چيو، ته تون توبري کي مٿي کان ڪڍي اڇلائي ڇڏ (ورنه ٻڏي مرندين). ان جواب ۾ چيو، ته هيءُ توبرو نه بلڪ منهنجي ڏاڙهي آهي ۽ هيءُ ئي آهي جا منهنجي پريشانيءَ جو باعث آهي. انهيءَ تي هن چيس ته جيڪڏهن تنهنجو هيءُ حال رهيو ته اها ڏاڙهي هڪ ڏينهن تنهنجو خاتمو آڻيندي.

اي انسان، جيستائين تو ۾ نفسانيت ۽ شيطانيت موجود آهي، تيستائين ههڙي ٻڪر جيان ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ کان ڪو شرم ڌار.

 

 هڪڙي ٻئي پکيءَ جو سفر متعلق سوال

هدهد کان هڪڙي ٻئي پکيءَ اٿي پڇيو، ته ڀلا هن سفر ۾ ڪهڙيءَ شيءِ سان دل خوش رهندي؟ جيڪڏهن تون ٻڌائيندين ته منهنجي پريشاني به گهٽبي ۽ رستي وڃڻ ۾ ڪجهه هدايت به ملي ويندي.

 

هدهد جو جواب

اي پيارا! جيستائين تون انهيءَ سان آهين، تيستائين خوش رهه ۽ لوڪن جي پچار کان آزاد ٿي وڃ. جڏهن تنهنجي غمگين دل، انهيءَ سان خوش رهي سگهي ٿي، تڏهن کيس خوش ڪر. ياد رک ته ٻنهي جهانن جي زندگي ۽ خوشي انهيءَ کان ئي آهي ۽ جيڪڏهن تنهنجي دل هڪ گهڙي پلڪ ان سان خوش ٿئي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڳالهه! چڱو هي ٻه چار قصا ٻڌي ڇڏ، انهن ۾ تنهنجي ڀلائي آهي.

 

پهاڙي مجنونءَ جو قصو

ڳالهه ٿا ڪن، ته جبلن ۾ هڪ عجيب مجنون رهندو هو. هو وقتاً حال کان بيحال ٿي ويندو هو ۽ ويهن ڏينهن تائين سندس هيءَ ئي حالت رهندي هئي. صبح کان ويندي شام تائين پيو نچندو ۽ چوندو هو ته هينئر اسين ٻئي اڪيلا آهيون، اسان جي خوشيءَ جي ڪا حد ئي ڪانهي.

اي عزيز! جنهن جي دل ان سان ڳنڍيل آهي، سو سدائين جيئرو آهي ۽ ڪڏهن مرندو ئي ڪونه. تون ان جي شوق ۾ پنهنجي دل اڙاءِ، انهيءَ ۾ ئي تنهنجي حياتي آهي.

 

هڪڙي عاشق جي مرڻ وقت روئڻ جو قصو

 هڪڙو عاشق، مرڻ وقت زارو زار روئي ۽ چئي رهيو هو ته جڏهن منهنجي دل الله تعاليٰ سان ڳنڍيل آهي، تڏهن منهنجي موت جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي؛ ۽ جنهن جي به دل انهيءَ سان وابسته آهي سو سدائين حيات آهي، ان لاءِ موت مناسب ئي نه آهي. منهنجي دل جو ساڻس وصال ٿي ويو آهي، تنهن ڪري منهنجو مرڻ محال آهي.

اي انسان! جيڪڏهن تون ان راز کان گهڙي کن خوش ٿين ته پوءِ ته تون (خوشيءَ کان) هن جهان ۾ ماپي ئي ڪونه سگهندين ۽ غيرفاني حياتي ۽ سعادت ماڻيندين.

 

هڪڙي شخص جو قصو، جنهن کي ستر سال غم ۾ گذريا

هڪڙو شخص ڳالهه ٿو ڪري، ته ستر سالن کان پوءِ مون کي مس وڃي صحيح خوشي ۽ حال حاصل ٿيو. منهنجي دل ۽ جسم ٻئي هميشه موم وانگر پيا ڳرندا هئا، ڇاڪاڻ ته اسان جو تعلق الله تعاليٰ سان آهي ۽ ان تعلق جي تقاضا ئي اها آهي.

اڙي نادان! جيڪڏهن تون عيب جوئي ۾ مشغول هوندين ته پوءِ غيب جو حظ توکي ڪٿان حاصل ٿيندو؟ تون پهريائين پاڻ کي پنهنجي عيبن کان آزاد ڪري پوءِ وڃي مطلق غيب جي عشق ۾ دل وندراءِ. جيڪڏهن تون پنهنجي عيبن ڳولڻ ۾ مشغول آهين ته پوءِ تون ڪيترو به کڻي عيبدار آهين ته به مقبول ۽ پسند آهين.

 

هڪڙي مست جو قصو

هڪڙو بيوقوف، لڳاتار ميري ۽ صاف شراب پيئڻ سبب آپي کان نڪتل هو. هڪڙي هوشيار کي انهيءَ ڪري کانئس رنج پهتو ۽ وٺي، هڪ ڳوڻ ۾ بند ڪري، جيئن پنهنجي جڳهه ڏانهن کڻي ٿي ويس تيئن رستي ۾، هڪڙو ٻيو مست منهن پيس، جو سڀ ڪنهن سان مستي ڪندو پئي هليو. ان تي ڳوڻ واري مست کيس طعنا تنڪا هنيا.

اي منهنجا ڀاءُ! جيئن ڳوڻ ۾ بند ٿيل مست پنهنجي حالت کي نه، پر ٻئي جي حالت کي پئي ڏٺو، تيئن اسان جي به حالت آهي. ٻين جا عيب ڏسڻ تنهنجي ناعاشقيءَ جو بين ثبوت آهي.

 

هڪڙي شخص جو قصو، جوپنج سال هڪ عورت تي عاشق هو

هڪڙو بهادر، پنجن سالن تائين هڪڙي عورت تي عاشق هو. انهيءَ جي اک ۾ ٿورڙي سفيدي به هئي، جا هن کي باوجود گهڻي ڏسڻ جي به معلوم نه پئي ٿي. ڀلا، جڏهن عاشق پنهنجي عشق ۾ چور هوندو تڏهن ان کي پنهنجي معشوق جي عيب جي ڪٿي ٿي خبر پوي! ان بعد جڏهن سندس عشق گهٽجڻ لڳو، تڏهن انهيءَ اک جي عيب کان به آگاهي ٿيس. عورت کان پڇڻ تي ان کيس ٻڌايو، ته هيءُ عيب ان وقت کان ظاهر ٿيو آهي، جنهن وقت کان تنهنجو مون لاءِ پيار گهٽيو آهي.

اڙي انسان! تو پنهنجي دل وسوسن سان ڀري ڇڏي آهي. تون ڪجهه پنهنجي عيبن ڏي به ڏس. جڏهن توکي خود پنهنجو عيب ڳرو معلوم ٿيندو، تڏهن توکي ٻين جي عيب جو ڪو خيال ئي نه رهندو.

 

هڪڙي محتسب ۽ مست جو قصو

هڪ دفعي هڪڙي محتسب (پوليس سپرنٽنڊنٽ)، هڪڙي مست کي گهڻي مار پئي ڏني، جنهن تي هن کيس چيو، ته تون ايتري زيادتي ۽ شور نه ڪر، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن حرام ماني هن دنيا ۾ مستي آڻي ۽ رسوا ۽ خوار ڪري ته پوءِ تون مون کان زياده مست رهيو آهين، مگر ڳالهه ڇا آهي ته ان مستيءَ کي ڪير ڏسي ڪونه ٿو. مون کي مار ڏيڻ ۾ ايترو حد کان لنگهي نه وڃ. ڪجهه پاڻ ڏي به ڏس.

 

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو سوال

اي اسان جا سردار هدهد! مون کي به هڪڙو سوال ڪرڻو آهي. ڀلا مان جڏهن سيمرغ وٽ پهچي وڃان، تڏهن پوءِ کانئس ڪهڙيءَ شيءِ جي گهر ڪريان؟ هاڻي جڏهن هيءُ جهان ان (سيمرغ) سبب مون لاءِ روشن آهي، تڏهن سمجهي نٿو سگهان ته آخر هن کان ڇا گهران. برابر جيڪڏهن مون کي ڪا بهتر ۽ زياده عمدي شيءِ معلوم هجي ها ته اتي پهچڻ بعد اهائي کانئس طلب ڪريان ها.

 

هدهد جو جواب

اڙي جاهل! معلوم ائين ٿو ٿئي ته تون ان کان آگاه ئي ڪونه آهين. مخلوق کي ڪنهن شيءِ طلب ڪرڻ ۾ به ڄاڻ ضروري آهي، ڇالاءِ جو مان توکي ٻڌايان ٿو ته انهيءَ کان وڌيڪ بهتر ۽ عمدي ٻي ڪا شيءِ ئي ڪانهي جا تون طلب ڪرين. هڪ دفعو جيڪڏهن تون، ان عالي درگاهه کان واقف ٿي وئين ته پوءِ ڪنهن به قيمت تي تون انهيءَ کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيندين. هاڻي مان توکي ٻه چار حڪايتون ٻڌايان ٿو،جي توکي هن حقيقت کي سمجهڻ ۾ مدد ڏينديون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org